; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ - احسان دانش

10 November, 2012

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ - احسان دانش


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
احسان دانش
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪهاڻي ۾ سماج جي اهڙين حالتن جي عڪاسي ٿيل آهي جنهن ۾ چرپر ڪندڙ ڪردار گُهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪن ٿا. هن جون ڪهاڻيون سماج جون ناسور بڻيل ڪيترن ئي مسئلن تي لکيل آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪهاڻي جي پرخار پيچرن کان واقف آهي. موضوع توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان سندس ڪهاڻين ۾ پنهنجي خوشبو آهي.


در محمد پٺاڻ ٢٥ مئي ١٩٤٥ع تي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ ڄائو. هن لکڻ جي شروعات شاعري ۽ نثرنگاري سان ڪئي. هن وقت سندس سڃاڻپ بهترين محقق، نقاد، مترجم، مرتب، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ تنظيم ساز طور ٿئي ٿي. هن آغاز ۾ ئي افسانوي ادب ڏانهن خاص توجھ ڏنو ۽ ڪهاڻي جي ميدان ۾ پاڻ موکيو. ان سلسلي ۾ ٻارن لاءِ پڻ ڪافي ڪهاڻيون سرجيون، ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا پي ٽي وي تان ڪجھ ڊراما پڻ پيش ٿيا.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڇپيل ڪتابن ۾
1.                  موتي مور ملوڪ جا (ترتيب)
2.                  اسان جا اديب، اسان جا شاعر، (ترتيب)،
3.                  جو ڪيو مطالعو مون (تنقيد)
4.                  سياسي چرپر (تاريخ)
5.                  ڇيلڙي وارو شهزادو (ٻاراڻو ادب)
6.                  مولانا عبيدالله سنڌي (سوانح)
7.                  آدرش رنگ (شاعري)
8.                  ادب ۽ ماحول (تحقيق)
9.                  علامه آءِ آءِ قاضي سووينيئر (ترتيب)
10.             موتين مٺ ملوڪ جي (ترتيب)
11.             جهڙا گل گلاب جا (ترتيب) شامل آهن.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي ادبي مڃتا طور هن وقت تائين ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻُ، گل حيات انسٽيٽيوٽ آريجا جو روح روان آهي. هن اداري کي ادبي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي حوالي سان هڪ انفرادي حيثيت حاصل آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا