; سنڌي شخصيتون: ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي

10 November, 2012

ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي


ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي، ٺٽي جو مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو. هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو. هو ۱۱۳۸هه/۱۷۲۵ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو.


شڪر الله جي خاندان مان هجڻ ڪري، کيس ابوالقاسم شڪر الاهي سڏيو ويندو هو. هو ٻارهن ورهين جو هو ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو. ٺٽو تنهن زماني ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز هو. ان ڪري ابوالقاسم به شعر چوڻ لڳو. سنڌ جي تاريخ بابت لکيل مشهور ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ جو ليکڪ مير علي شير قانع ٺٽوي، سندس همعصر هو. ميان مرادياب خان ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جي تخت تي ويٺو ته ٻنهي نعتيه ڪلام چيو، جيڪو تاريخ متعلق هو.
سيد ابوالقاسم شڪر الاهي ”مقالات الشعراءَ“ جي لکجڻ، يعني سن ۱۱۶۹هه تائين زنده هو.
هي صاحب شايد انهيءَ صديءَ جي آخر يا ۱۳ صدي هجري جي اوائل ۾ رحلت ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا