; سنڌي شخصيتون: حضرت بابا صلاح الدين

10 November, 2012

حضرت بابا صلاح الدين

حضرت بابا صلاح الدين

سندس والد پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، بابا صلاح الدين اسلاميه اسڪول پشاور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه روانو ٿيو. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ديوبند جي دارالعلوم مان ديني تعليم حاصل ڪيائين. هڪ مرحلي تي تارڪ ٿي، جهنگ وسايائين، جتي قدرتي نظارن جي مشاهدي ۾ مشغول رهيو. ڪجهه وقت ڪلير ۾، بارگاهه مخدوم علاؤالدين صابري ڪليري رحه ۾ قيام ڪيائين، پوءِ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي غريب نواز جي آستاني تي رهيو. اجمير کان پوءِ دهلي، لاهور، ملتان ۽ سرهند جي اوليائن جي مزارن تي حاضري ڏنائين. بعد ۾ ۱۹۵۱ع ۾ پاڻ مستقل طور حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رهيو، جتي ڏينهن جو مولا عليءَ جي قدمن ڀرسان بٺارن ڀوڳڙين وٽ رهندو هو ۽ رات سخي عبدالوهاب شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي گذاريندو هو.


تاريخ۱۱ جولاءِ کان ۱۳ جولاءِ ۱۹۶۳ع تائين سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي مزار تي قيام ڪيائين. ائين سفر ۽ حضر ۾ زندگيءَ جا ڏهاڙا گذاريندي ۲۰ صفر ۱۳۸۳هه/ مطابق ۱۳ جولاءِ ۱۹۶۳ع تي قلندر شهباز جي مزار تي وفات ڪيائين. سندس مزار ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ورڪشاپ ويجهو قومي شاهراهه جي ڀر ۾ موجود آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا