; سنڌي شخصيتون: ھريش واسواڻي - رکيل مورائي

25 November, 2012

ھريش واسواڻي - رکيل مورائي


ھريش واسواڻي
سنڌي نئين ڪوتا جو جنم داتا
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ ۾ نئين ڪوتا جو جنم داتا، سنڌي ٻوليءَ کي ”پرش وئشيا،“ جهڙي اڇوتي ڪوتا ڏيندڙ، هريش واسواڻيءَ، ڪيئي ورهيِھ ٿيا لکڻ ڇڏي، ادب کان پاسو وٺي ويهي رهيو. هن جي ان فرار جا ضرور ڪي سبب هوندا. هن جڏهن محسوس ڪيو ته ادب جهڙي مقدس ڪم ۾ سياست جي رنڊي گهڙي پئي آهي ته هن قلم کي الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ سياست کي ادب سمجهندڙن لاءِ ميدان خالي ڪري سنتوش ماڻيو، يا پاڻ ان ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته في الحال ان الڳ پڻي کي سنتوش ئي چئبو. هن سچ پچ ڪيترو سنتوش ماڻيو، اهو ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پر هڪ ڳالھه بنهه سمجهڻ ڏکي ڪانهي ته چاليھه سال ادب کي ارپيندڙ شخص/اديب، ائين ادب کان پري ٿي وڃي ۽ اڪيلو گذارڻ لڳي ته ان عمل جي پويان ڪو درد، ڪا پيڙا، ڪا تڪليف هن ضرور ڀوڳي هوندي!


۽ اڃ جڏهن ساڻس، اڪيلائيءَ جا حال اورڻ وارو ساٿي، سندس ٽهڪن جي سڳند ماڻيندڙ ۽ سندس اڪيلاين کي ونڊيدڙ سندس دوست/اديب ڀاڀي اندرا واسواڻي بھ ساڻس گڏ نھ رهي آهي، ته سندس اڪيلائي جو ڇا عالم هوندو اهو اسان سڀ سمجهي سگهون ٿا. محسوس نه ڪريون اها ٻي ڳالھه آهي.
هريش واسواڻي جنهن لکڻ جي شروعاتي عرصي ۾ پنهنجي نالي کي هڪ اهڙو مرتبو بخشيو، جيڪو اڄ تائين برقرار آهي. سندس ڪهاڻين جو اڪيلو ڪتاب ”چاليھه چوهتر“ سندس تنقيدي مضمونن جو اڪيلو ڪتاب، جنهن تي مرڪزي ساهتيھ اڪيڊميءَ کيس انعام ڏنو، ”چاليھه چوراسي“، سندس نئين ڪوتا جو اڪيلو ڪتاب ”چاليھه ڇاهتر“ ۽ سندس آخري ڪتاب ”ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون“ جنهن ۾ سندس ٽي ڪهاڻيون هڪ مضمون ٻه ڪوتائون ۽ هڪ سنڌي ادب جو ماسٽر پيس آهي، جنهن جو نالو آهي، ”ريت جي آڪاس ۾ ڌرتي جي کوج“ هيءُ سندس ڪڇ جو سفر نامو آهي. ڪڇ جيڪو ريت جو آڪاس آهي، ان جي ڪيتري حصي ۾ ڌرتي آهي. اهو ليکڪ جو مرڪزي آئيڊيا آهي، هيءُ سمورو سفرنامو هڪ احساس آهي، ڪڇ جي رڃ جو، جيڪا ڪڇ ۾ رهندڙن جي چهري مان ليئاڪا پائيندي نظر آئي هئي هريش واسواڻيءَ کي، ان جو تخليقي اظهار آهي هيءُ سفر نامو، دنيا جي ادب ۾ نرالو هيءُ سفرنامو. سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، ان ڪري، جيتري هيءَ ٻولي وڏي آهي، اوترو ئي هيءُ سفرنامو وڏو آهي. جيتري سنڌي ٻولي ننڍي آهي، اوترو هي سفرنامو ننڍو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولين جي اهميت جي آڌار تي ئي ادب جي اهميت جڙندي آهي.ڪڏهن ڪڏهن معجزاتي طور تي ڪي ننڍيون ٻوليون به وڏو ادب پيدا ڪري وجهنديون آهن، جيئن سنڌي ٻوليءَ شاعراڻي ادب ۾ ڀٽائي پيدا ڪيو ۽ ويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾نثري ادب ۾ هريش واسواڻي پيدا ڪيو. ڪيئن به هجي پر هيءُ سنڌي ٻوليءَ جو حسين ترين سفرنامو ساڳئي وقت، ڪڇ جي ورهين جي اڃ جو احساس ڏياريندڙ داستان بھ آهي.
۽ هند جي سنڌي ادب بابت هڪ نهايت اهم تنقيدي اينٿالاجي جي آهي، جيڪا مرڪزي ساهتيھ اڪيڊميءَ پاران شايع ٿيل آهي، جنهن جو، مرتبو ڪندڙ پڻ هريش واسواڻي آهي، هيءُ ڪتاب سنڌي ادب تي تنقيد جي حوالي ۾ هڪ بيمثال ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي”سنڌي تنقيد“ ۽ ان تي سندس سمپادڪي نوٽ پڙهڻ جهڙو آهي، تنقيدي ادب ۾ سندس ڪتاب، ”چاليھه چوراسي“ سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڇپجڻ گهرجي، ۽ جڏهن اهو سنڌ ۾ ڇپبو ته نئين سنڌي تنقيد لاءِ نوان گس کوليندو.
هريش واسواڻي سنڌي ادب لاءِ اهڙو نالو آهي، جنهن تي سنڌي نثري ادب کي فخر رهندو. پر سندس غير معمولي ڪم سنڌي ادب ۾ نئين ڪوتا کي، اوج ڏيڻ آهي. نئين ڪوتا، سنڌي شاعريءَ جي مروج قدمن کان گهڻو گهڻو اڳتي وڌي هڪ اهڙي ڪوتا آهي، جنهن ۾ ويچار جو عمل دخل وڌيڪ آهي، هو نون قدرن جي نمائندگي ڪندڙ صنف آهي، جنهن کي سنڌ ۾ نثري نظم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ نثري نظم ۾ نئين ويچار جي اظهار کان، احساس شدت وڌيڪ آهي. سنڌي ادب ۾ اڃ جي تاريخ تائين”پرش وئشيا“ هريش واسواڻي ۽ ”سينيٽوريم ۾ هڪ رات“ گورڌن ڀارتي جي نئين ڪوتا حوالي جي طور تي استعمال ٿينديون رهيون آهن. ۽ انهن ڪوتائن کي نئين ڪوتا جي سنگ ميل هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. ”پرش وئشيا“ هڪ اهڙي ڪوتا آهي، جنهن لاءَ ادب ۾ نوان قدر جوڙڻا پوندا،جيڪي قدر شايد سنڌ ۾ نھ جڙي سگهن. هيءَ ڪوتا، سنڌيءَ ۾ آهي، ٻيءَ طرح هيءَ ڪوتا عالمي ادب ۾ پڻ پنهنجي نون قدرن جي سڃاڻپ کڻي ايندي، جيڪي قدر سنڌ جي حوالي سان سڃاڻپ رکندا ۽ ادب ۾ سدائين ياد رکيا ويندا!
هريش واسواڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ نئين دور جي للڪار آهي، نون قدرن جي آجيان آهي. جيتوڻيڪ سندس آخري هڪ ٻھ ڪهاڻيون سندس شعور پاران پنهنجي پاڙن هي تلاشڻ واري ڪوشش ڏانهن موٽ تي آڌاريل آهن. پر هو نئين ويچار جو نمائندو ليکڪ آهي، سندس نثري توڻي ڪوتائي لکڻي، هڪ نئون ويچار کڻي اچي ٿي، اها سندس سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ آهي.
سماجي زندگيءَ ۾ پروفيسر هريش واسواڻيءَ جي نالي سان سڃاپجندڙ، ڪڇ جي شهر آڌيپور کي پنهنجي رهڻ جو شرف بخشيندڙ هريش ٻاويھه نومبر اڻيھه سئو چاليهن ۾ نور الاهي بلوچستان ۾ ڄاول آهي ۽ اڄ ڪلھه آڌيپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ رهي ٿو؟ سنڌي ادب کي نئون ويچار ڏيندڙ هريش واسواڻيءَ کي سندس جنم ڏينهن (جيڪو ٻاويھه نومبر آهي) تي گهڻيون واڌايون ۽ سنڌ جي نئين ويچار ڌار رکندڙ اديبن پاران نيڪ خواهشون. هُو جتي به هجي خوش هجي.
ٻاويهه آڪٽوبر هريش واسواڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا