; سنڌي شخصيتون: راجا اقبال خانزادو - راجا ساجد

05 November, 2012

راجا اقبال خانزادو - راجا ساجد


راجا اقبال خانزادو
صحافت جو راڄيتو ماڻهو
راجا ساجد
ٽنڊي الهيار جي مٽي سدائين مردم خيز رهي آهي. سياستدان، اديب، شاعر، ڊاڪٽر، وڪيلن سميت هتي جي زرخيزي پڻ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهن. پر صحافتي دنيا ۾ هن جديد دور ۾ ضلع ٽنڊو الهيار جي حوالي سان آئون سمجهان ٿو ته سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ صحافتي حساب سان نالو ورتو ويندو ته ان ۾ صحافي مرحوم راجا اقبال خانزادي جو نالو سرفهرست هئڻ کپي. ڇو ته هن پنهنجي سڄي زندگي صحافت ذريعي عوام جي خدمت ڪئي آهي. راجا اقبال خانزادو صحافت کان اڳ ۹ سال پاڪ آرمي ۾ به رهيو. جنھن ۱۹۷۱ع واري جنگ وڙهڻ کان پوءِ، ۱۹۷۷ع ۾ صحافتي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هن وقت جي مقبول اخبار روزنامه صداقت جوائن ڪئي.


جنهن بعد راجا اقبال پنهنجي پاڻ کي مڃرائڻ لاءِ اخبار وسيلي مختلف مسئلن ۽ ظلم جي خلاف قلم جي ذريعي جهيڙو شروع ڪيو. ان وقت پيپلزپارٽي تي آمر جنرل ضياءُ الحق پنهنجي حڪومتي زور تي وڏو ظلم ڪري رهيو هو جنهن خلاف راجا اقبال خانزادي پنهنجي قلم ذريعي ٽنڊوالهيار مان ظلم خلاف آواز بلند ڪئي جنهن ۾ فوجي جنرل سندس خلاف مارشل لاء ۹ ريگوليشن تحت گرفتار ڪيو. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته هن ملڪ و قوم جي خلاف نفرت پکيڙيندڙ اخبار ۾ مواد شايع ڪيو هو اصل حقيقت هي هئي ته هن پيپلز پارٽي جي خلاف هلندڙ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو. ان وقت سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ روزنامه صداقت کي ضياءَ جي بربريت واري دور ۾ بند ڪيو ويو هو. بعد ۾ مارشل لا جي حڪومت ۾ آزاد ٿيڻ کان پوءِ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو. جنهن ۾ ڪجهه عرصو روزنامه مشرق، سنڌ نيوز جو سفر طئي ڪندي سنڌ جي مشهور ۽ سنڌ جي عوام جي حقيقي ترجمان عبرت ۱۹۸۶ع ۾ جوائن ڪئي، جنهن ۾ پنهنجون صحافتي خدمتون زور شور سان شروع ڪيون ۽ صحافتي دنيا ۾ روزنامه عبرت ذريعي مڃائڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هن پنهنجي ۳۵ سالن جي صحافتي زندگي ۾ ڪڏهن به پنهنجي خبر جي ترديد نه ڪئي. عوام جي خدمت سان گڏوگڏ سنڌ جي صحافين جي حقن واري جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو ۽ صحافين جي حقن واري تنظيم سنڌ يونين آف جرنلسٽ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. صحافتي ميدان ۾ ضلع ٽنڊوالهيار ۾ اردو اخبار توڙي سنڌي اخبار جي صحافين مان کيس اهو اعزاز حاصل هو ته هن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو صحافتي ايوارڊ (اي پي اين ايس ايوارڊ) مليو، جيڪو سندس بهترين رپورٽنگ تي ان وقت جي وزيراعظم ميان نواز شريف آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي جي سالياني تقريب ۾ ڏنو.
راجا اقبال خانزادو آزاد ترقي پسند ۽ لسانيت کان پاڪ ماڻهو هو، نفرت پکيڙيندڙ مختلف سياسي تنظيمن سان قلم ذريعي جنگ وڙهڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي، آزاد صحافت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي جي دور ۾ سندس خلاف ۳ خونن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کيس ڦاسايو ويو جنهن ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي مينجنگ ڊائريڪٽر محترم قاضي اسد عابد ۽ سنڌ جي صحافين جي مداخلت جي ڪري کيس آزادي ملي پر پنهنجي صحافتي جدوجهد جاري رکندي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو ۸ سالن تائين بيماري ۾ مبتلا هئڻ جي باوجود پنهنجون صحافتي سرگرميون جاري رکيون عقاب جي نظر رکندڙ صحافي راجا اقبال خانزادو ضلع جي هر سياسي جوڙ توڙ تي گهري نظر رکندو هو، ڪيترائي ڀيرا عام چونڊن ۽ بلدياتي چونڊن تي کوڙ سارا تجزيا لکيا جنهن ۾ ڪيترائي تجزيا صحيح ثابت ٿيا، جنهن ضلعي جي عوام کي حيرت زده ڪيو ۳۵ سالن جي پنهنجي صحافتي وقت ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي والد حاڪم علي زرداري، نوابزاده نصرالله خان، سردار شير باز مزاري، اڳوڻي وفاقي وزير مير علي احمد خان ٽالپر، گورنر اشرف تاباني، متحده جي قائد الطاف حسين، سائين جي ايم سيد، مخدوم خليق الزمان، مرحوم بشير خان قريشي، قاضي عبدالمجيد عابد، ڊاڪٽر قادر مگسي، اسپيڪر نثار کهڙو، سينئر وزير پير مظهرالحق، تاج حيدر، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڪيترائي کوڙ سارا سياستدان ۽ بيورو ڪريٽس سان انٽرويو، نجي ملاقاتن ۽ عبرت جي ضلعي آفيس ۾ ملاقاتن جو اعزاز حاصل هيس، راجا اقبال خانزادو نالي جو ئي راجا نه هو، بلڪه هن جو اصل تعلق انڊيا جي رياست الور جي راجا جلال خان خانزادي جي خاندان سان هيس، آخري ساهه تائين راجائن وارو اثر موجود رهيو، ضلعي ٽنڊوالهيار جي سياسي حساب ڪتاب سان به سياستدان ساڻس صلاح ڪندا هئا. سياسي ميدان ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سيد مرحوُم اميد علي شاهه رضوي، اڳوڻي صوبائي وزير حاجي عبدالستار بچاڻي کي بهترين سياستدان سمجهندو هو، راجا اقبال خانزادو ضلعي جي سياستدان صوبائي وزير علي نواز شاهه رضوي، سردار حاجي خير محمد کوکر، اڳوڻي صوبائي وزير عرفان گل مگسي، اڳوڻي ضلعي ناظم ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي، ايم پي اي امداد پتافي، پي پي ضلعي جي صدر مخدوم ميون علي محمد ولهاري، سيد ضياءُ عباس شاهه رضوي، رئيس غلام قادر خان مري، اڳوڻي ايم پي اي عبداللطيف مڱريو، (ف) ليگ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد دربار علي شاهه، آفتاب کوکر، رئيس منظور خان، عابد يوسف بچاڻي، حاجي علي غلام دل، مير غلام محمد عرف مير پپو، سليم بچاڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، مرحوم انور بچاڻي، سان سٺا لاڳاپا هئا. راجا اقبال خانزادو بنيادي طور تي پيپلز پارٽي جو ڪارڪن پڻ هو، پر هميشه مقامي قيادت کيس نظرانداز ڪيو. علاج لاءِ موجوده حڪومت ۾ صوبائي وزير شازيه مري، شرميلا فاروقي اعلان ڪيو هو، پر اهو اعلان ئي رهجي ويو.
راجا اقبال خانزادو ٽنڊوالهيار پريس ڪلب جو ۱۴ سالن تائين صدر به رهيو. پهرين آڪٽوبر سومر ڏينهن ۲۰۱۲ع تي ساهه سندس ساٿ نه ڏنو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي اداس ڪري ويو.
راجا اقبال خانزادو هڪ مڪمل صحافي هو، جنهن کان ضلعي جا ڪيترائي نوجوان صحافي سکيا وٺڻ کانپوءِ ملڪ کان ٻاهر، ڪراچي ۽ ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ مختلف اخباران، نيوز چينلز ۾ پنهنجون صحافتي خدمتون ڏيئي رهيا آهن. راجا اقبال خانزادو جو شعر شاعري سان به کوڙ لڳاءُ هو، هر هيٺين طبقي جي ماڻهن لاءِ هي شعر پـڙهندو هو.
جنهين حقير سمجهه ڪر بجها ديا تم ني
وهي چراغ جلين گي تو روشني هوگي

No comments:

راءِ ڏيندا