; سنڌي شخصيتون: لالڻ فقير لاشاري - رياض عمراڻي

17 November, 2012

لالڻ فقير لاشاري - رياض عمراڻي


لالڻ فقير لاشاري
جهڏي وارو
رياض عمراڻي
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
لڪيا ڀڻن لوڪ ۾ جو مشتاق، فقير درويش، موجوده وقت جو فقير حاڪم انسانيت، جهڏي جي ڳوٺ ڪرم علي لغاري جو چراغ هدايت درويش لالڻ فقير لاشاري به آهي، جنهن جي فيض جو درياهه ڏينهن ۽ رات جاري آهي. اهڙو فيض عام و خاص جي لاءِ رحمان جي رحمانيت ڀرئي فيض سان وهندڙ درياءَ وانگر وهي رهيو آهي. فيض وٺڻ جو معيار ڪهڙو هئڻ گهرجي، اهو تعين ڪرڻ ٿورو مشڪل ضرور آهي. پر يقين جي منزل سان، فيض ۽ شفا مٽيءَ مان به ملي ويندي آهي.


درويش لالڻ لاشاري جي هاڪ رڳو جهڏي ۾ نه پر اعليٰ ايوانن جي اعليٰ منصبن تائين پڻ پهتي آهي. اهو ئي سبب آهي، جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اسلامي جمهوريه پاڪستان جي اعليٰ منصب وزيراعظم جي عهدي تي فائز هئي ته پاڻ درويش لالڻ سائين جي هاڪ ٻڌي، مير منور ٽالپر موجوده ايم اين اي جي معرفت جهڏي ۾ پهتي. سيڪيورٽي جا سڀئي انتظام مڪمل هئا. ڳوٺ ڪرم علي لغاري کي سيڪيورٽي جي حوالي سان، ڳوٺاڻن کي گهرن تائين محفوظ ڪيو ويو هو. ايتري ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحب هڪ هيلي ڪاپٽر ذريعي ان ڳوٺ ۾ اچي پهتي پر درويش لالڻ سائين، شگر مل واري آستاني تي ويٺل هو. کيس اتان کان ڳوٺ ڪرم علي لغاري جو چيو ويو. تنهن تي فقير وراڻيو ته؛ ”منهنجي ڊيوٽي اڄ هتي آهي. لحاظه آئون ڪو،نه هلندس.“ بھر حال ساڻس هڪ لغاري صاحب وڌيڪ ويجهو هو. تنهن فقير کي چيو. تنهن کي چيائين ته؛ ”هلو آئون پنڌ اچان پيو.“ فقير صاحب پنهنجي رمز مطابق پيرين اگهاڙو، صرف هڪ ننڍڙي گوڏ سان، اچي ڳوٺ ڪرم علي پهتو. ساڻس محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ملي. پاڻ سندس مٿي تي شفقت ڀريو هٿ به رکيو. فقير کيس دعا پڻ ڪئي. فقير لالڻ سائين جي اصرار تي کيس محترمه هيليڪاپٽر جو فضائي سير پڻ ڪرايو. جنهن تي فقير خوش نظر آيو. فقير صاحب جو خاندان پڻ ان ڳوٺ ۾ ويٺل آهي، جيڪي ذات جا لاشاري سڏجن ٿا.
ڳوٺ ڪرم علي لغاري ۾ لغاري، شيدي، خاصخيلي، لاشاري، ميگهواڙ ۽ ٻيون برادريون پڻ رهن ٿيون. فقير لالڻ سائين جو خاندان زمينداري ڌنڌي سان منسلڪ آهي. سندن خاندان اڄ به موجود آهي.
۷ آڪٽوبر ۲۰۱۲ع تي ٽنڊو الهيار کان هڪ عزيز گلزار حسين عمراڻي سان گڏ، موٽرسائيڪل تي ساڍن ٽن ڪلاڪن جي سفر بعد، جهڏي جي ويجهو ڳوٺ ڪرم علي لغاري پهتاسين، جتي فقير جي موجودگي جي خبر پئي. اسان کان اڳ ٻن موٽرسائيڪلن تي ٻه همراهه بيٺل هئا، جن چيو ته سامهون پيهي جي هيٺان رکيل کٽ تي فقير لالڻ سائين اچي ويهندو آهي. ڪجهه دير ۾ ڊگهڙي کان هڪ رڪشو عورتن ۽ ٻارڙن جو ڀرجي آيو. جن فقير سائين جي پڇا ڪئي. عورتون پاسي کان ويهي رهيون. اچانڪ فقير سائين جو هڪ شيدي خليفو پاڻيءَ جو جڳ ۽ گلاس کڻي، هڪ جڳهه ۾ ويو. اسان کي پڪ ٿي وئي ته فقير سائين هن جڳهه ۾ موجود آهي. خليفي ٻڌايو ته؛ ”سائين اچڻ وارو آهي.“ ايتري ۾ ٽنڊو محمد خان مان تعليم کاتي جا ڪجهه آفيسر اچي نڪتا. خليفي ويهاريو.
ڪجهه دير کانپوءِ ان جڳهه مان فقير صاحب نڪتو، سڌو وڃي کٽ تي ويٺو. سڀني کان ڳوٺ ۽ روزگار جو پڇيائين. فقير سائين کي صرف ننڍڙي گوڏ پاتل هئي. منهن تي سونهاري شريف. باقي جسم ڪپڙن کان آجو ۽ پير اگهاڙا نظر آيا. رنگ مبارڪ مشڪي نظر آيو. لالڻ سائين قد جو پورو پُنو، رنگ جو مشڪي ۽ ڪمزور نظر آيو. ايتري ۾ سڀني کان تعارف پڇيائين.
اوچتو اوچتو عورتن کان پڇيائين؛ پيهي جي هيءَ ڪاٺي ٽڪر ڪنهن کنيو آهي. عورتن چيو؛ سائين خبر نه آهي. بار بار پڇڻ تي هڪ عورت چيو؛ سائين منهنجي پٽ اهو کنيو آهي. عورت کي چيائين ته؛ ان ڪاٺي تي پُٽ کي هٿ رکرائي. ان عورت ائين ڪيو. فقير جي حڪم تي، عورتن کي پيهي جي پيلر سان چوڦير گهمايو ويو. عورتن اولاد کي نيڪ ڪرڻ، اولاد کي روزگار ملڻ جي التجا ڪئي. جنهن تي فقير صاحب الله رحيم، رحمان چئي دعا گهري ۽ عورتن کي هاڻي پنهنجي گهر وڃڻ جو چيو.
فقير لالڻ سائين پڇيو؛ ٽنڊو الهيار جا ڪهڙا دوست آهن. آئون، رياض عمراڻي ۽ ڀاءُ گلزار عمراڻي کي چيائين ويجهو ٿي ويهو. ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو، ڇا ڪندا آهيو، تعارف پڇيو ويو. فقير سائين دعا گهري ۽ حڪم ڏنائين ته؛ هاڻي ڀلي وڃو.
انهيءَ دوران هڪ پنجابي ٿانو کاڻي آيو ۽ بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کي چيائين؛ ”توهان ڀلي وڃو.“ اهو وقت شام جو هو، سج جا ڪرڻا به لالڻ سائين جي کٽ تي پئجي رهيا هئا. فقير سائين اسان کي اجازت ڏني. اتان کان نبي سر جي چوراهي تي پهتاسين. چانهه پيتيسين. اتي هڪ کوسو پرائمري استاد مليو. تنهن ٻڌايو ته؛
”فقير صاحب سياري جي مند ۾ به ان ساڳئي ڪيفيت ۾ هوندو آهي ۽ ڳوٺ جي ڀر ۾ وهندڙ واهه ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو هوندو آهي. اڪثر فقير سائين پنڌ کي پسند ڪندو آهي. فقير صاحب جو هڪ ننڍو ڀاءُ گذاري ويو، جنهن تي پاڻ تمام گهڻو رُنو هو. فقير سائين جا ٽي خليفه آهن؛ هڪ ذات جو شيدي ۽ ٻه خليفه ذات جا کوسا آهن، جيڪي صبح، منجهند ۽ رات جو فقير سائين جي حاضري ڀريندا آهن.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”مون کي ڄنگهه ۾ عرق نساءِ جو سور پيو. فقير دعا ڪئي، ڇڏي ويو.“
هن اڃا وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”گذريل سال برساتن جي ٻوڏ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، فقير ڳوٺاڻن کي ٻڌائي ڇڏيو هو. پوءِ ڳوٺاڻا ڳوٺ خالي ڪري، ٻين شهرن ۾ وڃي ويٺا. هي علائقو سڄو درياءَ لڳو پيو هو. انهي دوران فقير کي سندس طالب ڪراچي وٺي ويا.“ فقير جي آستاني تي آيل ٽنڊو محمد خان جي ڀاءُ غلام النبي چيو؛ سائين دعا ڪريو ته امان کي عمرو ڪرايان. تنهن تي فقير وراڻيو؛ ابا حج ڪراءِ ته بهتر آهي. وري چيائين؛ ابا، حج تي وڃن ٿا فرض پورو ڪن ٿا. ماءُ جي ڄاول ٻار وانگر اڇا اجرا ٿيو اچن. پر واپس اچيو وريو ساڳيا ڏوهه گناهه ڪن ٿا، ان جو ڪهڙو فائدو. ابا سڪ چڱي آهي، آئون ان لمحي ۾ لطيف سائين جو هيءُ بيت ياد ڪري رهيو هئس.
سڪ ته سڀڪا سڪ، سڪ سڄي آ سور،
ائين چوڻ آ ڪوڙ، سڪ هجي سڄڻ نه ملي.
مون کي حضرت سمن سرڪار جي خيالي تصوير ۽ سوانح حيات پڙهڻ کانپوءِ، سائين لالڻ لاشاري جي روبرو ملاقات شرف کانپوءِ، ائين محسوس ٿيو ته؛ ٻنهي بزرگن جي روحاني منزل ۽ ڪيفيت هڪ ئي آهي. فرق صرف اهو آهي ته سمن سائين سادات آل رسول آهي. لالڻ سائين درويش امتي لاشاري قوم جو آهي. پر لطيف رحه جي سمجهاڻي ته ڪو نه پڇي ٿو ذات جي آيا سي اگهيا. وڌيڪ رب العزت بهتر ڄاڻي ٿو. هڪ همراهه ٻڌايو ته؛
”ڪجهه سال اڳ ڪجهه عالم، لالڻ سائين وٽ آيا ۽ حج تي هلڻ لاءِ زور ڀريو.“ جنهن تي علماءِ ڪرام کي فقير چيو؛ ابا توهان هلو، حاجي سڳورا ڇا ڏسن ته لالڻ سائين خانه ڪعبي جو طواف ڪري رهيو هو. موٽي جڏهن لالڻ سائين ڏي آيا ته پاڻ پنهنجي ساڳي آستاني تي ئي موجود هو. چوندا آهن ته؛ ڪک جي هيٺان لک پيو آهي. سو پنهنجي اکين سان ڏٺوسين فقير سائين کي دعائن جي التجا آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا