; سنڌي شخصيتون: قاضي شفيق احمد مهيسر - آزاد انور ڪانڌڙو

25 November, 2012

قاضي شفيق احمد مهيسر - آزاد انور ڪانڌڙو

قاضي شفيق احمد مهيسر
سنڌ دوست سياستدان
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
سنڌ ۾ جڏهن به اصولي سياست جو ذڪر ٿيندو ته ان ۾ نامياري سياستدان قاضي شفيق احمد مهيسر جو نالو سرِفهرست ملندو. قاضي شفيق احمد مهيسر، سچن ۽ بيباڪ سياستدان مان هڪ هو. سندس اصول پسنديءَ واري سياست جا علائقي سميت سنڌ ۾ ڪيترا ئي مثال ملندا. اڄوڪي دور ۾ جڏهن اڪثر سياستدان پئسو ٺاهڻ ۾ مصروف هجن ٿا ۽ عوام سان ڪيل واعدا ۽ وچن وساري ويهن ٿا، ان دور ۾ قاضي شفيق احمد مهيسر جهڙي عوام جي خيرخواه سياستدان جو اوچتو وڇڙي وڃڻ سچ ته وڏو عوامي نقصان آهي. قاضي شفيق احمد مهيسر جي اوچتي وڇوڙي سڄي علائقي توڙي دادو ضلعي جي سياست جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.


هن نامياري سياستدان ۽ اڳوڻي ايم پي اي قاضي شفيق احمد مهيسر ۱۹ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي ميهڙ لڳ ڳوٺ قاضي محمد عارف ۾ قاضي عبدالحميد خان مهيسر جي گهر ۾ جنم ورتو.
هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. جڏهن ته ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۰ع  ۾ پاس ڪيائين. ان کانسواءِ ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۷۳ع مان ڪيائين.
قاضي شفيق احمد مهيسر ۱۹۶۷ع ۾ شادي ڪئي. کيس هڪ فرزند ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي.
هن سياست جي شروعات ۳۲ سالن جي عمر ۾، برک سياستدان ۽ اڳوڻي ايم اين اي عبدالحميد خان جتوئي جي سرپرستي ۾ ڪئي. سال ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران، ڪي اين شاهه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن هٿان، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۹ ڄڻن جي شهادت واري دردناڪ واقعي خلاف احتجاجًا تعلقي ڪائونسل ميهڙ جي چيئرمين شپ تان استعيفا ڏئي ۽ احتجاج به ڪيو.
قاضي شفيق مهيسر ۱۹۸۵ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان خانصاحب محمد صالح ٻٽ ۽ سردار اشرف سولنگي کي شڪست ڏئي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر مُنتخب ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هئڻ  دوران، ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي ۽ سنڌ ۾ مارشل لا دوارن سنڌين تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور آواز به اٿاريو. ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي جي اَسيرن جي ڪورٽ مارشل لا خلاف قاضي شفيق احمد مهيسر نه صرف اسيمبليءَ ۾ آواز اٿاريو پر واقعي خلاف به ڌرڻو هنيو.
پاڻ ۱۹۸۷-۸۸ع ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ عبدالحميد خان جتوئي جي قيادت ۾ ٺهيل ”سنڌ قومي اتحاد“ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ سرگرم سياسي ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيل فسادن دوران سنڌين جي سهائتا ۾ به پاڻ اڳڀرو رهيو.
قاضي شفيق مهيسر کي داد ته ۲۰۱۰ع جي ٻوڏ دوران ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ دادو جي عوام ۽  سياسي مخالفن به ڏنو هو، جڏهن هن خيرپورناٿن شاهه جي ٻڏڻ، لوهي موري کي وقت سر ڪٽ نه ڏيڻ، ڌامراهه واهه کي ڪٽ ڏيارڻ جي سازش، سپريو بند کي هٿرادو گهاري، ايف پي بند کي هٿرادو گهاري، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه سميت دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ متاثر ماڻهن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف پڻ هن ڀرپور آواز اٿاريو هو. قاضي شفيق ۲۰۱۰ع واري ٻوڏ ۾ دادو ضلعي اندر عوام جي جذبن جي نمائندگي ڪندڙ حڪمران ڌر جو اڪيلو اڳواڻ هو، جيڪو حق سچ چوڻ کان ڪڏهن به نه مڙندو هو.
قاضي شفيق مهيسر هڪ زميندار به هو. اڪثر وڏيرا عام ماڻهن کي تعليم کان محروم رکندا آهن ته جيئن ماڻهو سندن غلام رهن پر قاضي شفيق ان سوچ جي ابتڙ پنهنجي ڳوٺ قاضي عارف ۾ گرلس پرائمري، بوائز پرائمري، گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول، بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ قاضي عارف ۾ ڊگري ڪاليج جي عاليشان عمارت ٺهرائي، غريب ماڻهن  جي ٻارڙن کي گهر ويٺي تعليم ڏيارڻ جو وڏو موقعو ۽ سهولت فراهم ڪئي.
قاضي شفيق احمد مهيسر پنهنجي شخصيت ۾ منفرد ڪردار هو. پاڻ قول جو سچو، سنڌ دوست عوامي سياستدان هو. هو سياست کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو به روح روان هو.
افسوس، ساڻس زندگيءَ ساٿ نه ڏنو ۽ هو ڪراچيءَ ۾ اوچتو دل جي دوري سبب وڇڙي ويو.
قاضي شفيق احمد مهيسر سياست ۾ پنهنجي اصولن تي ثابت قدميءَ سبب نه صرف سياسي حلقي پر عوام ۾ به وڏي مڃتا ماڻي.

No comments:

راءِ ڏيندا