; سنڌي شخصيتون: جهان آرا سومرو - احسان دانش

10 November, 2012

جهان آرا سومرو - احسان دانش


جهان آرا سومرو
احسان دانش
جهان آرا سومرو زندگي جي ننڍڙن ننڍڙن پر نهايت اهم مسئلن تي ڏاڍيون خوبصورت ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اسلوب بيان به ٺيڪ ٺاڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي ڏاڍا سگهارا مڪالما ملن ٿا. هوءَ جديد ڪهاڻي جي اسلوب کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجي نابرابري ۽ زندگيءَ جي تخلين تي مشتمل آهن.


جهان آرا سومرو ١٦ آگسٽ تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي ۽ پنهنجي والده بيگم غلام قادر، جيڪا پنهنجي دور جي ليکڪا رهي آهي، کان ڪافي متاثر ٿي. آغاز ۾ ئي صرف ڪهاڻين توجھ ڏنائين، ۽ سندس پهرين ڪهاڻي هئي ”مان جيڪر گل هجان ها.“ جنهن کان بعد، مختلف رسالن ۾ سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇپيون. جن مان ”آئي مند بهار“، ”ويڇا ۽ ويراڳ“، ”جي تو سوري چاڙهيو“ کي ڪافي سٺي موٽ ملي. جهان آرا جي اها مشق اڃا جاري آهي. سندس ٻارهن طويل ڪهاڻين تي مشتمل ڪهاڻين جو مجموعو ڇپائي هيٺ آهي. پاڻ ايم پي اي ۽ بي ايڊ آهي ۽ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ ايجوڪيشن آفيسر طور پنهنجا فرائض نڀائي رهي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا