; سنڌي شخصيتون: رئيس غلام محمد خان پٺاڻ - محمد بخش عمراڻي

17 November, 2012

رئيس غلام محمد خان پٺاڻ - محمد بخش عمراڻي

رئيس غلام محمد خان پٺاڻ
موسيقي ۽ راڳ جو ڄاڻو ۽ ماهر
محمد بخش عمراڻي
رئيس غلام محمد خان پٺاڻ جيڪو تعلقي سعيد آباد هالا ۽ مٽياري ۽ تر جي هڪ اهم ۽ منفرد شخصيت بلڪ جدا گانه حيثيت رکندڙ ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. پاڻ ۱۹۰۴ع ۾، پراڻي سعيد آباد جي ڀرسان، ڪچي جي علائقي، پٺاڻ ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ تازو ۲۰۰۷ع ۾ ۱۰۳ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ سڄي عمر ۾ صرف هڪ شادي ڪيائون ۽ کيس ڪو به اولاد ڪو نه هو. کيس سمورو عوام ۽ خاص طور تي مخدوم خاندان جا سمورا فرد ۽ سائين مخدوم طالب الموليٰ، شاهه نواز جوڻيجو، مخدوم امين فهيم ۽ سعيد آباد جو سائين غوث علي شاهه ۽ پير فضل الحق شاهه، راهو خاندان جا حاجي الهداد راهو ۽ حاجي وارث راهو سعيد آباد ۽ هالا جا ۵ لک عوام سندس شخصيت ڪردار فيصلن ۽ عمر جي ڪري به کيس احترامًا ”خان وڏو“ ڪري چوندا هئا.


خان وڏو مخدوم خاندان جو تمام ويجهو عزيز هو. مائٽ هئڻ جي رشتي ڪري، مخدوم خاندان جا سڀ فرد، خاص طور تي مخدوم امين فهيم ۽ سائين طالب الموليٰ، تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. خان وڏو هالا يا ڪراچي سائين جن سان ملڻ ويندو هو ته نوڪرن کي به خاص هدايتون مليل هيون ته؛ خان وڏو جيئن پهچي ته ان لاءِ دروازا کليل هجن ۽ کيس احترامًا اسان وٽ وٺي اچبو. ايتري قدر جو خان وڏي جي ڪڏهن طبيعت ناساز ٿيندي هئي ته هالا وڃي سائين جن وٽ رهندا هئا. سندس خدمت ڪرڻ لاءِ هڪ نوڪر، خان جي حوالي هوندو هو ۽ سائين طالب الموليٰ به اون رکي صبح شام، خان کان روبرو طبيعت معلوم ڪندا هئا، جيستائين خان وڏو مڪمل وڃي صحتياب ٿئي. خان ڪو به فيصلو ڪندو ھيو ته بي رياءُ ٿي ڪندو هو. سندس ان ڪردار ۽ اخلاق ڪري، سمورا معزز ماڻهو ۽ عوام، اهو رمارڪ ڏيندا هئا ۽ اڄ تائين به چوندا اچن ته؛ خان سموري زندگيءَ ۾ ڪنهن به انسان کي ڏکويو ڪو نه.
سعيد آباد جي سائين غوث علي شاهه سان ننڍپڻ کان دوستي هيس، جيڪا آخر تائين ٻئي ڄڻا نڀائيندا آيا.
رئيس غلام محمد خان پٺاڻ، نيو سعيد آباد جي ڀرسان، ڪچي جي علائقي ۾ پنهنجو ڳوٺ جيڪو پٺاڻن جي ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو، اتي ڄائو نپنو جتي پٺاڻن جو هڪ وڏو خاندان ۽ چار پنج سؤ گهر شيدين جا هئا. قديمي اتي جا هئا. پر جڏهن ۱۹۵۶ع واري ٻوڏ آئي ته سڄو ڳوٺ ٻڏي ويو. پٺاڻ ۽ شيدي، سڀ مٿي نڪري مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اچي ويٺا. خان وڏو پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ۲ سؤ کن گهر شيدين سميت، پراڻي سعيد آباد ۾ اچي ويٺو. اداڪار شهباز دراني پنهنجن ڀائرن ۽ ڪجهه ٻيا عزيز ۽ ۲ سؤ گهر شيدين جي اهي به ڀرسان شهنشاهه (گلاب جي ڳوٺ) ۾ اچي ويٺا. باقي ٻيا پٺاڻ ۽ شيدي، ڪجهه نيو سعيد آباد ۽ ڪجهه حيدرآباد جي علائقي حسين آباد (گدو) ۾ وڃي ويٺا.
خان وڏو پنهنجي عمر جو وڏو حصو اٽڪل مني صدي راڳ سان لاڳاپيل رهيو. خان جي پنهنجي زباني ۽ ٻيا پٺاڻ ۽ شيدي، جيڪي وڏي عمر جا هئا، انهن جي زباني موجب ته؛ ڪچي واري زماني کان وٺي، خان وڏا وڏا ڳائڻا ۽ گويا اتي به گهرائي سڄي رات محفلون ڪرائيندو هو ۽ ان سان گڏ ملهه ملاکڙي جو به شوقين ٿي رهيو. پر جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ سعيد آباد پراڻي ۾ اچي ويٺو، تڏهن به آخري وقت تائين به سندس شوقين گهٽيو ڪو نه. سال ۱۹۶۰ع کان وٺي مون کي به چڱيءَ طرح ياد آهي ته خان جيڪي به وڏا وڏا ڳائڻا گهرائي محفلون ڪرايون تن ۾ خان صاحب منظور علي خان، غلام رسول خان، وحيد علي، مصري فقير، محمد يوسف، ڦوٽو زرداري، فقير امير بخش، عيسيٰ فقير، يار علي فقير ۽ انور وسطڙو وغيره. منظور علي خان، محمد يوسف ۽ مصري فقير سال ۾ ۲ ڀيرا گهرائيندو هو. خان وڏو لوڪ موسيقي سان گڏ، ڪلاسيڪل راڳ به چڱيءَ طرح سمجهندو هو. جڏهن منظور علي خان پڪو راڳ ڳائي سرگم ڪندو هو ته پهريائين خان کي چوندو هو ته؛ فلاڻي راڳڻي چوان ٿو ته هو سمجهي ويندو هو. خان به چوندو هو ته فلاڻي راڳڻي ٻڌاءِ! ان کي خان کان سواءِ ٻيو عام ماڻهو سمجهي ڪو نه سگهندا هئا. ٻيا ماڻهو صرف لوڪ موسيقي سمجهندا هئا. مصري فقير ۽ محمد يوسف جي خان پاڻ به رهنمائي ڪندو هو. پٺاڻ ۽ شيدين جي شادين ۾ منظور علي خان، مصري فقير ۽ محمد يوسف ڏي خان جو صرف نياپو ويندو هو ته ٻين پروگرامن کي ڇڏيم پهريائين خان وٽ پهچي ويندا هئا، خاص ڳالهه ته شاديءَ واري ڌڻي کي منع ٿيل هوندي هئي ته؛ پئسا ٻيو ڪير به نه ڏي، خان اڪيلي سر پئسا پيو ڏيندو ۽ سڄي رات ويندي فجر تائين راڳ ٻڌندو رهندو هو. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته پراڻي سعيد آباد راڳ ۾، ملهه ملاکڙي جي لحاظ کان پٺاڻ ۽ شيدين جي ڪري، هڪ وڏو مرڪز ٿي رهيو آهي. ان جو سڄو سهرو پٺاڻ ۽ شيدين ڏي وڃي ٿو. اٽڪل مني صدي کان ملاکڙي جو به هتي وڏو مرڪز ٿي رهيو آهي. هتي جا پٺاڻ ۽ شيدي وڏا ملهه ۽ طاقتور ٿي گذريا آهن. اهي ملهه به پٺاڻن جا ملهه سڏبا هئا. خان جا آخري ۵۰ سال کن، هن ڪافي ملهن کي پنهنجي خرچ تي کارائي تاتي پنهنجي نگراني ۾ خدمت ڪري ملهه تيار ڪيا. اهي سڏبا هئا ته خان وڏي جا تيار ٿيل ملهه آهن. جن به پوري سنڌ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪرايو. انهن ۾ بچل شيدي، مرحوم الله بخش شيدي هن وقت سندس فرزند لطف علي عرف ڀلائو شيدي، موليٰ بخش شيدي، خدا بخش شيدي ۽ ملهار شيدي جيڪي پوري سنڌ ۾ ملهه وڙهن ٿا ۽ هنن هر هنڌ سوڀ ماڻي آهي ۽ پراڻي سعيد آباد ۾ اڄ تائين ڀلائو شيدي پنهنجي خرچ تي سال ۾ ۲ ڀيرا ملاکڙا ڪرائي، عوام کي خوش رکندو ۽ خان وڏي جو نالو زندهه رکيو اچي.


No comments:

راءِ ڏيندا