جان محمد خان مرحوم
پير علي محمد راشدي
مون پنهنحي ڳوٺاڻي زندگيءَ واري زماني ۾ دستور جاري ڪيو ته ڪو به ماڻهو
منهنجي اڳيان هيٺ نه ويهي. هر آئي وئي ۽ غريب ماڻهوءَ لاءِ به ڪرسيون، کٽون ۽ موڙا
رکائي ڇڏيم. جان محمد خان مرحوم کي اها ڳالهه ڪانه وڻي، سو هر ڀيري شڪايتون ڪندو رهيو-
چي؛ ”تو لچن لوفرن جي دل وڌائي ڇڏي آهي، ان مان ڏاڍو ڏچو پيدا ٿيندو.“ پسگردائيءَ جي
ڪنهن ”ڄٽ“ سرڪشي اختيار ڪئي ته هڪدم صوبيدار سان بندوبست، ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان شڪايت
ڪري، بدمعاشيءَ ۾ جهلائي ڇڏيندس. ننگاوتيءَ جي ڳالهه تان ڪنهن خون ڪري وڌو ته پراڻي
فيوڊل دستور موجب ان شخص جو هرگز ”پن نه کڻندو“، بلڪ ڦاسي پوندو ته مناسب مدد ڪري ڇڏائي
به وٺندس.
سندس دورانديشيءَ جو هيءُ عالم هوندو هو جو پاڻ کان ڏاڍي سان بنهه هٿ
نه اٽڪائيندو. اڳواٽ ڏسي وٺندو هو ته ڪهڙي شخص مان ڪيتري فائدي ۽ ڪيڏي نقصان پهچڻ جو
امڪان ٿي سگهي ٿو، پوءِ بعينہ ان انداز ۾ ان سان تعلقات رکيو ايندو. مثلًا، منهنجن
بزرگن سان اوائل کان وٺي سندس تعلقات اهڙا نه هوندا هئا، جهڙا هجڻ کپندا هئا. انهن
جي انتقال بعد منهنجو وارو آيو، سمجهي ورتائين ته مون ۾ نقصان پهچائڻ جي وڌيڪ صلاحيت
آهي، تنهنڪري مون سان هڪدم ميٺاج، بلڪ فرمانبرداريءَ جو سلوڪ ڪرڻ لڳو. سالن جا سال
اها ڪيفيت قائم رهي. مرحوم مون سان اهڙا پير کنيا جو سندس قضيو ٿيو ته مون ائين سمجهيو
ته ڄڻ منهنجو هڪ بزرگ گذاري ويو.
هڪ ٻيءَ خوبيءَ سبب پڻ آءٌ سندس ڏاڍي عزت ڪندو هوس. مثلًا، ڪنهن پاڙيواري
سان ڪيڏي به دشمني هونديس، مگر ان شخص تي ڪا تڪليف اچي ويئي ته هر مناسب طريقي سان
اُن جي مدد ڪندو. هڪ واقعو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. جنهن زماني ۾ منهنجن بزرگن ۽
وڏيري جان محمد خان جا تعلقات خراب هوندا هئا، ان زماني ۾ هڪ دفعي اسان جي ڳوٺ جي ڀر
۾ ڀٽي واهه کي کنڊ پئجي ويو، جنهنڪري اسان جي ڳوٺ ٻڏي وڃڻ جو سخت خطرو پيدا ٿيو، پاڻيءَ
جو ايڏو زور هو جو ڳوٺ ٻڏڻ ۾ باقي گهڙيءَ پهر جو سوال وڃي رهيو، ۽ ڳوٺ غرق ٿئي ها ته
اسين هميشه لاءِ برباد ٿي وڃون ها. جان محمد خان کي خبر پئي، پاڻ لٽا لاهي، گوڏ ٻڌي،
پنهنجي شهر جا سمورا ماڻهو ڪڍي اچي کنڊ ٻڌائڻ بيهي رهيو. سندس پنهنجو ڀاءُ پاڻيءَ کان
ٻاهر واهه جي ڀر تي بيٺل نظر آيس، هڪل ڪري چيائين: ”نامراد، اڃا ڀڪ تي ويٺو آهين! اندر
گهڙ، مر، مري سر ڏي، ويل اٿئي، ويل ٿو وڃائين!“ سندس ڀاءُ ٽپو ڏيئي واهه ۾ گهڙي پيو.
وڏيءَ محنت بعد کنڊ ٻڌو، ۽ اسان جو ڳوٺ غرقابيءَ کان بچي ويو. چوندو هو: ”ميان علي
محمد شاهه! پاڙي ۾ ويٺا آهيون، ورو وري تي رکيو، پاڙو پيغمبرن کي به پيارو هوندو هو.“
مون سندس ڪفايت شعاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مرحوم جي زمينداري تمام محدود
هوندي هئي، مگر تنهن هوندي به ٻيءَ طرف ڪفايت ڪريو پنهنجي ”اوطاق“ قائم رکيو آيو. آئي
وئي لاءِ مانيءَ جو ٽڪر هر وقت موجود هوندو. اجائي خرچ کان ائين ونءُ ويندو، جيئن
”ڪانءُ ڪمان کان“. ساري عمر ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪيائين. نصرت اسٽيشن کان لاڙڪاڻي جو ڀاڙو
فقط چار آنا هوندو هو، پر بغير اشد ضرورت جي لاڙڪاڻي تائين به ڪو نه ويندو. ڪنهن لڱا
لاڙڪاڻي وڃي نڪرندو ته شهر ۾ بگي ڀاڙي نه ڪندو، پنڌ هلندو رهندو، مگر اهڙي شان سان،
جو ٻه - چار ماڻهو ضرور ڪڍ هوندس. صورت ۾ به ڏاڍو معزز پيو لڳندو هو - بت ڀريل، قداور،
ڏاڙهي چاپئين، سهڻي. لباس: کنڀيل سفيد پڳ، ڊگهو سفيد پيراهن، سفيد سٿڻ، پير ۾ سنڌي
جُتي، ڪلهي تي دائما سفيد بوڇڻ، ڪوٽ گاهي ماهي پائيندو، هٿ ۾ سنهو نيٽ جو لڪڻ.
گفتگو ڪندو ته سمجهي سوچي، اثرائتن اکرن ۾، دليلن، سببن ۽ ثابتين جي بنياد
تي. هر جملي مان اڳلي لاءِ عزت پئي بکندي، جنهنڪري ٻڌندڙ هڪدم موهجي ۽ طرفدار بڻجي
پوندو. پنهنجن ذات ڀائين ابڙن کي هميشه ڇاتيءَ سان لايو ويٺو هوندو هو. کيس پنهنجيءَ
قوم آبڙ جي ماضيءَ تي فخر هوندو هو، ۽ سياسي فائدن جي خيال کان ”آبڙ“ جي حلقي ۾ پسگردائيءَ
جي هر ذات کي شامل ڪري ڇڏيو هئائين، مثلاً ڪماريا، دائودجا، راهوجا، جيها، ککراڻي،
ڏيٿا، گهانگهرا، جوڻيجا، وغيره. جا ذات سڌيءَ طرح آبڙ ۾ اچي نه سگهندي، ته ان کي ”سماٽ“
۾ داخل ڪري، ابڙن جو سؤٽ ثابت ڪري ڇڏيندو. پاڙي جي هر ڳوٺ اندر هڪ ”مهانڊو“ پيدا ڪيائين،
جنهن جي ذريعي ان ڳوٺ جي ماڻهن تي پنهنجو اثر قائم رکيو آيو. سندس سلوگن (Slogan) يا نعرو
هوندو هو: ”آبڙ جو ننگ!“ ان ”ننگ“ جي بنياد تي ساريءَ آبڙ کي سلهاڙيو ويٺو رهيو. پري
پري جا ابڙا به کيس پنهنجو اڳواڻ سمجهندا رهيا. ساريءَ اپر سنڌ اندر جت به ڪو ابڙو
وڏيرو نظر آيس ته ان سان وڌي وڃي تعلقات پيدا ڪيائين. کين چوندو: ”ادا، ابڙا آهيون،
پاڻ ۾ ڀائر آهيون، آبڙڪيءَ جو ننگ اسان کي نه پوندو ته ٻئي ڪنهن کي پوندو!“ غرض ته
نه فقط خاص پنهنجي پسگردائيءَ اندر، بلڪ ساريءَ اپر سنڌ ۾ سندس دوست هوندا هئا: وڏيرو
صاحب خان جوڻيجو مرحوم (ڌامراهن تعلقي لاڙڪاڻي وارو)، وڏيرو شير محمد خان ڪماريو،
(لاڙڪاڻي وارو)، عبدالرحمان موهل (نئين ديري جي ڀر وارو)، رسول بخش خان جوڻيجو (مرزانپور
تعلقي ڳڙهي ياسين وارو)، وڏيرو پيرل خان ککراڻي (لڳ نوشهرو تعلقو ڳڙهي ياسين). کهڙن
مان محمد ايوب خان کهڙي زور ورتو ته کهڙا به ”سماٽ“ ۾ شامل ٿي ويا. باقراڻيءَ واري وڏيري غلام عمر خان
انڙ ترقي ڪئي ته انڙ به ان زمري ۾ منسلڪ ٿيا. غرض ته مرحوم جان محمد خان جي اها پاليسي
پڇاڙيءَ تائين ڪامياب رهي، ۽ پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو شمار ٿيڻ نه ڏنائين. في الحقيقت،
ان زماني جي هوندي به اها وڏي ۾ وڏي ضرورت هئي.
پنهنجي ڳوٺ تي ساهه ڏيندو هو. سندس بيٺلائي ڏسي، ڪيترائي ماڻهو ٻاهران
لڏي اچي سندس ڳوٺ ۾ ويٺا، جنهنڪري سندس ڳوٺ ڏاڍو وسيو. هر قسم جا ڪاسبي ۽ پيشه ور ماڻهو،
جن کي ڳوٺن جي سونهن سمجهيو ويندو هو، موجود ٿي ويا. لوهرن مان مرحوم عثمان عجيب، سچو،
معزز، همدرد ۽ نيڪ سيرت انسان سمجهيو ويندو هو. سندس دڪان هڪ قسم جي ڪلب يا ڪچهريءَ
جي جاءِ هوندو هو. مُلپيءَ جو ڪم ملان الله بخش (يا ملا علو) جي سپرد هو. ڳوٺ جو موچي
استو عارب هوندو هو، جنهن جون ٺاهيل سنڌي جُتيون پنهنجو مثال پاڻ هونديون هيون. پر
گراهڪن کي جُتين ٺاهي ڏيڻ بدران گهڻو ڪري ”موچڪن دلاسن،“
تي رکندو هو. استو محمد ڪنڀر هوندو هو، جنهن جي آويءَ تان لٿل ٿانو ڏاڍا مرغوب هوندا
هئا. واڻين (هندن) جو هڪ سڄو پاڙو هوندو هو، جن جو مُکي هوندو هو وهنواريو مل. وهنواريو
مل، وهنوار جي ڪمن ۾ پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري وانگر ”صاحبِ پاليسي“ هوندو هو. هٽ هلائڻ
کان سواءِ، زمينن جا ٺيڪا به کڻندو رهيو. پنهنجي نياز نوڙت ۽ هيٺانهينءَ وسيلي پاڙي
جي کاتيدارن جا ڪَنَ ڪتري ڇڏيائين. غريب کان غريب مسلمان کاتيدار جي اڳيان به ڌرتيءَ
تي ويهي رهندو، ۽ هٿ ٻڌي پيو چوندس. ”سائين، تون هاٿي آءٌ ڪِول، تنهنجو پير مون تي
پوندو ته منهنجو نشان به ڪونه رهندو“- پر ان ”ڪول“، وقت آئي، ڪيترن ئي ”هاٿين“ جا نشان
مٽائي ڇڏيا. ڀائي هرداسمل ڀونڀٽپور جو ٻيو مهانڊو هوندو هو، وهنوارئي مل کان گهٽ ”پيرڙيو“،
۽ وقت آئي ”مڙس ماڻهو“.
جان محمد خان جو ڳوٺ وسيو، تنهن جا سبب اُهي ئي هئا، جن جي بنياد تي ان
زماني ۾ ٻهراڙيءَ اندر ڳوٺ وڌندا ٿي رهيا. مثلاً:
(1) ڳوٺ - وڏيري جي زورائتي هجڻ سبب چوريءَ چڪاريءَ جو امڪان ڪو نه
رهيو،
(2) لچ لونبڙ اشرافن سان ”آسيب“ ڪري ڪو نه ٿي سگهيو،
(3) آئي وئي ڪاموري سان وڏيرو پاڻ منهن ڏيندو ٿي رهيو، جنهنڪري شهر
جا ماڻهو عملداري آزار کان محفوظ ٿي رهيا،
(4) وڏيري پاڻ يا سندس ڪٽنب جي ننڍن وڏن مان ڪنهن به راڄ جو لوڙهو ڪو
نه ٿي لتاڙيو، جنهنڪري ننگاوتيءَ جي معاملي ۾ راڄ جي ماڻهن کي اطمينان حاصل هو.
عام چوڻي هوندي هئي ته ”ماڻهو ٿڌيءَ ڇانو هيٺان ئي اچيو آسائش وٺي ٿو“.
وڏيري جان محمد خان مرحوم ٿڌي ڇانوَ پيدا ڪئي، جنهنڪري هيڏانهن هوڏانهن جي ماڻهن ڊوڙي
اچي ان ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان آسائش ڪئي.
وڏيري جان محمد خان مرحوم جي صورت هينئر به اکين اڳيان پئي ڦريم، توڙي
جو آءٌ سندس ڳوٺ کان چار هزار ميل پري، منيلا فلپائن ۾ ويٺو هيءُ مضمون لکان -
...اڇو اجرو، ڪميت گهوڙيءَ تي چڙهيل، هنج ۾ ٻارهن بور جي دونالي بندوق
گهوڙن سان (آءِ. هالس ڪمپنيءَ جي ٺهيل) رکيل، اڳ ۾ هڪ يا ٻه ڪنجڪي، گهاڙ واهه جو ڪنارو
ڏيو پيو ڳوٺ اچي يا ڳوٺ مان نڪري: يا اوطاق جي ٻاهران ويٺو آهي، گهاڙ واهه جي ڪناري
تي، ٻٻر جي ڇانوَ هيٺان، کٽ تي: مٿي تي ڀرت ڀريل ننڍي ٽوپي، سفيد چولو، سفيد گوڏ، چوڌاري
ڪچهري، جنهن ۾ ويٺا آهن سندس پاڙي جا مهانڊا - ميهو خان ککراڻي، وڏيرو جهان خان ککراڻي،
بهادر خان، بالاچ خان، مرزا خان (يا سندس پٽ نهال خان) ککراڻي، فيض محمد ڏيٿو، محمد
پناهه راهوجو، وغيره وغيره: پيون هلن اوڀاريون لهواريون حڪايتون، ٻَڌيءَ ڇوڙيءَ جون
شڪايتون، آبڙڪيون روايتون: هر ڪو خوش، هر ڪو مطمئن...
No comments:
راءِ ڏيندا