; سنڌي شخصيتون: مائي حليمان ميربحر - پير علي محمد راشدي

17 November, 2012

مائي حليمان ميربحر - پير علي محمد راشدي


مائي حليمان ميربحر
پير علي محمد راشدي
مائي حليمان ميربحر، ڀونڀٽپور جو هڪ خاص ڪئريڪٽر هوندي هئي. سياڻي، فضيلت ڀري، شاديءَ غمي جي ڪمن ۾ هر هڪ جي همدرد. پاڙي ۾ جنهن به سڏ ڪيس، خوشيءَ سان ورنائيندي. سڱابنديءَ جو معاملو هوندو ته طرفين جي وچ ۾ نياپا سنيها پڄائيندي ۽ آخر آڻي گهوٽيتن خواهه ڪنواريتن کي هڪ ئي نڪتي تي بيهاريندي. ڪنوار کي ”ونواهه“ جي ڏينهن اندر ”ٺاهڻ“، سينگارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کڻندي. هر صبح جو اچي ڪنواريتي گهر رسندي: ڪنوار جي جسم کي اَٽي ۽ سرنهن جي تيل سان مليندي، مٿي کي سير ڏيئي صاف ڪنديس، ميٽ تيل سان وهنجارينديس، ۽ وهنجارڻ کان پوءِ مٿي ۾ تيل وجهي ۽ سينڌ ڏيئي، سندر وجهنديس، هٿن پيرن تي ميندي لائينديس، اکين کي ڪجل جي ”ريهه“ ۽ چپن کي سرخيءَ جو چٽڪو ڏينديس. کاڌي لاءِ بُسريءَ، چُوريءَ، ڪُٽيءَ، مکڻ ۽ مُستيءَ جو انتظام ڪنديس. آخري ”مٿا ميڙ“ جي موقعي تي، لانئن ڏيارڻ ۽ ساٺن سڳڻن پوري ڪرائڻ جي ذميواري پڻ سندس سر تي هوندي. جيستائين نکيٽي (يا رخصتي) جو وقت ايندو.


مائي حليمان اهي سمورا ڏينهن هر شام جو ڳوٺ جي زالن کي گهوٽيتن جي گهر جمع ڪري، انهن سان گڏجي ويهي سهرا چوندي. سهرن ۾ زياده تر ذڪر هوندو زيورن جو، سونن ۽ نِهرن جو - ”دُري گهڙائج نِهري“ جن زيورن جي سلسلي ۾ سون مهيا ٿيڻ جو امڪان نه هوندو، تن جي باري ۾ پڻ اصرار هوندو ته گهٽ ۾ گهٽ ”نِهرا“ ضرور هجن.

No comments:

راءِ ڏيندا