; سنڌي شخصيتون: July 2017

30 July, 2017

عبدالرشيد گبول - علي جوهر

عبدالرشيد گبول
ٺٽي جو تاريخدان
لطافت علي جوهر
اَسان جي سنڌ اديبن، مفڪرن، محققن، تاريخدانن، رهبرن ۽ رهنمائن کان ڪنهن به طرح خالي نه رهي آهي، جيئن ڌرتي جي گولي تي ڪيئن سماج قائم ٿيا، سماجي ۽ سياسي انقلاب آيا انهن جا سرواڻ، اڳواڻ ۽ سماجي سائنسدان پيدا ٿيا جن پنهنجي ڏاهپ ۽ علم جي آڌار تي صدين جي جمود ۽ ماٺار کي ٽوڙي زندگي ۽ زندگي جي  فني وهڪرن ۾ نئون تحريڪ پيدا ڪيو تيئن قدرت ڪنهن خاص ڪم لاءِ ڪي ”اَملڪ ماڻڪ انسان پيدا ڪندي آهي جنهن سبب انهيءَ ڌرتي جي رونق ئي مڻيادار ٿي پوندي آهي.اهڙن اَملهه ماڻڪن ۽ پارس مثل انسانن جي روشني سان اُتان جو علائقو ۽ هر حصو منور ٿي ويندو آهي ۽ انهن جي علمي مهڪ ۽ سڳنڌ پوري علائقي کي مهڪائي ڇڏيندي آهي. ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپورساڪرو جي ڳوٺ صابو خان گبول ۾ 8 جولاءِ 1962ع ۾ جنم وٺندڙ برک اَديب ۽ تاريخدان عبدالرشيد گبول، جنهن سچائيءَ ايمانداريءَ، محنت ۽ عرق ريزي سان علم ۽ اَدب جي آبياري ڪندي پنهنجي جواني وقف ڪئي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ميرپور ساڪرو جي هن سدا بهار محقق ۽ تاريخدان وڏي محنت ۽ جفا ڪشي سان ”ميرپور ساڪرو جي تاريخ“، ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾ ”ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو“، ”جيڪو مون ڏٺو ۽ ٻڌو“ جهڙا تاريخي ۽ دستاويزي ڪتاب لکي هن سنڌ توڙي پوري دنيا ۾ ميرپورساڪرو کي متعارف ڪرائيندي پنهنجو فرض ۽ ڌرتي جو قرض اَدا ڪيو آهي.

پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي

مٺل جسڪاڻي
سنڌ جو ابن بطوطه
امداد سهتو
چوندا آهن ته جوانيءَ جو سفر تعليم ۽ پيريءَ جو سفر تجربو آهي (بيڪن). ڪو به ماڻهو سفر جي تعليمي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. سفر ڪتابن کان بهتر سيکاري ٿو. سفر صحت مند واڌ ويجهه لاءِ به ضروري آهي. ٽيگور جو چوڻ آهي ته دماغي صحت ۽ ڪتابي راشن چر پر بنا ڪلاسن جي جيل جهڙين ديوارن پويان هڪ هنڌ بيٺل اسڪول ۾ حاصل نه ٿو ٿي سگهي.

پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو - مٺل جسڪاڻي

پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو
پروفائيل/انٽرويو: مٺل جسڪاڻي
پنهنجي سماجي سرشتي جي پاڻ کان وڌيڪ ٻين کي ڪهڙي خبر؟ پنهنجي معاشري ۾ جيڪڏهن ڇهن سالن جو اڪيلو معصوم پٽڙو، والد جي وفات کان پوءِ گهر جو اڪيلو چشم و چراغ رهجي وڃي، ته ڪير ڪهڙو اندازو ڪندو ته ان گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو ۽ اهو ٻارڙو وڏو ٿي ڇا ٿيندو؟! اهڙيءَ صورتحال ۾ گهڻا آباد گهر، برباد ٿي ويا ۽ ڪيترا ئي وقتي ڏکيائون ڏسي، سهي، اڳتي وڌي، ٻين لاءِ مثال بڻجي پيا. اهڙو ئي هڪ مثال آهي سنڌ جي قديمي شهر نصرپور ۾ جنم وٺندڙ برڪت علي ابڙو، جنهن جي ننڍي هوندي، ڇهن سالن جي عمر تائين والدين گذاري ويا، يتيم ۽ اڪيلو پٽ هجڻ جي صورت ۾ گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ پاڻ ملهائيندي، وڏو ٿيو ته پروفيسر برڪت علي ابڙو به ٿي پيو، شاعر ٿيو ته ”فرخ“ ۽ نثر نويس ٿيو ته ”ڪريمي ابڙو“ طور سڃاڻپ ماڻيائين ۽ نالو ڪمايائين.

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري- حسيب ناياب منگي

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
حسيب ناياب منگي
شڪارپور جي شاه حسين محلي ۾، شير علي انصاريءَ جي گهر، 1857ع ڌاري صادق علي انصاريءَ جو جنم ٿيو. سندن وڏا، اصل سهارنپور جا هئا. جتان لڏي اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيا. انصاري قبيلي سان تعلق هئڻ. جڏھن ته کين، عزت ۽ احترام وچان، شيخ ڪري سڏيو ويندو هو.

29 July, 2017

خواجه محمد زمان - حاجي احسان ميمڻ

خواجه محمد زمان
سنڌ جو تاريخي ڪردار حضرت لواري شريف وارو
حاجي احسان ميمڻ
لواري شريف سٿ جي سرواڻ حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان قدس سره جن جو جنم 21 رمضان المبارڪ 1125 هجري مطابق 1713ع تي سنڌ جي قديم ڊيلٽا ۽ جنت نماء وادي جي شهر پراڻي لواري شريف ۾ ٿيو. سندن سلسله نسب اسلام جي اول خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه سان ملي ٿو. هن خاندان قضيهء ڪربله کان پوءِ عربستان کي الوداع ڪري سن 170هه مطابق 786ع تي سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. حصرت جن جو والد حضرت شيخ عبد اللطيف المعروف ڍير ڌڻي اهل دل درويش هو. سندن خاندان جو طريقت سلسلو سهروردي هو مگر هن جي جوانيءَ کان ٺٽي ننگر جي نقشبندي بزرگن سان صحبت رهي انڪري حضرت مخدوم آدم جي فرزند حضرت مخدوم فيض الله جي هٿ بعيت ڪري نقشبندي سلسلو اختيار ڪيو. قرآن شريف ۽ حديث جو عالم هو. پنهنجي فرزند حضرت خواجه محمد زمان قدس سره جن جي ابتدائي تربيت پاڻ ڪيائين. حضرت جن جو چهرو ننڍي هوندي کان ئي انوار ولايت ۽ معرفت سان معمور هو انڪري والد ساڻس بيحد پيار ڪندو هو. سندن طبي ذهانت ۽ تيز فهمي سبب وڌيڪ شرعي ۽ طريقتي تعليم جي تڪميل ٺٽي ننگر ۾ نقشبندي بزرگن جي نگراني ۾ ٿي جن سان اباڻو تعلق هو. ٺٽو ننگر ان دور ۾ علمي اعتبار کان عروج  تي هو. وڏا وڏا عالم ۽ فاضل درس و تدريس جي ڪم ۾ مشغول هئا. حضرت جن ظاهري تعليم مخدوم محمد صادق نقشبندي کان سندس ئي درسگاهه مان حاصل ڪئي. مخدوم محمد صادق، مخدوم محمد اشرف ولد مخدوم آدم جو ناٺي هو. پاڻ بلند پايه جو عالم هو. حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي صحبتي هجڻ سان گڏ کيس ان دور جي نامور هستي مخدوم محمد معين ٺٽوي جي شاگردي پڻ نصيب ٿيل هئي. مخدوم محمد معين وري عالم هند حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جو شاگرد هو. حضرت شاهه ولي الله اهو عالم هو جنهن پنهنجي علمي تبحر ۽ ذهني صلاحيتن سان ان دور ۾ صوفي نظرين وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ پيدا ٿيل مونجھاري ۽ ڪشمڪش کي ختم ڪيو هو. جنهن کان پوءِ اسلامي تصوف ۾ تاريخي تبديلي آئي. جنهن اڳتي هلي ان تسلسل ۾ حضرت سلطان الاولياء اهڙي  انقلابي تصوف جو اهم ترجمان ۽ شارح ثابت ٿيو.

حليم بروھي

حليم بروھي
جنھن حليميات جھڙا انمول ڪتاب، ادبي دنيا کي ڏنا
منوج ڪمار
اڄوڪي ڏينهن ست سال اڳ آئون مري ويس. هاڻ به مونکي حساب ڪتاب کان ايترو ڊپ نه لڳندو آهي جيترو انهيءَ ڳالهه کان لڳندو آهي ته ڪا اخبار اها خبر نه ڇپي وجهي ته “حليم بروهي جي ستين ورسي خاموشي سان ملهائي وئي. ياد ۾ ڪا به تقريب نه رکي وئي.” منهنجي لاءِ انهيءِ کان وڌيڪ عذاب جي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي ته منهنجي ورسي تي ڪا تقريب رکي وڃي ۽ انهن ۾ اهي اديب، جن کي منهنجي ۽ مونکي جن جي شڪل صفا نه وڻندي هئي، سي صدارت ڪري اهو ٻڌائين ته آئون ڪيڏو عظيم ليکڪ هئس. جن ماڻهن سان ڪڏهن زندگي ۾ نه مليو هئس اهي ماڻهو مهمان خاص ٿي ڪري تقرير ڪري اهو ٻڌائين ته ائون ننڍي هوندي انهن سان چڍي پائي گهمندو هئس. منهنجو ته روح تڙپي هان جيڪڏهن ڪو ٽارزن اديب وري اها ساڳي تقرير دهرائي هان جيڪا هن پنج هزار دفعا اڳ به مختلف هنڌن تي ساڳين ماڻهن اڳيان دهرائي هئي. جن نه منهنجي ڪم کي پڙهيو ۽ نه سمجهيو سي وڏا وڏا اوٻاسيون ڏياريندڙ مقالا لکي منهنجي ڪم مان اهي نقطا پيش ڪن جيڪي منهنجي لکڻين ۾ آهن ئي ڪونه. مون پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن جي شان ۾ ڪونه ڳالهايو. مونکي انهيءَ کان بدفضليتي واري ڪا ڳالهه لڳندي ڪونه هئي ته ڪنهن جي سامهون ويهي ان جي تعريف ڪجي. مون پنهنجي حياتي ۾ ڪنهن کي نه چيو ته مون تي ڳالهائي. آئون ڪو وڏو ڇسو ماڻهو چئبس جو ٻين کي چوان ته منهنجي تعريف ڪن.۽ نه ئي هاڻ ڪنهن کي ضرورت آهي ته منهنجي مجاوري ڪن. ليکڪ جو ڪم لکڻ آهي. ڪنهن ليکڪ جو اهو ڪم ئي ڪونهي ته هو جتي مائيڪ ڏسي اتي بيهي رهي. ڪنهن ليکڪ کي ياد ان جي لکڻين سان ڪبو آهي. مونکي ياد منهنجيون لکڻيون رکنديون. جيستائين ماڻهو مونکي پڙهندا تيستائين آئون ماڻهن کي ياد رهندس. جڏهن نه پڙهندا ته وسري ويندس. هرو ڀرو ماڻهو مونکي ياد ڪندا رهن اهو ضروري ڪونهي.

علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو - حسيب ناياب منگي

علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو
حسيب ناياب منگي
ڪرن شريف جي مان واري ڌرتيءَ تي شڪارپور ضلعي جي ناليواري علم ادب دوست علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو جو جنم 13 نومبر 1923ع تي ٿيو، سندس وڏا زميندار هئا.
علامه صاحب پڙهي لکي 1941ع کان علم ۽ ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو، پاڻ کي مير صفي الله ”فدا“ علوي جو شاگرد تسليم ڪندو هو.
علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو پنهنجي دور جو وڏو ماڻهو، لغت جو ڄاڻو، تاريخ جو ماهر ۽ بهترين انسان هو.

27 July, 2017

شيخ اياز - حسيب ناياب منگي

شيخ اياز
جديد سنڌ جو عظيم شاعر
حسيب ناياب منگي
شيخ اياز سنڌي ادب جو اُهو چنڊ، جنهن پنهنجي نروار ٿيڻ سان ئي شعوري ڪرڻن کي اهڙي طرح ته جرڪايو جو سندس ٻالڪپڻي واري وهيءَ ۾ ئي پڙهندڙن جو حلقو حيراني ۾ اچي ويو هو ته ڇا عمر اٿس ڇا ڏات! ڏات ڌڻين جي ڏيهه ۾ هُو اهڙو ڏات ڌڻي ٿي اُڀريو جو سنڌ ۽ هند ته ڇا پر جتي جتي سنڌي ادب جي روشني پوڻ لڳي، تنهن تنهن ديس ۾ نانءُ ڪڍيو. هن جي غير معمولي ڏات اهڙو ته ڏانءُ ڏنو جو سندس تخليق سنڌ جي نوجوانن جي ذهن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. گهٽيءَ گهٽيءَ مان سندس گيتن جي هٻڪار آئي ۽ سنڌ جو هر ماڻهو شيخ اياز جو مشتاق بڻيو. شاعري جي ڏيهه ۾ هو جديد سنڌي شاعري جو اڳواڻ بڻيو ته سندس نثر جي چاشني جن چکي سي پڻ اُهو چوڻ لڳا ته اياز جو نثر به نظم جيان جڳ ۾ پڌرو آهي. هن جون ڪهاڻيون عام جيوت ۽ سورن جي عڪاسي ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻهن مڃيو ته ادب ۾ جتي سندس سوچ پهچي ٿي تنهن صنف کي هو بي مثال ٿو ڪري ڇڏي.

آغا قادر داد خان - نسيم بخاري

آغا قادر داد خان
خيرپور رياست جو وزيراعظم ۽ سندس آخري آرام گاهه
نسيم بخاري
انسان پنهنجي ابتدا ۽ انتها تي ويچاري ته ان جو سڄو گهمنڊ هَٺ ۽ هوڏِ ئي هلي وڃي. هو پيدا ڇا مان ٿيو آهي ۽ ان جي پڄاڻي ڪهڙ يءَ ريت ٿيڻي  آهي، ان جو نانءُ نِشان ڪنهن جي ڌيان ۽ ڪنهن جي دل تي رهندو به يا نه اهي اهڙا معاملا آهن،  جن تي هر وقت هر ڪنهن کي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي. انهن احساسن تي ويچارڻ سان ۽ ان جي نتيجي ۾ پنهنجي اصلاح سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه پر پنهنجو آئيندو ضرور اجرو ٿئي ٿو.

26 July, 2017

استاد جان محمد بلوچ- قاسم ڪيھر

استاد جان محمد بلوچ
قاسم ڪيھر
لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل سان تعلق رکندڙ تعليمدان، معزز شخصيت ۽ غريب نواز ماڻهو، جان محمد بلوچ عرف استاد جان محمد بلوچ، ڪالھ صبح ايس آءِ يو ٽي ڪراچيءَ ۾ مختصر علالت بعد 86 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جي جسد خاڪي کي آڻي، سندس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾، رات مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ تر جي ڪيترين ئي معزز شخصيتن، تعليمدانن، اديبن، استادن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. تعزيتون وصول ڪرڻ لاءِ ڳوٺ عاقل ۾ تڏو وڇايو ويو آهي.

25 July, 2017

غلام حسين- ستار پيرزادو

غلام حسين
سچ جو ساکي
ستار پيرزادو
هر انسان ۾ ڪي نه ڪي خوبيون هونديون آهن. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن سندس اوڻاين کي ائين ڍڪي ڇڏينديون آهن، جيئن پهاڙن کي سفيد برف پوش پهرائي ان جي لنڱاين کي ريٽي ۽ لڪائي ڇڏيندي آهي.

24 July, 2017

پير علي محمد شاهه راشدي- نور محمد ڀٽو

پير علي محمد شاهه راشدي
نور محمد ڀٽو
پير علي محمد شاهه راشدي 5 آگسٽ 1905ع تي ڳوٺ بهمڻ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم، غير رسمي طور تي، مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد صادق کان حاصل ڪئي. جڏهن ته انگلش ماهوٽن جي اسٽيشن ماسٽر وٽ پڙهيو. ان کان علاوه هن سنڌي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ دلچسپي وٺي مهارت حاصل ڪئي. هن سياست، صحافت ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو. فرياد سنڌ، اهي ڏينهن اهي شينهن (ٽي جلد)، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان شايع ڪيا ويا، جيڪو عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو، چين جي ڊائري، رواداد چمن (اردو ۾) خط ۽ مضمون، جي ايم سيد ڏانهن سنڌيءَ ۾ لکيل خطن جو مجموعو، روزاني عبرت حيدرآباد ۾ ڇپيل ڪالمن جو مجموعو؛ ”رند و پنڌ“، سندس علم دانش جو مظهر آهن. هن 1926ع ۾، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي سنڌ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ممبئي کان سنڌ کي جدا صوبو ٺاهڻ بابت جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن سنڌ اتحاد پارٽي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. پاڻ 1924ع ۾ صحافتي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت الراشد رسالي سکر ۽ روزانو الامين سکر/ حيدرآباد جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ 1927ع ۽ 1928ع کان ڪيو. ان کان علاوه خان بهادر محمد ايوب کهڙو جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. روزانه ستارا سنڌ، روزانه سنڌ زميندار سکر مان 1924ع کان 1932ع تائين جاري ڪيائين ۽ ٻين ڪيترين ئي اردو انگريزي اخبارن جو ايڊيٽر رهڻ کان علاوه 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ باقاعدگيءَ سان شموليت اختيار ڪري، مسلم ليگ جو صوبائي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

ڦوٽو خان زرداري - ابراهيم لاشاري

ڦوٽو خان زرداري
سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ، سر ۽ سنگيت جي دنيا سان، ڀري پئي آهي. سر سنگيت جو فن به، اسان وٽ اوائلي زماني کان وٺي قائم آهي. ڳائڻ وڄائڻ جي لاڏلن فنڪارن ۽ ڪيترن ئي آواز جي جادوگرن کي، وقت به وقت سونهاري سنڌ، پنهنجي هنج ۾ نپائيندي پئي اچي. هن سرزمين جي سر سنگيت جي ڄاڻن به، هميشه کان ئي پنهنجو ۽ پنهنجي سرسبز زمين ۽ خطي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي. اهڙن سر سنگيت جي فردن منجهان، ڦوٽي خان زرداريءَ جو نالو به سنڌ جي چوٽيءَ جي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڦوٽي خان زرداريءَ جي ننڍپڻ کان وٺي، ڳائڻ لاءِ دل پئي اڌما کائيندي هئي.

ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

شاهه لطيف جو شارح

ارشاد ڪاغذي



اڄوڪي ڏينهن ۱۷ مارچ ۱۹۹۴ع تي مشهور اديب، عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي پرلوڪ پڌاري ويو. ڪلياڻ آڏواڻي علم و ادب تحقيق ۽ تپسيا جي سمنڊ جي عميق ۾ ٽٻي هڻي، اهڙا شاهڪار شهپارا تخليق ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو خزانو ۽ ورثو بڻجي ويا. ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ تنقيدي شرح جو شاندار ڪارنامو آهي، جيڪو ادب جي اُفقَ جي آفتاب مثل آهي. سنڌي اديبن، محققن، مفڪرن، شاعرن ۽ فنڪارن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڏينهن رات نور نچوئي تحقيقي، تنقيدي ۽ فڪرانگيز مواد کي سهيڙي سولو بڻائي عام فهم ٻوليءَ ۾ هر عام ۽ خاص آڏو پيش ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي علم، عقل، فهم، ادراڪ ۽ دانش جي ٻل تي شاهه لطيف جي لڪيل پهلوئن کي جهڙي نموني ظاهر ۽ نروار ڪيو ۽ شاهه جي خيال، ويچار ڌارا، موضوع، اسلوب، ٻولي، فن ۽ فڪر کي جديد تنقيدي انداز سان اُجارڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي. ان ڪارڻ شاهه لطيف جي شاعري کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پئي آهي.

23 July, 2017

هدايت منگي

هدايت منگي
صحافتي دنيا جو روشن ستارو
عزيز منگي
ويھين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ جيڪا موت مار لوڙهه پئي، ان ۾ مُهين جي دڙي ڀرسان ڪچي جي هڪ ڳوٺ درگاهه سخي شاهه جمال ۾ رهندڙ منگي برادري جا سڀ ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا. انھن مان فقط هڪ نوجوان نينگري، جنھن جو نالو سماهبي هو، سا بچي وئي. کيس حاجي لعل بخش پيرزادي پناهه ڏني. ڪجھه وقت کان پوءِ لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه ڀرسان هڪ ڳوٺ سواهي اگھمکان هڪ ڄڃ سکا کڻي درگاهه سخي شاهه جمال پھتي. ان ڄڃ سان گڏ هڪڙو ڳڀرو نوجوان محمد سومر منگي پڻ هو. ان جي چال چلت، اٿڻي ويھڻي توڙي سريلي سڀاءَ کي ڏسي حاجي لعل بخش (جيڪو نامياري صحافي، شاعر ۽ دانشور انور پيرزادي جو نانو هو) آڇ ڪيس ته، جيڪڏهن هو هميشه لاءِ هتي رهڻ چاهي ته کيس گھر ڏيڻ سان گڏ شادي پڻ ڪرائيندو. محمد سومر اهڙي آڇ قبولي ورتي ۽ کيس سماهبيءَ سان پرڻايو ويو. کين چار نياڻيون، حاجياڻي خاتون، حوُر خاتون، خير النساء ۽ خانزادي (عزيز جي ناني) ۽ ٻه پٽ ڄاوا.

قاضي عبدالحيُّ ”قائل“

قاضي عبدالحيُّ ”قائل“
پيا ياد وڇڙي ويل سي پيارا
ياسر قاضي
سنڌ گھڻن ئي حوالن سان زرخيز آهي، جنهن جي زرخيزيءَ جو شايد اسان ڌرتيءَ ـ ڌڻين کي به احساس نه هجي. اسان جا ادارا ۽ وٿُون ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ادارا توڙي شخصيتُون ٺاهيندڙ کوڙ سارا اهڙا فرد به هن خطي لاءِ افتخار جو باعث رهيا آهن، جن پنهنجي ڏات توڙي ڏانءَ سان سنڌ واسين جي خدمت جو فرض ادا ڪري سنڌ جي سينڌ سنوارِي آهي. سنڌ جي اهڙن املهه ماڻڪن جو ذڪر ڪندي، ڪي اهڙا ڪردار به اسان جي تاريخ جو حصّو نظر اچن ٿا، جن جو مثال ”لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾“ مصداق آهي، جن کي پنهنجي خدمتن جي ستائش جي اون ڪا نه رهي ۽ هُنن پنهنجي مُنهن سان خدمتُون انجام ڏنيُون. اهڙن ماڻهن جو ذڪر توڙي مڃتا شايد سندن زندگين ۾ ايڏي ڪانه ٿي سگھي، جيترو کانئن پوءِ ايندڙ نسلن سندن قدر کي ڄاتو.

22 July, 2017

ذوالفقار علي شاھ عرف پپو شاھ - حسن مجتبيٰ

ذوالفقار علي شاھ عرف پپو شاھ
ڪچا گلاب سڙڻ واري ڪيفيت
حسن مجتبيٰ
اهي اپريل جا اداسيءَ ڀريا ڏينهن هئا، سال اڻويهه سؤ اڻاسي هو، جڏهن گاڏي کاتي جي گل شاه بخاري روڊ جي امام بارگاه رضويه ۾ ڳجهي نموني ذوالفقار علي ڀٽي جي ياد ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي هئي. جنهن کي عبدالعلي شاهه خطاب ڪيو هو ۽ خوب ضياءُ الحق تي تبرا ڪيا ويا هئا. انهيءَ مجلسِ جو باني منهنجو پيارو پپو شاهه (سيد ذوالفقار علي شاهه هو. (لاڙ وارو وڏيرو پپو شاهه نه، جنهن کي پليجو صاحب پپي شاهه سڏيندو آهي) هي منهنجو محبوبن جهڙو دوست ذوالفقار شاهه پپو هو، جنهن کي مان ”بپي لهري“ سڏيندو هوس. پپو شاهه جو ڪٽنب گاڏي کاتي واري هنڌ گل شاهه حويلي ۾ ايترو ئي ٻه سؤ سال پراڻو هو، جيترو اهو صدي پراڻو نم جو وڻ به نه هوندو، جنهن هاڻ وري ٻور جهليو هوندو، پر هيل پپو شاهه ڪو نه آهي. نمن جي ٻور جي خوشبوءِ ۾ ماتمي نوحن جا پڙلاءَ هڪ عجيب درد جڳائي ويندا آهن. درد سان واسيل اپريل ۾- محرم ۾ اها شهزادي امام قاسم جي مينديءَ جي رات هوندي آهي، جيڪا به صدين سالن کان ان جاءِ گل شاهه جي حويلي تان نڪرندي اچي. نسل در نسل اهو ميندي وارو مرثيو پڙهندڙ ۽ ميندي ڪڍندڙ به هڪڙا اچن ۽ ٻيا وڃن بس؛ ”بچي تو اگلي برس هم هين اور يه غم هي، وگر نه همارا سلام آخر هي“ وارو اهو هڪ عجيب منظر مون ساري دنيا گهمي به نه ڏٺو ۽ اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ رات انهيءَ ميندي ۾ هوندا آهن، گهڻو ڪري وري اوهان ايندڙ سال انهيءَ هنڌ کانسواءِ وري ورلي ڪڏهن ڪٿي ڏسو! انهيءَ مظهرالعجائب، مون جهڙي ماڻهو کي به محرم جا ڏهه ڏينهن نه، ته به پويان پنج ڏينهن ضرور مومن بڻائي ڇڏيو. شايد اهڙن ئي منظرن کي ڀٽائي پرکيو ۽ پوءِ چيو هوندو؛ ”ڪي رند پروڙين، راز قضئي ڪربلا جو.“ مون سوچيو هو؛ جيڪڏهن زندگي رهي ته پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن اهڙي رات حيدرآباد شهر جي گاڏي کاتي ۾ انهيءَ هنڌ پپو شاهه سان ملبو، جتي گل شاهه بخاري روڊ جو اهو ڇيڙو محمود چيمبرس واري روڊ تي ملي ٿو ۽ انهيءَ ميندي واري هن جلوس ۾ مرثيو مٽجي نوحي ۾ بدلجي ٿو؛ ”ڪهڙي ملڪ جو آهين امير، اي پرديسي قيدي.“ پر ڪنهن ڄاتو هو ته منهجي دل جي ديس جو امير، زندگيءَ جي قيد مان مون کان اڳ آزاد ٿي ويندو. پپو شاهه رڳو محرمن ۽ مجلسن جو حوالو نه هو، پر هو مون کي قرت العين جي ناولن مان نڪري آيل ڪو ڪردار لڳندو هو، ۽ هاڻ انهن ئي ڪردارن وانگر وري وڇڙي ويو، ٻيهر ڪڏهن به نه ملڻ لاءِ!

نماڻو سنڌي

نماڻو سنڌي
آجي سنڌ جا سپنا ڏسندڙ سپاهي شاعر
زبير سومرو
جيتوڻيڪ هن سان منهنجي هڪ ملاقات به نه هئي پر الائي ڇو، سنڌ سونهن ۽ سچ جي ڳالهه ڪندڙ هر شخص مون کي پنهنجن کان به وڌيڪ پنهنجو لڳندو آهي. نماڻي جي شاعريءَ کي پڙهندي، مون کي سرائيڪي ديس جي هڪ دانشور جي ڳالهه ياد اچي وئي ته ” سنڌ سان هڪ الميو اهو به آهي ته سنڌ ۾ ادب، خاص طور تي شاعري پنهنجي انتهائي اعليٰ مقام تي پهتل آهي، سنڌي شاعر غير معمولي تخليقون ايتريون گهڻائيءَ ۾ تخليق ڪن ٿا، جو اُهي عام ٿي ويون آهن ۽ انهن جو غير معمولي هجڻ. خود هڪ معمول بڻجي پيو آهي.“ ان وقت کل آئي هئي ۽ پنهنجن جي اجائي واويلا ته ”سنڌي شاعري مقام ڏي پهچي وئي“ انهيءَ سرائيڪي اديب کي ٻڌائي هيم ته هن انهيءَ ڳالهه تي سخت افسوس  جو اظهار ڪيو هو.

واسديو نرمل- رکيل مورائي

واسديو نرمل
(جيڪو به وينديو رهيو)
رکيل مورائي
ورهاڱي جي طوفان ۾ عام سنڌين سان گڏ سنڌ جا ڪيترا ئي عالم اديب ۽ شاعر به سنڌ ڌرتيءَ تان روئندي روانا ٿي هڪ اهڙي ڌرتيءَ تي وڃي ڪريا، جنهن سان سندن ڪو به تعلق نه هئو، سواءِ ان جي ته اهو ملڪ هنن لاءِ مذهبي ڪعبي واري اهميت رکندڙ هئو.

غلام حسين رنگريز

غلام حسين رنگريز

رڻ مان رڙ ڏيندڙ

نظام الدين ڪاڪا



جڏهن بهار جي مند جي آمد ٿيندي آهي ته سڪل سلا ساوا ٿي پوندا آهن ۽ مرجهايل من جرڪي پوندا آهن.گلاب جا گل، موتئي جا گل پنهنجي جوڀن ۾ ڦولارجي پوندا آهن.آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڪارونڀار ڪري ڌرتيء مٿان ڇانو ڪندو آهي ته بهار جي مند ۽ آبهوا ماڻهن جر مزاج ۽ طبيعتن ۾ توانائي بخشي ڇڏيندي آهي. انهيءَ لاءِ ته سائين رنگريز پنهنجو هي شعر لکيو:

ڪڏهن ته موٽي بهار ايندو، اڱڻ اسان جي گلاب ٽڙندا

وصال وايون وري ورنديون، صدين جا ڪيئي حجاب ٽٽندا.

ماسٽر منظور

ماسٽر منظور

سنڌ جو لاڏلو فنڪار

ابراهيم لاشاري



سنڌ قدرت جي مٽي جو اهو خطو آهي جتي زندگي جي سمورن رنگن سان مالال نظر پئي ايندو پوءِ ڇو نه اهي رنگ سياسي هجن سماجي، علمي، ادبي يا ثقافتي سنڌ ڌرتي تي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪرڻ وارن ماڻهن جي ڪا ڪمي ناهي پوءِ اهي شاعر هجن يا سگهڙ اداڪار هجن يا فنڪار جيڏانهن به نگاھ ڪبي هر طرف ڪنهن نه ڪنهن رنگ سان هن ڌرتي جو اهو لاڏلو نظر پيو ايندو. اهڙن ماڻهن منجهان اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ نئون ٺارو وڌو جي مکڻو فقير جي گهر کان ۸ جولاءِ ۱۹۷۴ع سومر جي ڀلاري ڏينهن ماسٽر منظور اکيون کوليون. سندس ڇٺي جو نالو (قدر حسين) هو. مگر پيار منجهان سمورا گهر ڀاتي ۽ دوست وري منظور علي ڪري سڏيندا هئا. سندس والد مکڻو فقير وقت جو هڪ يگانو فنڪارن ۾ شمار ٿيندو هو هر پيءَ ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته پنهنجي ٻار جي تربيت سٺي ڪري ڪونه ڪو آفيسر ٿئي نوڪري جي ڪرسي ماڻي مڱر مکڻي فقير جي من منجھ سندس خواهش هئي ته هن جو اکين جو ٺار پٽ ماسٽر منظور به ڳائڻ وڄائڻ واري ئي ڪرت سان سلهاڙ جي وڃي ۽ ٿيو به ائين ئي ماسٽر منظور شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ منجهان حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس سڄو ڪهول (خاندان) قمبر شهر اچي وسايو. بعد ۾ هن وڌيڪ تعليم قمبر مان حاصل ڪئي.