; سنڌي شخصيتون: غلام حسين رنگريز

22 July, 2017

غلام حسين رنگريز

غلام حسين رنگريز

رڻ مان رڙ ڏيندڙ

نظام الدين ڪاڪا



جڏهن بهار جي مند جي آمد ٿيندي آهي ته سڪل سلا ساوا ٿي پوندا آهن ۽ مرجهايل من جرڪي پوندا آهن.گلاب جا گل، موتئي جا گل پنهنجي جوڀن ۾ ڦولارجي پوندا آهن.آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڪارونڀار ڪري ڌرتيء مٿان ڇانو ڪندو آهي ته بهار جي مند ۽ آبهوا ماڻهن جر مزاج ۽ طبيعتن ۾ توانائي بخشي ڇڏيندي آهي. انهيءَ لاءِ ته سائين رنگريز پنهنجو هي شعر لکيو:

ڪڏهن ته موٽي بهار ايندو، اڱڻ اسان جي گلاب ٽڙندا

وصال وايون وري ورنديون، صدين جا ڪيئي حجاب ٽٽندا.


اهڙي ئي عالم ۾ ميرپور بٺوري جي رهواسي شفيع محمد کٽي جي گهر ۾ ۱۸ اپريل ۱۹۴۵ع تي هڪ ٻار جنم ورتو جيڪو اڄ ”سائين غلام حسين رنگريز” جي نالي سان سنڌ ۾ ۽ هند ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. صاف سٿرو صوفي منش سائين غلام حسين جي ساهن ۾ سنڌ محبوب جي يادن جيان اٽڪيل آهي.مون جڏهن هن سان پهرين ملاقات ڪئي ته شاه سائين جو هي شعر ياد اچي ويو.

مون جيئن ملاقات، جي ٿيئي ٻاروچل سين،

ته ٻانهن وجهي وات، هوند رڻن ۾ رڙيون ڪرين.

ميرپور بٺوري جا لاڙ پٽ رهواسي گلاب جي پنکڙين وانگر نرم ۽ روين ۾ پٻڻ جي پتن وانگر ملائم آهن. سائين رنگريز سياسي، فڪري ۽ اخلاقيات ۾ پهاڙ وانگر اٽل آهي. ڪالم لکي سنڌ جي گمنام عاشقن، مقدس مڪانن، قديم آثارن جون مختلف مندن ۽ موسمن ۾ ياترائون ڪري، اتان جي آبهوا، ماڻهو، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، مزاج ۽ طبيعتون روبرو ڏسي سنڌ جي سرزمين جي تاريخ جي اپٽار پنهنجي زوردار دليلن ۽ ثبوتن سان اهڙي بختي انداز ۾ ڪئي آهي جو اڄ ڏينهن تائين سندس تحقيقي ۽ تحريري لکت تي ڪنهن به اختلاف يا اعتراض نه ڪيو آهي.جتي جاگيردار ڌرتي وڪڻڻ لاءِ تيار هجن، جتي ڪامورا ڪرپشن ۾ ڪاهي پون، جتي نوڪريون لکن ۾ وڪامن، جتي ويساهه ختم ٿي وڃن ۽ اعتبار جهڙا ماڻهو منافق ٿي وڃن ته اهڙي عالم ۾ سائين رنگريز پنهنجي قلم جي سگهه وسيلي وڃايل اعتبار واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ماڻهن ۾ اتساه ۽ اعتبار جا جهول ڀري آڇڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.سائينءَ جي لکڻين ۾ ايڏي سادگي ۽ سٻاجهپ آهي جو تمام آسانيءَ سان مقصد سمجه ۾ اچيو وڃي. هن جي لفظن ۾ ايڏي سچائي آهي جو ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ ڪا به گنجائش نه بچندي آهي.سندس قلم جي سگهه وڏا وڏا ڀاري برج لوڏيو وجهي ٿي.

سائين رنگريز وٽ حقيقتون، اندازا، انديشا، رايا، تبصرا، الڳ الڳ، وزن دار، پڙهڻ جهڙا ۽ سمجهڻ جهڙا لفظ ۽ جملا ملندا.ڳالهين مان ڳالهيون ٺاهڻ کان بنهه پاسو ڪندڙ، هٿرادو هنرمندي سکڻي وڌاءُ ۽ پلٽي بازي سائينءَ جي مزاج ۾ شامل ئي ناهي. ضروري ڳالهيون،صاف ۽ چٽي انداز ۽ دليلن سان پيش ڪندڙ هي بيباڪ، بهادر، دلير، جرئتمند وطن دوست ليکڪ سائين رنگريز جون لکڻيون وطن جي ويرين، سنڌ کي ڪرپشن ۾ ڌڪيندڙ ڌوتن لاءِ للڪار هجن ٿيون.اهڙي باوقار وطن دوست ماڻهوءَ تي يقينن ڪتاب لکڻ کپن اهڙا ئي ليکڪ جيستائين سنڌ ۾ موجود آهن تيستائين وطن فروشن جا نا پاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملي خاڪ ٿي ويندا ۽ سنڌ جي مٽيءَ ۽ آبهوا مان لاڙ جي سارين جو هڳاءُ، ڄامشوري جي شام جي ٿڌي هوا، ڇاڇري جي صبح جي ماٺار ۽ سادٻيلي ۾ گرمين ۾ ڪچڙي منجهند جي ٿدڪار پڪ سان پنهنجو وجود برقرار رکندا رهندا.

سائين رنگريز سائين جي ايم سيد جو عاشق ۽ ابراهيم جويو جو مداح سدائين پي رهيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب پڙهڻ سان گج جا مڙئي رنگ ذهن جي ڪئنواس تي اچي وڃن ٿا ۽ اندر ۾ دلڪشي وڌائڻ جو باعث بنجن ٿا. سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري رهندڙ سائين رنگريز جو شاعريءَ جو پهريون ڪتاب“ اکين اڃ اپار” آهي جڏهن ته نثر ۾

۱) سرمد ڇا ٿو سوچي؟،

۲) وکر سو وهاءِ،

۳) غلام جا ٽهڪڙا،

۴) سونهن، سهائي، سوچ،

۵) خانه بدوش روحن جا قافلا

ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن جڏهن ته سندس ڇپائي هيٺ ڪتابن ۾:

۱) مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تاريخ،

۲) تحرير جي فن جي تاريخ،

۳) تصوف هڪ تحريڪ

اميد آهي ته سائين رنگريز پنهنجي تخليقي سگهه وسيلي سنڌ ڌرتي ۽ سونهن سوڀيا جي باري ۾ لکي رت ست ساري، تيلي ٻاري سندس لاثاني پرسنل آئيني کي جاڳائي اسان کي ان جا اولڙا ۽ عڪس پسائڻ جو موقعو مُهيا ڪندو رهندو.


 

غلام حسين رنگريز

خدارا سندس سار لھو

آزاد گهلو

اھا ته حقيقت آھي اسان مرده پرست قوم آھيون مرڻ پڄاڻان ئي پنھنجن ڪردارن جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا آھيون ۽ پوءِ تعزيتي ميڙاڪا ڪانفرنسون ۽ اھڙي قسم جا ٻيا خاص مشغلا اسانجا خاص شيوه رھيا آھن. ھڪ طرف اسان جي سنڌ سرڪار ڪورونا واري ڳڻتي جوڳي اھم مسئلي تي ڳلو ڦاڙي ڦاڙي پنھنجون خدمتون بيان پئي ڪري ۽ ان کي ڪنٽرول جي لاءِ مختلف اپاءُ وٺي پئي جو تعليمي ادارا ته مسلسل ئي بند آھن جنھن جو ڪنھن قدر مان طور حمايتي به آھيان پر ڇا اھيو سڄو ڪورونا مسئلو صرف اسڪولن ۽ ٻين اپائن تي ٻڌل آھي؟؟

سنڌ جي نامياري اديب شاعر دانشور شاعر سائين غلام حسين رنگريز جي ڪورونا رپورٽ مثبت اچڻ کانپوءِ ڪالھه کيس ڪراچي جي علائقي گلشن حديد جي ھڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو جتان اسپتال انتظاميا کيس انڊس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر الميو آھي جو اتي ھن اھم شخصيت سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري کي بيڊ نه ملي سگھيو، ان المئي مان مجموعي عوام جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته عام ماڻھن جي حالت ڇا ھوندي؟؟ اتان سنڌ سرڪار جي صحت واري شعبي جي نااھلي جيڪا ھونئين ته ڪنھن کان ڳجھي ناھي پنھنجي ڀيانڪ روپ سان ظاھر ٿئي ٿي.

سنڌ جو شعور وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ وزير صحت عذرا پيچوھو ۽ ثقافت کاتي جي وزير سردار شاھ کي اپيل ٿو ڪري ته خدارا ھن عظيم انسان جي زندگي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اسانجو ھي سرمايو اوھان جي نااھلي جي ڪري اسان کان ناتو نه ٽوڙي وڃي ۽ پوءِتاريخ پنھنجو فيصلو ڪرڻ جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکي ٿي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


غلام حسين رنگريز

سندس لاڏاڻي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون

زرار پيرزادو

¨ سنڌ جي نامياري اديب، شاعر، نقاد، دانشور، مترجم ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري غلام حسين رنگريز جي لاڏاڻي تي اسين سڀ سنڌ دوست ۽ ادب دوست ڌريون سوڳوار آهيون.

¨ رنگريز صاحب کي ۲۱ هين آگسٽ تي ساھ جي تڪليف سبب ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي ڪالھ ۲ سيپٽمبر تي سندن ساھ جو سڳو نيٺ ٽٽي پيو.

¨ غلام حسين رنگريز سنڌ جي انهن شخصيتن مان هڪ هو جن هڪ جنم ۾ الائي ڪيترن جنمن جيترو ڪم ڪيو، سندن سڃاڻپ جا ڪيترا ئي مشهور حوالي هيا جن مان ڪجھ مٿي ڏنا ويا آهن. ان سان گڏ پاڻ تمام وڏا وڪيل هيا، وڪالت ئي سندن پيشو هو. پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ٿيل هين. پاڻ تدريس جي شعبي سان به لاڳاپيل رهيا.

¨ سنڌي ادب ۾ کين انتهائي مانائتي حيثيت مليل هئي. هڪ انتهائي سنجيده ۽ بردبار اديب وارو سندن مقام هو. ايڏي وڏي مقام تي رسڻ باوجود سندن ورتاءُ عوامي هو. نوجوانن سان به هو رلي ملي ويندو هو.

¨ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ هو نوجوانن لاءِ استاد ۽ سبق جهڙو درجو رکندو هو. اهي نوجوان يقيني طور تي خوشنصيب آهن جن کي رنگريز صاحب جي صحبت نصيب ٿي.

¨ غلام حسين رنگريز جسماني طور تي اسان کان ضرور وڇڙي ويو آهي پر سندس لکيل ڪتاب يا اڻ ڇپيل لکڻيون اسان لاءِ ڪنهن اثاثي کان گهٽ ناهن. انهيءَ اثاثي کي هاڻي هر قيمت تي سنڀالڻ جي ضرورت آهي.

¨ غلام حسين رنگريز لاءِ سڀ کان وڏو خراج به اهو ئي هوندو جيڪڏهن سندس لکيل هڪ هڪ لفظ، هڪ هڪ تقرير کي پني تي اتاري ان کي ڪتابي شڪل ڏئي هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏجي.

¨ اسان هاڻي غلام حسين رنگريز جو ٽيجهو به ڪنداسين، چاليهو به ڪنداسين، هر سال ورسي به ملهائينداسين. رنگريز صاحب جي وڇوڙي جي صدمي ۾ هاڻي سنڌي ادبي سنگت ٽي ڏينهن سوڳ جو به اعلان ڪيو آهي، سمورين شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين کي اپيل به ڪئي آهي ته آچر پنج سيپٽمبر تي سنڌ ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺائي غلام حسين رنگريز کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي. اهي سڀ عمل درست، ائين به ٿيڻ گهرجي پر ان کان بهتر ڇا اهو ناهي ته اسان اهڙن ليجنڊ اديبن کي سندن زندگين ۾ اهڙو مان مرتبو ڏيون.

¨ مون هميشه پنهنجن ڪالمن ۾ اها تجويز پئي ڏني آهي ته جيڪو ڪجھ اسان وڏن اديبن جي مرتئي پڄاڻان ڪندا آهيون سو سندن زندگي ۾ ڪيون ته جيئن اهي پنهنجي اکين سان اها قدر داني ڏسي سگهن.

“مون اها تجويز ڏني هئي ته وڏن اديبن جي جنم ڏينهن کي قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي. ۽ ان جو طريقو به ٻڌايو هو ته جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت پنهنجين سمورين شاخن کي تاڪيد ڪري ته اهي وڏن اديبن جي سالگراهن جي ڏينهن تي خاص پروگرام ڪن ته انهن اديبن لاءِ اهو قومي ڏينهن بڻجي ويندو.

“سو اسان کي هاڻي جيئري مڃتا ڏيڻ واري اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ صرف ۽ صرف پڇتاءُ ئي رهجي ويندو جيئن غلام حسين رنگريز جي حوالي سان اسان کي مجرماڻي طور تي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪاش سندس زندگي ۾ سندس نالي ۾ ڪو ادارو قائم ڪجي ها، ڪنهن لائبريري تي نالو ڏجي ها، ڪو روڊ ڪا شاهراه سندن نالي ڪجي ها ۽ اهو پنهنجي زندگي ۾ اهو ڏسي ها ته ڪيڏو نه پاڻ کي سرخرو محسوس ڪري ها.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اِها آهي ته ٻيو ته ڇڏيو پر غلام حسين رنگريز سان سندس بيماري ۾ به اسان ساڻس اهو پير نه کنيو جيڪو هڪ ليجنڊ اديب، هڪ دانشور جو حق هو. رپورٽون آهن ته رنگريز صاحب کي ساھ جي تڪليف سبب ميرپور بٺوري مان علاج لاءِ ڪراچيءَ آندو ويو ته کيس ڪنهن اسپتال ۾ بيڊ به نه پيو ملي، سوشل ميڊيا تي جڏهن ان الميي جو ذڪر نڪتو ته تڏهن وڃي سندن ڪجھ مالڪي ٿي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


غلام حسين رنگريز

سنڌي ادب جو شھاب ثاقب

امداد سولنگي

مون ڪنھن کان ٻڌو ھو ته شيخ اياز صاحب پنھنجي ڪلفٽن پل جي ھن پار واري استعاري نمان گھر پرنس ڪامپليڪس جي ڪتابن ۽ پنن سان سٿيل پلنگ جي اڌ تي سمھڻ واري ڪمري ۾ ٻئي ھٿ جوڙي ويلڪم ڪرڻ واري مورتي سجائي رکي ھئي. ھڪ دفعي رکيل مورائي جي ساٿ ۾ اياز صاحب ملاقات دوران مون جڏھن وڏو ست ساري ان ڀليڪار ڪرڻ واري مورتي متعلق پڇيو ھو ته اياز صاحب نه چاھيندي به رڳو ايترو ڏسيو ھو ته ھي ڀليڪار ڪرڻ واري مورتي ھن سموري ننڍي کنڊ ۾ ھڪڙي ڏينھن ڪنھن خاص مھمان کي ويلڪم ڪرڻ جي لاءِ سجائي رکي آھي! اياز صاحب ان خاص مھمان جو نالو ڪڏھن به ظاھر ڪونه ڪيو.

گھڻي وقت کان پوءِ اياز صاحب جي جسماني وڇوڙي تي جڏھن اسان ھن کي مٽيءَ ماءُ سپرد ڪري رھيا ھئاسين ته اوچتو منھنجي خيالن ۾ سندس ڪمري ۾ سجائي رکيل ڪنھن خاص مھمان کي ويلڪم ڪرڻ واري ساڳي مورتي گھڙي آئي ۽ جنھن پوشيده رکيل ان خاص مھمان جي نالي واري ڳجھارت کي ھڪ ڌڪ سان ڀڃي وڌو ۽ ترت مون ڄاڻي ورتو ته برصغير جي عظيم شاعر جو اھو خاص مھمان ٻيو ڪير به نه پر فقط ئي فقط موت جو ازلي فرشتو ھو. بحرصورت اياز صاحب ان خاص مھمان کي پنھنجي ادراڪ جي آفاقي اک جي آڏو ساھي پٽڻ وارو لمحو سڏي لنوائي ڇڏيو ھو. پر ۲۷ ڊسمبر تي اھو خاص مھمان اکين کان اوجھل رٿ تي سوار ٿي آيو ۽ اياز صاحب جي آڱر پڪڙي ھن کي لاحد دنيا ڏانھن وٺي ھليو ويو.

ڪجھه ڏينھن ساجھر جو جنھن وقت غلام حسين رنگريز صاحب جي ڌرتيءَ کي آخري چمي ڏيڻ جي خبر ملي ته يڪدم اياز صاحب جي اھا مورتي ياد اچي وئي جيڪا ھن خاص مھمان جي ويلڪم لاءِ سجائي رکي ھئي. پر رنگريز صاحب جن ڏکوئيندڙ ڪيفيتن مان گذري ان خاص مھمان کي آڌر ڀاءُ ڪيو ھو سي اياز صاحب جي ڪيفيتن کان جدا ھيون ۽ جنھن ڪري سندس وڇوڙي جي ڏکوئيندڙ خبر تي عدم جو ھي شعر منھنجي ذھن جي آرسيءَ تي ھڪدم تري آيو:

موت ڪيڏو به پٿر دل هجي، زندگيءَ کان وڌيڪ مهربان ھوندو. ‘

ھڪ غير معمولي ماڻھون جو تاريڪيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ اھڙو ئي سانحو آھي جھڙو شھاب ثاقب جو پولارن ۾ گم ٿي وڃڻ. ان ڏينھن جڏھن اڃان پره ڦٽيء جي ويلا مس ٿي ھئي ته منھنجي ذات لاءِ شھاب ثاقب جي گم ٿي وڃڻ جھڙو سانحو رونما ٿيو. ھڪ اھڙو سانحو جنھن جي صدمي جي گونجار منھنجي نازڪ ۽ نفيس دل کي ڏک جي گھري کاھي ۾ اڇلي ڇڏيو. يقين ئي نٿي آيو ته موت جو فرشتو جنھن کي شيخ اياز خاص مھمان ڪوٺيو ھو ۽ جنھن جي نالي جي ھن ھميشه پرده پوشي ڪئي ھئي رنگريز صاحب کي اوچتو اجنبي دڳ ڏانھن لاڙي ھليو ويندو! مون رنگريز صاحب جو ذڪر سڀ کان اول بابا سائين ڊاڪٽر سليمان سولنگي جي جاءِ/ ادبي پاٿاري تي ٻڌو ھو.. پر رنگريز صاحب سان ملاقات ان وقت ٿي جڏھن مون ايل ايل بي پاس ڪري ملير ڪورٽ ڪراچي ۾ وڪالت جا وڻ وسايا. ڪراچي جتي اياز جاني ۽ غوث پيرزادي جھڙن سچيت ليکارين سان دوستي وڌي وڻ ٿي. غلام حسين رنگريز صاحب سان پھرين ملاقات به ان دوستي جي وڌيل وڻ جو ثمر ھئي. ملير بار جي آڳر تي ڪارنر ۾ صوفا تي جنھن شخص کي ھڪ ڏينھن اڪيلائي جي جشن ۾ محو ڏٺم اھو ٻيو ڪو به نه پر غلام حسين رنگريز صاحب پاڻ ھو. مان ان وقت ملير بار جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ اتفاق سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جو سيڪريٽري ھئس. ترت ۽ بنا ڪنھن تاخير جي ساڻس اچي مليس ۽ پنھنجو تعارف ڪرائيندي کيس چيم سائين مان امداد سولنگي آھيان. رنگريز صاحب مون کي ڪشادو ڀاڪر پائيندي نفيس لھجي ۾ موٽ ڏني.

Oh I see!

مون ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ رنگريز صاحب ڇڪي مون کي پنھنجي ڀر ۾ ويھاري ڇڏيو. سچ ته يقين نٿي آيم ته ڪو سنڌ جي ايڏي وڏي قدآور شخص سان ملي رھيو آھيان. خوش خيرابت ڪرڻ کان پوءِ مون رنگريز صاحب کي چيو ته سائين ملير بار واري ڪينٽين جي چانھه ايتري سٺي نه آھي ان ڪري ڪچھري ڪري چانھ انور بلوچ ھوٽل تي ھلي پيئنداسين. رنگريز صاحب موٽ ۾ چيو نه نه ملير بار جي چانھ ھلي ويندي. پر مون ٻانھون ٻڌي ۽ رنگريز صاحب جي پيرن تي ھٿ رکي ھن کان مڃرائي ورتو ته چانھ انور بلوچ جي پيئنداسين. رنگريز صاحب چيو ته پھرين سندس ڪيس جيڪو صادق ڀٽي صاحب (ھاڻوڪي رٽائرڊ جسٽس/ سابقه سيشن جج ملير) وٽ رکيل آھي اھو کڄي ان کان پوءِ ھلبو. مون ھائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ڳالھين ڳالھين دوران مون کي ڪا ڳالھه سجھي آئي ۽ رنگريز صاحب کان موڪل وٺي صادق ڀٽي صاحب سان سندس چيمبر ۾ ريڊر جي ذريعي ملڻ لاءِ ھليو ويس. صادق صاحب مون کي ادبي پسمنظر رکڻ ڪري ڀائيندو ھيو ۽ مون کي چيمبر ۾ سڏائي ورتائين. مون کيس عرض ڪيو ته سائين اڄ اوھان جي ڪورٽ سڳوريءَ ۾ سنڌي ادب ۽ شاعري جي تمام وڏي نالي غلام حسين رنگريز صاحب جو ڪيس لڳل آھي. جيڪڏهن اوھان رنگريز صاحب جو ڪيس چيمبر ۾ ھلائڻ جي اجازت ڏيو ته مان کڻائي اچان ۽ صادق ڀٽي صاحب ڀلي چئي اجازت ڏئي ڇڏي. مون تڪڙو وڃي رنگريز صاحب کي ٻڌايو ته اوھان جو ڪيس چيمبر ۾ کڄي پيو. اچو ته ھلون. رنگريز صاحب منھنجي اٽڪل سمجھي ويو ۽ مرڪي ھلڻ لاءِ اٿي پيو. صادق صاحب وٽ ڪيس ھلي پورو ٿيو ته مون رنگريز صاحب کي بلوچ ھوٽل تي ھلڻ جي وينتي ڪئي ۽ رنگريز صاحب حاضر چئي ھوٽل طرف ھلڻ لڳو. انور بلوچ ملير ڪورٽ کان سڏ پنڌ تي ھئي ۽ اتي پھچڻ کان پوءِ مون رنگريز صاحب کي چيو ته سائين مانجھاندي جو وقت ٿي ويو آھي گڏجي مانجھاندو ڪيون ٿا پر رنگريز چيو نه اھا تڪليف ڏيڻ مناسب نه آھي پر منھنجي بيحد اصرار تي ھٿيار ڦٽي ڪيا۔ اھو مانجھاندو دراصل مانجھاندو نه پر رنگريز صاحب سان ڪچھري ڪرڻ واري ھڪ بھترين ادبي گڏجاڻي ثابت ٿيو. ان گڏجاڻي ۾ رنگريز صاحب جي قدآور شخصيت جا انيڪ پھلو ريشمي تاڪين وانگر کلي سامھون آيا. مون سندس تخليقي ادبي نظرئي تائين رسائي حاصل ڪئي. قومي آجپي تي به بحث ٿيو. سائين جي ايم سيد جو ذڪر به بار ٿيندو رھيو. ادبي سنگت جي ماضي حال ۽ مستقبل تي ڳالھايو ويو. جديد سنڌي شاعري ۽ ان ۾ داخل ٿيل نون لاڙن جو ذڪر به ھلندو رھيو. پر سموري ڪچھري ۾ جيڪا ڳالهھ مون تي ڇاپ ڇڏيندي رھي سا ھئي رنگريز صاحب جي نرم مزاجي. جنھن مون کي ھن جي شخصيت لاءِ وڏو موھ پيدا ڪيو. اڄ به اھو ڇڪ ھن ڏانھن ڇڪي وڃڻ لاءِ آتو آھي! پر غلام حسين رنگريز صاحب موجود ڪونھي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

غلام حسين رنگريز

پنهنجي دور جو علم ۽ ڄاڻ جو پروهت

انجنيئر اوڀايو خشڪ

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

گهايل ڌرتي جي سيني جي

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا

جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي

تاريخ ۲ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي سنڌ جي هڪ وڏي نالي واري قوم پرست اديب، دانشور ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري جي دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو. ميرپور بٺوري سان تعلق رکندڙ اهو شخص غلام حسين رنگريز آهي. هن جو جنم ۱۸ اپريل ۱۹۴۵ع تي ميرپور بٺوري ۾ ٿيو. لاڙ پٽي جو هي شهر سياسي، ادبي شعور ۽ ثقافتي طرح موسيقي ۽ فن جي دلداده ماڻهن جو شهر رهيو آهي. مون سائين رنگريز جي مرتئي تي تاثراتي ڪتاب تي لکيو ته سائين رنگريز کي مرحوم لکڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو هو هميشه سندس لکڻين، شاعري ۽ ڪتابن جي صورت ۾ اسان سان گڏ هوندو ۽ اسانجو سونهون رهندو. اهي سٽون لکڻ وقت منهنجي ذهن ۾ آسڪر وائلڊ جا هي لفظ هئا ته “تخليقڪار کان تخليق وڏي عمر پائي ٿي. ” مون اهو به لکيو ته رنگريز نظرياتي طرح قوم پرست ۽ جي ايم سيد جو پوئلڳ هئڻ ڪري هن پنهنجي سڄي زندگي جي ايم سيد جي انهيءَ قول تحت گذاري ته “قومي ڪارڪن کي باعمل ۽ باڪردار هئڻ گهرجي. ” رنگريز پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ۱۹۶۳ع ۾ تعليم کاتي ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ ۱۹۹۴ع ۾ وقت کان اڳ ۾ رٽائرمنٽ وٺي وڪالت ڪرڻ لڳو. هن جي وڪالت گهڻو وقت نه هلي. زندگي جا آخري ڏينهن علم ۽ ادب جي خدمت ۾ گذاريائين.

رنگريز پنهنجي رنگ ۾ هڪ خوبصورت شاعر، من موهيندڙ نثر نويس هو. جڏهن هن جي شاعري ٻڌبي هئي يا هن جو نثر پڙهبو هو ته ٻڌندڙ بي خود ٿي ويندو هو. اها بي خودي جيڪا منصور بن حلاج ۽ ان جي قبيلي جي ماڻهن وٽ هئي. جنهن ماڻهن کي ان الحق جو نعرو هڻڻ تي مجبور ڪيو ٿي. غلام حسين رنگريز جي انهيءَ ان الحق جي نعري هن کي الاهي سارين پريشانين ۾ مبتلا ڪيو. رنگريز پنهنجي اصولن جي پاسداري ڪري ايتريون اذيتون ڀوڳيون، جيتريون محمد صالح فارسي نه ڳالهائڻ جي نتيجي ۾ اڌ زبان ڪٽڻ جي ڪري ڀوڳيون. هن جي اذيتين جي شروعات ۱۹۷۴ع ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ شرڪت ڪرڻ ڪري بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ سان ٿي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ۲۲ جنوري ۱۹۷۴ع تي گرفتار ٿي ۲ مهينن کان وڌيڪ عرصو سينٽرل جيل ڪراچي ۾ گذاريو ۽ پوءِ مسلسل چار سال انهيءَ ڪيس جون حاضريون ڀوڳيندو رهيو. اهو ڪيس ۱۹۷۷ع ۾ حڪومت جي تبديلي ڪري ختم ٿي ويو. جيل مان ضمانت تي ڇٽي اچڻ باوجود هن کي سيکت ڏيڻ لاءِ مير واھ گورچاڻي موڪليو ويو. نئين حڪومت جو دور پڻ رنگريز لاءِ ڪو نيڪ شگون ثابت نه ٿيو. هن جي نظريات جي ڪري هن کي پهرين مٺياڻي بدلي ڪيو ويو، جتي ڪجھ وقت رهڻ کانپوءِ لطيف آباد ۾ بدلي ڪرائي آيو. هن جي مخالفن کي اها ڳالھ ڏکي لڳي ته هو هر هفتي پنهنجي گهر اچڻ لڳو آهي، انهن حاڪم وقت وٽ دانهيو ۽ هن کي خيرپور ميرس بدلي ڪيو ويو، جتي هوءَ هڪ سال کان وڌيڪ وقت رهيو ۽ اتان ڪراچي موڪليو ويو. اها سڄي وارتا منشي جي هن سٽ وانگر آهي “ها مون پڪ سڃاتا پنهنجا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾”،

سائين رنگريز جي شرافت جي انتها اها هئي جو هن پنهنجي ڪتاب “رهيو روح رباب ۾” انهيءَ وارتا جو ذڪر ڪندي ان جي پٺيان شخص جي نالي جي خبر هئڻ باوجود ان تي ڍڪ ڍڪيو ۽ ان جو نالو نه لکيو آهي. سائين رنگريز جي انهيءَ سفر سان مشابهت رکندڙ هڪ ٻيو سفر به سنڌ ۾ مشهور آهي. سنڌي ادب جو وڏو نالو محترم ابراهيم جويو جڏهن سنڌ مدرسي ۾ نوڪري ۾ هو ته هن انگريزي ۾ هڪ ڪتاب “سنڌ بچايو، برصغير بچايو “(Save Sindh Save Sub Continent) لکيو ته هن کي نوڪري مان خارج ڪيو ويو. ان وقت ٺٽي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين محترم موليڏني عباسي، هن کي گهرائي ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ڪري رکيو. ۱۹۴۹ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول، سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ملائڻ ڪري جويو صاحب کي حيدرآباد بدلي ڪيو ويو. اتان هن کي ڪوئيٽا بدلي ڪيو ويو. هي صوفي منش انسان آڻ مڃڻ جي بجاءِ ڪوئيٽا هليو ويو، جتي ڪافي وقت رهيو.

پنهنجي نظريئي جي ڪري رنگريز کي آيل تڪليفن هن جو ڌرتي سان والهانه محبت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. انهن تڪليفن کي ساريندي هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته “منهنجو من چڪور بڻجي توڏانهن اڏرندو آهي. اي منهنجا محبوب وطن! منهنجن احساسن تو لاءِ ڪو به مانجهاندو نه ڪيو آهي.” انهيءَ کان وڌيڪ هي سٽون قابل رشڪ آهن. لکيو اٿس ته؛ “ڏينهن تتي مون پيار جي کيت مان تو لاءِ گلاب چونڊيندي پنهنجي آڱرين جون اڻيون به ارتيون ڪيون آهن. ڏس! منهنجا آڱرين جي اڻين تي به گهاون جا گلاب ٽڙي پيا آهن. مون رات جي راڻي مان به تو لاءِ ستارن جهڙا ڦول چونڊيا آهن ته جيئن توکي اي ديس! سرهاڻيون ڀيٽا ڪري سگهان.”

رنگريز ۾ هڪ ٻي خوبي اها به هئي ته هن نه صرف ادب سرجيو پر ان جي ونڊورڇ به ڪئي. هوءَ جڏهن به ڪا لکڻي لکندو هو ته ان ۾ شامل مواد جي حوالي طور ڪتابن جا نالا ضرور لکندو هو ته جيئن پڙهندڙ ڪتابن ڏانهن رجوع ڪن. رنگريز جي آخري ڏينهن ۾ هن جي خاندان ۾ هڪ ٻئي پٺيان تڪڙا تڪڙا افسوسناڪ واقعا ٿيا. انهن واقعن هن کي نهوڙي وڌو. وقتي طرح رنگريز خاموشي جي دنيا ۾ هليو ويو پر پوءِ جلدي پنهنجي زندگي جي رعنائين ۾ موٽي آيو. هن ڪنهن کي به اهو احساس ٿيڻ نه ڏنو ته هو اندر ۾ ڏکايل آهي. رنگريز جي اها ڪيفيت لطيف سائين جي هن سٽ، ”سوڍا سور سڪائيون، اکيون آب نه آڻين” وانگر هئي. انهن سڪل اکين جو درد ڪنهن به نه پروڙيو. آخري ڏينهن ۾ جڏهن هن جا پنهنجا هن کان آهستي آهستي پري ٿيندا ويا ته هن ڪنهن سان به شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ منهن مونن ۾ هڻي، پنهنجي ڊائري م لکيو “اسان جيڪي پنهنجي اندر ۾ ماتم ڪنان هوندا آهيون، سي چپن تي مرڪون سجائي بهارن جا گيت لکندا آهيون، مينهن وسندا آهن ته ٿوهرن م به گل ڦٽندا آهن ۽ اسان جيڪي بي اعتمادين ۽ بيوفائين جا ڏنگيل سرير تي هڪ نئين اعتماد جي مڻ رکي جيئندا آهيون، هلندا آهيون. اسان جي شاعري اسانجي رڳن ۾ زهر هاڻي رت کي ايئن ولوڙيندي آهي جيئن ڪا ڳوٺاڻي ناري، چاڏي ۾ مهي ولوڙيندي آهي” بي وفائي جي اظهار لاءِ پڻ تشبيھه جيڪا هن ڏٺي آهي اها ڪمال جي آهي. لکيو اٿس ته “هٿن تي لڳل تازي ميندي جي مهڪ، ڪيڏي نه تيز هوندي آهي. وقت گذرڻ سان گڏ رنگ حنا ۽ مهڪ مڌم پوندا ويندا آهن. ڇارشتن ناتن جو رنگ ۽ ان جي مهڪ به ايئن مڌم پئجي ويندي آهي” رنگريز نه زندگي ۾ ڪڏهن پاڻ مايوس ٿيو ۽ نه ئي مستقبل مان مايوس ٿيو. انهيءَ جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪري ٿو؛ ”هيءَ سارو تخليقي عمل هڪ تسلسل سان هڪ پيڙهي کان منتقل ٿيندو ٻي تائين پهچندو رهيو آهي. اسان جي نئين ٽهي انهي پيار جي پورهئي جي امين آهي ۽ ڪو سبب ڪونهي ته اهو تسلسل برقرار نه رهي ۽ عظيم تخليقڪار پيدا نه ٿين”.

رنگريز صوفي منش هئڻ ڪري جتي شاھ عنايت شهيد کان متاثر هو، اتي ميران محمد جونپوري کان پڻ متاثر لڳي ٿو. هن پنهنجي ڪتاب “تصوف هڪ تحريڪ” ۾ لکيو آهي ته شاھ عنايت ۽ ميران محمد جونپوري جي تحريڪن جو معاشي پهلو ساڳيو آهي. ميران محمد جونپوري لاءِ لکيو اٿس ته هن جو گھڻو زور مساوات تي هو. انهي ڪري مغلن جي دور ۾ مهدوي تحريڪ گھڻو زور ورتو. دکن، مڪران، گجرات، ۽ ٻين هنڌن تي مهدوي تحريڪ جي پوئلڳن جا وڏا وڏا دائرا قائم ٿيا. رنگريز ميران محمد جونپوري جي بنيادي تعليم جي هڪ اصول “مجاهده” جو دفاع ڪندي انهيءَ جي معنى اسلامي جھاد نه بلڪ نفس ڪشي، رياضت، ڪوشش ۽ جدوجھد ڄاڻائي ٿو. سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ سان پاڻي ورڇ ۽ قومي حقن جي حاصلات جي سلسلي ۾ ٿيل ناانصافين جو ذڪر ڪندي، ان جو ذميوار هو سنڌ جي ساڃاھه وندن ۾ ڌڙي بندي ۽ هڪ ٻئي جي خلاف سياسي الزام بازين ڪندڙن کي سمجھي ٿو. انهيءَ لاءِ هن لکيو آهي ته “اسان کي گهرجي ته هن ڳالھ کي سمجهون ته ٻين جا پير وڍي پنهنجي قد کي اونچو نٿا ڪري سگهون”. سڀني سڄاڻ ڌرين کي مشورو ڏيندي لکي ٿو ته “قومي آجپي ۽ قومي مسئلن جي حل لاءِ ماسٽرڪي (Master Key) اسان پاڻ ئي آهيون پر شرط آهي ته اسان ۾ اها جرئت ۽ اخلاقي بلندي هجي جو اسان پنهنجن ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو احتساب ڪري سگهون”.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)




غلام حسين رنگريز

رنگن جي حسناڪين جهڙو ماڻهو

سامي ميمڻ

غلام حسين رنگريز جي پنجين ورسي سنڌ ڪلچرل فورم جي اڻ ورچ سريال صادق لاکي طرفان اڄ ۲ سيپٽمبر، اربع ڏينهن شام ٽي وڳي عوامي پريس ڪلب ملير (ر) ۾ ملهائڻ جو اعلان پڙهيم ته اوچتو ڪيترائي سال اکين اڳيان اچي بيٺا. ڪجهه ماڻهو وقت جي ڪئلينڊر مان نڪري ويندا آهن، پر دل جي ڪئلينڊر تي سندن تاريخ ڪڏهن ختم ناهي ٿيندي. غلام حسين رنگريز به اهڙن ئي ماڻهن مان هو.

اعلان پڙهي مون کي سائين رنگريز سان گهاريل اهي سال، ڊگهيون ڪچهريون، ادبي بحث، کل ڀوڳ، سنجيده گفتگو ۽ سندس مخصوص انداز ۾ ڳالهائڻ جون ڪيتريون ئي گهڙيون ياد اچي ويون. لڳو ڄڻ هو اڃا سامهون ويٺو هجي، پنهنجي مخصوص مرڪ سان ڪنهن ڳالهه کي ٻڌي رهيو هجي ۽ پوءِ اوچتو اهڙو جملو چوي، جيڪو ڪچهريءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏي. اسان ٻنهي جو جنم به ساڳئي ڌرتيءَ جي آس پاس ٿيو. مان دڙي لڳ سومار ميمڻ ڳوٺ ۾ ۽ سائين غلام حسين رنگريز دڙي لڳ ميرپور بٺوري ۾ پيدا ٿيو. پر اسان جي ويجهڙائيءَ جي اصل ڪهاڻي گلشن حديد، ملير ڪراچيءَ ۾ شروع ٿي. اتي مون کي لڳ ڀڳ روز ساڻس ملڻ ۽ رهاڻ ڪرڻ جو موقعو ملندو هو. هو ادبي سرگرمين ۾ نظر ايندو هو ۽ نوجوانن جي وچ ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ کيس خاص وڻندي هئي.

صحافي هجڻ جي ناتي مون کي سائين رنگريز ۾ شروع کان ئي خاص دلچسپي رهي. هو ڄاڻو ماڻهو هو، تجربيڪار هو، ٻوليءَ جو ماهر هو، سنڌ دوست هو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته يارويس انسان هو. سندس شخصيت ۾ علم ۽ انسانيت گڏ هلندا هئا. هو ڪتابن جو ماڻهو ضرور هو، پر ڪتابن جي دنيا ۾ بند ماڻهو نه هو. هو ماڻهن سان ملندو هو، انهن کي ٻڌندو هو، اختلاف ڪندو هو، دليل ڏيندو هو ۽ پوءِ به دل ۾ ڪدورت نه رکندو هو. رنگريز بٺوري مان نڪري دنيا جا ڪيترائي شهر ۽ ادارا ڏٺا، پر بٺورو سندس دل مان ڪڏهن نه نڪتو. گهڻو ڪري جڏهن به خبر پوندي هئي ته سائين بٺوري ويل آهن، ته دل چوندي هئي ته هي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ کان ڪيئن پري رهي سگهي ٿو؟ انسان ڪيترو به وڏو ٿي وڃي، ڪيتريون ئي منزلون ماڻي، پر پنهنجي جنم ڀوميءَ جي مٽيءَ جو قرض لاهي نٿو سگهي. رنگريز به پنهنجي مٽيءَ جو ماڻهو هو.

غلام حسين رنگريز ۱۸ اپريل ۱۹۴۵ع تي شفيع محمد کٽيءَ جي گهر ۾ ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ۽ اعليٰ تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين، جتي تعليم ۽ قانون جون ڊگريون پڻ ورتائين. عملي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيائين. پوءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماسٽر ٽرينر ۽ پرنسپال جي حيثيت سان ذميواريون نڀايائين هو استاد جي نوڪري کي رڳو روزگار نه، پر هڪ قومي ۽ انساني ذميواري سمجهندو هو. سندس ڪيترائي شاگرد اڳتي هلي ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، شاعر، ليکڪ ۽ مختلف اهم عهدن تي پهتا. ڪنهن استاد لاءِ ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس پڙهايل نسلون پاڻ معاشري جي اونداهين ۾ ڏيئا ٻارين؟

رنگريز سڌو ۽ سچو ماڻهو هو. سچ ڳالهائڻ جي قيمت به هن ادا ڪئي. نوڪريءَ دوران سختيون به ڏٺائين، پر پنهنجي اصولن تان پوئتي نه هٽيو. سندس شخصيت جو اهو پاسو مون کي هميشه متاثر ڪندو رهيو ته هو حالتن سان ٺاهه ڪرڻ بدران پنهنجي ضمير سان ٺاهه ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو سندس ادبي سفر به سندس زندگيءَ جيان وسيع هو. شاعر، ڪالم نگار، ليکڪ، دانشور، محقق ۽ تعليمي ماهر جي حيثيت سان هن سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام پيدا ڪيو. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي ۽ عام ماڻهن تائين پهچائي. اکين اڃ اپار سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جڏهن ته روح جو آبشار پڻ سندس تخليقي سفر جو اهم حصو آهي سندس ٻين ڪتابن ۾ سرمد ڇا ٿو سوچي؟، وکر سو وهاءُ، غلام جا ٽهڪڙا، سونهن، سهائي، سوچ، مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تاريخ ۽ فن تحرير جي تاريخ شامل آهن. سندس آتم ڪٿا جا ٻه جلد خانه بدوش روح جي ڪٿا ۽ رهيو روح رباب نه رڳو ذاتي زندگيءَ جا احوال آهن، پر هڪ دور، هڪ سماج ۽ هڪ فڪري سفر جا دستاويز پڻ آهن. سندس اڻڇپيل ڪم به سندس تخليقي وسعت جو ثبوت آهي، جن ۾ خاڪا، هٿن مان ڪريل دعا، ڀنڀور کي باهه، هڪ آرزو جو انت ۽ ٻيا مسودا شامل آهن.

هو سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. ادبي تنظيمون، ڪچهريون، ڪتاب، نوجوان اديب ۽ سنڌ جي فڪري سوالن سان سندس لاڳاپو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين قائم رهيو. پر اڄ جڏهن سندس پنجين ورسي آهي ته ڪتابن، عهدن ۽ اعزازن کان وڌيڪ ماڻهو غلام حسين رنگريز ياد اچي ٿو دنيا ۾ وڏا اديب ڪيترائي آيا ۽ ويا. ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، ناظم حڪمت، پابلو نيرودا، گارشيا مارڪيز، غالب، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، محمدخان مجيدي سرويچ سجاولي ۽ ٻيا ڪيترائي نالا ادب جي تاريخ ۾ زنده آهن. انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ هئي: اهي پنهنجي دور کان وڏا ماڻهو هئا، پنهنجي سماج جا سوال پنهنجي اندر کڻي هلندا هئا ۽ پنهنجي لکڻيءَ وسيلي ايندڙ نسلن سان گفتگو ڪندا رهيا.

غلام حسين رنگريز به پنهنجي ننڍڙي دائري ۾ اهڙي ئي فڪري روايت جو ماڻهو هو. هن لکيو، سوچيو، پڙهايو، بحث ڪيو ۽ پنهنجي سماج جي ڏکن، خوابن ۽ سوالن سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. اصل ۾ وڏو ليکڪ اهو ناهي، جنهن جا ڪتاب رڳو لائبريرين ۾ رکيل هجن؛ وڏو ليکڪ اهو آهي، جنهن جي غيرموجودگيءَ ۾ به سندس ڳالهه ياد اچي. جنهن سان ڪيل ڪچهري سالن کان پوءِ به اندر ۾ گونجي. جنهن جو هڪ جملو وقت گذرڻ کان پوءِ به سوچڻ تي مجبور ڪري. رنگريز سان منهنجيون ڪچهريون به اهڙيون ئي آهن. اڄ هو سامهون ناهي، پر ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته گلشن حديد جي ڪنهن گهٽيءَ مان سندس آواز اچي رهيو آهي. نوجوانن جي ٽولي ۾ ويٺل سندس چهرو نظر اچي ٿو. بٺوري وڃڻ جي خبر ٻڌي دل وري ساڳيو سوال ڪري ٿي: هي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ ڏانهن وري هليو ويو! ۲ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي سندس جسماني سفر ختم ٿيو، پر سندس فڪري سفر ختم نه ٿيو.

اڙي شهر بي مهر! تنهنجي ڳلين کي ڇڏيوسين،

۽ روئندڙ اکين ساڻ کلندڙ دلين کي ڇڏيوسين.

گنهگار  رنگريز  هڪڙو  هُئو  سو  هليو  ويو،

اڙي شهر! تو وٽ ته تنهنجي وَلين کي ڇڏيوسين.

موت ماڻهوءَ کي اسان کان کسي سگهي ٿو، سندس آواز نه؛ جسم کڻي سگهي ٿو، سندس لفظ نه؛ ڪچهري ختم ڪري سگهي ٿو، پر ڪچهريءَ مان پيدا ٿيل سوچ کي ختم نٿو ڪري سگهي پنج سال گذري ويا آهن، پر ڪجهه وڇوڙا وقت سان پراڻا ناهن ٿيندا. اهي رڳو خاموش ٿيندا آهن. پوءِ ڪنهن ورسيءَ جو اعلان، ڪنهن ڪتاب جو نالو، ڪنهن پراڻي تصوير يا ڪنهن دوست جي ڳالهه انهن کي وري جاڳائي ڇڏيندي آهي. غلام حسين رنگريز جي کوٽ به اهڙي ئي کوٽ آهي سنڌ کي اڄ به اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي علم کي غرور نه، خدمت سمجهن؛ ادب کي شهرت نه، ذميواري سمجهن؛ اختلاف کي دشمني نه، فڪري واٽ سمجهن؛ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت کي نعرو نه، زندگيءَ جو حصو بڻائين سائين غلام حسين رنگريز اهڙو ئي ماڻهو هو.

اڄ سندس پنجين ورسيءَ تي کيس ياد ڪندي دل مان رڳو ايترو نڪري ٿو سائين! اوهان هليا ويا آهيو، پر اوهان سان ڪيل ڪچهري اڃا ختم ناهي ٿي. اوهان جا ڪتاب اڃا ڳالهائين ٿا، اوهان جا شاگرد اڃا هلن ٿا، اوهان جا لفظ اڃا سوچ پيدا ڪن ٿا ۽ اوهان سان محبت ڪندڙ دلين ۾ اوهان اڃا به زنده آهيو ماڻهو مرندا آهن، پر جيڪي ماڻهو پنهنجي حصي جي روشني ٻين ۾ ورهائي وڃن اهي ڪڏهن ناهن مرندا. غلام حسين رنگريز به انهن ئي ماڻهن مان هڪ هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا