; سنڌي شخصيتون: ادا عارب - محمود مغل

18 July, 2017

ادا عارب - محمود مغل

ادا عارب
محمود مغل
جياپي جا الائي ڪيترا رنگ سمجهه ۾ نه ايندا آهن! انيڪ ڀيرا پنهنجي روش تي ڪاوڙ آئي هوندي. پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي شدت سان ڪوشش ڪئي هوندم، پر شايد پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ، دنيا جي ڏکين ڪمن مان هڪڙو هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته بنهه ناممڪن لڳندو آهي. عجيب حياتي گذاريندو آهيان مان، الائي ڪيترا واسطا آهن الائي ڪيترا واسطا نه آهن، سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهو سڄو اندازو، اها سڄي ڪٿ مان ڪري ئي ناهيان سگهيو. شايد اها ڪيفيت ئي آهي جو خاموشي سوال پڇڻ جو وجهه ناهي ڏيندي. ”ڪير آهيو؟ ڪٿان جا آهيو، ڇو آهيو، ڇا آهيو؟“ کان فقير سدائين پرتي رهيو آهي، يار جي ياريءَ سان ڪم آهي ڪرت ته هرڪو پاڻ ڄاڻي. ڪوڙ ڇو ڳالهائجي، پنهنجي اها عادت مون کي پاڻ پسند نه آهي. ان عادت جي ڪري ننڍا نيٽا نقصان به ٿيندا آهن. جن کي لنوائيندو رهندو آهيان پر گذريل هفتي ڪجهه اهڙو ٿي ويو جو سڄي اندر ۾ لرزش ڀرجي وئي. اکين جا گهٽ بند لڳم، پنهنجو پاڻ کان جهڙوڪر وحشت ٿي لڳم.


سيوهڻ شريف جي مٽي آهيون اسين. تنهن زماني ۾ ماڻهو، ماڻهوءَ جو ڀاڪر هوندو هو. منهنجو وڏي ۾ وڏو ڀاءُ ادا عبدالرحمان مرحوم جتي به پڙهيو، پنهنجي هم جماعتن سان سدائين سلهاڙيل رهيو ۽ هو به کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. سيوهڻ مان لڏي آياسين ته به محبتن جا اهي سلسلا قائم ۽ دائم رهيا. سڪ اُڪير سدائين وڌ کان وڌ ملي. 80ع جي ڏهاڪي ۾، ادڙين سلمه ۽ نغمه ملاح سان گڏ ريڊيو تي صبح مهراڻ ۾ ميزباني جو موقعو مليو. گڏجي ته گهٽ پروگرام ڪياسين، پر بهرحال اسان جو هڪ مضبوط ساٿ هيو. سندن ڪردار جي مضبوطي ڪمال آهي ۽ مٿان ٻنهي ڀينرن کي اعتماد جي جيڪا دولت هئي، سا سندن پرورش کي ظاهر ڪندي هئي. اوچتو خبر پئي هئي ته ٻئي ادا عارب جون نياڻيون آهن ۽ ادا عارب ادا عبدالرحمان جو هم جماعتي رهيو، ڳوٺائي رهيو. ڪن ڪن ماڻهن ۾ عجيب ڏيا هوندي آهي. پنهنجي وڏين اکين ۾ ديد سان گڏوگڏ ادا عارب، پنهنجائپ جو عجيب احساس سدائين سٿيل هوندو هو. سندس ٻانهن کان وڌ سندس اکيون ڄڻ ڀاڪر پائينديون هيون. ادا کي ”عابد“ سڏيندي، هُو مون کي بلڪل پنهنجي ننڍڙي ڀاءَ جيان سمجهندو هو. پوءِ خبر پئي ته قدرت کيس ڪيڏو نه نوازيو هو، کليل اوطاق، ڪُشادي دل ۽ محبت جي سامان سان ٽمٽار ادا عارب، واقعي به ادا لڳندو هو. ٽيليفون تي گفتگو ٿيندي هئي ته هو سدائين منهنجي نه اچڻ جي شڪايت ڪندو هو. مان هتان هُتان لنوائي، اجايا سجايا بهانا هڻي مڙئي پيو نڪري ويندو هوس. دل به چوندي هئي پر غمِ دوران شايد غمِ جانان کان سگهارو پئي رهيو. هڪ واري بيحد ڏک مان چيو هئائين ”ادا ڀلا جنازي تي ته ايندين نه؟“ جملا ننڍڙا هوندا آهن. الائي ننڍڙا هوندا آهن الائي اسين انهن کي ٻڌڻ ۾ ننڍڙو سمجهندا آهيون. لڄي ٿيندي، معافي وٺندي ويجهي فرصت ۾ وٽس وڃڻ جو واعدو ڪيو هئم پر پوءِ وري اهو چرخو هلي پيو. سڌرڻ جي شايد مون وٽ ڪا گنجائش نه رهي آهي.
ڪجهه وقت پهرين، آفيس پهتس ته خبر پئي سليم ملاح جو والد جهان ڇڏي ويو آهي. سليم کي ڪير نه سڃاڻي!؟ ڪي ٽي اين حيدرآباد سان سلهاڙيل اسان جو هي نوجوان ڪارڪن پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو، ڪجهه ڏينهن خبر پئي هئي ته سندس والد بيمار آهي. ٻه ٽي دفعا کانئس احوال به ورتم، ٻڌايائين پئي ته هاڻي بهتر آهي...هاڻي مزي ۾ نه آهي. ان ڏينهن اوچتو خبر پئي ته وصال ڪري ويو ته جنازي ۾ شرڪت لاءِ نڪري پيس. رات گَهري هئي ڪوٽڙيءَ جي پل جي اورئين پاسي، مٽي مٽيءَ سان ملي رهي هئي. حاضري مڪمل ڪري نڪري آيس. وقت ڪو بيهندو ٿورئي آهي. گذريل هفتي، ڀاءُ نور گهلُو ڪنهن ڪم سان آفيس آيو. ڪم سليم ۾ هو. نياپو جو ڪيم ته سليم پاڻ هليو آيو. ادا نُورَ سان مليو. ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي ته روانو ٿي ويو. مون نُورَ کي چيو ”ڏاڍو سلڇڻو نينگر آهي...ڪم وارو ماڻهو آهي.“ هن ٺهه پهه وراڻيو ”سڃاڻانس...عارب جو پٽ آهي نه...پنهنجي عارب ملاح جو.“ الله اڪبر...سليم، ادا عارب ملاح جو پٽ آهي! معنيٰ اهو جنازو سليم جي والد جو ته هو، پر ادا عارب جو هو، جنهن تي خبر ٻڌي مان هڪدم حاضريءَ لاءِ هليو ويس اهو ادا عارب هو، ان ڏوليءَ ۾! ادا عارب...جنهن چيو هو ”ڀلا جنازي تي ته ايندين نه.“ ساهه ۾ ڳنڍ اچي وئي آهي. هڪ وڏي ڪردار جي انسان بابت مان ڇا عرض ڪيان. پنهنجي قوم، پنهنجي ماڻهن ۾، وڏي ڳالهه ته پنهنجو پاڻ سان سچي رهندڙ ادا عارب لاءِ مان ڇا لکان!؟ مونکي ته پنهنجو پاڻ ئي سمجهه ۾ نه ٿو اچي...ڇا ٿئي ها جو ايترا ڀيرا سليم کان سندس والد جي صحت بابت پڇندي مان کڻي سندس نالو پڇي وٺان ها! شرمساري مٿان کلندي رهي ٿي.

محمد عارب ملاح ولد قادر بخش ملاح جو جنم پهرين رمضان المبارڪ جمع جي ڏينهن، 5 مارچ 1944ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس والد صاحب سيوهڻ کان دولتپور پتڻ تائين ٻيڙي هلائيندو هيو. جيڪا ڪرت، تنهن زماني ۾ اهم ترين حيثيت رکندي هئي. پنهنجي شروعاتي تعليم هن سيوهڻ شريف ۾ حاصل ڪئي ۽ اسڪولي تعليم سان گڏو گڏ درگاهه حضرت لال شهباز رحه سان سندس خاص عقيدت ۽ ماڻهن جي حوالي سان وابستگي رهي. ننڍپڻ جو هن زمانو بيحد جفاڪشي سان گذاريو پنهنجي والد سان گڏوگڏ امان سانئڻ حاجاڻيءَ جو بيحد خيال رکندو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ امڙ ۽ ابي جا ڪپڙا درياهه جي ڪپ تي پاڻ وڃي ڌوئي ايندو هو. والده ضعيف هئي ته ان سبب گهر جو سڄو ڪم ڪار ٻار، ٿانَوَ، رڌ پچاءَ سندس حوالي هوندا هئا. ننڍپڻ ۾ کيس حضرت لال شهباز قلندر جي درگاهه تي لڳل عَلَم پاڪ جي خدمت جو بيحد شوق هوندو هو. تنهن زماني ۾ سيوهڻ شهر ۾ بجلي نه هوندي هئي ۽ درگاهه وٽ هڪ وڏو جنريٽر لڳل هوندو هو. محمد عارب ٽئين درجي ۾ پڙهندو هيو ته هڪ ڏينهن هڪ مستري کانئس سندس والد بابت پڇا ڪئي، جيڪو موجود نه هو. مستريءَ ٻڌايو ته درگاهه تي عَلَم جو مٿيون بلب فيوز ٿي ويو آ جيڪو بدلائڻو آهي. تنهن زماني ۾ عَلَم جي بيهڪ پنج فوٽ ٿلَهي تي هوندي جنهن کان پوءِ 86 فوٽ لوهي ڏاڪڻ هوندي هئي جنهن کانپوءِ پنج فوٽن جي اونچائي وارو گول پڃرو هوندو جنهن تي مٿي بيهي بلب بدلائڻو پوندو هو. عَلَم پاڪ جي بتيءَ جو ڪم محمد عارب جا وڏڙا ڪندا هئا. عارب ملاح ننڍڙي عمر ۾ ان مستريءَ سان گڏ چڙهي اهو بلب بدلايو جنهن کانپوءِ کيس عَلَم جي بتيءَ جو ڪم سنڀالڻ لاءِ چيو ويو. پنهنجي ياد ڪٿا ۾ هو لکي ٿو ”تنهن زماني ۾ عيدن جي ڏينهن تي يا ڪنهن وڏن ڏينهن تي عَلَم ۾ 32 شمع دان لڳايا ويندا هئا. مٿي گول پڃري 8 مٿي 8 هيٺ چوڌاري ۽ لوهي ڏاڪڻ تي 8 هڪ پاسي ۽ 8 ٻئي پاسي ٽوٽل 32 شمع دان، جنهن ۾ هر هڪ شمع دان جي گلاس ۾ سٺو گيهه ٻاريو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کوپري جو تيل به استعمال ڪندا هئاسين. مطلب ته روزانو شام جو هوڏانهن نغاري تي ڏونڪو لڳندو هو هيڏانهن منهنجي هٿ ۾ ٻريل تيلي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ٽي راتيون چراغان ڪرڻو هوندو ته صبح جو فقط شمع دان مان گلاس ڪڍي هيٺ لال داس کي ڏبا هئا، جيڪو صاف ڪري وٽ ٺاهي تيل يا گيهه ۾ وجهي گلاس تيار ڪري ڏيندو هو، جنهن کان پوءِ اهي گلاس هر هڪ شمع دان ۾ پهچائڻ ۽ ٻارڻ منهنجو ڪم هوندو هو. عَلَم جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم هوندو هو نيل ڪڍڻ ۽ واپس لڳائڻ. جنهن پائيپ تي نيل لڳل هوندي هئي، انهيءَ جو مٿيون ڇٽ گهٽ ۾ گهٽ اڍائي مڻ جو وزني هوندو هو. اهو وزن پڃري تي ويهي مٿي کڻي مضبوطيءَ سان هٿن ۾ جهلي، انهي مان نيل ڪڍي پوءِ اهو ڇت وارو پائيپ آهستي آهستي ڪري عَلَم ۾ مٿي رکڻو هوندو هو ۽ واپس نيل وجهڻ وقت انهي پائيپ کي ڇٽ سوڌو مٿي کڻي انهي ۾ نيل وجهي واپس پنهنجي جاءِ تي بيهارڻو هوندو هو.“ مٿانهينءَ تي عَلَم کي روشن ڪندڙ ادا عارب پنهنجي حياتيءَ ۾ به مٿانهينءَ تي ئي رهيو. هن 1966ع ۾ حسين آباد ۾ لڏي اچڻ کانپوءِ ملاحن جي حياتين کي سامهون رکندي ”سنڌ ترقي پسند ملاح تنظيم“ ٺاهي. 1968ع کان پنهنجي وفات جي ڏينهن تائين هو ان تنظيم جو سربراهه رهيو، جنهن جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو سنڌ اسيمبليءَ مان ملاحن لاءِ ”لائسنس سسٽم“ پاس ڪرائڻو هو. هو شخص، هر غريب غربي لاءِ اٿي بيهندو هو. پنهنجي وتَ آهر هن ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ايوان ۾ حاضر ٿيڻ جي لائق بڻجي جتي آواز اٿاري سگهي. 1976ع ۾ ايم پي اي جي سيٽ لاءِ ۽ 1988ع ۾ ايم اين جي سيٽ لاءِ مقابلو ڪيو هئائين. مسلم ڪاليج مان ماسٽرس ۽ سنڌ لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري ماڻيندڙ ادا عارب، سڄي عمر پنهنجي ماڻهن لاءِ جاکوڙيندو رهيو، جيڪا جاکوڙ سندس وڃڻ کان پوءِ هاڻي سڀني کي محسوس ٿي رهي آهي. 22 نومبر 2016ع تي هو آرامي ٿيو آهي. هڪ ڊگهو سفر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي. تعزيت نامي ۾ دير ٿي آهي، پر بهرحال سندس ڪردار اسان سڀني کان ڪڏهن به وسري نه ٿو سگهي. ان کي ياد رکڻ ۾ اسين ڪڏهن به دير نٿا ڪري سگهون. رب پاڪ سندس درجات بلند ڪري ۽ بهتر کان بهتر جاءِ عنايت ڪري. آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا