حڪيم يوسف کتري
خود نوشت
بنيادي
طور تي اسين ڪڇي قوم سان تعلق رکون ٿا. ڪڇ ۾ اسان جا وڏا مڏئي ۾ رهندا هئا، جيڪو
انڊيا جو بندر به هو. اتان کان سال ۱۹۴۵ع ڌاري سعيد پور ٽڪر، پوءِ ماتليءَ ۾ لڏي
آيا. آئون ماتلي ۾ ڄايس ۽ سال ۱۹۶۹ع ۾ وري ٽنڊو محمد خان ۾ لڏي آياسين. پرائمري
تعليم ۽ ڇهون ڪلاس ماتليءَ ۾ پڙهيس. مڊل تعليم رمضان ميموريل اسڪول ۾حاصل ڪيم. ميٽرڪ
ٽنڊو محمد خان هاءِ اسڪول مان پڙهياسين. ايم اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. فارسي
خانه فرهنگ ايرن مان ۳ ڪلاس پاس ڪيم. هندي نارائڻ داس ۽ نعيم کان سکيس. هاڻ وسري
وئي آهي.
شروع
کان وٺي، طب سان لڳاءُ هو. ان ڪري اعظم طبيه ڪاليج مان فاضل طب والجرحت جو امتحان
پاس ڪيم.
ڪتابن
گڏ ڪرڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. ان ڪري مون وٽ بهترين ذاتي لائيبريري آهي. منجھس
هر شعبي جا ڪتاب موجود آهن. رسالن ۾ لکڻ جو شوق شروع کان وٺي هو. لطيفيات تي ڪافي
لکيم، جيڪي مضمون لطيف ڊائجيست ۽ نئين زندگي ۾ ڇپيا. سڀ کان زياده ٻن مضمونن تمام
گھڻي شهرت ماڻي. هڪ ته ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڊاڪٽريٽ جي مقالي کي ملي جيڪو ناز
سنائي جي رسالي ڪينجهر ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ساڳيو مضمون، طويل عرصي کان پوءِ شايد
تاج بلوچ، پنهنجي رسالي سوجھرو ۾ ٽئي قسطون شايع ڪيون. سال ۱۹۸۴ع ڌاري، نئين زندگي
۾ هڪ مضمون شايع ڪرايو هوم. جنوان ھيس؛ غلام شاه ڪلهوڙي جو گلان ڪڃريءَ سان ڪو
واسطو نه هو، نه ئي غلام شاه ان جو پٽ هو. اها روايت مير عبدالحسين سانگي ڏني هئي.
ان مطابق به غلام شاه ڪلهوڙو، ايران ۾ قيد هو. لطيف ڊائيجيسٽ ۾ ته ڪافي مضمون لکيم.
تازو مخمور مهيري جي ڪتاب ٽنڊو محمد خان جي تاريخ تي تنقيدي جائزو ڪتابي صورت ۾
شايع ڪيم.
صحافت
جي حوالي سان؛ صحت سرير جي ۸ سال کن هلندو رهيو. ان کان پوءِ ڏات اخبار جاري ڪيم.
جنهن تي ٽنڊو آدم ۾ ڪيس داخل ٿيو. پهريون دفعو جيل ياترا ڪري آيس. اڪثر دوست وڪيل
هئا، انهن جي چوڻ تي ايل ايل بي ڪيم. اهو ڪم به گڏ هلندو رهي ٿو.
بنيادي
طور تي منهنجو ڪم ديسي طب تي آهي. جنهن تي ڪافي ڪم ڪيو اٿم. قرابادين لطيفي، جيڪو
چئن جلدن ۾ شايع ڪيم. اهڙيءَ طرح جڙي ٻوٽين تي جديد سائنسي بنيادن تي برصغير ليول
جو ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهيان. جن مان چار جلد علم الادويه لطيفي جلد اول، دوم،
سوم، چهارم شايع ٿي چڪا آهن ۽ پنجون ۽ ڇهون ڪتاب تيار ٿي چڪا آهن. اهي به ڇپائي نه
سگھيو آهيان. باقي جلد شايد شايع نه ڪري سگھان. انهيءَ ڪري ته هاڻ ڪم نٿو پڄي.
انهيءَ کان سواءِ، نم جا فائدا، سونفن جا فائدا، مفتاح النبض، جوهر ماهر، حڪيم
محمد عثمان جون طبي خدمتون شايع ڪيا اٿم. جيڪي ختم ٿي چڪا آهن. مجربات حسيني، ڪشته
جات حسيني به ترتيب ڏئي شايع ڪيا اٿم. ڪتاب مجربات باباءِ طب فريد احمد عباسي
بهاولپور مان اردو ۾ شايع ٿيو. اڪثر حڪيم دوست تنگ ڪندا هئا ته ذاتي نسخه، جيڪي هو
مون کان خريد ڪندا هئا، اهي مون کي شايع ڪرڻ کپن. زندگي جو ڪو ڀروسو ڪونهي. ڪافي
اهڙا نسخه لطيفي دواخاني ۾ موجود آهن، جن بيمارين تي ٻين طبن جو ڪو اثر نٿو ٿئي.
ان ڪري انهن جي دل رکڻ لاءِ ڪتاب معمولات و مجربات حڪيم محمد يوسف کتري ۲۴۰ صفحن
تي تيار ڪري شايع ڪيو اٿم. اهو اردو ۾ آهي. بهاولپور وارو ڪتاب به اردو ۾ آهي.
انهيءَ کان سواءِ ھڪ اردو-سنڌي ۾ رساله ڪينسر، ڊاماهي جا فائدا اردو-سنڌي، بلوچستان
ڪي جڙي بوٽيان، سرائڪي علائقي ڪي جڙي بوٽيان، بلوچستان ڪي جڙي بوٽيان، پختون خواه ڪي
جڙي بوٽيان، ڪشمير ڪي جڙي بوٽيان، مرڪزي پنجاب ڪي جڙي بوٽيان، ڪتاب تيار آهن. پر ڇپائي
لاءِ في الحال سرائيڪي علاقي ڪي جڙي بوٽيان ۽ پختون خواه ڪي جڙي بوٽيان تيار آهي. ڊرگهه
موري جي شبير احمد منهنجي بيماري جي ڪري پهرين سنڌ جون جڙي ٻوٽيون ڪتاب ترتيب ڏيڻ
۾ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته برصغير ليول جو ڪتاب جيڪو ڏهن جلدن ۾ آهي ان
جا اڃا ۴ جلد مس شايع ٿيا آهن. دوستن جو اصرار آهي ته اهي مڪمل ڪريان. جيڪو خدا کي
منظور هوندو اهو ئي ٿيندو. هن وقت دواخاني تي ويٺي ويٺي سوشل ميڊيا تي لکندا آهيون،
جنهن ۾ ڪنهنجي پڳڙي لاهيندا آهيون ته اهو به خوف هوندو آهي ته اسان جي به ڪير پڳڙي
لاهي سگھي ٿو. ان ڪري هاڻ لکڻ ۾ ميانه روي رکندو آهيان.
ادبي
مضمون به ڪافي آهن، جن مان ٻه ڪتاب جڙي سگھن ٿا. اهڙيءَ طرح نعيم عرف نعيم داس جو ڪتاب
’تاريخ کان اڳ جو آدم‘ ترتيب ڏئي شايع ڪيم. انعام ٽکڙائي جو ڪتاب ترتيب ڏئي شايع ڪيم.
رلي رلي جهان ڏٺم، ۲۰۰ ڪتاب شاعر کڻي ويو. اهي پيسا اهو کائي ويو. باقي ڪتاب وڪڻائڻ
۾ مدد نه ڪيائين. هينئر لطيفي دواخاني ۾ پڙيون ٻڌي، گراهڪن کي ڏيندو آهيان.
قانون
جي حوالي سان www.tmkbarass.webs.com جي نالي سان
خوبصرت ويب سائٽ هلائي رهيو آهيان. ٽنڊو محمد خان بار جو لائيبريري سيڪريٽري ۽
نائب صدر ٻه ٽي دفعا رهيو آهيان.
ٽنڊو
محمدخان جي تاريخ تي ڪم ڪيم پر ڏٺم ته ڪم وڏو آهي. اهو پنهنجي فيس بڪ جي البمن تي
موضوع وار ڄاڻ جمع ڪري رهيو آهيان، جيئن ڪير ڪم ڪري ته ان کي ڪافي مواد ملي سگھي.
اجرڪن
جو به سٺو ڪاريگر آهيان.
تعليم
جو خرچ قاضي الله ڏني جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪري ڪندو هوس. مالي حوالي سان وڏا
انتهائي امير هئا. اسان انتهائي بک ۾ اکيون پٽيون. هن وقت به پنهنجي مرضي سان زندگي
گھارڻ ڪري مشڪلاتن ۾ رهان ٿو.
ان ڪري
منهنجو نظريو آهي ته شراب خور زاني ۽ حرام خورن جي چمچا گيري ڪري دولتمند ٿيڻ ڪو
به ڏوه نه آهي. باقي عزت، غيرت، شرافت اهي ڪنهن ڪم جون نه آهن. نه ئي پيٽ ڀرينديون.
انهن شين جي موجودگي ۾ اولاد به نافرمان ٿي وڃي ٿو.
باقي ڪوشش
ڪري نيڪيءَ جا ڪم ڪندو آهيان. هرو ڀرو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان.
(فيس بوڪ تان، سندس وال تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا