محمد حسن ٽالپر
عبدالرسول نظاماڻي
سنڌ جي
سداحيات لائق ۽ صد عزت واري سدوري اديب، شاعر ۽ محقق لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي اڄ
کان سئو ورهيه اڳ سال 1914ع ۾ ڀٽائي عليه رحمت جي ڪلام تي هڪ ڪتاب لکيو ”اسان جو
لطيف“. ڪتاب ڇا لکيو، الفاظ جا موتي اهڙي طرح جوڙيا اٿس جو انهن جي مٺاس وٺندي ڍؤ ٿيڻ
جو سوال ئي ڪونهي. ”شاهاڻي شاهه“ جي افتتاحيه ۾ آخوند گل محمد جي ديواني گل مان
فيض جا گل ڳولي ڀٽائي کي مخاطب ٿيندي ڄاڻائي ٿو ته:
تو
منجهان جڳ کي مليو رحمان فيض،
جن ملڪ
حيوان ۽ انسان فيض
سنڌ کي
تو کان سرئو سڀڪي سخي
خوب ورتو
ساري هندستان فيض.
سنڌ کي
مليل خاص وڙ جي اپٽار هيئن ٿو ڪري ته ”ڳوٺ ڳوٺ ڪو وڃي ڦري ڏسي. سنڌ جي اهڙي ڪنڊ ڪڙڇ
رهي ڪانهي، جتي هڪ نه ٻئي پير يا اولياءَ جو مقبرو نه آهي، وري اهو مهينو پالهو ڪونهي
جنهن ۾ هڪ نه ٻئي فقير جي درگاهه تي ڌام ڌوم
سان ميلو نٿو لڳي. سنڌڙي هونئن گريبڙي پر هي جو شرف مليو اٿس تنهن جي برڪت سان
سندس شان سڀنئان سرس آهي. سندس مان مڙنئان مٿي آهي.
جهڙي
طرح ڪاڪي لالچند سنڌ ۾ درويش بزرگن الله لوڪن فقيرن ۽ پهتلن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي
طرح سنڌ ۾ عالمن، مخدومن، سنتن ساڌن جي به کوٽ ڪانهي. سنڌ ۾ علم وارن عالمن کي
ميان ڪري ڪوٺيندا هئا، جيڪي تمام وڏي ڄاڻ ۽ ڏاهپ جا ڀنڊار هوندا هئا. سخين ۽ سياڻن
جي ڪا ڪمي ڪا نه هئي. فقيرن ۾ هڪڙو وڌايو لکن جو مٽ هو. سنڌ ۾ هندو-مسلم ايڪتا هڪ
مثالي هوندي هئي. مسجد جي ڪڇ ۾ مندر جو هئڻ ڪو عيب ڪو نه هو. گيڙو پوشاڪ ۾ ملبوس
صوفين جي پنهنجي سڃاڻپ هئي. سنڌ ۾ عالمن ۽ صوفين کي جيڪي مدرسن، ڌرم شالائن جا
داعي هوندا هئا. هتي اسين ميان مان هڪڙي وڏي عالم ميان محمد علي ٽالپر جو ذڪر ڪنداسين.
ٽنڊي ڄام جي ٽالپر ڳوٺ جي هن وڏي عالم جو ذڪر ڪندي نوابشاهه جو بشير احمد ايس ميمڻ
پنهنجي سنڌو پارس پبليڪيشن جي ڪتاب ”نئون سج“ ۾ رقم ڪيل آهي ته ميان مولوي حاجي
مير محمد علي ٽالپر وقت جو وڏو عالم ۽ برگزيده انسان هو. مولوي حاجي محمد علي
حياتيءَ جو وڏو حصو تدريس ۾ گذاريو ۽ تلهار (تعلقي ٽنڊي باگي) ويجهو چاتري (ڳوٺ
احمد خان نظاماڻي) ۾ سندس وڏو مدرسو هيو. جتي پري پري جا طالب علم دين جي تعليم
حاصل ڪرڻ ايندا هئا. مولوي صاحب جي هن مدرسي جون ٻه شاخون هڪ نم ليار نظاماڻي ۾ ۽ ٻي
ٽالپر ڳوٺ ٽنڊي ڄام ۾ به هئي. ميان محمد علي جي ٽنڊي ڄام جي خاناڻي ميرن ۾ وڏي ساک
هئي. ٽنڊي ڄام جي سخي مير الله داد حج جي سنڌي پانڌيئڙن لاءِ مدينه منوره ۾ هڪ مسافر
خانو (رباط) خريد ڪري وقف ڪرڻ لاءِ ميان صاحب کي منتخب ڪيو ۽ ميرن جي پير
عبدالقادر (لنواري شريف) سان گڏ هڪ خطير رقم ڏيئي حج لاءِ روانو ڪيو، جتي هنن
مدينه منوره ۾ هڪ رباط خريد ڪري باقاعده لکت سان وٺي ڇڏي. جيڪا خاص سنڌي حاجين
لاءِ وقف هئي. مدينه منوره جي سرڪاري رجسٽرڊ آفيس ۾ اڄ به ان جا ڪاغذات موجود آهن.
هي تقريبن اڄ کان پوڻا ٻه سئو سال اڳ جي ڳالهه آهي.
سنڌ ۾
ملڪ کي آباد ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار آبپاشي جو نئون نظام بئراج سسٽم آڻي رهيا هئا.
نهور زمينن جي آبادي لاءِ زمينن جي نئين سر الاٽمينٽ شروع ڪئي وئي هئي. ميان محمد
علي کي به ضلعي نوابشاهه ۾ نصرت واهه تي زمنيون کلڻ سان ملي ويئي ۽ ميان صاحب
چانري ۽ ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نصرت واهه جي 68 (اٺهٺ) موري وٽ پنهنجو نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺو.
ميان صاحب کي سندس اولاد ۾ چار پٽ پيدا ٿيا. وڏو مولوي مير محمد، ٻيو حاجي محمد
اسماعيل، ٽيون حاجي محمد اسحاق ۽ ننڍو مولوي حڪيم مير محمد حسن ٽالپر. ميان محمد
علي ٽالپر جيئن ته پاڻ وڏو عالم هو ۽ طبيعتن وڏو سخي رحمدل ۽ مهمان نواز هو. اهڙو
ئي سندس اولاد هو، جنهن نوابشاهه ۽ آسپاس ۾ وڏو ناماچار پيدا ڪيو.
ميان
صاحب جي ننڍي پٽ مير محمد حسن ٽالپر جي پيدائش 1909ع ڌاري ٿي، ابتدائي تعليم
پنهنجي والد بزرگوار وٽ حاصل ڪرڻ بعد وقت جي وڏي مدرسه ضلع ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڀنڀرو لڳ
شادي پلي جي مشهور عالم مولانا محمد عثمان قمبراڻي وٽ عربي ۽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪئي.
ميان محمد علي صاحب جي نصرت واهه 68 موري تي پنهنجو نئون ڳوٺ ٻڌڻ سان ساڻس هڪ پٽ
حاجي محمد اسحاق گڏ روانو ٿيو هو. مولوي مير محمد ننڍي لاکون ئي گذاري ويو ۽ ٻه پٽ
حاجي اسماعيل ۽ مولوي حڪيم مير محمد حسن ٽنڊي ڄام جي ٽالپر ڳوٺ ۾ سڪونت پذير رهجي
ويا. ٽالپر ڳوٺ ۾ اسان جا گهر هڪ ٻئي کي بغل ۾ موجود هئا. مولوي محمد حسن کي اسين ٻار
’چاچو‘ ڪري سڏيندا هئاسون. آئون 1934ع جي گرمين ۾ عرس (ربيع الاول) مهيني جي ڏهين
تاريخ تي ڄائو هوس ۽ ساڳئي سال چند مهينن بعد چاچي کي هڪ نياڻي ’سونا‘ نالي پيدا ٿي.
سونا کان اڳ چاچي کي وڏي نياڻي ماريا ڄائي هئي. منهنجي بلوغت سندي ڀائٽي حيدر علي
سان نڪاح ڪرايو ويو هو. سونا کانپوءِ چاچي کي هڪ پٽ محمود ۽ هڪ نياڻي شبنم ڄاوا. ڪل
چئن ٻارن جو اولاد اسان ننڍي هوندي کان هڪ ٻئي جي گهرن ۾ راند روند ۽ اکر وٺڻ سان
گڏ هوندا هئاسين. چاچي محمد حسن پنهنجي ٻارن جي وڌيڪ تعليم جي خيال سان سن 1945ع ۾
نوابشاهه هجرت ڪئي ۽ اتي مستقل سڪونت اختيار ڪئي پر ٽالپر ڳوٺ ٽنڊي ڄام سان تعلقات
۽ اڃ وڃ جو سلسلو باقاعده برقرار رهيو.
چاچو
محمد حسن دستاربند مولوي ته هو ۽ حڪمت جو ڪم به چڱي طرح ڄاڻندو هو. سن 1940ع وارو
دور سنڌ ۾ هڪ وڏو انقلاب کڻي آيو هو. هارين جي حقن لاءِ وڏي تحريڪ جنم وٺي چڪي
هئي. سنڌ جا ان وقت جا باشعور نوجوان هن انقلابي واچوڙي جي ور وڪڙ ۾ سمائجي ويا.
هن دور ۾ سنڌ ۾ سياسي هلچل جو زور ٿي ويو. مسلمانن ۾ خاڪسار تحريڪ ۽ هندن ۾ سماج
وادي هلچل زور وٺي رهي هئي. گڏوگڏ انقلابي لاڙا به وڌي رهيا هئا. ٽنڊي ڄام مان
هاري حقدار تحريڪ اڀري ۽ ان جو ڳانڍاپو هندستان جي ترقي پسند تحريڪن سان جڙي ويو.
چاچو محمد حسن به ان واهوندي مان سيراب ٿي ويو. ٽنڊي ڄام جا هاري ورڪر ڪامريڊ غلام
حيدر شاهه ۽ ڪامريڊ غلام علي لغاري سندس ساٿاري هئا. هاري حقدار جو روح روان ٽنڊي
قيصر جو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي سندس استادي سٿ جو مهندار هو. چاچي محمد حسن
پنجاب جي پريم نگر ڳوٺ مان شايع ٿيندڙ ڪامريڊ گربخش سنگهه جي پريت لڙي باقاعده
گهرائي مستقل خريدار ٿي ويو. پريت لڙي هندستان جي ڪميونسٽن جو آواز هو. پريت لڙي
اردو زبان ۾ هوندي هئي ۽ چاچو اسان ننڍن نو عمرن کي پڙهڻ ۽ ان جي مواد کي سمجهڻ جي
تلقين به ڪندو هو. ان جو ايڏو اثر ٿيو جو جڏهن آئون ٽي درجا انگريزي پاس ڪري چوٿين
کان اڳتي پڙهڻ لاءِ ڪراچي جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ 1947ع ۾ داخل ٿيس ته آئون
پنهنجي سماجي سوچ ۾ باغي ٿي ويو هوس.
ڪراچي
۾ پنهنجي پڦاٽن ”ميرن“ سان گڏ رهندي روز هنن سان طبقاتي سماجي بحث هلندا هئا ۽ صدر
۾ اسان جو فليٽ ڪامريڊن ۽ انقلابن جو ڳڙهه هو. چاچي محمد حسن نواب شاهه ۾ سڪونت
کانپوءِ تعليمي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو. پنهنجي نياڻي سونا کي نوابشاهه جي خواجه صاحب
واري هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ بعد ۾ کيس حيدرآباد جي سينٽ ميري هاءِ اسڪول ۾
داخل ڪرايو، جتان هن 1952ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. چاچو محمد حسن ترقي پسند سٿ ۾ اچڻ سان
گڏ مسلمانن جي تعليمي پستي کي ڌيان ۾ رکي وڏي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهي اڳتي وڌي سگهن
۽ ترقي پسندانه سوچ سان پنهنجن سماجي حقن لاءِ جدوجهد ۾ جڙي انقلابي هر اول دستي ۾
شمار ٿين. نوابشاهه جي ڊي سي اسڪول کلڻ ۽ ان جي ترقي لاءِ ضلعي مان وڏو چندو گڏ ڪيو.
نوابشاهه ۾ چاچي جي ساٿين ۾ مولوي معاذر محمد جتوئي، دوڙ جا بروهي هاري ورڪر، ڪامريڊ
مير محمد ٽالپر، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٺارو شاهه جا ڪامريڊ ورڪر هم سفر هئا.
No comments:
راءِ ڏيندا