غلام حسين
سچ جو ساکي
ستار پيرزادو
هر
انسان ۾ ڪي نه ڪي خوبيون هونديون آهن. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن سندس اوڻاين کي ائين ڍڪي ڇڏينديون
آهن، جيئن پهاڙن کي سفيد برف پوش پهرائي ان جي لنڱاين کي ريٽي ۽ لڪائي ڇڏيندي آهي.
غلام
حسين پيرزادو، منهنجو نانو ٿئي. منهنجي والده جو والد ۽ منهنجي والد جو سوٽي سوٽ ۽
سهرو به ٿئي. هونءَ اهو سڀ ڪجھه لکڻ اجايو آهي. اهو ئي ڪافي هو ته منهنجو نانو آهي
يا هو. اهو انڪري ٿو لکان ته؛ هو هاڻي ماضي بعيد ٿي چڪو آهي. مان اهو ڪجھه اڳ به
لکي چڪو آهيان، پر ٻيهر لکڻ ۾ ڪو هرج ناهي. ائين يادگيري ۾ اضافو ئي ٿيندو آهي. جيڪڏهن
نه لکيو اٿم ته اها ڳالهه بهتر ٿيندي ته هو 1968ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو هو. اسان کان
ته ڇا سندس معتقدن ۽ ڳوٺ وارن کان به وڇڙي، اوڏانهن هليو ويو، جتان ڪو به واپس ورڻو
ناهي.
نانو
غلام حسين، حاجي لعل بخش جو وڏو پٽ هو ۽ سندس هيءُ جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ سندس
والد جي پڳ سندس مٿي تي آئي. نانو غلام حسين جيئن ته انتهائي ڪونئرڙي طبيعت جو مالڪ
هوندو هو. سادڙي سڀاءَ جي ڪري، همدرد ۽ هڏ ڏوکي هئڻ ڪري، اها امانت سنڀالي نه
سگھيو. نيٺ زمينداريءَ جي پڳ، پاڻ پنهنجي وڏي پٽ بدران، پنهنجي ويڳي ننڍي ڀاءُ علي
حيدر کي ٻڌرائي ڇڏيائين. ان لاءِ هن وٽ واضح سبب هي هو ته هاري ويچارا غريب آهن، سڄو
ڏينهن محنت ٿا ڪن، مون کي هنن تي چڙهت ڪرڻ نه ٿي جڳائي. هنن کي جو ڪجھه ملي ٿو،
اهو هنن جي گذاري لاءِ به نه آهي. تنهنڪري ساڻن حساب ڪتاب ڪرڻ، مون کي پسند ناهي.
ناني
غلام حسين جو حليو، هن ريت هوندو هو. قد لاٺيرو، چاپئين اڇي ڏاڙهي، خط ورتل، کڙو تڙو،
90 ورهين جي ڄمار ۾ به ڪڏهن جھڪي نه هلندو هو. هلڪو سانورو رنگ، هٿ ۾ سدائين لٺ کڻندو
هو. ٻارن سان اصل دل هوندي هئس. پوءِ اهي پنهنجا ھجن يا پراوا ڇو نه هجن. حاجي لعل
بخش شيخ، جيئن ته پاڻ لواري شريف جي پنجين سجاده نشين خواجه محمد سعيد جو مريد هوندو هو. پر سندس هي
جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ سندس خاندان جا ڪيترا ئي فرد اهو پار ڇڏي ويا. جڏھن ته غلام
حسين پنهنجي اهل عيال، پوٽن، ڏوهٽن (سواءِ ملان شفيع محمد جي پوٽن) سميت، آخري
پساهن تائين، لواري شريف جو معتقد رهيو ۽ آخري ستين سجاده نشين خواجه گل حسن تائين
۽ اڄ ڏهاڙي تائين ان پار جا معتقد رهندا اچن ٿا. ان سان گڏوگڏ پنهنجي وڏڙن جي
معتقدن کي به سنڀاليندو ۽ انهن جي لاءِ دعائون گھرندو رهيو.
هو مون
سان ته بيحد پيار ڪندو هو. هونءَ مون جڏهن هوش سنڀاليو ته مون کيس نه صرف مون سان
پر پنهنجي ٻين پوٽن سان ۽ ٻين پاڙي جي هر ٻار سان دلي پيار ڪندو هو. ان حد تائين
جو سامهون رهندڙ ڪاڪي مظهر (هن جي گھر واري پٺاڻي هئي) جي غريب ٻارڙن کي سڏي، پاڻ
سان گڏ ماني به کارائيندو هو. پر کين هنج تي کڻي گھمائيندو وتندو هو. پاڻ زمينداري
ته ڇڏي ڏني هئائين، سندس وڏو پٽ الهه بخش، سائين خليفي محمود کي پٽيلو ڪري ڏنو
هئائين. هو پرائيمري ماستر هو. باقي سندس ٻي گھر واريءَ مان جيڪي ٽي پٽ گل محمد،
در محمد ۽ فضل محمد هئس، انهن مان گل محمد ۽ در محمد جون شاديون ڪرايائين. پر خدا
جي ڪرڻي اهڙي جو ٻنهي جون گھر واريون، جيڪي ملان شفيع محمد جون ڌيئر هيون، ويم ۾
اولاد زنده ڇڏي، پاڻ الٰهي امر اونائي، راهه رباني وٺي رمنديون رهيون ته انهن جو
اولاد به پنهنجا والد هوندي ناني غلام حسين جي گھر ۾ ان غربت واري حالت ۾ پلبا
رهيا. توڙي جو سندن والد حال حيات رهيا. نيٺ گل محمد ٻي شادي (ننڍي نيٽي ڌيءُ کان
به) ننڍي ڇوڪريءَ سان رچائي. پنهنجي وڏي ڌيءُ پنهنجي وڏي ڀاءُ الهه بخش جي ٽئين
نمبر پٽ بيگ محمد سان وهانءُ ڪرائي ڇڏيائين، جا اڄ به حال حيات آهي. گل محمد، سندس
گھر واريءَ جي هيءُ جهان ڇڏڻ کان پوءِ، اڪثر ڳوٺ ۾ نه رهندو هو. هو موهين جو دڙو لڳ،
سوهُن جي ڳوٺ ۾ ڪنهن مشوري يا سوهوءَ جو دوڪان سنڀاليندو هو ۽ رهندو به اتي ئي هو.
مان نه ٿو ڄاڻان ته هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪو حصو، پنهنجي والد کي ٻئي لاءِ نه صحي،
پنهنجي ڌيءُ لاءِ به ڏيندو هو يا نه.
در
محمد پرائيمري ماستر هوندو هو. پوءِ جيڪڏهن سندس اسڪول، ڳوٺ جي ويجھو هوندو هو ته ڳوٺ
ناني سان گڏ رهندو هو ۽ پڪ ئي پڪ سندن گھر جو گاڏڙو به گهليندو هو. پر انهن ڏينهن
۾ ان جي جا پگھار هوندي هئي، ان مان گھر جي ايترن (يعني والد، والده، وڏي ڀيڻ،
سندس پٽ ۽ ڀائٽي سميت) گھر-ڀاتين جو گاڏو مس گهلبو هوندو.
نانو
غلام حسين، فارسي سڪندر نامي تائين پڙهيل ۽ تحصيل يافته هو. کيس فارسيءَ کان سواءِ
سنڌي، سرائيڪي ۽ هندي شاعريءَ جو ڀنڊار ياد هوندو هو. جيڪو اڪثر جھونگاريندو رهندو
هو. ان سان گڏ کيس راڳ جي به ڄاڻ خوب هوندي هئي. جيتوڻيڪ هن ڪڏهن ڪنهن راڳ جي
استاد کان، ڪا به تربيت ورتي نه هئي. تڏهن به راڳ جي ايتري ڄاڻ هوندي هئس جو چوندا
آهن ته؛ فقير محمد جي شاديءَ تي، ڳوٺ ۾ جيڪو ڳائڻو گھرايو ويو هو، جڏهن هن راڳ ڳائي
بس ڪيو ته اتي کيس ناني غلام حسين ٽوڪيندي چيو هو ته، ”تو ته رات ڪري ڇڏي.“ هن
ويچاري ڳائڻي جا ته طاق ئي لڳي ويا. پوءِ هو ٻي رات به ڳوٺ ۾ رهي پيو ۽ وراڻيائين ته،
هاڻ مان صبح ضرور ڪندس. يعني صبح جو راڳ ڳائي بس ڪندس.
نانو
غلام حسين، پاڻ وندرائڻ لاءِ، اڪثر اوطاق ۾ پتي راند ڪجھه ماڻهن سان ڪندو هو. اگر ڪي
ماڻهو نه به هوندا هئا ته اسان ننڍن ٻارن سان به ويهي راند کيڏندو هو. هن لاءِ ننڍ-وڏائيءَ
جو فرق نه هوندو هو. بس واندڪائيءَ جي ڪري
روح ريجھائڻ جو هن اهو طريقو اختيار ڪري رکيو هو.
جڏهن
ادي يار محمد؛ شاهه جمال تي راڳ جون محفلون مچايون، ته ان جي هاڪ ٻڌي ڪيترا ئي راڳي
اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ٽڪي پوندا هئا، پوءِ هر روز راڳ جون محفلون ۽ سماع جون محفلون
مچائيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن اسان به ڳوٺ ۾ هوندا هئاسون ته ضرور ويندا هئاسون
يا اسان جي عيدن تي ڳوٺ وڃڻ ڪري شاهه جمال، ملوڪ شاهه يا ڀرپور فقير جي مڪان تي راڳ
هر روز ٿيندو هو ۽ اسان به راتين جون راتيون جاڳي اهو راڳ ٻڌندا هئاسون.
هڪ ڀيري
ادي يار محمد ٻڌايو ته مامون غلام حسين ايندو آهي ته ٺڙڪو ڳائڻ واري کان پيو چڪون ڪڍندو
آهي. چوندو اٿس ته هتان غلط ٿو ڳائين. هڪڙي ڀيري ته هڪڙي ڳائڻي کي اٿاري پاڻ اهو
راڳ ڪري ڳائي ڏيکاريائينس ته هو وات پٽي مامي کي ڏسندو رهيو. تنهن ڪري مون مامي کي
اهڙن ڳائڻ وارن کي ٻڌڻ لاءِ اچڻ کان منع ڪري ڇڏي. نانو باقي ڪڏهن ڪڏهن ادي يار محمد
کي، فارسي، سرائيڪي، سنڌي، سچل سرمست، مصري شاهه، شاهه لطيف، حمل فقير ۽ ٻيا ڪيترا
ئي شاعر بنا سازن جي ڳائي ٻڌائيندو هو. هڪ ڀيري کيس يوسف زليخا جو قصو اهڙي ته رقت
انگيز نموني ڳائي ٻڌايائين جو پوءِ ٻئي ڪيترو
وقت روئندا رهيا. ناني غلام حسين، هڪڙي ڀيري ادي يار محمد کي چيو ته مرشدن جي منع ٿيل
آهي، نه ته دل ته گھڻو ئي چاهي ٿي ته جيڪر جمعي جي رات مان، به اچي ڳايان. اها منع
انڪري ھيس جو سندس تعلق نقشبندي مسلڪ سان هوندو هو.
سچار
وري اهڙو جو ڳوٺ ۾ ٻه واقعا اهڙا ٿيا جيڪي هن لاءِ مشهور آهن. هڪڙو واقعو سندس ننڍي
پٽ فضل محمد سان لاڳايل آهي. هن کي نوجوانيءَ ۾ نوڪري ڪا نه هوندي هئي، انڪري هلڪو
ڦلڪو واپار وڙو ڪندو هو. ان مان ڪو خاص اپراسو ته ٿيندو نه هوس. هڪڙي ڀيري نه ڄاڻ ڪهڙو
ريچڪ آيس جو هڪڙو پاڏو ڪاهي آيو ۽ اچي اوطاق جي ٻاهران نم جي هيٺان ڪٺائين. گوشت وڪڻي
ڇڏيائين. ناني جي دل ۾ خير ته خريد ڪري آيو هوندو. ٽپهريءَ ڌاري ڀر واري ڳوٺ ڪاراڻين
مان ڪي ماڻهو پير کڻي اچي اوطاق تي سهڙيا. اوطاق ۾ کين سائين خليفو محمود مليو، جنهن
ٻڌاين ته؛ ”بابا اسان کي ته ٻي خبر ڪانهي باقي صبح جو ادي غلام حسين جي پٽ فضل محمد
پاڏو ڪٺو هو. مهادي ڪري وڪڻي ڇڏيائين.“ جڏهن ناني غلام حسين کي گھرايو ويو ته هن
به اها ئي ڳالهه ٻڌاين ته، ”ابا اسان ته ڄاتو هو ته خريد ڪري آيو آهي ۽ انهن کي
پيسا ڏيندو. باقي هاڻي وڪڻي ڇڏيو اٿس ۽ پاڻ گھر ۾ به ڪونهي. باقي کل سو پڇٽيءَ تي
پئي آهي، چئوم ته آڻي ڏيانوَ.“ اهڙن انسانن جون سچيون ڳالهيون ٻڌي، هنن ماڻهن به
اهو پاڏو کين بخشي ڇڏيو.
ٻيو
واقعو سندس نياڻي ۽ سندس ڀاءُ جو آهي. جن جي لاءِ سندس ڌيءُ چغلي هڻندي هئي جو اهي
ٻئي ڀائر چورين ۽ ڌاڙن ۾ ملوث هوندا هئا. جنهن جي خبر هوءَ پنهنجي والد، ناني غلام
حسين کي ٻڌائيندي هئي. تنهنڪري اهو خاندان جو وڏو ۽ سندن وڏو سؤٽ هئڻ ڪري، کين نه
صرف منع ڪندو هو پر انهن جي لاءِ آيل ماڻهن کي ٻڌائي ۽ کين موٽرائي به ڏيندو هو.
تنهنڪري
سندس ٻنهي سؤٽن رات جو، ان اسان جي ويچاري سچار ماسيءَ کي ٻارن سميت قتل ڪري ڇڏيو.
پر هن اهو قتل به لواري شريف جي مرشد جي چوڻ تي کين معاف ڪري ڇڏيو. تنهن هوندي به
هڪڙو ڄڻو، ڪجھه وقت جيل ۾ رهيو ۽ پوءِ معاف ڪرڻ ڪري بند خلاص ٿيس. هن پنهنجي ڳوٺ
جي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي به مرشد خواجه احمد زمان جي چوڻ تي معاف ڪري ڇڏيو، جنهن
سندس وڏي پٽ الهه بخش کي لڏوءَ ۾ زهر ملائي ڏنو هو، جنهن اهو لڏو ٿورو ئي کاڌو هو
ته سندس طبيعت خراب ٿي پئي ۽ اهو لڏو اڌ و اڌ ڪري پنهنجي ٻن ننڍين ڀينرن کي ڏنو هو
ته، اهي کائڻ شرط ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويون هيون. قدرت جو ڪرشمو جو پٽس بچي ويو هو.
اهڙو سنگين ڏوهه به هن مرشد جي چوڻ تي بخشي ڇڏيو هو. هنن انهن ٻن ڌيئرن جي قتل جي
عيوض کيس ڪچي ۾ ڪو ٽڪرو زمين جو ڏنو هو.
ائين
راڳ کي به هو پروفيشن بڻائي نه سگھيو هو. ان جو سبب مٿي ڄاڻائي آيو آهيان؛
نقشبندين وٽ راڳ ڪن مخصوص موقعن جي، باقي ٻڌڻ جي منع ٿيل آهي. ڇو جو اهي شريعت جا
سخت پابند هوندا آهن ۽ شريعت ۾ راڳ ۽ ساز، سواءِ ڪن موقعن جي باقي ٻڌڻ جي منع ٿيل
هوندي آهي. تنهنڪري ناني باقائدي ڳائڻ شروع نه ڪيو. باقي راڳ ڳائڻ تي ۽ راڳڻين ڪرڻ
تي ايتري دسترس هوندي هئي جو اسان ٻه ٽي ٻارڙا ئي گڏجي کيس ’سر سارنگ‘ ڳائڻ جي
لاءِ ضد ڪندا هئاسون، ته جيڪڏهن اسان سان راضي ٿي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته پوءِ نه ڄاڻ
ته ڪٿان ڪارا ڪڪر مڙي اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ ٽهه ٽهه مينهن اوڙڪون ڪري اچي لهي پوندو
هو ته؛ پوءِ نه مينهن بس ڪندو هو، نه وري پاڻ روئڻ ۽ ڳوڙهن ڳاڙڻ کان بس ڪندو هو.
پوءِ اسان ٽئي ٻار لطف، مان ۽ منظور هنبوڇيون هڻندا نانيءَ جا دڙڪا سهندا، ڊوڙون
پائيندا وتندا هئاسون. ناني دڙڪا ان ڪري ڏيندي هئي جو سندن ڇن، هنڌ هنڌ کان ٽمي
پوندي هئي ۽ سندن هنڌ ٽپڙ پسي ويندا هئا. پر اسان ٻارن جو انهن جي ان نقصان سان ڇا
وڃي. اهو اسان جو تجربو ڪو هڪ ڀيري جو نه هو پر ڪيترا ئي ڀيرا ناني غلام حسين اسان
جي فرمائش، ضد ۽ ڀَڪَ ٻڌي بيهڻ تي راضي ٿي ڪري سر سارنگ ڳاتو هيو. مون اڄ تائين، ڪنهن
ڳائڻي کان اهڙو سارنگ ڳائيندي ۽ اوڙڪون ڪري مينهن وسندي نه ڏٺو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا