; سنڌي شخصيتون: شعبان بخت

22 July, 2017

شعبان بخت

شعبان بخت

منهنجو محسن استاد

ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو



سال ۱۹۸۵-۸۶ع ۾ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾، بي ايڊ ٿي ڪيم. ان دوران اسان جي ڪلاس وارن، هڪ پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو. ان پارٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مان ڪن تقرير ٿي ڪئي، ڪن تاثرات پئي بيان ڪيا ته ڪن گيت ٿي ڳايا ته ڪن شاعري ڪري داد ٿي وصول ڪيو. ماحول پئي محظوظ ٿيو، ان ۾ مون به پنهنجي ڪچي پڪي شاعري پيش ڪئي.


مون واري شاعريءَ تي تاڙيون وڳيون ته مان خوش به ٿيم ته حيران به ٿيس ته اهڙي خاص به ڪا نه هئي جو پسند ڪئي وئي. ان پارٽيءَ ۾ منهنجا استاد به ويٺل هُئا، تن جي چهري تي به پئي مرڪ ڏٺم. لڳي پيو ته همت افزائي پئي ٿي، باقي شاعري مون واريءَ ۾ گل به ڪو نه هئا. اها ته مان پئي ڄاڻان ته اها ڪيتري بي وزن هئي. پڙهڻ جي جرئت الائجي ڪيئن ڪئي هُئم، سا به زندگيءَ ۾ پهريون دفعو. خير قصو ڪوتاهه. استادن کي اها پڪ ٿي هئي ته مان شاعري جهڙي مرض ۾ مبتلا آهيان. پوءِ جڏهن گرلز روم ۾ جيڏيون گڏبيون هيون ته فرمائش ڪنديون هيون ته شاعري ٻڌاءِ، جيڪا ٻڌائيندي هئم ته ان تي واهه واهه جو ڪنديون هيون ته دل اصل باغ بهار ٿي پوندي هئي. دراصل انهن ڪافي حوصلو ڏياريو، مون تقريبن پريڪٽس جاري رکي، پر اڃا به ڇپائڻ جي مون ۾ نه همت هئي نه ئي جرئت هئي. سوچيندي هئس ته ماڻهو شاعري پڙهي کِلندا. الائي هنن ڇوڪرين کي ڇا هو، اهي ڪچي ڦڪي شاعري ٻڌنديون هيون ته ڪڏهن زباني ڪڏهن ترنم ۾ واهه واهه ۾ ته ڍاپنديون هيون خير. هڪ ڀيري پنهنجي استاد عبدالرحمان صديقي کي اسائنمينٽ ڏيڻ ويم سندس آفيس ۾ ته هڪ شخص آيو، سائين اٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪيائين، پوءِ کيس ويهاري بعد ۾ پاڻ ويٺو ۽ مون کي به ويهڻ لاءِ چيائون. منهنجي ٽيچر حال احوال بعد ان شخص کي چيو ته سائين هي آهي اسان جي شاگردياڻي جا بي ايڊ ٿي ڪري، خيرپور ميرس جي آهي، جنهن کي شاعري اچي ٿي، پر توهان جي هن جي رهنمائي فرمائيندا ۽ شاگرديءَ ۾ وٺندا ته بهتر لکي سگهي ٿي، مان ڀايان ٿو ته نالو ڪڍائيندي. مون طرف منهنجي استاد منهن ڪندي چيو ته نجمه هي آهي شاعريءَ جو پارکو، ڄاڻو ادبي نئين زندگي رسالي جو پبلشر شعبان بخت صاحب، هو وري استاد شعبان کي چوڻ لڳو ته هن کي ڏات قدرتي آهي، اوهان هن جي مدد ڪريو.

استاد شعبان بخت چيو ته پنهنجي شاعري مون کي ڏيکار، چيم ته ضرور پوءِ چيائون ٻئي دفعي مان ايندم، توهان وٽ اها هئڻ گهرجي. هن مون کان ڪجهه سوال ڪيا، مون کي ائين لڳو ته مان ڪنهن نوڪريءَ جي انٽرويو ۾ ويٺل هجان، پڇيائين ته ڪهڙين ڪهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪندا آهيو، مون لاءِ ڄڻ سي ايس ايس جو سوال هو. مان ڪجهه حجاب، ڪجهه ششدر، ڪجهه نالائقي ۾ چپ رهيم، هو مون ڏانهن نهاري پيو، مون کي سندس اکين مان خوف پيو ٿئي. مان ڇا کيس مطمئن ڪريان ها، جنهن کي شاعري جي الف ب جي خبر نه هئي، طبع آزمائي جو لفظ ته منهنجي مٿي تان گذري ويو.

چيم هٻڪندي نئين آهيان، ان علم کان لاعلم آهيان، اوهان جي رهنمائيءَ شفقت جي ضرورت اٿم. مان هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويم، چيائين ته کڻي اچجو مان ڏسندم. مون دل ۾ خوش ٿيندي جلديءَ ۾ چيم ته ها ها ضرور کڻي ايندم، پوءِ خدا حافظ ڪري واپس ٿيس، ٻيهر سندس اچڻ جو بي چينيءَ سان انتظار ڪندي رهيس، ٺيڪ اٺن ڏينهن بعد پاڻ آيو، مون کي ڪلاس مان گهرايو ويو، ساڳي ٽيچر جي آفيس ۾، مون جيئن ته ان ڏينهن کان پاڻ سان گڏ شاعري رکي هئم، مون کيس اڳيان رکي، پاڻ پڙهي چوڻ لڳو ته تنهنجا خيال ته غضب جا آهن، تخليقي هُنر اٿوَ، باقي بحر وَزن جي کوٽ اٿوَ، سو اهو به اچي ويندو توهان کي، ڏات اٿو، ڏانءُ به اچي ويندو، پوءِ هو شاعري کڻي ويو، منهنجو گيت پاڻ نئين زندگيءَ ۾ هلايائون، اهو پهريون گيت هو جو شايع ٿيو هو، سو هي آهي:

تنهنجي ڏسڻ جي لاءِ سدا ترسنديون رهيون،

موسم بنا برسات اکيون برسنديون رهيون.

مون کي جي هجن ها پر اُڏري نه اچان ها؟

تنهنجو اچي محبوب مان منهڙو نه پسان ها؟

هر پل ئي آهون اندر منجهه ڪُسنديون رهيون،

موسم بنا برسات اکيون برسنديون رهيون.

هاڻي ته تنهنجي هجر آ ماري وڌو پرين،

بلڪل اُجهايل آڳ کي ٻاري وڌو پرين،

ياديون اُلا اُلا ٿي اجهو ڀڙڪنديون رهيون،

موسم بنا برسات اکيون برسنديون رهيون.

مان شوح شَنگ خود سر ۽ ڪجهه سنگدل هئس،

۽ پيار جي ئي نام کي سمجهندي کل هُئس،

پٿر ادائون موم جيان پَگهرنديون رهيون،

موسم بنا برسات اکيون برسنديون رهيون.

جيڪر ملين هان پهرين حياتي جي راهه ۾،

هن طرح دل جلي نه ها جذبن جي آهه ۾،

ڪيڏو نه انتظار ازل کان ڪنديون رهيون،

موسم بنا برسات اکيون برسنديون رهيون.

جيڪو ڇپجڻ بعد ماڻهن همٿايو، لکندي رهيم، نئين زندگيءَ ۾ ڇپبو رهيو، اعتماد بحال ٿيو، تنهن دوران اهو به ٻڌايو هئائون ته ماڻهو توهان سان ريس ۽ حسد ٿا ڪن ته نجمه جو مواد هر ماهه ڇو ٿو ڇپجي؟ اهڙا هڪ ٻه خط به پهتا آهن، ڇپجڻ لائق آهن ته ڇپجن ٿا؟ خير سان ۱۹۸۶ع ۾ ايليمنٽري ڪاليج خيرپور واپس اچي نوڪري جوائن ڪيم، (As Drawing Teacher) وري لطيف يونيورسٽي ڪيئن ڪڏهن پهتيس، اهو قصو وري ٻئي ڀيري.

جڏهن خيرپور آيم پوءِ به گيت غزل وغيره موڪليندي رهيم، ان وقت موبائيل فون وغيره ته ڪو نه هيون، لڳاتار مواد ڇپبو رهيو، سائين مون تي انتهائي مهربان رهيو. استاد شعبان تي لکڻ کان پهرين ضروري هو ته مان ٻڌايان ته ان سان ملاقات ڪٿي ڪئين ٿي، ڪنهن ڪرائي، ان لاءِ مٿيون ذڪر مون ڪيو.

سائين شعبان بخت ڪشموري جيڪو انتهائي لائق، بااخلاق، باضمير غيرت ۽ جرئت مند منافقت کان دور، فرض شناس، روشن خيال، دقيانوسي سوچ کان عاري هڪ کرو ۽ سچو انسان آهي. هن وقت سندس عمر ۸۶، ۸۷ سالن جي لڳ ڀڳ آهي، ضعيف ٿي چڪو آهي، مان سندس صحبت مان هميشه گوهر موتي ميڙيا آهن.

هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو ته سائين اوهان ڪو ڪتاب ڇو نه ڇپرايو؟ چيائون ته ڪيترن ئي ڪتابن جيترو مواد پيو آهي، هڪ ڪتاب مختلف جاين تي شايع به ٿيو پر ڪو نه ڇپائي سگهيس، الائي ته ڇو؟ چيائون ته هو ڏس انهن ڪارٽونن ۾ ڪل منهنجو مواد اٿئي، چيم ته اهو ڪم منهنجي حوالي ڪريو، چيائين ته مشڪل آ، ڪاغذ ئي خراب ٿي ويا آهن، وري چيم ته ڀلا توهان جي اولاد مان ڪنهن نه ڇپرايو، چيائين اهي به پنهنجي ڪمن ۽ ٻچن ۾ مصروف آهن، سو مشڪل آ. چيم سائين ائين نه ٿيڻ گهرجي، هو سڄو اوهان جو پورهيو دز ۽ اڏوهي حوالي ٿي ويندو، ائين نه ٿيڻ گهرجي. بهرحال، الله پاڪ سندس شفقت جو سايو مون سميت سندن ٻچن قائم رکي (آمين)


 

محمد شعبان بخت

دادا سنڌي

منهنجي نئين زندگي جي ايڊيٽر محمد شعبان بخت سان ملاقات ٿي. شعبان بغت صاحب سنڌ جو جهونو صحافي ۽ ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر آهي. هو تعميري ۽ صحتمند ادبي رجحان رکندڙ آهي. هن جو سنڌي صحافت سان پراڻو ناتو آهي. فردوس ۽ ڳوٺ سڌار رسالا وڏي ڪاميابي سان ڪڍيائين. ڪجهه عرصو نئين زندگي جو ڪراچي ۾ به اسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو. اتر سنڌ جيڪي ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، تن ۾ ڪشمور جو هي مرد مجاهد به هڪ آهي. سندس شاعري اصلاحي ۽ تعميري آهي. علامه اقبال جي شاعري جو سنڌي ۾ بهترين ترجمو ڪيو اٿس. جنهن مان اصليت جي بوءِ اچي ٿي. هي اڇي مٿي وارو مرد قلندر، سچ پچ اڄ جي نوجوان کان به وڌيڪ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان چاهه رکي ٿو. جنهن جو واضع ثبوت هي آهي ته هيڏو تجريبڪار ۽ جهونو صحافي به اڄ اسٽنٽ ايڊيٽر ٿي، نئين زندگ سان ناتو نباهيون ٿو اچي. سندس جذبي کي سلام آهي. خدا شل کيس وڏي ڄمار ڏي، جيئن اسان جهڙا سيکڙاٽ کانئس ڪجهه فيض حاصل ڪري سگهن. ( ۱۹۸۹ع)

 

(سڄڻ ۽ ساڻيھ جون ساروڻيون تان کنيل)


 

شعبان “بخت”

سنڌي ادب جي تاريخ جو وساريل ڪردار

حسيب ناياب منگي

سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح فرمايو هو ته “جني منجهه مڻيا، سي پاڻهيءَ پڌرا”. جن به شخصيتن جي حصي ۾ علم جي جوت آئي آهي سي هميشه جڳ ۾ سڀني کان منفرد رهيا آهن. سندن خلوص ۽ نيڪ نيتي، سچائي ۽ سادگي سندن شخصيت جو حوالو بڻجي سامهون آئي آهي. اهڙن ڪردارن ۾ اگر ڪو شاعر هجي ته سندس طبعيت ۾ حساسيت اڃان وڌيڪ کيس اجاگر بڻائي ٿي. هو پنهنجي اکين سان زماني جي حالتن کي ڏسي گهڻو ڪجهه لکي به ٿو ۽ من سان محسوس ڪري خيالن کي اهڙو ته گهرائيءَ سان پيش ٿو ڪري جو هر پڙهندڙ جي دل جي صدا بڻجي سامهون اچي ٿو. شعبان “بخت” ڪشمور جو رهواسي هو، سندس ڪويتائن سان سنڌي ادب ۾ اڄ به روشني جاري آهي. هن جي ٽڙيل پکڙيل ڪلام ۾ مختلف پهلوئن جون مالائون انسان ذات جي رنگ ۽ ڍنگ جو حوالو آهن. هن جي لفظن جي رواني صاف ظاهر ٿي ڪري ته سندس جذبات ۽ احساس توڙي خيال ڪيڏا نه بلند هئا. هن سنسار کي ڪيڏو نه پنهنجو بڻائڻ جو خواب ڏٺو ۽ پنهنجي ديس جي رهواسين جي سورن کي ڪيئن نه پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو، مگر ڇا ٿيو؟ جيئن بي فيض ماڻهو پنهنجي محسنن کي وساري ويهي رهندا آهن تهڙي طرح سنڌي ادب جي هن بزرگ شاعر کي به نظرانداز ڪرڻ واري نظر ۾ قيد ڪري ڪي اهڙا ڪڙا چاڙهيا ويا جيڪي اڄ تائين لهي نٿا لهن. سنڌي ادب جون تاريخون ته سندس تذڪري ڪرڻ کان خاموش آهن پر سماج جا روشن چهرا به هن ڪهنه مشق شاعر کي وساري ويهي رهيا.

شعبان “بخت” جي سڃاڻپ سنڌي ادب ۾ اديب ۽ شاعر کان علاوه صحافتي حوالي سان به روشن آهي، هن جون نثري ڪاوشون ۽ صحافتي خدمتون ان وقت نه صرف پسند ڪيون ويون پر اهي پنهنجو مٽ پاڻ به هيون. مون مختلف رسالن ۾ سندس ڇپيل ڪلام کي پڙهي ڏٺو آهي ته سندس شاعري وڻندڙ ۽ معياري آهي. هن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا عڪس ڏسي سگهجن ٿا. هو ڏکن، سکن، وفاداري، بي وفائي، ايمانداري، بي ايماني، پيار، نفرت، حق گوئي، آواز دٻائڻ سميت سماج جي جملي خوبين ۽ خامين کي بيان ڪري پڌرو ڪري ويو ته شاعر اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي دور جي صحيح نموني عڪاسي ڪري سگهي.

اي هم نفسو! ڪجهه سوچيو، ڪجهه سوچيو ۽ ويچار ڪريو،

هن جڳ جو کيل رچايو ڪنهن،

ڌرتيءَ تي اُڀ سجايو ڪنهن،

مخلوق جو ميلو لايو ڪنهن،

هر رنگ ۾ پاڻ پسايو ڪنهن،

مفتي ئي ويهاري من ۾، جو حق سمجهو نروار ڪريو،

اي هم نفسو! ڪجهه سوچيو، ڪجهه سوچيو ۽ ويچار ڪريو.

نفرت سان ڪڏهن الفت ٿي ملي،

ڪلفت سان ڪڏهن قربت ٿي ملي،

فتني مان ڪڏهن فرحت ٿي ملي،

جهيڙي سان ڪڏهن رغبت ٿي ملي،

ڪلفت ۽ ڪدورت ساڙي، الفت جو فقط پرچار ڪريو،

اي هم نفسو! ڪجهه سوچيو، ڪجهه سوچيو ۽ ويچار ڪريو.

شعبان “بخت” سماج جو هڪ باشعور فرد هو، هڪ طرف صحافت سان وابسته هر روز ظلم ۽ ڏاڍ. قتل ۽ ناانصافين جي خبرن تي نظر ٻي پاسي شاعر هئڻ ناتي سندس من جو ماڻهپو هر ڏاڍ ۽ ظلم تي ناانصافيءَ ۽ جفائن تي لڇندو رهندو هو. هن جون ڪويتائون جڏهن اڄ سامهون ٿيون اچن ته سچ پچ سندس شاعراڻي خوبين جو اعتراف ڪرڻو ٿو پوي. هو نفسا نفسيءَ جي هن جهان ۾ رهندي ڪهڙي ريت دل جي ڳالهه ڪري رهيو آهي:

ساه جي ڄڻ صدا، بي صدا ٿي وئي،

ڪل وسنهن، ڪربلا ڪربلا ٿي وئي.

ماڻهپي تي ڀروسو نه باقي رهيو،

اهڙي زهريلي ظالم فضا ٿي وئي.

بي خطا بيڪسن جا جهڳا جهڻ ٿيا،

يا خدا! ڪهڙي اربع خطا ٿي وئي.

قهر ٿي ويو، غضب ٿي ويو، قتلام ٿيو،

ڏاڍ ڏهڪاءُ جي انتها ٿي وئي.

ٿي ويو اهڙو بي معنيٰ ڇو ماڻهپو؟

ظلم جي سرسي هيئن ڇو ڀلا ٿي وئي.

شعبان “بخت” پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڌرتيءَ تي امن جو پيغام ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جا گيت ۽ نظم پيار ۽ پنهنجائپ جي پيام سان سرشار آهن. هر شاعر جيان هو پنهنجي ڪلام ۾ مختلف جاين تي انقلابي راهون ڏيکاريندڙ به نظر اچي ٿو ته ٻي پاسي قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ به پٺتي نٿو هٽي. هن جون سوچون ۽ خيال منجهيل نوجوان لاءِ حوصلي جو ۽ جوش جذبو پيدا ڪرڻ جو سبق ڏين ٿيون. هن انهن رهزنن تي به خوب لکيو جيڪي رهبري جي چادر هيٺ رهنما بڻجي قوم جو ٻيڙو غرق ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن. سندس اهڙا ڪلام نه صرف اشاعت هيٺ آيا پر ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنس تان پڻ ڳايا ويا. هڪ نظم ۾ پنهنجا خيال ڪجهه هن ريت پيش ڪري ٿو:

هر فرد بشر جو مان ٿئي، انسان جي عزت آن ٿئي،

هر شرف شرافت ساڻ هجي، نيڪي ئي انهيءَ جو ماڻ هجي،

هر فرد بشر آهي پيارو، ملت جي مقدر جو تارو،

جمهور اهو ئي چاهي ٿو، جمهور اهو ئي چاهي ٿو.

ڪو زور نه ٿئي زر مال ڪري، ارڏو ٿي نه استحصال ڪري،

جو سوچ ڪري پرماريءَ جي، ماڻهن جي دل آزاريءَ جي،

ان کي نه ڪا واٽ نه واه ملي، ان کي نه ڪا پٺ پناه ملي،

جمهور اهو ئي چاهي ٿو، جمهور اهو ئي چاهي ٿو.

شعبان “بخت” جي شاعري ۾ غزل، نظم، بيت، وايون، ڪافيون، آزاد نظم ۽ رباعيون ئي نه پر حمد، نعت، منقبت ۽ مرثيا به لکيل آهن. سندس ڪلام آزاد خياليءَ سان گڏوگڏ روشن مثاليءَ جا نمونا به پيش ڪري ٿو. شاعر پنهنجي ڪلام ۾ مذهبي رنگ جو استعمال به ڪيو آهي. اهڙي سوچ واضح ڪري ٿي ته هو هر پهلو تي لکندڙ ۽ هر قسم جي شعر لکڻ جو ڄاڻو هو. سندس لکيل مولود ۽ نعت ته گهڻي ڳاڻيٽي ۾ محفلين اندر توڙي ريڊيو تان پيش به ٿيا آهن. اهڙي ريت سندس ڪلام جو چڱو حصو حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪندڙ حضرت امام عالي مقام حسين عليه السلام جن جي شان ۾ به لکيل آهي:

ايثار محبت جي ضرورت آهي،

ايثار ئي سچ ساڃهه جي صورت آهي.

ايثار جي جنهن ماڳ تي پهتل آ حسين،

الله تي ايمان جي پورت آهي.

شعبان “بخت” جي شاعري ۾ هجر ۽ وصال، عشق ۽ پيار جا بهترين نمونا دلڪشيءَ سان بيان ٿيل نظر ايندا، هن جو ڪلام دل ۽ دماغ کي طراوت بخشڻ جو سبب به آهي ته اثر ڇڏيندڙ پڻ آهي. هن جو انداز بيان وڻندڙ به آهي ته پڙهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندڙ به آهي. هونءَ به پاڻ نظم سان گڏ نثر به لکندو رهيو. ڊرامو ۽ افسانو هجي يا مضمون سندس نثري ڪاوشون پڻ مقبول ٿيون پر نظم سان جهڙيءَ ريت شعبان “بخت” نڀائي ويو آهي سو سندس شاعراڻي ڏات جو اعتراف ڪرائي ٿو ۽ واضح ٿئي ٿو ته شعبان “بخت” نظم جي هر صنف ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر افسوس جو اها ڪاميابي ڪنهن کي نظر ئي نه آئي جو هو نصاب ۾، تاريخ ۾ ۽ اهل ادب جي دل يا نظر ۾ اچي سگهي، سندس تذڪرو ٿئي ۽ نئين نسل کي هن پرخلوص ۽ باهمت شاعر جي خبر پئجي سگهي. حالانڪه شعبان “بخت” جو شاعريءَ ۾ آيل پيغام انسانيت، جدوجهد ۽ محبت آهي:

محبت جو دم ئي ٿو دنيا هلائي،

 متان ڪو محبت کان منهڙو مٽائي.

محبت جو آهي اهو پاڪ جذبو،

ڌڻي جنهن سان دنيا کي آهي بنايو،

محبت سان ئي جڳ پيو جڳمڳائي:

متان ڪو محبت کان منهڙو مٽائي.

محبت شريعت، محبت طريقت،

محبت حقيقت جي آهي حقيقت،

محبت ٿي رب، معرفت سان ملائي:

متان ڪو محبت کان منهڙو مٽائي.

محبت سان آهن هي نوري نظارا،

هيءُ روشن سدا سج ۽ چنڊ تارا،

محبت دلين مان ٿي اونداه هٽائي:

متان ڪو محبت کان منهڙو مٽائي.

هيءُ تو ڪير، مان ڪير، تو ڇا ۽ مان ڇا،

اناڙ ۽ اياڻپ جا رڳڙا ۽ جهڳڙا،

محبت ئي ٿي اهڙا ساڙا ڇڏائي:

متان ڪو محبت کان منهڙو مٽائي.

محبت قلندر، محبت ڀٽائي،

محبت ئي آهي سچل جي سچائي،

محبت ئي ٿي “بخت” ويڇا وڃائي،

متان ڪو محبت کان منهڙو مٽائي.

شعبان “بخت” رسول بخش منگي جو پٽ هو پاڻ ۱ جنوري ۱۹۳۳ع تي ڪشمور ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ڪشمور مان جڏهن ته مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان پاس ڪري هالا ۾ استاد ٿيو. دل جي دنيا کيس ڪڏهن ڪٿي پهچايو ته ڪڏهن ڪهڙي نوڪري ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو پر هڪ هنڌ رهي نه سگهيو. گهڻن ئي ادبي رسالن ۽ اخبارن جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر ٿي رهيو. هالا مان نڪرندڙ هفتيوار “ڪوثر” ۽ ماهوار “فردوس” هجي يا ماهوار “ڳوٺ سڌار” رسالو سائين بخت صاحب جي نگرانيءَ ۾ ادبي دنيا اندر پنهنجو مٽ پاڻ بڻيا. اهڙي ريت گهڻو عرصو اطلاعات کاتي جي مشهور سنڌي رسالي “ماهوار نئين زندگي” جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو. ان کان علاوه اخبارن ۾: روزاني سارنگ جيڪب آباد، روزاني هلال پاڪستان سکر جو سب ايڊيٽر ۽ شڪارپور مان منهنجي والد مرحوم “نقش” ناياب منگي جي تخلص پٺيان نڪرندڙ هفتيوار اخبار “ناياب” جو گهڻو ئي عرصو ايڊيٽر به ٿي رهيو.

هن کي شاعريءَ سان ننڍپڻ کان شوق هو عبدالخالق “مجروع”، رشيد احمد لاشاري ۽ “سرشار” عقيلي جي صحبت ۾ اڃان وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿي نه صرف پنهنجو ڪلام شايع ڪرائڻ لڳو پر مشاعرن ۾ به پيش ڪندو رهندو هو. هن جو ڪلام ڳايو به ويو ته  سندس لکيل ناٽڪ ۽ ڊراما ڪشمور اندر اسٽيج تي پڻ پيش ڪيا ويا پر ڪتابي صورت وٺي نه سگهيا. سندس ڪجهه ڪتاب “اکڙيون اوجاڳيون”، “شغل شباب” ۽ “موت کان پوءِ جياپو”وغيره سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرا ته ٿيا مگر هاڻي بلڪل ناياب آهن. ان کان علاوه سندس سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ڪلام جو ڪليات پڻ ڇپجي نه سگهيو. ۲۷ فيبروري ۲۰۲۰ع تي ڪشمور ۾ سائين شعبان “بخت” وفات ڪئي.

ويا دار دنيا مان نوبت وڄائي،

ملائڪ صفت مهربان ڪهڙا ڪهڙا. (سانگي)

 

(ڏھاڙي عدالت لاڙڪاڻو ۾ ۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا