; سنڌي شخصيتون: پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو - مٺل جسڪاڻي

30 July, 2017

پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو - مٺل جسڪاڻي

پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو
پروفائيل/انٽرويو: مٺل جسڪاڻي
پنهنجي سماجي سرشتي جي پاڻ کان وڌيڪ ٻين کي ڪهڙي خبر؟ پنهنجي معاشري ۾ جيڪڏهن ڇهن سالن جو اڪيلو معصوم پٽڙو، والد جي وفات کان پوءِ گهر جو اڪيلو چشم و چراغ رهجي وڃي، ته ڪير ڪهڙو اندازو ڪندو ته ان گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو ۽ اهو ٻارڙو وڏو ٿي ڇا ٿيندو؟! اهڙيءَ صورتحال ۾ گهڻا آباد گهر، برباد ٿي ويا ۽ ڪيترا ئي وقتي ڏکيائون ڏسي، سهي، اڳتي وڌي، ٻين لاءِ مثال بڻجي پيا. اهڙو ئي هڪ مثال آهي سنڌ جي قديمي شهر نصرپور ۾ جنم وٺندڙ برڪت علي ابڙو، جنهن جي ننڍي هوندي، ڇهن سالن جي عمر تائين والدين گذاري ويا، يتيم ۽ اڪيلو پٽ هجڻ جي صورت ۾ گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ پاڻ ملهائيندي، وڏو ٿيو ته پروفيسر برڪت علي ابڙو به ٿي پيو، شاعر ٿيو ته ”فرخ“ ۽ نثر نويس ٿيو ته ”ڪريمي ابڙو“ طور سڃاڻپ ماڻيائين ۽ نالو ڪمايائين.


پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو، احمد خان ابڙو جي گهر ۾ 10 سيپٽمبر 1947ع تي اک کولي. وڏو ٿيو ته 12 ٻارڙن جو پيءُ ٿيو، جن مان چار نياڻيون ۽ هڪ پٽ وڇوڙي جا وڍ ڏئي، وڃي ابدي آرامي ٿيا. جڏهن ته سندس ٻارن ۾ سڀني کان وڏي نياڻي ايم اي سنڌي ۽ ايم ايڊ آھي. هن وقت سرڪاري هاء اسڪول ۾ استاد آھي. سندس فرزند نويد احمد اليڪٽرانڪس ۾ به ته رورل ڊولپمينٽ ۾ پڻ ايم ايس سي ڪري، هڪ خودمختيار اداري ۾ تعليم جي مد ۾ فرائض انجام ڏئي رهيو آهي. فارميسي ۾ گريجوئيٽ مسعود احمد به سندس فرزند آهي، جيڪو هڪ دواساز ڪمپني جو پلانٽ مئنيجر آهي. ”ڪريمي“ ابڙو جو فرزند مقصود احمد گريجوئيٽ آهي، ذاتي ننڍڙو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ محمود احمد ”ريحان“ ابڙو ايم اي سنڌي ۽ ايم ايڊ آهي، سرڪاري هاء اسڪول ۾ استاد آهي، سرگرم اديب ۽ شاعر آهي. سائين برڪت علي ابڙو جي هڪ نياڻي ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم اي ڪئي، ايم بي اي به ڪئي، ڪافي وقت تائين هڪ فارين اين جي او ۾ اعليٰ عهدن تي به رهي، اڄڪلهه يورپي يونين جي اسڪالرشپ تي ماسٽرس ڊگري لاءِ ٿائلينڊ ۾ آهي. سائين جو سڀني کان ننڍو ٻار، فرزند، حسين احمد بايوڪيمسٽريءَ ۾ ايم ايس سي آهي. چيني حڪومت جي اسڪالرشپ تي، چين ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.
پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو ٻڌايو ته؛ سندس سڀ جا سڀ ٻار، سفارش يا رشوت جي اڻھوند ڪري، ڪافي جڳهين تي ساڻن زيادتيون به ٿيون هونديون، پر ان کي وساري، ٺلهين هٿين گهران روانا ٿيل، سفارش ۽ رشوت کانسواءِ، زندگيءَ جي جاکوڙ ۾ اڳتي وڌندا رهيا آهن. جڏهن ته پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو پاڻ مستقل بنيادن تي نصرپور جو ئي رهواسي آهي. پرائمري ۽ ھاءِ اسڪول تائين نصرپور جي سرڪاري ادارن ۾ پڙهيو. آرٽس ۾ گريجوئيشن سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم اي مسلم هسٽري ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين. پرائمري استاد مقرر ٿيڻ کان پوءِ جونيئر ورنيڪيولر جي سکيا 1965-1966ع دوران حيدرآباد ۾، بي ايڊ 1969ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪيائين. انتظامي معاملن بابت ٽن ڏينهن جو ورڪشاپ نيپاNipa  ڪراچي ۾ ٿيو، ته اتي به رهيو. پڙھائي ۽ نوڪري دوران، حيدرآباد ۽ شھدادپور ۾ به رهائش اختيار ڪيائين.
ننڍپڻ، نوجواني، نوڪريءَ دوران ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ جون، مون سندس عادتون ۽ دلچسپيءَ جا موضوع پڇيا ته وراڻيائين؛ ”مستقل طور مطالعو ڪرڻ، علم وارن جي صحبت ۾ رهڻ، سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ، سياست ۾ به دلچسپي رکڻ، شاعري طرف لاڙو هئڻ، ڪتاب گڏ ڪرڻ، 21 پارا حفظ قرآن ۽ سڀ ئي پارا تحت اللفظ ترجمي سميت پڙھڻ ۽ پنهنجي ذاتي اوطاق ۾ پڙھائڻ، برادري جي تنظيم سازي ڪرڻ ۾ دلچسپي رهي. لکڻ جي شروعات ننڍي هوندي کان ڪئي.“
پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته ”ترجمن جا ڪتاب؛ ’جميعت علماء هند جو نصب العين: تعارف ۽ تاريخ‘، ’انڊين يونين ۾ مسلمانن جو آئيندو‘، ’انڊين يونين ۾ مسلمانون ڪا مستقبل (اردو)‘، ’حسين رضه ۽ يزيد‘، ’سيد حسين احمد مدني‘، ’راهنما‘، پنهنجي پبليڪيشن مان يوسف شاڪر ابڙو جو قرآن شريف جي ڪجھ حصي جو منظوم ترجمو ’عروس القرآن‘، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيل آهن. ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل آهي“.
پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو اهو به ٻڌايو ته هن نصرپور ۾ ڪاليج کولرائڻ لاء بنيادي ڪوششون ورتيون. عام ڀلي لاءِ، ذاتي اوطاق ۾ لائبريري به قائم ڪئي ۽ اتي ئي سرڪاري اسڪول به هلايو. صحت بابت سجاڳيءَ جو ڪم به ڪندو رهيو. ان ڪري يو سي نصرپور جي هيلٿ ڪميٽي جو ميمبر رهيو. ميڊيڪل ڪئمپن ۾ رضاڪارانه سرگرمين ۾ به حصو ورتائين ته ڪيترا ئي سماجي ڀلائي وارا ڪم به ڪيائين.. مهراڻ ڪلب جو باني ۽ نائب صدر رهيو، ابڙا ويلفيئر ايسوسئيشن جو باني صدر ۽ تا حال سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي. مون جڏهن سندس خواهشن بابت ڄاڻڻ لاءِ پڇيو ته وراڻيائين؛ ”يتيم جون ڪهڙيون خواهشون، 16 سالن ۾ نوڪري ملي ۽ پوءِ گذر ٿيندو رهيو. تمنا؛ نيڪ ۽ سڌريل اولاد جي هئي، سا پوري ٿي. نياڻين جي اعليٰ تعليم جي اهم خواهش هئي، اها به پوري ٿي. اهڙي ڪا به خواهش نه آهي، جيڪا پوري نه ٿي هجي. شڪر ڪبو“.
ڪٽنب سان، ذات وارن سان، پاڙيسرين سان، آس پاس جي ماڻهن سميت عام ماڻهن سان اٿ ويهه ۽ روين جو ذڪر ڪندي چيائين؛ ”چوئيتاليھ سال استاد جي حيثيت سان خدمت ڪندي، معزز جي حيثيت ماڻي اٿم. دوستي ياري ۾، يارن سان يارن جهڙو رهيس. موجوده صورتحال ۾ گندي سياست کان ڪناره ڪشي آهي. استاد ۽ ليکڪ هجڻ تي مطمئن آهيان“.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”مختلف استادن، خاص طور تي ميون حاجي احمد قاضي متعلوي، محمد خان دائودپوٽو، عبدالرحمٰن قاضي ۽ مولانا عبدالحق رباني جي شخصيت ۽ ڪردار جو منهنجي شخصيت جي تعمير ۾ گهڻو اثر رهيو. مائٽن ۾ چاچا محمد طيب، جيڪو پاڻ اديب ۽ تعليمي ماهر هو، ان ادب ڏانهن لاڙو ڪرايو، محمد سومار (محمد طيب جو وڏو ڀاءُ ۽ يتيمي ۾ نپائيندڙ)، حاجي يوسف شاڪر ابڙو (گذريل صدي جي تاريخ جو استاد) جي بهترين رهنمائي جو اثر رهيو. دوستن ۾ خليل الرحمٰن دائودپوٽو، مرحوم ممتاز درس، محمد خان ٻرڙو (ٽنڊو آدم) ۽ سليمان ابڙو (سافڪو) سان گهڻ ڀلائي رهي آهي“.
هن ٻئي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته؛ ”رول ماڊل اھو آھي جنھن جي علم ۽ عمل کي مثالي بنائي، پنهنجي ڪردار سازي ڪري سگهجي. منهنجو رول ماڊل شهيد الله بخش سومرو آهي“.
پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو، خدمتن عيوض، امتيازي حيثيت جي ڪري، مڃتا ۽ اعزاز ڏيڻ جي روايت کي سٺو سنوڻ سمجهي ٿو. هن پاڻ به ڪاليج جي پرنسپال طور، ڪافي اعزاز ۽ سندون وصول ڪيون.
کانئس زندگيءَ ۾ ٿيل ڪنھن خاص واقعي ٿيڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وراڻيائين؛ ”گهڻا آھن... ڪنهن کي خاص ٻڌائجي؟“. اڳوڻي ۽ موجوده تعليمي سرشتي ۾ مثبت ۽ منفي فرق پڇڻ تي چيائين؛ ”ڪاپي ڪلچر ۽ سياسي مداخلت منفي عمل آهي، جڏهن ته شاگردن جي لاڙن کي اظھار جي آساني مثبت ثابت ٿيندي“. سندس نظر ۾ ”حقيقي مسلمان سماج جي سڀني مرضن جو علاج آھي“. تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ صلاحون گهريم ته چيائين؛ ”ڪاپي ڪلچر جو خاتمو آندو وڃي. حقيقي استاد ڀرتي ڪيا وڃن. تعليمي ادارن کي سياسي مداخلت کان آجو ڪيو وڃي“. پڙهندڙن لاءِ پيغام ۾ چيائين ته ”حقيقي دين اسلام کي سمجهي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي“.

هفتيوار سنڌ اشوز حيدرآباد، سومر 24 جولاءِ 2017ع کان آچر 30 جولاءِ 2017ع

No comments:

راءِ ڏيندا