; سنڌي شخصيتون: قاضي عبدالحيُّ ”قائل“

23 July, 2017

قاضي عبدالحيُّ ”قائل“

قاضي عبدالحيُّ ”قائل“
پيا ياد وڇڙي ويل سي پيارا
ياسر قاضي
سنڌ گھڻن ئي حوالن سان زرخيز آهي، جنهن جي زرخيزيءَ جو شايد اسان ڌرتيءَ ـ ڌڻين کي به احساس نه هجي. اسان جا ادارا ۽ وٿُون ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ادارا توڙي شخصيتُون ٺاهيندڙ کوڙ سارا اهڙا فرد به هن خطي لاءِ افتخار جو باعث رهيا آهن، جن پنهنجي ڏات توڙي ڏانءَ سان سنڌ واسين جي خدمت جو فرض ادا ڪري سنڌ جي سينڌ سنوارِي آهي. سنڌ جي اهڙن املهه ماڻڪن جو ذڪر ڪندي، ڪي اهڙا ڪردار به اسان جي تاريخ جو حصّو نظر اچن ٿا، جن جو مثال ”لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾“ مصداق آهي، جن کي پنهنجي خدمتن جي ستائش جي اون ڪا نه رهي ۽ هُنن پنهنجي مُنهن سان خدمتُون انجام ڏنيُون. اهڙن ماڻهن جو ذڪر توڙي مڃتا شايد سندن زندگين ۾ ايڏي ڪانه ٿي سگھي، جيترو کانئن پوءِ ايندڙ نسلن سندن قدر کي ڄاتو.


رتيديري جو قاضي خاندان سنڌ جي علم، ادب توڙي صحافت جي آبياري ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجين نمايان خدمتن جي ڪري ڪنهن کان به ڳجھو ڪونهي رهيو. هن ڪٽنب جي ابتدائي فردن منجھان پنهنجي دؤر جي سنڌيءَ، عربيءَ توڙي فارسيءَ جو سيبتو شاعر، قاضي عبدالحق ”عبد“ ۱۹هين صديءَ جي آخر ۽ ۲۰هين صديءَ جي شرُوعات ۾ پنهنجي علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان پنهنجي خاص سُڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ٻئي نمبر فرزند، قاضي عبدالحيّءُ ”قائل“ جو مثال به مٿي ذڪر ڪيل فردن جي مثال طور ڪري سگھجي ٿو، جن پنهنجي پُوري حياتي بي لوث خدمتُون انجام ڏئي، پنهنجي ڀُونءِ جو ڀلو ڪيو ۽ ڪنهن به موٽ جي آس ڪا نه رکي. قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جو نانءُ نه فقط هڪ برجستي شاعر، ماهر تعليمدان، نامياري صحافيءَ توڙي سماج سُڌارڪ جي حوالي سان سنڌي ادب، صحافت توڙي سماج جو هڪ روشن حوالو آهي، بلڪ هڪ عظيم انسان طور به سندس ڳُڻ اڄ سُوڌو ڳايا وڃن ٿا.
قاضي عبدالحيُّ ”قائل“، ۱۶ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ (اُن وقت پنهنجي والد جي اُتي روزگار جي سلسلي ۾ رهائش جي سبب) جنم ورتو، جڏهن ته سندس ننڍپڻ پنهنجي اباڻي شهر خيري ديري ۽ رتيديري ۾ گذريو. ابتدائي تعليم رتيديري، انٽرميڊيٽ تعليم لاڙڪاڻي ۽ گريجُوئيشن سنڌ يُونيورسٽي ڄامشوري مان (پرائيويٽ) ڪرڻ پُڄاڻان پاڻ رتيديري ۾ ڊرائنگ جو اُستاد مُقرر ٿيو ۽ ۱۹۷۶ع (ريٽائرمينٽ تائين) گورنمينٽ هاءِ اسڪُول رتيديري توڙي لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻين ڪيترن اسڪُولن ۾ تدريسي خدمتُون انجام ڏيندو رهيو. ”قائل“ صاحب اخلاق ـ اُجار عظيم اُستاد جي حيثيت ۾ قوم جي ٻچڙن جو مُستقبل سنوارڻ ۾ هڪ مثالي اُستاد جي طور تي پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيندو رهيو. شاعريءَ جي ميدان ۾ قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ کي سرشار عُقيليءَ ۽ مُصوّريءَ جي ميدان ۾ ع ق شيخ جهڙا قابل اُستاد نصيب ٿيا.
شاعر جي حيثيت سان، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ سنڌي روايتي غزل جي دؤر جو هڪ اهم شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ پنهنجي دؤر جُون سمُوريون اهم خُوبيون موجُود آهن. سندس ڪلام، شعر جي اعلى گُڻن سان سينگاريل آهي. اچو ته سندس ڪلام جو مختصر جائزو وٺُون:
قُرب ۾ قائـل گھڻـا ٿـيـا حســن جــي ســرڪـار جــا،
مان نه آهيان هڪڙو قائل، چاهه ڪئي دنيا چـرِي.
سندس نعت به بيان جي سُونهن جو سهڻو نمونو آهي. سندس نعت جُون هي سٽُون پڙهي ڏسو:
پاڻ پنهنجيءَ دل ۾، دلبـر جــو پتـــو ڳولــي لــــڌم،
زندگي گھارڻ جو سهڻـو مشغلـو ڳـولـي لــڌم.
درد جي هن ڌرتتيءَ ۾، دل جي آٿت واسطي،
تنهنجِي زلف-عنبرين جو ڇانـــورو ڳــولــي لـــڌم.
ڀاڳَ ”قائل“ جا ڀلا جو نقش-پا تنهنجو ڏسِي،
منزل - مقصد پڄڻ جو پيچرو ڳولي لڌم.
”قائل“ سرشاريءَ وٽ پرينءَ جي وصل جو پنهنجو تصوّر آهي:
فڪر ناهي جيڪڏهن تو ساڻ گڏ ناهيان پرين!
آءٌ احساسن سـان تـوکـي ٿـو سـدا چـاهـيان پـريـن!
ساهه سان گڏ نانءَ تنهنجي جو سڳو سوريان پَيو،
سِڪ لڳي ٿِي ساهه کي ٿو ساهه ڏئي ساهيان پرين!
قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جو مذهب مُحبّت ئي آهي ۽ هُو پنهنجيُن ناصحاڻين سٽن ۾ انهيءَ مذهب جو سرِ عام اعلان ڪندو نظر اچي ٿو:
سچو مذهب محبت جـو سِکـي انـسـانُ بـڻـجـي پــئــه،
نه دل ۾ ڪو به ڪلفت جو ڪڏهن امڪان پيدا ڪر.
”قائل“ صاحب وٽ عبادت جو تصوّر فقط سِرَ جو بظاهر جھُڪڻ نه پر دل جي حضُور سان سربسجُود ٿيڻ وارو آهي:
جسم ٿو هر هر جھڪي سجدا ڪري،
دل سنـــدو ســجــدو ڏيــڻ وارو نه ڪــو.
ڪو به ”قائل“ قرب جو ڪونهي هتي،
مَئـي محبـت جــي پِيــڻ وارو نه ڪــــو.
”قائل“ صاحب وٽ پروردگار جو تصّور به بي حد دلفريب آهي:
ڪِٿ گاڊ، ايشور تون، ڀڳوان ڪٿ سڏائين،
اللھ ڪٿ چوائين، ڪٿ نام رام تنهنجو.
سنڌونديءَ جي مان ۾ ”قائل“ صاحب جو لکيل هي نظم به باڪمال آهي:
سنڌو ندي اچي ٿي، سنڌڙيءَ جو هارُ بڻجي،
خـــوشبوءِ ٿِي کنـــڊائي، مـوســـم بـهـار بـڻـجـي،
مکڙيون ٿيون مسڪرائن، تنهن جو نکار بڻجي،
مان گيتَ ان جا ڳايان، خدمت گـذار بڻـجـي،
جنت نشان ڌرتي، هيءَ شــــــانُ آ اســان جـــــو،
الفت مٺي وطن جي، ايمانُ آ اســــــــان جــو.
ڀلارو ڀٽائي اسان سمُورن سنڌ واسيُن جو وڏي ۾ وڏو مڪتبِ فڪر آهي. سندس ڪلام اسان سڀني جي رهبري ڪري ٿو. اهڙو اظهار ”قائل“ صاحب جي شاعريءَ ۾ هيئن ملي ٿو:
شاهه جو سهڻو رسالو ڪين لکجي ها اگر،
سنڌ جو جيڪر نه ايڏو پوءِ هجي ها ڪو اثر،
غير ٻولين جو اچي ڪڙڪي ها فوراً هي ٽڪر،
ختـم پوءِ سنــڌي زبـان جــو ٿــي وڃــي هــا هــر اکـر،
سنڌ ۽ سنڌي زبان جو پوءِ هو حافظ اللھ،
سنڌ جو زنده ولـي آهــي ڀــٽــائـي بادشــاهه.
وقت جي ضرُورت کي نظر ۾ رکندي، پنهنجيءَ قوم جي نؤجوانن سان مخاطب ٿيندي کين سُجاڳيءَ جو پيغام ”قائل“ صاحب هيئن ڌئي ٿو:
ڇڏ ادا جھيڙن جھٽن کي، ڪجھ ذرا ويچار ڪر،
گلشن - مـــــادر وطــــن ســر سبـــز ۽ گلـــــــزار ڪـــــــر،
کڻ عَلم اتحاد جو ۽ ٻين کي پڻ هوشيار ڪــر،
پنهنجي حالت بَد کي ويتر ڪينَ تون نادار ڪر،
پاڻ کي ۽ پڻ ٻين کي ٿــي وري فــرحت نصيــب،
شال ٿئي پنهنجي وطن کي شان ۽ شوڪت نصيب.
ان ئي تسلسل ۾ ”قائل“ صاحب جُون هي سٽُون پڙهي ڏسو:
رڳو آپس جي جھڳڙن ۾ وطن برباد ٿيو آهي،
ڇڏي تون غرض پنهنجيءَ کي، اچي غمخوار ٿِي سنڌي!
صرف تعليم تي مبني وطن جو شان ۽ عظمت،
لکِي سنڌي، پڙِهي سنڌي، عَلمبردار ٿِي سنڌي!
”چمڙو“ عنوان سان ”قائل“ صاحب جي چيل ۱۲-بندن تي مشتمل نظم ۾، پاڻ غداريءَ کي ننديندي، قوم ۽ ڏرتيءَ وارن سان سچي رهڻ جو درس ڏئي ٿو. ان نظم جُون چند سٽُون پڙهِي ڏسو:
هِن قصي جي پاڻ سان تشبيهه ڀائو ڏس ڏئي،
خود اسان فتنو، دغا، ڪلفت کڻي اختيار ڪئي،
جنهنڪري غالب غريبي ۽ مفلسي ٿِي وئي،
۽ سراسر هاءِ حالت ٿي ادا ابتر پئي،
ايڪتا، اتحاد آپس ۾ ادا ٿيندو جڏهن،
شاد ۽ آباد ”قائل“ هِي وطن ٿيندو تڏهن.
سڄڻن جي سار ۾ چيل ”قائل“ صاحب جي هن غزل کي پڙهي ڏسو:
پيا ياد وڇڙي ويل سي پيارا،
مڻيادار محسن ۽ قربن قرارا.
مِٺي ماءُ، بابو، ادا ۽ قريبَ،
مهربان مشتاق ساٿي سهارا.
صحافيءَ جي حيثيت سان قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ ڪيتريُن اخبارن ۾ پنهنجيُون صحافتي خدمتُون انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو پايو وجھندڙ به هو. هُن رتيديري جي صحافين جي تنظيم سازي به ڪئي ۽ کين تنظيم سازي سيکاري به! پاڻ رتيديري پريس ڪلب جو باني، پهريان ۽ تاحيات صدر به رهيو.
سنڌي ادب جو هي سُهڻو گل، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ حج جي ادئگيءَ لاءِ جُولاءِ ۱۹۸۹ع ۾ حجازِ مُقدس ڏانهن اُسهيو، جتي حجّ جي مُڪمّل ادائگيءَ کان ۱۰ ڏينهن پوءِ مُختصر بيماريءَ پُڄاڻان، ۲۳ جُولاءِ ۱۹۸۹ع تي سندس رُوح پنهنجي حقيقي خلقيندڙ سان مليو ۽ کيس مڪي پاڪ جي ”جنت المُعلى“ قبرستان ۾ پيغمبرن ۽ اصحابن جي پاڙي ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.
اڄ جيتوڻيڪ طبعي طور تي قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ اسان جي وچ ۾ موجُود ناهي، پر سندس شاعريءَ جي خوشبُوءِ، سنڌي ادب کي، سندس تعليمي خدمتن جو واس، سنڌي سماج کي ۽ سندس صحافتي پورهئي جي مهڪ، سنڌ جي صحافتي حلقن کي واسيو بيٺي آهي.

(۲۳هين جُولاءِ ـ نامياري شاعر ۽ تعليمدان قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جي ۲۸هين ورسيءَ جي موقعي تي سارَ)


قاضي عبدالحي ’قائل‘ سرشاري
۲۳ جولاءِ جي پنجويهين ورسيءَ جي مناسبت سان.
هيمون ڪالاڻي
اڃا ٿي جيئين! سڄڻ ساريو نه مرين
سانوڻ جي مند جي مينهن جا اوهيرا سنڌ تي وسائڻ لاءِ موسم سانباها پئي ڪري، جڏهن لـُڪون، جھولا ڌرتيءَ تي اڪرس ۽ ٻوسٽ جا سمئه برپا ڪندا آهن، تڏهن سانوڻ جو مندائتو مينهن ڪيئن! مارن کي ٻلهار ڪندو آهي، تنهن کي ڀلا ڪهڙي تشبيهه ۽ استعاري ۾ بيان ڪري سگھبو. سانوڻ خود هڪ تشبيهه ۽ شبيهه آهي، جنهن جي آسيس جي ڪيفيت مٽيءَ جي خوشبوءِ بڻجي ذهني حواسن تي پوندي آهي ۽ اسان آڏو فطرت جون نه وسهندڙ خوبصورتيون آشنا ٿينديون آهن.
حياتيءَ ۽ موت جو سنگم پرٿوي جي وجود وٺڻ کان ٻٽ بڻيل آهي. انهن وچ ۾ ڪشمڪش ۽ جنگاڻ به اربها صدين تي محيط آهي، جنهن ۾ اڪثر موت هٿان زندگيون هارائينديون اچن ٿيون ۽ ڏسڻ، پڙهڻ لاءِ اهو به ملي ٿو ته ڪن زندگين موت کي شڪست ڏئي هميشه لاءِ جيئندان پئي ورتو آهي. ڏکڻ کان ڀرجي ايندڙ سانوڻيءَ جون ڪڪريون ولهار هيل به وسائينديون، ڪنوارين ڇاتين مان امالڪ محبت جا جذبا اٿلون کائي، کٿوري سمنڊ کي آڻي اکا به ڏيندا. وڻجارن جون وهون، اڀيون تڙ پوڄي! ساموندين جا سڙهه سنڀارينديون، ڪونجن جا ڪرلاڪ اتر ڏانهن اٿندي ٻڌيا ۽ ڪي منڊليون نيون مچنديون ۽ ڪي گذريل زماني جي يادن جون ڪرنشون ذهن اندر جھانورين اکين مان اوتجي من ڪوملتائن جي سمنڊ جا بند کولينديون.
سنڌ جو ادب ۽ ان جا سرجيندڙ سانوڻي جي مينهن  جي ڪڻين جهڙيون جيڪي لفظن جون مالهائون پوئين ٿا، سي ئي ته منهنجي ڏيهي ٻوليءَ کي جيئندان ڏين ٿيون. رتوديرو، جنهن جي صدوري مٽي سنڌ جي محبوب، ارڏي سورمي بشير خان قريشيءَ کي جنم ڏئي، جتي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ اٿيل تحريڪن جي تاريخ کي نئين سر جيئاريو، اتي هن ئي شهر جي ٻين اهلِ عمل شخصيتن پنهنجي هڙان وڙان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو آهي. ائين ئي هينئر جڏهن لکڻ لاءِ قلم کڻي ويٺو آهيان، ته سنڌ جي ادبي سمنڊ جي هڪ بندرگاهه جي پاتڻيءَ جا ترنم، لئه ۽ شائستگيءَ سان ڀرپور شاعراڻا ٻول ذهني ڪينواس تي تري اچي رهيا آهن ته:

پاڻ پنهنجيءَ دل ۾ دلبر جو پتو ڳولهي لڌم
زندگي گھارڻ جو سهڻو مشغلو ڳولهي لڌم
منتشر ۽ ڇڙوڇڙ هو ڄڻ تصور تو سوا
تنهنجي دامن ۾ سڄڻ هڪ سلسلو ڳولهي لڌم
۽ آءُ هيئن جي هيج مان پنهنجي ڏيهي ٻوليءَ جو دامن وسيع ڪندڙ هڪ ادبي پارکوءَ تي لکڻ ۽ لکڻ سان نڀاءُ ڪري سگھڻ لاءِ پاڻ کي آماده ڪري رهيو آهيان. لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي شائق، استاد، سماجواد ۽ ڏاهي قاضي عبدالحي قائل جو نالو جيتوڻيڪ منهنجي ٽهيءَ ڪتابن ۽ سندس لکڻين جي بطور ٻڌو آهي، پر جهڙيءَ ريت هو پنهنجي ٻوليءَ جي ورجاءَ، سلوڻي ڪيفيتي اظهار سان مخاطب ٿئي ٿو، ائين ٿو ڀاسجي ته سندس سامعين اڄ جي ٽهي هجي.
قاضي عبدالحي قائل ۱۷ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو ۽ رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي سخن ور مٽيءَ تي پنهنجي زندگيءَ جا پهريان ٻاتا ٻول ٻوليا. سندس والد قاضي عبدالحق عبد ملازمت سانگي عارضي طور تي ٺلهه ضلعي جيڪب آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. قاضي عبدالحي قائل پنهنجي ڳوٺ رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم بعد مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ ۱۹۳۳ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو. هيءُ پنهنجي تر جو پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن ورنيڪيولر تائين تعليم حاصل ڪئي.
قاضي عبدالحي قائل ۱۹۳۵ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات داروغي جي حيثيت سان ڪئي، پر پوءِ ۱۹۴۰ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيو. استاد ٿيڻ باوجود به پنهنجي تعليم جاري رکي ايليمنٽري ۽ انٽر گريڊ ڊرائنگ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. اڳتي هلي ڊسمبر ۱۹۴۶ع ۾ سيڪنڊري اسڪول رتيديري ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. ۱۹۵۸ع ۾ ڊرائنگ ٽيچرس جي ٽريننگ سانگھڙ مان ڪري ۱۹۶۵ع ڌاري ’ماسٽر آف ڊرائنگ‘ جي سند ورتائين. اهڙيءَ ريت هن محنت، قابليت ۽ سچائي ۽ خلوص سان ملازمت جو مقرر عرصو پورو ڪري ۱۹۷۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيو.
’قائل سرشاري‘ سندس شاعراڻو تخلص هو، پاڻ تعليم سان گڏوگڏ ادب، شاعري، صحافت، سماجي ڀلائي جي ميدانن ۾ اڳرو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد الله بخش سرشار عقيلي هو ۽ سندس نالي جي نسبت سان هو پاڻ کي ’قائل سرشاري‘ سڏرائيندو هو. ان سان گڏوگڏ عبدالڪريم گدائيءَ سان سندس گهرا تعلقات هئا ۽ گدائيءَ کان به پنهنجي ڪلام جي اصلاح ڪرائيندو هو.  هن رتيديري شهر ۾ ’لطيف ادبي سنگت‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ادبي پروگرام توڙي هفتيوار ادبي ڪلاس ۽ عروض جي مختلف صنفن تي سنڌي ٻوليءَ جي هاڪارن اديبن کان ليڪچر ڪرائڻ ۾ سرگرم رهندو هو. قاضي عبدالحي قائل ادبي سرگرمين ۾ اشاعتي حوالي  سان رتيديري ۾ ’سنڌڙي ڪتابي سلسلي‘ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن اداري جي طرفان عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو مجموعو ’وکريل موتي‘، استاد بخاريءَ جي ڪتاب ’لهر لهر دريا‘ جا پهريان ٻه ڇاپا، سرڪش سنڌيءَ جي زندگيءَ جو پهريون ڪتاب ’امن آب حيات‘، مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ’رت بنا رابيل‘ ۽ عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو ڪتاب ’مٽيءَ جا سر‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. ان وقت سنڌي ادب لاءِ سندس اشاعتي خدمتون وڏي قيمت لهڻن.
صحافتي ميدان ۾ سر انجام ڏنل سندس خدمتون به قابلِ تحسين آهن، هو هڪ متحرڪ ۽ بيباڪ صحافي هو، ڪيترين ئي سنڌي توڙي اردو اخبارن لاءِ رتيديري شهر مان نمائندي جي حيثيت سان عملي ڪم ڪيائين. سندس شمار رتيديري پريس ڪلب جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ٻه ڀيرا پريس ڪلب رتيديري جو صدر به رهيو. سندس سر سنگيت سان پڻ گهرو لڳاءُ هوندو هو، وٽس گھر ۾ پنهنجو ذاتي هارمونيم پڻ هوندو هو. راڳ جي فن توڙي آلاپ مان به چڱو ڀلو واقف هو. هي ڪائناتي سچ آهي ته سجاڳ ۽ صحتمند ذهن فطرتي خوبين ۽ انساني ڀاونائن کي سرور ڏيندڙ شين جا شائق ٿيندا آهن. قائل جنهن طرز سان موسيقيءَ جي تندن تي ڇيڙيل آڱرين واري ٻوليءَ کي لفظن جو روپ ڏيئي ’ڪَلا‘ سرجي، سا اڄ به سنڌي شاعراڻي ادب جي هونهار تخليقي ڪاوش آهي.
پاڻ برجستو سماجواد هو، عشر زڪوات ڪاميٽي رتيديري جو ميمبر ٿيو، خاص طور تي بي پهچ ماڻهن جي سهائتا لاءِ سرگردان رهيو، اڳتي هلي کيس ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، سندس چيئرمين شپ واري دور ۾ سندس ايمانداري، قابليت ۽ غريب پروريءَ جو قدر ڪندي عشر زڪوات جي وزارت پاران کيس حڪومت جي خرچ تي حج ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر پاڻ اهو چئي انڪار ڪيائين ته: ”آءُ صاحبِ زڪوات آهيان، حڪومت جي پاران غريبن واري فنڊ جي پئسي مان حج ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪنهن قدر به مناسب ناهي.“ جنهن کانپوءِ پنهنجي ذاتي خرچ تي جون ۱۹۸۹ع ۾ حج جو فريضو ادا ڪيائين. سندس مٽيءَ مان لڌو ۽ حج دؤران ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۹ع ۾ مڪي شريف ۾ سندس روح جسد خاڪيءَ جي قيد مان آزاد ٿي، حقيقي وصال جي ويجو ٿيو، کيس مڪي شريف جي قبرستان جنت المعلى ۾ دفن ڪيو ويو. کيس چار فرزند قاضي خضر حيات، ناميارو شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات آهن، جيڪي سنڌي ادب توڙي آرٽ جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃائي چڪا آهن. سندس شخصيت، فن ۽ فڪر جي موضوع تي قاضي منظر حيات ’هڪ شخصيت هڪ ادارو‘ جي عنوان سان مونو گراف پڻ لکيو، جيڪو ۱۹۹۱ع ڌاري ’هڪڙو پيارو ماڻهو‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. قاضي عبدالحي جي نالي سان سندس فرزند قاضي مقصود گل اپريل ۱۹۹۵ع ۾ ’عبدالحي قاضي ماڊل اسڪول رتيديري‘ جو بنياد وڌو، ان اسڪول مان ڪيترن ئي نوجوانن تعليم پرائي آهي، جيڪو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي. اڄ پنجويهه سال گذرڻ کانپوءِ به اهو شخص پنهنجي ڪاوشن ڪري زندهه آهي. ان جي چشم دراز نظر عيوض سونهاري ٻوليءَ جي لولي شائسته آهي. لطيف به ته اهڙن شخصن لاءِ چيو آهي ته:
اٿي چل چرين جيئن، سڱ سڀيئي ڇن،
جي ڀائين پرين مڙان، ته مت منهنجي ڳن.


قاضي عبدالحي قائل
سنڌي ادب لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن
رکيل مورائي
هڪ آبرودار گهر جنهن جي پهرئين سڃاڻپ، قاضي عبدالحي قائل! هڪ عالم اديب، شاعر، تعليمدان ۽ هڪ شفيق شخص ۽ ان کانپوءِ شروع ٿيندڙ علمي، ادبي آرٽ ۽ علم جو هڪ سلسلو، جيڪو اڄ تائين هلندو اچي. پنهنجي سموري علمي ادبي روشني ڏيندو اچي، جنهن تر جا ڪيترا ئي نوان دماغ روشن ڪيا، انهن کي علم، ادب ۽ آرٽ ڏانهن آندو.
هن احترام لائق گهر ڏيئي جي سڃاڻپ سنڌ وٽ مقصود گل طور هئي، جيڪا سدائين تاريخ رهڻي هئي ۽ اڳتي به رهندي.
مقصود گل صاحب، سنڌ جو شاعر اديب، محقق، مترجم ۽ پبلشر پر سڀني کان اهم سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري هئي، ادب ۾ ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين ساڻس پنهنجائي رهي پرساڻس پهرين ۽ آخري ملاقات ڪڏهن به وسري نه سگهندي. اهو سال اسيءَ جو هئو. ادب سان لئون لڳي هئي، هڪ ڏينهن پنهنجي مائٽن سان ملڻ جي سلسلي ۾ خيرپور ناٿن شاھ ويل هوس ۽ اتي ئي رهندڙ شاعر سائين آثم ناٿن شاهيءَ سان ملڻ ويو هوس، اسين چانهن پي رهيا هئاسين ته سائين آثم کي ڪي خط مليا، جن ۾ هڪڙو خط، مقصود گل صاحب جو به هئو، جيڪو منظلوم خط هئو آخري ٻه سٽون اڄ تائين منهنجي ذهن جي ڦرهيءَ تي رهجي ويون آهن جيڪي ڪجهه هن طرح آهن
چڱو هاڻي الهه واهي
منهنجا آثم ناٿن شاهي
اها الهه واهي، سائين آثم کان، هن ڪن ڏينهن لاءِ ڪئي هئي پر آخر ڇنڇر ڏينهن چوڏهين فيبروري ۲۰۱۵تي هو سموري سنڌ کي الهه واهي چئي هڪ اهڙي پنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو ، جنهن جي ڇيڙي تي سندس ڪيترا ئي دل گهريا دوست سندس اوسيئڙو ڪري رهيا هئا، جن جون ساڻس ٻٽيهه دليون هيون ۽ جن سان منهنجي پڻ شناسائي هئي، ادب ۾ انهن جا نالا آهن، استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ مختيار گهمرو، مان ڀايان ٿو، مختيار گهمري جي اڻ وقتي موت جيڪو ڏک قاضي صاحب جي دل کي ڏنو هئو، اهو ڏک سندس دل ۾ سدائين رهجي ويو ۽ پوءِ سندس اها دل ڪڏهن به ٺيڪ ڪانه ٿي، هن ڪيترا ئي هيلا هلايا پر يار کان ڌار سندس دل، دل نه رهي ۽ نيٺ کيس به الهه واهي چئي ڇڏيائين.
اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن قومي جلسا ۽ مشاعرا سنڌ جي سونهن بڻيل هوندا هئا، قاضي صاحب سان سرڪش سنڌي ۽ اسانجو وقت کان اڳ وڇڙي ويل دوست ۽ شاعر مختيار گهمرو اڪثر گڏوگڏ هوندا هئا.
پنهنجي طبيعت ۾ نهايت معصوم شخص ۽ شاعر مقصود گل، جنهن وقت ڀاڪر پائيندو هو ته ان ۾ سندس سمورو موھ اوتجي ايندو هئو، ڀلجان نٿو ته پنهنجي شاعري جو هڪ ئي ڪتاب ڇپايائين ماڪ ڀنا رابيل پر پنهنجي پبلشنگ جي اداري “سنڌڙي ڪتابي سلسلو، پاران ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايائين، جيڪي اُن وقت ۾ به ڏاڍا سهڻا هوندا هئا، شاعريءَ کان پوءِ تحقيق واري پاليسي آيو، ڪيترن ڪتابن جا ترجمان ڪيائين خاص طور شيخ اياز صاحب جو ڪتاب “هرڻ اکي ڪيڏانهن” ۽ ٻيا نظم جنهن ڪتاب اردو ادب ۾ هڪ خاص مرتبو ماڻيو ٻيءَ طرح قاضي صاحب پنهنجي آس پاس جي نوجوانن کي جنهن طرح ادب ۽ شاعريءَ ڏانهن آندو اهو سندس واڌو عمل هئو، ادب ۽ علم جي واڌاري لاءِ.
قاضي صاحب استاد بخاري سان خاص اُنس رکندڙ شاعر هئو، هونئن به هن ڀلاري گهر ۽ خاندان ۾ هڪ شخص به اهڙو نه هوندو، جنهن جو علم ۽ ادب جي ڪنهن شاخ ۾ سندس اهم حصو نه هجي، کانئس پوءِ سندس خاندان جي نوجوانن سان دوستيءَ جو تعلق رهيو، نوي جي شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ شيخ اياز صاحب جي جناح اسپتال ۾ داخل هجڻ وقت جيڪا اسانجي دوست منظر حيات سندس خدمت ڪئي، اها ياد رکڻ جهڙي آهي ۽ مقصود گل صاحب ادب جي خاص طور پبلشر ۽ شاعر طور جيڪا خدمت ڪئي اها اسان سڀ ياد رکنداسين ۽ سندس اولاد، ياسر ۽ ناصر، ادب ۽ ميڊيا ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ان تي اسان سڀ خوش آهيون، اهو سڀ مقصود گل صاحب جو ادب لاءِ ڪيل عمل ئي ته آهي.
ساڻس ڪي ڏينهن اڳ ئي ڪراچيءَ جي هڪ تقريب ۾ ملاقات ٿي اهو ئي موھ ڀريو ڀاڪر ۽ ڀاڪر ۾ اها ئي وڏڙن واري پنهنجائپ، ڪنهن به قسم جو گمان نه هئو ته هيءُ ڪو  آخري ڀاڪر آهي، جنهن جو ڇهاءُ وري ماڻي نه سگهبو، اڄ به اهو دلي ڇهاءُ ۽ ان کان الڳ ساڳيو احترام منهنجي دل کي گرم ڪري رهيو آهي ۽ اکين کي آلو.
اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، سندس وفات جيئن ڏکوئيندڙ آهي، تيئن ئي اڄوڪو ڏينهن سنڌي ادب لاءِ خوشي آڻيندڙ ڏينهن آهي.

قاضي عبدالحي ’قائل‘
سراپا شفقت - جنم ڏينهن جي حوالي سان
نفيس احمد ناشاد
شفقت آفرين سائين قاضي عبدالحي ’قائل‘ جي مثالي ۽ منفرد نوع جا ٻاجھارا بزرگ سنڌي ادب ۾ مون گھٽ ڏٺا آهن. ۱۹۶۴ع جو سن آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ جي اداره مهراڻ ۾ آئي اڃا ڪي ٿورا مهينا ئي گذريا هئم. استادِ محترم گرامي صاحب ڪيڏانهن ويل هو ۽ مان سندس هدايت تي ڪمرو سنڀالي آفيس جو ڪم ڪري رهيو هوس. ڪنهن مهل هڪ اڇو اجرو شخص، سنڌي سليمي سفيد لباس ۾ ملبوس، تشريف فرما ٿيو. سندس ڏيا واري روشن چهري جي وڻندڙ شگفتگي منهنجو ڪجھه وڌيڪ ئي ڌيان ڇڪايو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته تازو تازو بنهه چند گهڙيون اڳ جو وهنتل سهنتل هجي. دستور موجب، هڪدم اٿي ادب وچان آڌرڀاءُ ڪري ويهڻ لاءِ عرض ڪيم. پاڻ ويٺا. گرامي صاحب جي پڇا ڪيائون ۽ ساڻس ملڻ جي خواهش ڏيکاريائون. کين سندن جلد ورڻ جو ٻڌايم، مطمئن ٿي مون ڏي متوجهه ٿيا. سندن گفتگوءَ جو انتهائي من موهيندڙ انداز منهنجيءَ دل ۾ مانواري مهمان لاءِ تهان ئي وڌيڪ احترام پيدا ڪيو. ان وقت آ مئٽرڪ وسيلي نوڪريءَ ۾ ته برابر لڳو هوس. پر سچ هيءُ آهي ته هاٺي ڪاٺيءَ ۾ اڃا ڄڻ اسڪول واري ٻاراڻي وهيءَ ۾ هئس ۽ ائين ئي عام طرح تي سمجھيو ويندو هو. شانائتي شخص مون کان ڪجھه تعارفي ڪوائف پڇيا ۽ منهنجا اکر به ڏٺائين. مانوارو مهمان منهنجي اکرن ڏسڻ شرط ايترو ته متاثر ٿيو، جو بي انتها تحسين جي ورکا سان نوازيائين. منهنجي اکرن جي ڪيفيت ڪا هروڀرو اهڙي غير معمولي به ڪا نه هئي، پر محترم مهمان پنهنجي اٿاهه شفقت ۽ سموري ٻاجھه سٻاجھه منهنجي مٿان ڄڻ ته پرٽي ڇڏي. حوصله افزائيءَ ۽ قدردانيءَ جا اهڙا اٿاهه خزانا اچانڪ گهر ويٺي جو مليا، ان تي خوش ٿيڻ فطري هو. منهنجي پڇا تي نالو ٻڌايائون. انهيءَ سر تا پا، سٻاجھي سائينءَ جو نالو هو، ’قاضي عبدالحي قائل سرشاري‘. بعد ۾ گرامي صاحب آفيس ۾ پهتو. تپاڪ سان هڪٻئي سان مليا ۽ دستور موجب سندن علمي ڪچهري شروع ٿي. ياد اٿم ته ان ملاقات ۾ پاڻ مهرباني ڪري، گرامي صاحب آڏو به منهنجن سٺن اکرن جي تعريف ڪيائين ۽ گرامي صاحب به ساڻس متفق ٿيندي ٻڌايو ته؛ هن نوجوان کي سندس خوشخطي ئي هتي سروس ڏياري آهي. ان پهرئينءَ ملاقات ۾، دل تي اهو تاثر قائم ٿيو ته؛ قاضي صاحب مشهور شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ، هڪ نهايت شفيق ۽ ٻاجھارو انسان هو.
قاضي صاحب جو بعد واري عرصي ۾ گرامي صاحب وٽ اچڻ وڃڻ سالن پڄاڻان ٿيندو هو. ان مان لڳندو هو ته رتيديري مان حيدرآباد طرف، سندن لاڙو ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿئي ٿو. پر جڏهن به سندن اچڻ ٿيندو هو ته استادِ محترم ساڻن ڪجھه وڌيڪ ئي گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪندا هئا. ان مان چٽو ٿيو ته گرامي صاحب جي دل ۾ قاضي صاحب لاءِ هڪ خاص جاءِ آهي. گھڻو وقت گذري چڪو آهي، ان ڪري ان وقت سندس علمي ڪچهرين جا تفصيل هاڻي چٽا ياد ڪو نه رهيا آهن، پر هڪ اڌ تاثر اڃا ذهن تي باقي آهي ته سندن موضوع گهڻو ڪري ’شاعري‘ بابت هوندا هئا. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ڪنهن اڳ واري زماني ۾ قائم ’بزم سرشار‘ ۽ ان سان لاڳاپيل شاعرن جو ذڪر اذڪار ٿيندو هو. قاضي صاحب ڪراچيءَ جي نو آباد شاعرن (مثلاً امير قريشي، شيخ عبدالله عبد، محمد جمن هالي، ساجد سرشاري، شيخ عبدالحليم ’جوش‘، علي محمد ’مجروح‘، عبدالرحمان نسيم، قيصر، رشيد ارشد، بيدل، محمد حسن ’ساز‘، مسرور ڪيفي وغيره) جو ذڪر ڪندو هو،. جنهن مان تاثر مليو ته سندن واهپو ۽ واسطو، انهن شاعرن سان ۽ ڪراچيءَ سان سرس رهيو آهي. ٻئي طرف الحمدلله، خود قاضي صاحب جو پنهنجو شاعريءَ ۾ هڪ مقام قائم هو. سندس دلآويز ۽ پختو ڪلام، ڪنهن کي به قائل ڪرڻ لاءِ ڪافي کان به زياده ۽ سرس هو. فني پختگيءَ سان گڏ، خيال آفريني جي جھجھائي سندس دلپذير شعر جي سڃاڻپ آهي. قاضي صاحب صحيح معنى ۾ ’قادرالڪلام‘ شاعر هو ۽ مسدس جي فارم ۾ رچيل سندس نظم نهايت وڻندڙ آهن. قاضي صاحب جو هڪ اهڙو ئي نظم، مون کي ايترو ته وڻيو، جو ڇپيل ڪنهن به مخزن تان نقل ڪري مون پنهنجي ملازمت جي پوين سالن ۾ ۲۰۰۹ع ۾ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي انر ٽائيٽل تي، نمايان شايع ڪرڻ جي فرض ادائي ڪئي. جنهن جي اهتمام سان، اشاعت خود دلآويز نظم جو حق هو.
سنڌ جا زندهه ولي، سرتاج شاعر شهنشاهه
آن محافظ سنڌ جو، سهڻا ڀٽائي بادشاهه.
ان طرح قاضي صاحب جو ڳچ ڪلام، ان دؤر جي رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپيل هوندو، جنهن جي ڪتابي صورت ۾ اشاعت جي ضرورت آهي.



قاضي عبدالحيّ ”قائل“

قائلَ مان قائلُ آهيان تنهنجي قربَ جو

نصرت چانڊيو

سنڌي، عربيءَ ۽ فارسيءَ  جي ناليواري شاعر ۽ نثر نويس، قاضي عبدالحق ”عبد“ جي هن ٻئي نمبر پُٽَ، قاضي عبدالحيّ ”قائل“، ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ اک کولي، جنهن اڳتي هلي، سنڌيءَ جي قادرالڪلام شاعر، استاد، تعليمدان، مصوّر، صحافيءَ ۽ سماج سڌارڪ جي حيثيت سان معاشري جي تعمير ۾ پنهنجو انتهائي مثبت ڪردار ادا ڪيو.

قاضي عبدالحيّ ”قائل“ پنهنجي ابتدائي تعليم، پنهنجي اباڻي شهر رتيديري (ضلعي لاڙڪاڻي) مان حاصل ڪئي. تنهن بعد انٽر جو امتحان، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ گريجوئيشن، ساڳئي ئي ڪاليج معرفت جامعه سنڌ ڄامشوري مان ڪئي. عملي زندگيءَ ۾ روزيءَ ۽ روزگار جي تلاش ۾ مختصر عرصي لاءِ مختلف ننڍن وڏن کاتن ۾ ڪم ڪرڻ بعد، تعليم کاتي سان وابسته ٿي ويو ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. بعد ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ ڊرائينگ جي استاد طور سندس مقرري ٿي.

قاضي ”قائل“ شاگردن کي آرٽ جو فن سيکارڻ سان گڏ سنڌي، اسلاميات، سائنس، پاڪستان جي مطالعي سميت ٻيا مضمون به پڙهائيندو رهيو. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي قابليت، محنت، اورچائيءَ، سچائيءَ ۽ ديانتداريءَ سان هڪ شفيق استاد جي حيثيت ۾ شاگردن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي شخصيت سازي ڪندي، هڪ شاندار ڪيريئر گذاري، ۱۹۷۶ع ۾ ملازمت جو مدو پورو ڪيو. قاضي عبدالحيّ ”قائل“ صاحب جو گهر، محدود وسيلن جي باوجود، آسپاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سندس ٻهراڙيءَ جي غريب شاگردن لاءِ ھاسٽل بڻيل رهندو هو، جتي هو پنهنجي خرچ تي ٻارن کي رهائيندو هو، ته جيئن هو رڳو ڳوٺ پري هئڻ جي سبب ڪري تعليم کان محروم نه رهي سگهن.

قاضي ”قائل“ صاحب، هڪ مثالي استاد ۽ قابل تعليمدان سان گڏوگڏ، سنڌي ساهت جي روايتي دؤر جي ھڪ قادرالڪلام شاعر جي طور تي به پنهنجي خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هن بنيادي طور تي نظم ۽ غزل ۾ سخن طرازي ڪئي، پر ان سان گڏ هن قطعو ، رباعي، مسدس، مثمن ۽ ٻيون مروج صنفون ۾ پڻ ڪثرت سان لکيون، ته ”منظوم ڪهاڻيءَ“ جي صنف جي طور متعدد طويل نظم به سندس قلم مان نڪتا، جيڪي پڙهندڙن ۾ به گهڻا مقبول ٿيا. سندس شهره آفاق نظم ”چمڙو“ ان جو بهترين مثال آهي، جنهن ۾ منافق ڪردار کي چمڙي جي تمثيل ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

”قائل“ صاحب، شاعريءَ ۾ سنڌ جي معروف شاعر، سرشار عقيليءَ کان اصلاح وٺندا وهئو، جنهن ڪري پنهنجي نالي سان ”سرشاريءَ“ جي نسبت به فخر سان جوڙيندا وهئو. ”افڪارِ جنون“ ۽ ”اسان جا اديب، اسان جا شاعر“ جهڙن ان دؤر جي مشهور رسالن ۾ سندن ڪلام ”قائل سرشاريءَ“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽَي ۽ ان دؤر جي ”خاڪسار تحريڪ“ جي اهم اڳواڻ، سيّد وريل شاھ سان ذاتي دوستيءَ ۽ ويجهڙائيءَ سبب، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي شاعريءَ ۾ انقلابي رنگ ۽ نؤجوانن ۾ عزم ۽ ولولو پيدا ڪرڻ وارو ناصحاڻو انداز به  نمايان طور تي نظر اچي ٿو. خاص طور تي جڏهن هو قوم جي ڳڀرُن سان مخاطب ٿيندي، کين پنهنجي ڌرتيءَ جي بي لوث خدمت جو درس ڏئي ٿو. ”قائل“ صاحب، غداريءَ کي ننديندي، پنهنجيءَ قوم ۽ ڌرتيءَ واسين سان سچّي رهڻ جو درس ڏئي ٿو:

ڇڏ ادا جهيڙن کي ڪجهه ذرا ويچار ڪر!

گلشنِ مادر وطن سرسبز ۽ گلزار ڪر!

پنهنجي حالت بد کي  ويتر ڪين تون نادار ڪر!

پاڻ کي ۽ پڻ ٻين کي ٿئي وري فرحت نصيب

شال ٿئي پنهنجي وطن کي شان ۽ شوڪت نصيب سندس شاعريءَ ۾ امن، ايڪي، ڀائيچاري، انسان دوستيءَ سان گڏوگڏ محبوب جي وصل جا به بيحد حسين احساس موجود آهن:

پاڻ پنهنجيءَ دل ۾ دلبر جو پتو ڳولي لڌم

زندگي گهارڻ جو سهڻو مشغلو ڳولي لڌم

درد جي هن ڌرتتيءَ ۾ دل جي آٿت واسطي،

تنهنجي زلفِ عنبرين جو ڇانورو ڳولي لڌم

ڀاڳ ”قائل“ جا ڀلا جو نقشِ پا تنهنجو ڏسي،

منزلِ مقصد پُڄڻ جو پيچرو ڳولي لڌم

نثر ۾ قاضي ”قائل“ صاحب جي مضمونن يا تحقيقي مقالن ۾ تحقيق جو عمدو رنگ جهلڪندو نظر اچي ٿو. سندن عام مضمون ۾ به  معلومات جو خزانو  آهي. ”اُٺ“ بابت لکيل سندن مقالي ۾ نه رڳو اٺ جي ۱۵ کان وڌيڪ مختلف نالن، ڪيترن ئي نسلن، رنگن، قسمن، خصلتن ۽ انفراديتن جو ذڪر آهي، بلڪه ان جي بيمارين، علاج ۽ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي مختلف سُرن ۾ اُٺ جي ذڪر جو پيرائتو بيان ٿيل آهي. مصوريءَ جي لحاظ کان ”قائل“ صاحب جو استاد، سنڌ جو ناليوارو چترڪار ۽ ڪهاڻيڪار، ع .ق. شيخ هو.

صحافيءَ جي حيثيت سان،  قاضي عبد الحيّ ”قائل“ ان دؤر جي مختلف اخبارن ۾ جزوقتي رپورٽنگ ڪري ۽ ڪالم لکي قلمي پورهيو ڪيو. تنهن زماني ۾ ”بادل“ رسالو ۽ هفتيوار ”هاري“ اخبار، رتيديري جي اشاعتي تحرڪ جو چٽو دليل هئا. قاضي صاحب ”هاري“ اخبار ۾ پنهنجي دوست، ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ سان اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ادبي صفحي جي انچارج جي حيثيت سان صحافتي فرض نباهيو. بعد ۾ هنن ان ادبي صفحي جي ذميواري پنهنجي ٻئي نمبر پُٽ ۽ پنهنجي ادبي ورثي جي وارث، مقصود گل کي سونپي ڇڏي.

قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جو وڏو ڪارنامو اهڙي دؤر ۾ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو پايو وجهڻ هو، جڏهن سڄيءَ سنڌ ۾ چند ئي پريس ڪلبون هيون. قاضي صاحب رتيديري پريس ڪلب جو باني ته رهيو ئي، پر سندن حياتيءَ تائين کين رتيديري پريس ڪلب جو سڀ کان معزز ميمبر بنا مقابلي صدر پڻ چونڊيندا رهيا، ان نسبت سان هو، پنهنجي شهر جي پريس ڪلب جو تاحيات صدر رهيو. سماجي خدمتن جي حوالي سان پاڻ لاڙڪاڻي جي ضلعي عشر ۽ زڪوات ڪاميٽيءَ جو ڳچ عرصو  چيئرمين رهيو.

قاضي عبدالحيّ” قائل“، ۱۹۸۹ع ۾ حج ادا ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جتي حج ادا ڪرڻ بعد، خميس ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۹ع تي مختصر بيماريءَ کانپوءِ، مڪي شريف ۾ پنهنجي حقيقي خالق سان وڃي مليو. سندن جنازي نماز، مسجدالحرام، خانهء ڪعبه ۾ جمعي جي نماز بعد ادا ڪئي وئي ۽ کين ”جنت المعليٰ“ جي شهرِ خموشان  ۾ ڀونءِ جي ڀاڪر ۾ سمهاريو ويو. اهڙيءَ طرح ھڪ عظيم انسان جي زندگيءَ جو عظيم سفر، عظيم شهر ۾، عظيم طريقي سان پورو ٿيو.

قاضي عبدالحيّ ”قائل“ سرشاريءَ جي  تعليمي ميدان  ۾ ڪيل خدمتن کي اڳتي وڌائيندي، سندن نالي سان منسوب اسڪولن جون مختلف ڪيمپسون، رتيديري توڙي لاڙڪاڻي ۾ قائم آهن ۽ تعليمي ونڊ ورڇي رهيون آهن، جڏهن ته سندن ساهتي خدمتن کي ياد ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ”قاضي عبدالحيّ قائل اڪيڊمي“ علمي ۽ ادبي ڪرت ۾ مصروف آهي، جنهن پاران قائل صاحب جي ياد ۾ ميڙاڪا پڻ منعقد ٿيندا آهن. هي ادارا، قاضي صاحب جي نالي ۽ خدمتن جي لاٽ کي هميشه روشن رکندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته اهڙين مثالي شخصيتن کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ انهن بابت سبقن کي بنيادي ڪلاسن جي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ سندن ادبي تخليقن کي مٿئين درجي جي ڪورس ۾ شامل ڪري، کين تاريخ جي ورقن ۾ هميشه زندهه رکڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪوششون ورتيون وڃن.


قاضي عبدالحيُّ ”قائل“

آءٌ احساسن سان ٿو تو کي سدا چاهيان پرين! - نامياري شاعر ۽ ماهرِ تعليم جي ۳۱هين ورسيءَ جي مناسبت سان.

ياسرقاضي

سماج ۾ وڌندڙ غير اخلاقي ۽ غير انساني لاڙن جي نفسياتي سببن جي ڦولها ڪندي ”تعيلم ۽ تربيت جو فقدان“ اهڙو اهم ترين سبب بڻجي سامهون اچي ٿو، جنهن کوٽ جي پورائي لاءِ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪنهن به سرڪار سنجيدگيءَ سان پاليسي سازي ناهي ڪئي. تعليمي نظام جي تباهيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ اسان جو معاشرو، ”مثالي استادن“ کان وانجهو ٿي ويو آهي ۽ استادن جو اهو ”برانڊ“ ئي گم ٿي ويو، جيڪو ٻار جي تعليم سان گڏوگڏ ان جي ”تربيت“ تي خاص ڌيان ڏيندي، ان جي شخصيت جي مثبت تعمير کي پنهنجي ذاتي ذميواري مڃي، ان کي پنهنجي حياتيءَ جو اهم ترين نصب العين سمجهي نباهيندو هو. جنهن کي ڏينهن رات پنهنجن شاگردن جي اخلاقي تربيت ۽ مستقبل جو پنهنجيءَ اولاد وانگر اونو رهندو هو. اڄ اسان هڪ اهڙي مثالي استاد جي ذات جو ذڪر ڪندي سندس ڳُڻ ڳائي رهيا آهيون، جيڪو هڪ عظيم تعليمدان هئڻ سان گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ ۾ ”روايتي غزل“ واري دؤر جو هڪ ٻهڳڻو شاعر، نثر نويس، چترڪار، صحافي، سوشل ورڪر ۽ موسيقي شناس به هو. جنهن کي ادب جي دنيا، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، جيڪو شاعريءَ ۾ پنهنجي استاد، الله بخش ”سرشار“ عقيليءَ جي نسبت سان شروع وارا ڳچ سال ”قائل سرشاريءَ“ جي نالي سان تنهن دؤر جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبو رهيو. ضلعي لاڙڪاڻي جي اهم شهر، رتيديري جو قاضي ڪٽنب سنڌ جي علمي، ادبي توڙي صحافتي حلقن ۾ پنهنجي ساهتي خدمتن جي حوالي سان هر ڪنهن لاءِ ڄاتل سُڃاتل رهيو آهي. هن خانوادي ۾ جيتوڻيڪ آڳاٽي دؤر ۾ قاضي خوش محمّد ۽ ٻين سميت ڳچ اهلِ علم، اهلِ ادب، صاحبِ طرز شاعر، اديب ۽ پڙهيا ڳڙهيا سپورنج ٿي گذريا آهن، پر ۱۹هين صديءَ جي آخر ۽ ۲۰هين صديءَ جي شرُوعات ۾ سنڌيءَ سميت فارسيءَ ۽ عربيءَ جي پنهنجي اسلوب واري شاعر، قاضي عبدالحق جو نالو ويجهي ماضيءَ ۾ هن خاندان جي چشم ۽ چراغ جي طور تي واضح انداز ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو ”عبد“ تخلص ڪندو هو، برجستو ڪلام چوندو هو ۽ پنهنجي علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان پنهنجي خاص سُڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ان ادبي ورثي کي اڳتي وڌائيندڙ، سندس ٻيو نمبر فرزند، قاضي عبدالحيّءُ ”قائل“ بڻيو، جنهن پنهنجي پُوري ڄمار علم، ادب، تعليم، صحافت ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ نمايان خدمتُون انجام ڏئي، سماج جو بي لوث ڀَلو ڪيو. قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جو نالو نه رڳو ذڪر ڪيل شعبن جو هڪ روشن حوالو آهي، بلڪه هو هڪ عظيم انسان طور به اڄ سوڌو سڃاتو وڃي ٿو ۽ رتيديري ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اڄ به ”سائين قاضيءَ“ مان مراد قاضي ”قائل“ ئي آهي.

قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جو جنم، ۱۶ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ضلعي جيڪب آباد جي شهر ”ٺُلَ“ ۾ ٿيو، جتي تن ڏينهن ۾ سندن والد جي روزگار جي سلسلي ۾ رهائش هئي. قاضي صاحب جي ٻالجتيءَ جا ڏينهن پنهنجي اباڻي شهر خيري ديري ۽ رتيديري ۾ گذريا. هو پنهنجي بنيادي تعليم رتيديري، انٽرميڊيٽ لاڙڪاڻي ۽ بي اي، سنڌ يُونيورسٽي حيدرآباد مان مڪمّل ڪرڻ کانپوءِ رتيديري ۾ ڊرائنگ جو اُستاد تعينات ٿيو ۽ ۱۹۷۶ع ۾ پنهنجي ريٽائرمينٽ تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪُول رتيديري توڙي لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻين ڪيترن اسڪُولن ۾ پاڙهيندو رهيو. قاضي صاحب هو ته آرٽ جو استاد، پر هو مڊل ۽ سيڪنڊري سطح جي مختلف ڪلاسن کي، ڊرائنگ سان گڏوگڏ سنڌيءَ، پاڪستان جي اڀياس، اسلامي اڀياس سميت مختلف مضمون مهارت سان پاڙهيندو هو. پنهنجي چترڪاريءَ جو فن استعمال ڪندي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري جي ڊرائنگ هال جي مثالي تزئين ۽ آرائش ۽ ان کي سڄي ضلعي ۾ مثالي ڊرائنگ هال بڻائڻ جي لحاظ کان قاضي صاحب جي ناماچاري سندس ملازمت تان رٽائرمينٽ کان پوءِ به مشهور رهي. هو پنهنجي اسڪول ۾ ٻارن کي هم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿائڻ ۾ پڻ اڳڀرو رهيو ۽ پنهنجي اسڪول جي شاگردن ۾ تقرير جي فن جي واڌاري، ڊبيٽ جي مقابلن لاءِ کين تيار ڪرڻ ۽ مختلف سطحن جي مقابلن ۾ انهن کي بهرو وٺڻ لاءِ وٺي وڃڻ ۾ پڻ پيش پيش رهيو. پنهنجي اسڪول جي ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ پاران مختلف ناٽڪ لکڻ ۽ پيش ڪرڻ جي لحاظ کان به قاضي صاحب جون فنڪاراڻيون صلاحيتون تعريف جوڳيون رهيون، جن جا معترف سندن ساٿي استاد به رهيا، ته شاگرد ۽ عام شهري پڻ. قاضي صاحب جو گهر، ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ مفت هاسٽل جيان هوندو هو، جتي انهن غريب شاگردن کي قاضي صاحب، بنا معاوضي پنهنجن ٻچن سان گڏ رهائيندو هو، جن لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجڻ سبب پنهنجي ڳوٺان روز اسڪول اچڻ ۽ موٽڻ مسئلو هوندو هو.  

جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته، سخن جي ديس جي صحرا نورديءَ ۾ سرشار عُقيلي سندس رهنما بڻيو، جڏهن ته چترڪاريءَ جي شعبي ۾ سنڌ جي نامياري آرٽسٽ، ع.ق.شيخ کيس نقش چٽڻ ۽ رنگن جي درست استعمال جي آشنائي ڏني. سنڌي ادب جي ان روايتي دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ، سام جئه سنگهاڻي، منصور ويراڳي، احسن الهاشمي، عبدالڪريم گدائي، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد حامي، شيخ عبدالرزاق ”راز“، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، استاد بخاري، تنوير عبّاسي، تاج صحرائي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ظفر ڪاظمي، علي احمد بروهي، علي نواز وفائي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد  وغيره ”قائل“ صاحب جي همعصر شاعرن ۽ نثر نويسن ۾ شمار ٿين ٿا، جن سان سندس ادبي ساٿ، دوستي ۽ خط و ڪتابت به رهي. قاضي صاحب جي قائد ِ اعظم محمّد علي جناح ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڪيل خط و ڪتابت به هن خطي جي تاريخ جي حوالي سان اهم دستاويز طور محفوظ آهي. قاضي صاحب جي شاعري توڙي نثر، روزاني ”هلال ِ پاڪستان“، روزاني ”آفتاب“، هفتيوار ”آزاد“، هفتيوار ”روشن طب“ دادو وغيره سميت ان زماني جي لڳ ڀڳ سڀني معروف اخبارن توڙي جريدن ۾ ڇپبجندي رهي. قاضي ”قائل“ سرشاري، سنڌي غزل توڙي نظم جو اهم شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ بيان توڙي فصاحت جُون سمُوريون خوبيون موجُود آهن. سندس سخن، شاعريءَ جي اعلى گُڻن سان سينگاريل آهي.”قائل“ سرشاريءَ وٽ گل ۽ بلبل، حسن ۽ عشق، فراق ۽ وصال، لُڙڪن ۽ مُرڪن جهڙن روايتي موضوعن جو ته ذڪر آهي ئي، پر هو پنهنجيءَ قوم جي نؤجوانن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيڻ به پنهنجو فرض سمجهي ٿو:

ڇڏي اڄ خواب غفلت کي ذرا بيدار ٿي سنڌي!

وڃايو وقت تو ڪافي، اٿي هوشيار ٿي سنڌي!

سماجي سُور سارا دُور ڪر، ڌرتيءَ ـ ڌڻي بڻجي،

سچي ”دُولهه“ ۽ ”دودَي“ جان اچي دلدار ٿي سنڌي!

حمد لکندي، پروردگار جي تعريف ۾، ان کي سمورين ڪائناتن جي خالق ۽ مالڪ طور ساراهيندي، قاضي ”قائل“ جو انداز روايتي حمد گو شاعرن کان بنهه مختلف ۽ نرالو آهي:

حبل الوريد کان ڀي ويجهو مقام تنهنجو

وسريو نه مُور مونکان، نرمل آ نام تنهنجو

ڪي ”گاڊ“، ”ايشور“، ڪي ”ڀڳوان“ سان سڏن ٿا

”الله“ آهه ڪاٿي، آ ”رام“ نام تنهنجو

پرماتما، پريتم، پروردگار تون آن

مندر، شوالو، مسجد، ڪعبو، قيام تنهنجو

”گنگا“ هجي يا ”جمنا“، ”سنڌو“ يا ”نيل“، ”زمزم“

سڀ تي آ حڪم تنهنجو، محڪم مقام تنهنجو

رٽائرمينٽ کانپوءِ قاضي ”قائل“ صاحب صحافت، سياست توڙي سماجي خدمتن جي شعبن ۾ عملي طور بهرو ورتو ۽ پنهنجي آخري دم تائين انهن ميدانن جي بي لوث خدمت ڪيائين. صحافت جي دنيا ۾ قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ متعدد اخبارن ۾ صحافتي پورهيو ڪرڻ سان گڏوگڏ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد پڻ وڌو. هُن رتيديري جي صحافين جي تنظيم سازي به ڪئي ۽ کين تنظيم سازي سيکاري به! پاڻ رتيديري پريس ڪلب جو باني، پهريون ۽ تاحيات صدر به رهيو. هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ترجمان رتيديري مان نڪرندڙ  اخبار، هفتيوار ”هاري“ ۾ شريڪ ايڊيٽر طور ڪامريڊ اعتبار جاگيراڻيءَ جو هٿ پڻ ونڊايو. قاضي صاحب جي سياست سان به عملي طرح وابستگي رهي. جوانيءَ جي دؤر ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پاڻ خاڪسار تحريڪ جي اهم اڳواڻ ۽ پنهنجي ڳوٺائيءَ سيّد وريل شاهه سان رفاقت هئڻ سبب ”خاڪسار تحريڪ“ جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ کان پوءِ، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ذاتي تعلق هئڻ سبب سندس چوڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ رڪن جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪيائين ۽ پارٽي اجلاسن توڙي  ميٽنگن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو.

سنڌي ادب جو هي اهم خدمتگذار، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“، حج ادا ڪرڻ لاءِ جُولاءِ ۱۹۸۹ع ۾ ڀلي پار روانو ٿيو، جتي حجّ جا فرض ادا ڪرڻ کان ۱۰ ڏينهن پوءِ معمولي علالت کانپوءِ، ۲۳ جُولاءِ ۱۹۸۹ع تي مڪي پاڪ ۾ هن جهان مان موڪلايائين ۽ کيس مڪّي پاڪ جي ”جنت المُعلى“ (قبرستان) ۾ نبين ۽ صحابي سڳورن جي نواح ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

اڄ قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ کي اسان کان وڇڙئي ۳۱ ورهه مڪمّل ٿي رهيا آهن، پر سندس سخن جي سڳنڌ، سنڌي ساهت کي، ۽ سندس علم جي عملي سيوا جو هڳاءُ، سنڌ کي ۽ سندس صحافتي خدمتن جي خوشبوء، سنڌ جي صحافتي حلقن کي معطر ڪرڻ جو سبب آهي.

فڪر ناهي جيڪڏهن توساڻ گڏ ناهيان پرين!

آءٌ احساسن سان ٿو توکي سدا چاهيان پرين!

 

(روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد جي ايڊيٽوريل صفحي تي، خميس، ۲۳ جُولاءِ ۲۰۲۰ع تي شايع ٿيل)



قاضي عبدالحي قائل سرشاري

شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي

رضوان گل

رتيءَ تي ڪروڙين انسان آيا ۽ هليا ويا پر جن ماڻهن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا، امن ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي ۽ هاڪاري روّين سان محبتن جا ٻج پوکيا انهن جو نالو اڄ به زنده آهي. اهڙا املهه انسان جن هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ قابلِ قدر خدمتون سرانجام  ڏنيون، انهن ۾ قاضي عبدالحئي قائل جو نالو پڻ  وڏي اهميت جو حامل آهي.

قاضي قائل هڪ ئي وقت مثالي استاد، آرٽسٽ، خوبصورت شاعر، نثرنويس، بيباڪ صحافي، سياسي ڪارڪن، سماج سڌارڪ ۽ بهترين منتظم هو. سندس جنم ۱۷ ڊسمبر ۱۹۱۷ تي ٺُل ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. سندس والد عبدالحق عبد قاضي قائل جي جنم کان ڪجهه عرصو پوءِ وفات ڪري ويو.

قاضي عبدالحئي قائل ۱۹۲۲ع ۾ اي وي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جنهن کان پوءِ  مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان ڇهين ۽ ستين جو امتحان پاس ڪيو، ان بعد ۱۹۳۳ ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. ۱۹۳۵ ۾ کيس پي ڊبليو ڊي کاتي ۾ داروغي طور نوڪري ملي. ۱۹۴۰ ڌاري سندس پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ مقرري ٿي. ان نوڪريءَ سبب هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قيام ڪيو ۽ ماڻهن کي محبتون ڏنيون. بعد ۾ ۱۹۴۶ ۾ اي وِي سيڪنڊري اسڪول ۾ ڊرائينگ جي استاد طور مقرر ٿيو جتي شاگردن کي نه فقط رنگن ۽ لڪيرن جي علم کان آگاهي ڏنائين پر پاڻ ٻيا مضمون پڻ پڙهائيندو رهيو انهيءَ دوران ڊرائينگ ٽيچرز ٽريننگ ڪورس ۽ ماسٽر آف ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. ائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل سان آخر تائين جُڙيل رهيو ۽ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۵ تي سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين.

قاضي عبدالحئي قائل جي علمي ادبي خدمتن جو دائرو پڻ وسيع آهي. هن نوجوانن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو اتساهه پيدا ڪري ادبي تنظيمن جو بنياد وڌو. خاص طور تي سندس قائم ڪيل ”لطيف ادبي سنگت رتوديرو“ انهيءَ حوالي سان قابلِ ذڪر ڪم ڪيو. جنهن جي پلئٽفارم تان ڪيترائي ننڍا وڏا مشاعرا، تنقيدي گڏجاڻيون، ادبي رهاڻيون ۽ ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون ويون جن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ ۱۹۸۱ ڌاري قاضي قائل هڪ اشاعتي اداري ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو“ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن پاران ڪيترائي معياري سنڌي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي مقالن جو ڪتاب ”وکريل موتي“، مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“ جنهن کي مختار گهمري ۽ قاضي مقصود گل ترجمو ڪيو، قاضي مقصود گل جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“، ”سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”امن آبِ حيات“، استاد بخاريءَ جي چئوسٽن جو مجموعو ”لهر لهر درياء“، قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ”رت ڀنا رابيل“،  قاضي منظر حيات جو لکيل مونو گراف ”هڪڙو پيارو ماڻهو ـــــ قاضي عبدالحئي قائل“، عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”مٽيءَ جا سُر“ ۽ ٻيا شامل آهن.

سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قائل صاحب غربت سبب پيڙهيل ماڻهن جي پرگهور ذاتي طور به لڌي، ته مختلف سماجي تنظيمن سان گڏجي پڻ ڪم ڪيائين. پاڻ عشر زڪوات جي چيئرمئن طور به سماجي ڀلائين وارن ڪم ڪارن ۾ تمام اڳڀرو رهيو. سياسي حوالي سان پاڻ اڳ ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حامي هو پر بعد ۾ عملي طور به پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ ۱۹۷۷ واري اليڪشن ۾ پارٽيءَ جي حمايت  ۾ شعر به لکيائين.

صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس ڪيل يادگار ڪم ۱۹۸۲ ۾ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد وجهڻ هو، جنهن جو پاڻ صدر پڻ رهيو. جن اخبارن سان سندس وابستگي رهي انهن ۾”سارنگ“ جيڪب آباد، ”برسات“ڪراچي، ”سنڌ سجاڳ“ جيڪب آباد، ”هفتيوار هلال پاڪستان“ لاڙڪاڻو، ”هفتيوار آوازِ سنڌ“ دادو، ”هفتيوار آزاد“ ڪراچي، ۽ ”روزانه هلال پاڪستان“ ڪراچي شامل آهن.

عبدالحئي قائل جي شاعري پنهنجي دور جي منظوم تاريخ آهي سندس شاعري ۾ مختلف انڊلٺي رنگ آهن هو ڪنهن به حوالي سان انتهاپسند نه آهي سندس شاعريءَ ۾ امن، ايڪي، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڳالهه ٿيل آهي، انهيءَ حوالي سان سندس شاعريءَ مان چند مثال ڏجن ٿا:

ٿي مري انسانيت، وحشت وڌو آ ٿرٿلو،

خون جي برسات سان، آهي زمين تي زلزلو،

ظلم جو ظالم شروع ڪيو، بزدلاڻو سلسلو،

هت وري ڏس، مرد غازين جو وفا ۽ ولولو،

جي ڪُسي قربان ٿيا، تن جانثارن تي سلام.

قائل سرشاري جي گهڻ پاسائين شخصيت تي تمام گهڻو لکڻ جي ضرورت آهي. هتي سندس مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم جو فقط تعارف بيان ڪيل آهي، جنهن مان بخوبي سندس ڪيل پورهئي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پاڻ پنهنجون سموريون محبتون ڌرتيءَ ڌڻين کي ارپي ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۹ تي سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پر اڄ به قاضي عبدالحئي قائل جي ٻاريل لاٽ مان روشني پکڙجندي رهي ٿي. سندس پٽ قاضي خضر حيات، قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات جن جا نالا ئي سندن تعارف آهن ۽ انهن مان قاضي مقصود گل جي اولاد ياسر قاضي، سپنا گل ۽ ناصر قاضي اڄ به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڀري رهيا آهن جيڪي قائل صاحب جوئي تسلسل آهن.

هر شخص هينئر آهه ڀرڻ جهڙو آ،

جيئرو آ اگر گل ته مرڻ جهڙو آ.

اميد ڏکيو آهه وساري ويهڻ،

قائل ته سدا  ياد رهڻ جهڙو آ.

(اميد خيرپوري)

 


 

قاضي عبدالحي قائل سرشاري

يا حياتي يار! تُنهنجا ڳُڻَ سدا ڳايان پيو

ياسر قاضي

سماج ۾ وڌندڙ غير اخلاقي ۽ غير انساني لاڙن جي نفسياتي سببن جي ڦولها ڪندي “تعيلم ۽ تربيت جو فقدان” اهڙو اهم ترين سبب بڻجي سامهون اچي ٿو، جنهن کوٽ جي پورائي لاءِ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪنهن به سرڪار سنجيدگيءَ سان پاليسي سازي ناهي ڪئي. تعليمي نظام جي تباهيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ اسان جو معاشرو، “مثالي استادن” کان وانجهو ٿي ويو آهي ۽ استادن جو اهو “برانڊ” ئي گم ٿي ويو، جيڪو ٻار جي تعليم سان گڏوگڏ ان جي “تربيت” تي خاص ڌيان ڏيندي، ان جي شخصيت جي مثبت تعمير کي پنهنجي ذاتي ذميواري مڃي، ان کي پنهنجي حياتيءَ جو اهم ترين نصب العين سمجهي نباهيندو هو. جنهن کي ڏينهن رات پنهنجن شاگردن جي اخلاقي تربيت ۽ مستقبل جو پنهنجيءَ اولاد وانگر اونو رهندو هو. اڄ اسان هڪ اهڙي مثالي استاد جي ذات جو ذڪر ڪندي سندس ڳُڻ ڳائي رهيا آهيون، جيڪو هڪ عظيم تعليمدان هئڻ سان گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ ۾ ”روايتي غزل“ واري دؤر جو هڪ ٻهڳڻو شاعر، نثر نويس، چترڪار، صحافي، سوشل ورڪر۽ موسيقي شناس به هو. جنهن کي ادب جي دنيا، قاضي عبدالحئي“قائل” جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، جيڪو شاعريءَ ۾ پنهنجي استاد، الله بخش “سرشار” عقيليءَ جي نسبت سان شروع وارا ڳچ سال “قائل سرشاريءَ” جي نالي سان تنهن دؤر جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبو رهيو.

ضلعي لاڙڪاڻي جي اهم شهر، رتيديري جو قاضي ڪٽنب سنڌ جي علمي، ادبي توڙي صحافتي حلقن ۾ پنهنجي ساهتي خدمتن جي حوالي سان هر ڪنهن لاءِ ڄاتل سُڃاتل رهيو آهي. هن خانوادي ۾ جيتوڻيڪ آڳاٽي دؤر ۾ قاضي خوش محمد ۽ ٻين سميت ڳچ اهلِ علم، اهلِ ادب، صاحبِ طرز شاعر، اديب ۽ پڙهيا ڳڙهيا سپورنج ٿي گذريا آهن، پر ۱۹هين صديءَ جي آخر ۽ ۲۰هين صديءَ جي شرُوعات ۾ سنڌيءَ سميت فارسيءَ ۽ عربيءَ جي پنهنجي اسلوب واري شاعر، قاضي عبدالحق جو نالو ويجهي ماضيءَ ۾ هن خاندان جي چشم ۽ چراغ جي طور تي واضح انداز ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو “عبد” تخلص ڪندو هو، برجستو ڪلام چوندو هو ۽ پنهنجي علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان پنهنجي خاص سُڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ان ادبي ورثي کي اڳتي وڌائيندڙ، سندس ٻيو نمبر فرزند، قاضي عبدالحئيءُ “قائل”بڻيو، جنهن پنهنجي پُوري ڄمارعلم، ادب، تعليم، صحافت ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ نمايان خدمتُون انجام ڏئي، سماج جو بي لوث ڀَلو ڪيو. قاضي عبدالحئي“قائل” جو نالو نه رڳو ذڪر ڪيل شعبن جو هڪ روشن حوالو آهي، بلڪه هو هڪ عظيم انسان طور به اڄ سوڌو سڃاتو وڃي ٿو ۽ رتيديري ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اڄ به “سائين قاضيءَ” مان مراد قاضي “قائل” ئي آهي.

قاضي عبدالحئي “قائل” جو جنم، ۱۶ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ضلعي جيڪب آباد جي شهر “ٺُلَ” ۾ ٿيو، جتي تن ڏينهن ۾ سندن والد جي روزگار جي سلسلي ۾ رهائش هئي. قاضي صاحب جي ٻالجتيءَ جا ڏينهن پنهنجي اباڻي شهر خيري ديري ۽ رتيديري ۾ گذريا. هو پنهنجي بنيادي تعليم رتيديري، انٽرميڊيٽ لاڙڪاڻي ۽ بي. اي، سنڌ يُونيورسٽي حيدرآباد مان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ رتيديري ۾ ڊرائنگ جو اُستاد تعينات ٿيو ۽ ۱۹۷۶ع ۾ پنهنجي ريٽائرمينٽ تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪُول رتيديري توڙي لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻين ڪيترن اسڪُولن ۾ پاڙهيندو رهيو. قاضي صاحب هو ته آرٽ جو استاد، پر هو مڊل ۽ سيڪنڊري سطح جي مختلف ڪلاسن کي، ڊرائنگ سان گڏوگڏ سنڌيءَ، پاڪستان جي اڀياس، اسلامي اڀياس سميت مختلف مضمون مهارت سان پاڙهيندو هو.

پنهنجي چترڪاريءَ جو فن استعمال ڪندي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري جي ڊرائنگ هال جي مثالي تزئين ۽ آرائش ۽ ان کي سڄي ضلعي ۾ مثالي ڊرائنگ هال بڻائڻ جي لحاظ کان قاضي صاحب جي ناماچاري سندس ملازمت تان رٽائرمينٽ کان پوءِ به مشهور رهي. هو پنهنجي اسڪول ۾ ٻارن کي هم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿائڻ ۾ پڻ اڳڀرو رهيو ۽ پنهنجي اسڪول جي شاگردن ۾ تقرير جي فن جي واڌاري، ڊبيٽ جي مقابلن لاءِ کين تيار ڪرڻ ۽ مختلف سطحن جي مقابلن ۾ انهن کي بهرو وٺڻ لاءِ وٺي وڃڻ ۾ پڻ پيش پيش رهيو. پنهنجي اسڪول جي ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ پاران مختلف ناٽڪ لکڻ ۽ پيش ڪرڻ جي لحاظ کان به قاضي صاحب جون فنڪاراڻيون صلاحيتون تعريف جوڳيون رهيون، جن جا معترف سندن ساٿي استاد به رهيا، ته شاگرد ۽ عام شهري پڻ. قاضي صاحب جو گهر، ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ مفت هاسٽل جيان هوندو هو، جتي انهن غريب شاگردن کي قاضي صاحب، بنا معاوضي پنهنجن ٻچن سان گڏ رهائيندو هو، جن لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجڻ سبب پنهنجي ڳوٺان روز اسڪول اچڻ ۽ موٽڻ مسئلو هوندو هو.

جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته، سخن جي ديس جي صحرا نورديءَ ۾ سرشار عُقيلي سندس رهنما بڻيو، جڏهن ته چترڪاريءَ جي شعبي ۾ سنڌ جي نامياري آرٽسٽ، ع. ق. شيخ کيس نقش چٽڻ ۽ رنگن جي درست استعمال جي آشنائي ڏني. سنڌي ادب جي ان روايتي دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ، سام جئه سنگهاڻي، منصور ويراڳي، احسن الهاشمي، عبدالڪريم گدائي، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي، شيخ عبدالرزاق “راز”، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، استاد بخاري، تنوير عباسي، تاج صحرائي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ظفر ڪاظمي، علي احمد بروهي، علي نواز وفائي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد وغيره “قائل” صاحب جي همعصر شاعرن ۽ نثر نويسن ۾ شمار ٿين ٿا، جن سان سندس ادبي ساٿ، دوستي ۽ خط و ڪتابت به رهي. قاضي صاحب جي قائد ِ اعظم محمد علي جناح ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڪيل خط و ڪتابت به هن خطي جي تاريخ جي حوالي سان اهم دستاويز طور محفوظ آهي. قاضي صاحب جي شاعري توڙي نثر، روزاني “هلال ِ پاڪستان”، روزاني “آفتاب”، هفتيوار “آزاد”، هفتيوار “روشن طب” دادو وغيره سميت ان زماني جي لڳ ڀڳ سڀني معروف اخبارن توڙي جريدن ۾ ڇپبجندي رهي. قاضي “قائل” سرشاري، سنڌي غزل توڙي نظم جو اهم شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ بيان توڙي فصاحت جُون سمُوريون خوبيون موجُود آهن. سندس سخن، شاعريءَ جي اعلى گُڻن سان سينگاريل آهي. “قائل” سرشاريءَ وٽ گل ۽ بلبل، حسن ۽ عشق، فراق ۽ وصال، لُڙڪن ۽ مُرڪن جهڙن روايتي موضوعن جو ته ذڪر آهي ئي، پر هو پنهنجيءَ قوم جي نوجوانن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيڻ به پنهنجو فرض سمجهي ٿو:

ڇڏي اڄ خواب غفلت کي ذرا بيدار ٿي سنڌي!

وڃايو وقت تو ڪافي، اٿي هوشيار ٿي سنڌي!

سماجي سُور سارا دُور ڪر، ڌرتيءَ ڌڻي بڻجي،

سچي ”دُولهه“ ۽ ”دودَي“جان اچي دلدار ٿي سنڌي!

حمد لکندي، پروردگار جي تعريف ۾، ان کي سمورين ڪائناتن جي خالق ۽ مالڪ طور ساراهيندي، قاضي ”قائل“ جو انداز روايتي حمد گو شاعرن کان بنهه مختلف ۽ نرالو آهي:

حبل الوريد کان ڀي ويجهو مقام تنهنجو

وسريو نه مُور مونکان، نرمل آ نام تنهنجو

ڪي ”گاڊ“، ”ايشور“، ڪي ”ڀڳوان“ سان سڏن ٿا

”الله“ آهه ڪاٿي، آ ”رام“ نام تنهنجو

پرماتما، پريتم، پروردگار تون آن

مندر، شوالو، مسجد، ڪعبو، قيام تنهنجو

”گنگا“ هجي يا ”جمنا“، ”سنڌو“ يا ”نيل“، ”زمزم“

سڀ تي آ حڪم تنهنجو، محڪم مقام تنهنجو

رٽائرمينٽ کانپوءِ قاضي ”قائل“ صاحب صحافت، سياست توڙي سماجي خدمتن جي شعبن ۾ عملي طور بهرو ورتو ۽ پنهنجي آخري دم تائين انهن ميدانن جي بي لوث خدمت ڪيائين. صحافت جي دنيا ۾ قاضي عبدالحئي “قائل” متعدد اخبارن ۾ صحافتي پورهيو ڪرڻ سان گڏوگڏ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد پڻ وڌو. هُن رتيديري جي صحافين جي تنظيم سازي به ڪئي ۽ کين تنظيم سازي سيکاري به! پاڻ رتيديري پريس ڪلب جو باني، پهريون ۽ تاحيات صدر به رهيو. هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ترجمان رتيديري مان نڪرندڙ اخبار، هفتيوار ”هاري“ ۾ شريڪ ايڊيٽر طور ڪامريڊ اعتبار جاگيراڻيءَ جو هٿ پڻ ونڊايو. قاضي صاحب جي سياست سان به عملي طرح وابستگي رهي. جوانيءَ جي دؤر ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پاڻ خاڪسار تحريڪ جي اهم اڳواڻ ۽ پنهنجي ڳوٺائيءَ سيد وريل شاهه سان رفاقت هئڻ سبب ”خاڪسار تحريڪ“ جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ کان پوءِ، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ذاتي تعلق هئڻ سبب سندس چوڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ رڪن جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪيائين ۽ پارٽي اجلاسن توڙي ميٽنگن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو.

سنڌي ادب جو هي اهم خدمتگذار، قاضي عبدالحئي ”قائل“، حج ادا ڪرڻ لاءِ جُولاءِ ۱۹۸۹ع ۾ ڀلي پار روانو ٿيو، جتي حج جا فرض ادا ڪرڻ کان لڳ ڀڳ ۱۰ ڏينهن پوءِ معمولي علالت کانپوءِ، ۲۳ جُولاءِ ۱۹۸۹ع تي مڪي پاڪ ۾ هن جهان مان موڪلايائين ۽ کيس مڪي پاڪ جي ”جنت المُعلى“ (قبرستان) ۾ نبين ۽ صحابي سڳورن جي نواح ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

اڄ قاضي عبدالحئي ”قائل“ کي اسان کان وڇڙئي ۳۳ ورهيه مڪمل ٿي رهيا آهن، پر سندس سخن جي سڳنڌ، سنڌي ساهت کي، ۽ سندس علم جي عملي سيوا جو هڳاءُ، سنڌ کي ۽ سندس صحافتي خدمتن جي خوشبوءَ، سنڌ جي صحافتي حلقن کي معطر ڪرڻ جو سبب آهي.

يا حياتي يار! تُنهنجا ڳُڻَ سدا ڳايان پيو

ڪيئن اپر احسان تُنهنجا، مان لکين لاهيان پرين!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

قاضي عبدالحي قائل

سون ورنو ’سائين قاضِي’۽ سندس اُوچا آدرشَ

نصرت سڪندر

شهر رتيديري (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ اڄ به چوٿين نسل جي زبان تي به ’سائين قاضيءَ’جي نالي سان زندهه آهي. رتيديري ۽ ان جي آسپاس ’سائين قاضيءَ’جو مطلب فقط هڪ شخصيت ئي آهي (جيتوڻيڪ ان جي خاندان جو هر فرد ’قاضي صاحب’ئي آهي)، پر ’سائين قاضي’خاص نالو آهي، سنڌ جي پنهنجي دؤر جي قادرالڪلام شاعر، نثر نويس، استاد، تعليمدان، مصوّر، سماج سُڌارڪ ۽ سُر سنگيت جي پريميءَ، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جو، جيڪو پنهنجي ڪٽنب توڙي اوڙي پاڙي، پنهنجي شهر توڙي ان جي پسگردائيءَ کان وٺي سموريءَ سنڌ ۾ پنهنجي ڪيل علمي، ادبي، سماجي، پورهئي سميت پنهنجي اعليٰ اخلاقي قدرن سان پنهنجن شاگردن، پڙهندڙن توڙي چاهيندڙن جي دلين ۾ هڪ ٿڌڙو احساس بڻجي هميشه لاءِ ٽِڪي پيو آهي.

گذريل سال کان وٺي جُولاءِ ۽ ذوالحج جو مهينو گڏ گڏ هلي رهيا آهن. هن سال ته هجري تاريخون ۽ عيسوي تاريخون انگ به انگ تُز هڪجهڙيون آهن. لڳ ڀڳ ايئن ئي اڄ کان ۳۳ سال اڳ به ٿيو هو. جڏهن ۱۹۸۹ع واري سال، قاضي ’قائل’صاحب حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پار ويو هو ۽ وري نه موٽيو. جتي حج جي ادائگيءَ کان پوءِ چند ڏينهن جي علالت بعد سندس رُوح ــ پکيئڙو مڪي پاڪ ۾ ئي پرواز ڪري ويو ۽ کيس ’جنت المعليٰ’جي عظيم قبرستان ۾ طيبه جي مٽيءَ جو ڀاڪُر نصيت ٿيو. اها خبر جڏهن سندس شهر توڙي پسگردائيءَ ۾ باهه وانگر ڦهلي ته ’سائين قاضي گذاري ويو...’ته سندس وڇوڙي جو پُرسو ڏيڻ ايندڙ سوين ماڻهو تڏي ــ ڌڻين لاءِ به اڻ ڄاتل هئا. جن ۾ ’سائين قاضيءَ’ جي شاگردن کانسواءِ هڪ وڏو انگ گداگرن، فقيرن، ملنگن، ڏتڙيل طبقي سان تعلق رکندڙ مسڪينن ۽ بظاهر مست نظر ايندڙ ڪردارن جو به هو، جن بابت عيني شاهد چون ٿا ته اهي ايئن غمگين هئا، ڄڻ سندن ڪو گھر جو فرد راهِه ربّاني وٺي ويو هجي. جنهن ڏينهن (۲۳ جُولاءِ ۱۹۸۹ع تي) قاضي عبدالحيّ ”قائل“ وڇڙيو، ان ڏينهن به سانوڻ دل کولي گرجِي وسيو... ته ان کانپوءِ ڪيترن هفتن تائين اهو سانوڻ جي وسڪاري جو اڻ کُٽ سلسلو جاري رهيو. رتيديري ۾ قاضي ’قائل’ جي گھر ’المنظر’ جي سامهون قائم ڇوڪرين جي سرڪاري ووڪيشنل اسڪول جي هال ۾ سندس تڏو ڪيترا ئي ڏينهن وڇايل رهيو. شايد گھٽ وڇوڙا به اهڙا يادگار هوندا، جن جي تعزيت جو تڏو سندس چاليهي تائين وڇايل رهيو هجي، جنهن ۾ پُرسو ڏيڻ وارن جي روز، اچ وڃ رهِي هجي. جن ۾ استاد بخاريءَ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، تاج صحرائيءَ، احمد خان ”مدهوش“ سميت سنڌي ادبي اتهاس جي چمڪندڙ ستارن کان وٺي شهر جي ڪُڙمين، ڪاسبين ۽ خاڪروبن تائين هر طبقي جو ماڻهو بنا فرق جي شامل رهيو هجي.

اهو سنڌي ادب جي روايتي غزل جي دؤر جو نشانبر شاعر، قاضي ’قائل‘، جنهن پنهنجي ادبي نالي سان پنهنجي مُربي ادبي استاد سرشار عُقيليءَ جي نسبت لڳائي ’قائل سرشاريءَ‘جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو، استاد ۽ منتظم جي حيثيت سان نهايت سخت، پنهنجي اصل مزاج ۾ ماٺيڻو ۽ پنهنجن اصُولن ۽ آدرشن جي لحاظ کان مثالي هو، جنهنجو نالو کڻڻ سان ئي هڪ پوري خاندان جي نمائندگي ۽ نشاندهي ٿئي ٿي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو اهو تاريخي ۽ ثقافتي شهر ’رتوديرو’ ذهن ۾ اچي ٿو، جتي هن پنهنجي علم ۽ ادب جي اهڙي روشن لاٽ ٻاري، جنهن جي روشنيءَ سندس اولاد ۽ خاندان کي ئي نه، بلڪه سندس آسپاس جي ماڻهن سميت سڄيءَ سنڌ کي سوجھرا ارپيا ۽ قديم ماڙين ۽ مِٺَي مائَي جي ڪري مشهور هن شهر جي هن ’قاضي قلمي ڪُٽنب’جي هن عظيم انسان جي محنت ۽ تربيت ۾ نسرندڙ گؤنچن اڳتي هلي، پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي، ادب، آرٽ، ڪاشيگريءَ ۽ ميڊيا انڊسٽريءَ رستي سنڌ جي خدمت ڪري، سنڌي ادب توڙي ثقافت کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. اڄ رتوديرو پنهنجي ڄاون جي لحاظ کان ادب جي جنهن ’ٽه مُورتيءَ’طور سڃاتو وڃي ٿو، تن ۾ سنڌيءَ جو ناميارو اديب، امرتراءِ، حشمتراءِ ’سام’جئسنگھاڻي، مشهور صوفي شاعر غمدل فقير ۽ اسانجو هي قادرالڪلام شاعر قاضي عبدالحئي ’قائل’شامل آهن. رتيديري واسي هي ٽئي اديب ’ غمدل ــ سام ــ قائل’رتيديري جي ادبي ٽه ــ مورتيءَ جي نسبت سان ياد ڪيا وڃن ٿا. سندن نالو به ڪو ٽيڙُو لڳي ٿو.

انهن سمورين ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کان وڌيڪ مٿانهان، قاضي ’قائل’صاحب جا اهي اعليٰ انساني گُڻ هئا، جيڪي سندس شاگردن ۽ ساڻس سلهاڙيل هر جيءَ کان نسل در نسل اڳتي وڌن پيا ۽ وڌندا رهندا. سندس شاگردن جي بقول اهو ٻاهران اخروٽ وانگر سخت ۽ اندران گدري وانگر نرم طبيعت رکندڙ مثالي استاد، جيڪو اسڪول کانپوءِ به پنهنجي ڪلاس جي ٻارن جي شهر اندر سرگرمين تي نظر رکندو هو، ته اسڪول کانپوءِ ڪوئي غيرصحتمند سرگرمين اچي بريءَ صحبت ۾ نه ڦاسي پوي... جنهنجو گھر ٻهراڙيءَ جي انهن ٻارن لاءِ بنا معاوضي جي هاسٽل بڻيل هو، جن لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان روز رتيديري اچي اسڪول اٽينڊ ڪرڻ ممڪن نه هو... جنهن هر حال ۾ سچ چوڻ، پنهنجن اصولن تي هر صورت قائم رهڻ، سادو سُودو پائي به پنهنجو شان نه وڃائڻ، ڪنهن سان به پنهنجي مجبوري نه سَلڻ، هر ڪنهن سان بنا صلي جِي اميد جي چڱو ڪندو رهڻ، بنا رنگ، نسل ۽ مذهب جي ڀيد ڀاوَ جي پيڙهيل کان پيڙهيل طبقي وارن ماڻهن سان به پنهنجن سڳن وانگر ورتاءَ رکڻ، بظاهر ذات پات جي لحاظ کان سماج جي انڌِي اُونڌِي ورڇ تحت ’گھٽ ذات وارا’سمجھيو ويندڙن جي غمن خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جهڙا آدرش ڏنا، اهو شخص پنهنجي حياتياتي مؤت سان ڪٿي ٿو مري سگھي! اهو ته انهن لوڪن جي ايندڙ پيڙهين جي دلين ۾ به سدائين زندهه رهندو. شايد اهڙن ماڻهن لاءِ ئي لفظ ’امر’ تخليق ٿيو آهي. ڇو ته ’سائين قاضي’ رتيديري سميت سڄيءَ سنڌ جي ماڻهن لاءِ احترام جو امر استعارو بڻجي چڪو آهي ۽ سدائين بڻيل رهندو.

ساڳئي خوشبُوءِ ڏين، ڇڄِي گُلَ گلاب جا،

وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪينڪي.

 

(ڏھاڙي عوامي ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

قاضي عبدالحيُّ ”قائل“

ناميارو شاعر ۽ تعليمي ماهرَ

هيمُون ڪالاڻي

قاضي عبدالحي قائل ۱۷ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو ۽ رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي سخن ور مٽيءَ تي پنهنجي زندگيءَ جا پهريان ٻاتا ٻول ٻوليا. سندس والد قاضي عبدالحق عبد ملازمت سانگي عارضي طور تي ٺلهه ضلعي جيڪب آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. قاضي عبدالحي قائل پنهنجي ڳوٺ رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم بعد مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ ۱۹۳۳ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو. هيءُ پنهنجي تر جو پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن ورنيڪيولر تائين تعليم حاصل ڪئي.

قاضي عبدالحي ”قائل“ ۱۹۳۵ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات داروغي جي حيثيت سان ڪئي، پر پوءِ ۱۹۴۰ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيو. استاد ٿيڻ باوجود به پنهنجي تعليم جاري رکي ايليمنٽري ۽ انٽر گريڊ ڊرائنگ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. اڳتي هلي ڊسمبر ۱۹۴۶ع ۾ سيڪنڊري اسڪول رتيديري ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. ۱۹۵۸ع ۾ ڊرائنگ ٽيچرس جي ٽريننگ سانگھڙ مان ڪري ۱۹۶۵ع ڌاري ’ماسٽر آف ڊرائنگ‘ جي سند ورتائين. اهڙيءَ ريت هن محنت، قابليت ۽ سچائي ۽ خلوص سان ملازمت جو مقرر عرصو پورو ڪري ۱۹۷۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيو.

’قائل سرشاري‘ سندس شاعراڻو تخلص هو، پاڻ تعليم سان گڏوگڏ ادب، شاعري، صحافت، سماجي ڀلائي جي ميدانن ۾ اڳرو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد الله بخش سرشار عقيلي هو ۽ سندس نالي جي نسبت سان هو پاڻ کي ’قائل سرشاري‘ سڏرائيندو هو. ان سان گڏوگڏ عبدالڪريم گدائيءَ سان سندس گهرا تعلقات هئا ۽ گدائيءَ کان به پنهنجي ڪلام جي اصلاح ڪرائيندو هو. هن رتيديري شهر ۾ ’لطيف ادبي سنگت‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ادبي پروگرام توڙي هفتيوار ادبي ڪلاس ۽ عروض جي مختلف صنفن تي سنڌي ٻوليءَ جي هاڪارن اديبن کان ليڪچر ڪرائڻ ۾ سرگرم رهندو هو. قاضي عبدالحئي ”قائل“ ادبي سرگرمين ۾ اشاعتي حوالي سان رتيديري ۾ ’سنڌڙي ڪتابي سلسلي‘ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن اداري جي طرفان عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو مجموعو ’وکريل موتي‘، استاد بخاريءَ جي ڪتاب ’لهر لهر دريا‘ جا پهريان ٻه ڇاپا، سرڪش سنڌيءَ جي زندگيءَ جو پهريون ڪتاب ’امن آب حيات‘، مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ’رت بنا رابيل‘ ۽ عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو ڪتاب ’مٽيءَ جا سر‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. ان وقت سنڌي ادب لاءِ سندس اشاعتي خدمتون وڏي قيمت لهڻن.

صحافتي ميدان ۾ سرانجام ڏنل سندس خدمتون به قابلِ تحسين آهن، هو هڪ متحرڪ ۽ بيباڪ صحافي هو، ڪيترين ئي سنڌي توڙي اردو اخبارن لاءِ رتيديري شهر مان نمائندي جي حيثيت سان عملي ڪم ڪيائين. سندس شمار رتيديري پريس ڪلب جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ٻه ڀيرا پريس ڪلب رتيديري جو صدر به رهيو. سندس سر سنگيت سان پڻ گهرو لڳاءُ هوندو هو، وٽس گھر ۾ پنهنجو ذاتي هارمونيم پڻ هوندو هو. راڳ جي فن توڙي آلاپ مان به چڱو ڀلو واقف هو. هي ڪائناتي سچ آهي ته سجاڳ ۽ صحتمند ذهن فطرتي خوبين ۽ انساني ڀاونائن کي سرور ڏيندڙ شين جا شائق ٿيندا آهن. قائل جنهن طرز سان موسيقيءَ جي تندن تي ڇيڙيل آڱرين واري ٻوليءَ کي لفظن جو روپ ڏيئي ’ڪَلا‘ سرجي، سا اڄ به سنڌي شاعراڻي ادب جي هونهار تخليقي ڪاوش آهي.

پاڻ برجستو سماجواد هو، عشر زڪوات ڪاميٽي رتيديري جو ميمبر ٿيو، خاص طور تي بي پهچ ماڻهن جي سهائتا لاءِ سرگردان رهيو، اڳتي هلي کيس ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، سندس چيئرمين شپ واري دور ۾ سندس ايمانداري، قابليت ۽ غريب پروريءَ جو قدر ڪندي عشر زڪوات جي وزارت پاران کيس حڪومت جي خرچ تي حج ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر پاڻ اهو چئي انڪار ڪيائين ته: ”آءُ صاحبِ زڪوات آهيان، حڪومت جي پاران غريبن واري فنڊ جي پئسي مان حج ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪنهن قدر به مناسب ناهي.“ جنهن کانپوءِ پنهنجي ذاتي خرچ تي جون ۱۹۸۹ع ۾ حج جو فريضو ادا ڪيائين. سندس مٽيءَ مان لڌو ۽ حج دؤران ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۹ع ۾ مڪي شريف ۾ سندس روح جسد خاڪيءَ جي قيد مان آزاد ٿي، حقيقي وصال جي ويجو ٿيو، کيس مڪي شريف جي قبرستان جنت المعلى ۾ دفن ڪيو ويو. کيس چار فرزند قاضي خضر حيات، ناميارو شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات آهن، جيڪي سنڌي ادب توڙي آرٽ جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃائي چڪا آهن. سندس شخصيت، فن ۽ فڪر جي موضوع تي قاضي منظر حيات ’هڪ شخصيت هڪ ادارو‘ جي عنوان سان مونو گراف پڻ لکيو، جيڪو ۱۹۹۱ع ڌاري ’هڪڙو پيارو ماڻهو‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. قاضي عبدالحئي جي نالي سان سندس فرزند قاضي مقصود گل اپريل ۱۹۹۵ع ۾ ’عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول رتيديري‘ جو بنياد وڌو، ان اسڪول مان ڪيترن ئي نوجوانن تعليم پرائي آهي، جيڪو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي. اڄ پنجويهه سال گذرڻ کانپوءِ به اهو شخص پنهنجي ڪاوشن ڪري زندهه آهي. ان جي چشم دراز نظر عيوض سونهاري ٻوليءَ جي لولي شائسته آهي. لطيف به ته اهڙن شخصن لاءِ چيو آهي ته:

اُٿي چلُ چَرين جيئن، سڱ سڀيئي ڇِنُ،

جي ڀائين پرين مِڙان، ته مَتِ مُنهنجي ڳِنُ.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

قاضي عبدالحي قائل

تُنهنجي دامن ۾ سڄڻ هڪ سلسلو ڳولي لڌم

ياسر قاضي

اڄ هڪ اهڙي مثالي ۽ اخلاق اُجاراستاد جو ۱۰۵ون جنم ڏينهن آهي، جيڪو هڪ عظيم تعليمدان هئڻ سان گڏوگڏ، سنڌي شاعريءَ ۾ “روايتي غزل” واري دؤر جو هڪ ٻهڳڻو شاعر، نثر نويس، چترڪار، صحافي، سوشل ورڪر ۽ موسيقي شناس به هو. جنهن کي ادب جي دنيا، قاضي عبدالحئي “قائل” جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، جيڪو شاعريءَ ۾ پنهنجي استاد، الله بخش “سرشار” عقيليءَ جي نسبت سان شروع وارا ڳچ سال “قائل سرشاريءَ” جي نالي سان تنهن دؤر جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبو رهيو. ضلعي لاڙڪاڻي جي اهم شهر، رتيديري جو قاضي ڪٽنب سنڌ جي علمي، ادبي توڙي صحافتي حلقن ۾ پنهنجي ساهتي خدمتن جي حوالي سان هر ڪنهن لاءِ ڄاتل سُڃاتل رهيو آهي. هن خانوادي ۾ جيتوڻيڪ آڳاٽي دؤر ۾ قاضي خوش محمد ۽ ٻين سميت ڳچ اهلِ علم، اهلِ ادب، صاحبِ طرز شاعر، اديب ۽ پڙهيا ڳڙهيا سپورنج ٿي گذريا آهن، پر ۱۹هين صديءَ جي آخر ۽ ۲۰هين صديءَ جي شرُوعات ۾ سنڌيءَ سميت فارسيءَ ۽ عربيءَ جي پنهنجي اسلوب واري شاعر، قاضي عبدالحق جو نالو ويجهي ماضيءَ ۾ هن خاندان جي چشم ۽ چراغ جي طور تي واضح انداز ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو “عبد” تخلص ڪندو هو، برجستو ڪلام چوندو هو ۽ پنهنجي علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان پنهنجي خاص سُڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ان ادبي ورثي کي اڳتي وڌائيندڙ، سندس ٻيو نمبر فرزند، قاضي عبدالحئي “قائل” بڻيو، جنهن پنهنجي پُوري ڄمار علم، ادب، تعليم، صحافت ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ نمايان خدمتُون انجام ڏئي، سماج جو بي لوث ڀَلو ڪيو. قاضي عبدالحي “قائل” جو نالو نه رڳو ذڪر ڪيل شعبن جو هڪ روشن حوالو آهي، بلڪه هو هڪ عظيم انسان طور به اڄ سوڌو سڃاتو وڃي ٿو ۽ رتيديري ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اڄ به “سائين قاضيءَ” مان مراد قاضي “قائل” ئي آهي.

قاضي عبدالحئي “قائل” جو جنم، اڄ کان ۱۰۵ ورهيه اڳ، ۱۷ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ضلعي جيڪب آباد جي شهر “ٺُلَ” ۾ ٿيو، جتي تن ڏينهن ۾ سندن والد جي روزگار جي سلسلي ۾ رهائش هئي. قاضي صاحب جي ٻالجتيءَ جا ڏينهن پنهنجي اباڻي شهر خيري ديري ۽ رتيديري ۾ گذريا. هو پنهنجي بنيادي تعليم رتيديري، انٽرميڊيٽ لاڙڪاڻي ۽ بي. اي، سنڌ يُونيورسٽي حيدرآباد مان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ رتيديري ۾ ڊرائنگ جو اُستاد تعينات ٿيو ۽ ۱۹۷۶ع ۾ پنهنجي ريٽائرمينٽ تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري توڙي لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻين ڪيترن اسڪُولن ۾ پاڙهيندو رهيو.قاضي صاحب هو ته آرٽ جو استاد، پر هو مڊل ۽ سيڪنڊري سطح جي مختلف ڪلاسن کي، ڊرائنگ سان گڏوگڏ سنڌيءَ، پاڪستان جي اڀياس، اسلامي اڀياس سميت مختلف مضمون مهارت سان پاڙهيندو هو. پنهنجي چترڪاريءَ جو فن استعمال ڪندي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري جي ڊرائنگ هال جي مثالي تزئين ۽ آرائش ۽ ان کي سڄي ضلعي ۾ مثالي ڊرائنگ هال بڻائڻ جي لحاظ کان قاضي صاحب جي ناماچاري سندس ملازمت تان رٽائرمينٽ کان پوءِ به مشهور رهي. هو پنهنجي اسڪول ۾ ٻارن کي هم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿائڻ ۾ پڻ اڳڀرو رهيو ۽ پنهنجي اسڪول جي شاگردن ۾ تقرير جي فن جي واڌاري، ڊبيٽ جي مقابلن لاءِ کين تيار ڪرڻ ۽ مختلف سطحن جي مقابلن ۾ انهن کي بهرو وٺڻ لاءِ وٺي وڃڻ ۾ پڻ پيش پيش رهيو. پنهنجي اسڪول جي ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ پاران مختلف ناٽڪ لکڻ ۽ پيش ڪرڻ جي لحاظ کان به قاضي صاحب جون فنڪاراڻيون صلاحيتون تعريف جوڳيون رهيون، جن جا معترف سندن ساٿي استاد به رهيا، ته شاگرد ۽ عام شهري پڻ. قاضي صاحب جو گهر، ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ مفت هاسٽل جيان هوندو هو، جتي انهن غريب شاگردن کي قاضي صاحب، بنا معاوضي پنهنجن ٻچن سان گڏ رهائيندو هو، جن لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجڻ سبب پنهنجي ڳوٺان روز اسڪول اچڻ ۽ موٽڻ مسئلو هوندو هو.

جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته، سخن جي ديس جي صحرا نورديءَ ۾ سرشار عُقيلي سندس رهنما بڻيو، جڏهن ته چترڪاريءَ جي شعبي ۾ سنڌ جي نامياري آرٽسٽ، ع.ق.شيخ کيس نقش چٽڻ ۽ رنگن جي درست استعمال جي آشنائي ڏني. سنڌي ادب جي ان روايتي دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ، سام جئه سنگهاڻي، منصور ويراڳي، احسن الهاشمي، عبدالڪريم گدائي، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي، شيخ عبدالرزاق “راز”، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، استاد بخاري، تنوير عباسي، تاج صحرائي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ظفر ڪاظمي، علي احمد بروهي، علي نواز وفائي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد وغيره “قائل” صاحب جي همعصر شاعرن ۽ نثر نويسن ۾ شمار ٿين ٿا، جن سان سندس ادبي ساٿ، دوستي ۽ خط و ڪتابت به رهي. قاضي صاحب جي قائد ِ اعظم محمد علي جناح ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڪيل خط و ڪتابت به هن خطي جي تاريخ جي حوالي سان اهم دستاويز طور محفوظ آهي. قاضي صاحب جي شاعري توڙي نثر، روزاني “هلال ِ پاڪستان”، روزاني “آفتاب”، هفتيوار “آزاد”، هفتيوار “روشن طب” دادو وغيره سميت ان زماني جي لڳ ڀڳ سڀني معروف اخبارن توڙي جريدن ۾ ڇپبجندي رهي. قاضي “قائل”سرشاري، سنڌي غزل توڙي نظم جو اهم شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ بيان توڙي فصاحت جُون سمُوريون خوبيون موجُود آهن. سندس سخن، شاعريءَ جي اعلى گُڻن سان سينگاريل آهي.“قائل” سرشاريءَ وٽ گل ۽ بلبل، حسن ۽ عشق، فراق ۽ وصال، لُڙڪن ۽ مُرڪن جهڙن روايتي موضوعن جو ته ذڪر آهي ئي، پر هو پنهنجيءَ قوم جي نؤجوانن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيڻ به پنهنجو فرض سمجهي ٿو:

قوم جا ۽ ديس جا جيڪي ادا! دشمن هجن،

قسم ٿَوَ الله جو، پاڙُون پلِيدن جُون پَٽيو!

ٽوپ ۽ اجرڪ نه ڏيو تحفا غدارن کي ڪڏهن،

“هوش محمد” شير جيان ڳولي ڪميڻن کي ڪٽيو.

هُو رڳو ناصحاڻي رُوپ ۾ ڀرپورڪونه ٿو لکي، بلڪه سندس قلم مان رُومانوي رنگ به انڊلٺ جيان، اظهار جي دلپذير انداز ۾ نڪرن ٿا:

آ رکيو ڇا هي رُسڻ ۾، اچ مٺا! کنڊ کِير ٿيُون،

ڇا ڀلا ٿيندو ڦِٽڻ ۾، اچ مٺا! کنڊ کِير ٿيُون.

ٿو ڏسين هر هر تُون مون ڏي، مان ڏسان پئين ٿو لڪين،

دير ڪهڙي آ ملڻ ۾، اچ مٺا! کنڊ کير ٿيُون.

رٽائرمينٽ کانپوءِ قاضي “قائل” صاحب صحافت، سياست توڙي سماجي خدمتن جي شعبن ۾ عملي طور بهرو ورتو ۽ پنهنجي آخري دم تائين انهن ميدانن جي بي لوث خدمت ڪيائين. صحافت جي دنيا ۾ قاضي عبدالحي “قائل” متعدد اخبارن ۾ صحافتي پورهيو ڪرڻ سان گڏوگڏ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد پڻ وڌو. هُن رتيديري جي صحافين جي تنظيم سازي به ڪئي ۽ کين تنظيم سازي سيکاري به! پاڻ رتيديري پريس ڪلب جو باني، پهريون ۽ تاحيات صدر به رهيو. هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ترجمان رتيديري مان نڪرندڙ اخبار، هفتيوار “هاري” ۾ شريڪ ايڊيٽر طور ڪامريڊ اعتبار جاگيراڻيءَ جو هٿ پڻ ونڊايو. قاضي صاحب جي سياست سان به عملي طرح وابستگي رهي. جوانيءَ جي دؤر ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پاڻ خاڪسار تحريڪ جي اهم اڳواڻ ۽ پنهنجي ڳوٺائيءَ سيد وريل شاهه سان رفاقت هئڻ سبب “خاڪسار تحريڪ” جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ کان پوءِ، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ذاتي تعلق هئڻ سبب سندس چوڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ رڪن جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪيائين ۽ پارٽي اجلاسن توڙي ميٽنگن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو.

سنڌي ادب جو هي اهم خدمتگذار، قاضي عبدالحئي “قائل”، حج ادا ڪرڻ لاءِ جُولاءِ ۱۹۸۹ع ۾ ڀلي پار روانو ٿيو، جتي حج جا فرض ادا ڪرڻ کان ۱۰ ڏينهن پوءِ معمولي علالت کانپوءِ، ۲۳ جُولاءِ ۱۹۸۹ع تي مڪي پاڪ ۾ هن جهان مان موڪلايائين ۽ کيس مڪي پاڪ جي “جنت المُعلى” (قبرستان) ۾ نبين ۽ صحابي سڳورن جي نواح ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

قاضي عبدالحئي “قائل” کي اسان کان وڇڙئي لڳ ڀڳ ساڍا۳۳ ورهيه مڪمل ٿي چڪا آهن، پر سندس سخن جي سڳنڌ، سنڌي ساهت کي، ۽ سندس علم جي عملي سيوا جو هڳاءُ، سنڌ کي ۽ سندس صحافتي خدمتن جي خوشبو، سنڌ جي صحافتي حلقن کي معطر ڪرڻ جو سبب آهي. بقول اميد خيرپوريءَ جي:

“اميد” ڏکيو آهه وساري ويهڻ

“قائل” ته سدا ياد ڪرڻ جهڙو آ

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا