پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
مشتاق باگاڻي
۷ مئي ۲۰۱۷ع تي، تتي ڪاڙهي ۾، آئون ڪچي
رستي واري ڀاڻ تي ڌراڙن سان گڏ ويٺو هوس. فون جي گهنڊڻي وڳي. ”اسلام عليڪم، آئون ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري پيو ڳالهايان، اڄ شام جو پنجين وڳي منهنجي رهائش گاهه جيڪا باءِ
پاس ٽائون مورو ۾ آهي اچو ته ڪچهري ڪيون.“ مون اچڻ جو انجام ڏيئي، ڌراڙن کان موڪلايو.
شام جا
پنج ٿيا ته فون جي گهنٽي وڳي؛ ”ڪٿي آهيو؟“ آواز آيو. ”سائين اوهانجي گهر وٽ پهچي
ويو آهيان.“ آئون پهتس ته سائين اڳيئي در تي بيٺو هو، پيار، شفقت ۽ ٻاجهه سان آڌرڀاءُ
ڪري، ڊرائنگ روم ۾ اچي ويهاريائين. سادڙو، سٻاجهڙو، پروقار شخصيت جو مالڪ، مني
صديءَ جي ڄمار وارو بزرگ، منهنجي پاسي ۾ ويٺل هو.
هن مون
کي پنهنجي پيار ۽ پاٻوهه جي آغوش ۾ آڻي، زندگيءَ جا تجربا بيان ڪرڻ شروع ڪيا. هڪ
درد مند دل مان، دردن جا ساز ڇڙي پيا. سائينءَ جو ننڍپڻ، هچارن هٿان هڄڻ، اولاد جي
تربيت، انهن جون شاديون مراديون، ڏکن کان سکن تائين جو سفر بيان ڪندي واهيري جي
وير اچي ٿي. ان دوران مشهور شاعر وزير فرهاد ۽ اسلم عباسي به اچي سهڙيا. مختصر
خاطر تواضع کانپوءِ، ڊاڪٽر صاحب انهن کي وڃڻ جي اجازت ڏني. هو موڪلائي هليا ويا.
سائين مون سان هيڪلائيءَ ۾ پنهنجي اندر جا احوال اورڻ پئي چاهيا. سج لٿي مون موڪلايو.
ڊاڪٽر صاحب مون کي پنهنجي آتم ڪٿا وارو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ تحفي ۾ ڏنو. آئون گهر
اچي، نماز پڙهي، پنهنجو زير مطالع ڪتاب اسٽوري آف فلاسافي پاسي تي رکي، ڊاڪٽر صاحب
جي آتم ڪٿا پڙهڻ لڳس. آتم ڪٿا ڇو وارو باب پڙهي پورو ڪيو ته فون جي گهنڊڻي وڳي.
آواز سڃاتم. اڳيان وزير فرهاد ڳالهائي رهيو هو. ٻڌايومانس ته مون کي اٿندي ئي
سائينءَ جي لکڻ جي انداز ۽ اسلوب مرهي وڌو آهي. هاڻ ٻئي پنهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ کي پاسي
تي رکي ”ڪيم روح رهاڻ“ جو مطالعو. مطالعو جاري رکندي، ٻئي ڏينهن مون موڪل ڪئي ۽
سارو ڏينهن سائينءَ جي سوانج حيات پڙهندو رهيس. ٽئين ڏينهن مون ڪتاب پڙهي پورو ڪيو.
هي
سمورو، سندس ذاتي محنت جو ثمر آهي. هن موضوع سان انصاف ڪيو آهي. آتم ڪٿا ائين ئي
لکبي آهي. سندس هڪ ٻن ڳالهين جي لکيت ۾، مصنف جي سوچ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو،
جنهن جو هر ڪنهن کي حق آهي. ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ آزاد آهي. مون ڪيترن ئي وڏن ليکڪن،
صحافين، سياستدانن ۽ اديبن جون آتم ڪٿائون پڙهيون آهن، سائينءَ به پڙهيون هونديون،
انهن ۾ ڪٿي ڪٿي خود ثنائيءَ جو اولڙو نظر اچي ويندو آهي.
آتم ڪٿا
ادب جي نازڪ صنف آهي. هزار حيلن جي باوجود،
خود ثنائيءَ جا اهڃاڻ محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. مون کي ”ميمائرس آف آغا خان“، ابوالڪلام
آزاد جو ”انڊيا ونز فريڊم“، ڪرنل محمد خان جو ”به جنگ آمد“ ۽ حسنين هيڪل جون لکڻيون
وڻيون، ٽالسٽاءِ ۽ رسول حمزاتوف جي ته ڳالهه ئي اور آهي.
سچ ڳالهائڻ
۽ لکڻ، ضروري آهي. دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ ڪوڙ جائز ناهي، پر مجبوريون ۽ مصلحتون
انسان کي ڪمزور ڪري وجهنديون آهن. طنز ۽ مزاح جائز آهي پر ٽوڪ ۽ توهين جائز ناهي.
اهي حدون مقرر ڪرڻ ۾ غلطي ٿيو وڃي. سوانح حيات ۾ پورنوگرافي ڪيتري قدر جائز آهي، ان
تي ڪافي بحث ٿيندا رهيا آهن. اها روش فرانسيسي ادب کان شروع ٿي. اردوءَ جي ڳالهه ڪو
نه ٿا ڪيون. هندستان ۾ سنڌي ادب اندر لعل پشپ هن جو روح روان رهيو آهي. هتي سنڌ ۾
قبول ابڙو ۽ آغا قيوم لالي ۽ ڪن ٻين ان تي تجربا ڪيا. پر سنڌي معاشرو اڃا اهڙيون
حقيقتون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، بلڪ غور هيٺ آڻڻ لاءِ به تيار ڪونهي.
آئون
پارکو ڪو نه آهيان. منهنجي اڳيان هڪ سٻاجهڙي انسان جي سوانح حيات ۽ زندگيءَ جو
پوتاميل آهي. پاڻ بهادريءَ سان مصيبتن جو مقابلو ڪندا رهيا، پر صبر جو دامن هٿان ڪو
نه ڇڏيائون. ان جو ڦل کين مليو به. آئون وزير فرهاد جو انتهائي شڪرگذار آهيان جنهن
هيڏي وڏي عالم جي ڪتاب تي مون کي لکڻ لاءِ چيو. آئون جيڪي ڪجهه لکي سگهيو آهيان
حاضر خذمت آهي.
سائين
جي سوانح حيات هر سنڌيءَ جي آتم ڪٿا آهي. اسان جو معاشرو قدامت پسند ۽ علم کان
وانجهيل آهي. سائين لکي ٿو؛ بي گناهه سندس بابا ۽ ڏاڏا کي قتل ڪيو ويو. سنڌي سماج
۾ ان جا بي شمار مثال موجود آهن. سندس ننڍپڻ، ڏاڏيءَ طرفان کين مليل انتهائي
معلوماتي مواد سهيڙي هن ان دور جي سماجي تاريخ رقم ڪئي آهي. شجرو ۽ فوٽن جي ڪليڪشن
نهايت ئي اهم آهن ۽ اهي ڪتاب جي سونهن وڌايو بيٺا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب ۽ سندس
لکڻي تي عالمن جا رايا قابل غور آهن. سچ پچ انهن ۾ آئون ذري جيترو به اضافو نٿو ڪري
سگهان. سائين گهڻي ڀاڱي سچ لکيو آهي ۽ لکڻ به گهرجي پر سنڌي سماج ۾ سچ سُڻڻ جي
سگهه اڃا پيدا ڪا نه ٿي آهي، حقيقتون بيان ڪرڻ سان ڏونگر ڏري ۽ وڻ ٻري پوندا آهن.
علمي
زندگيءَ ۾ ڪلهوڙا دور تي انٽرنيشنل سيمينار ڪوٺائڻ ۽ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽري اينڊ
ريسرچ سينٽر نوابشاهه قائم ڪرائڻ سائين جا اهم ڪارناما ليکيا ويندا. سائينءَ جي ڪتابن
۽ تحقيقي مضمونن جي فهرست پڙهي رشڪ اچيو وڃي. هر مضمون ۾ لفظن جي جوڙجڪ ۽ شعرن جو
انتخاب، سائينءَ جي ڏاهپ، دانائيءَ ۽ علمي پختگيءَ جو اعليٰ مثال آهي.
ڊاڪٽر
صاحب حڪمران قبيلي جو اهم فرد آهي. هو ٻيرن چونڊڻ کان پرائيم منسٽر هائوس پهچي ٿو
پر پوءِ به ڳوٺ جي وڻن ويڙهيچن ۽ وٿاڻن کي وساري ڪو نه ٿو. اها ئي سندس وڏ-ماڻهپائي
آهي. آئون ڪنهن هڪڙي چيپٽر جي تعريف لکي ٻين جي اهميت گهٽائڻ نٿو چاهيان. سچ پچ سڄو
ڪتاب اهم آهي. زندگيءَ جا تجربا، تلخ حقيقتون، پيار ڀريل لمحن جون ڪهاڻيون ۽
مصيبتن جا داستان، سائينءَ جي قلم نهايت ئي بهادريءَ سان رقم ڪيا آهن. سائين هي
بنهه بي بها ڪتاب لکي، سنڌي اديبن ۾ پنهنجو مان مٿاهون ڪيو آهي. قبيلي جي نهايت ئي
اهم ماڻهن، دوستن ۽ دل وارن جي تذڪري ۾سائين جي قلم سخاوت جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن.
مخالفن ۽ مصيبتون آڻيندڙن لاءِ قلم جون آهون ۽ داهون دل کي اداس ۽ غمگين ڪري ٿيون ڇڏين.
اها فطري ڳالهه آهي.
مجبورين،
لاچارين، بي وسين، مصيبتن ۽ پريشانين ۾ به سائينءَ جو ثابت قدم رهڻ ۽ رب جي رضا تي
راضي رهڻ، ڪمال درجي جي ڪيماگري، دليري ۽ بهادريءَ جو مثال آهي. سائين جا سڀ پيار،
ناڪاميءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتا. ان تي البت افسوس آهي. سائين هيڏين بلندين تان
پنهنجو دامن بچائي موٽيو آهي. اها سندس اخلاقي پختگي، اعليٰ تعليم جي مراد ۽ کيس
سچيءَ دل سان چاهيندڙ سرپرستن جي نصيحتن جو اثر آهي.
کيس ان
مراد ماڻڻ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪرڻو پيو، ان لاءِ پاڻ جس لهڻي.
هي
مضمون مون ۲۰۱۷-۰۵-۱۲ تي لکي، وزير فرهاد جي حوالي ڪيو
هو. ان کانپوءِ ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. پاڻ ٽئين چوٿين ڏينهن فون ڪري سڏائيندو
هو ۽ ڪچهري ڪري ڀرپور پيار ڏئي روانو ڪندو ھيو. انهن ڪچهرين ۾ ادريس جتوئي، اسلم
عباسي، وزير فرهاد به اچي شريڪ ٿيندا هئا. عيد کان ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر صاحب فون ڪئي
ته ڪي دوست اچي رهيا آهن، اوهين به اچو! شام جو اتي پهتس ته ڪي دوست اڳيئي ويٺا
هئا. ڪجهه دير کانپوءِ ٻيا دوست به اچي ويا. ڪافي دير تائين ادب تي ڳالهيون ٿينديون
رهيون. هن ڪچهريءَ ۾ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو جي حڪيماڻي گفتگو ۽ سائنسي ڄاڻ واري
رهاڻ سڀني کي موهي وڌو. رات جو دير تائين اها رهاڻ جاري رهي. ان ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ
دوستن جا نالا هي آهن؛ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، ادريس جتوئي، پروفيسر عنايت الله
ميمڻ، اسلم عباسي ۽ وزير فرهاد سولنگي.
۲ جولاءِ ۲۰۱۷ع تي سائين محمد لائق فون ڪئي ۽
پاڻ وٽ حاضر ٿيڻ لاءِ چيائين. ان وقت شام جا چار ٿيا هئا. شامون اڪثر اداس ٿينديون
آهن. آئون سندن گهر پهتس ته پاڻ در تي اچي آڌرڀاءُ ڪيائون. ڪچهريءَ جو سلسلو جاري
رهيو. ادب، معاشرتي حالات، سماجي ڀلائيءَ بابت سندن سوچ ۽ زماني جون ڪيئي ڳالهيون
زير بحث آيون. سندس دلي خواهش هئي ته بلاول انسٽيٽيوٽ فعال ادارو بڻجي. تاريخي هيريٽيج
ميان نور محمد جا قبا تي مزارن جي ۽ ڊٿل قبرن جي مرامت ٿئي. واٽر سپلاءِ ۽ ٻيا ڪي
ضروري ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن. مون موڪلائڻ چاهيو. پاڻ مرڪي اجازت ڏيندي، چيائون ته؛
توهان جهڙن اهل علم ۽ وڻندڙ ٻوليءَ جي لکندڙن کي، سرڪار طرفان جوڙيل ادبي ادارن ۾
ميمبر ڏسڻ جي خواهش اٿم. مون چيو؛ سائين اسين فقير ماڻهو، ان جا اهل ڪٿي آهيون؟.
مون کي اها خبر ڪا نه هئي ته منهنجي ساڻن اها آخري ڪچهري هئي. پاڻ رات جو ساڍي
يارهين وڳي هي جهان ڇڏي، ڪنهن اهڙي ڏيهه ڏانهن هليا ويا، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به واپس ناهي وريو.
ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري ۲۳ آگسٽ ۱۹۴۳ع تي پيدا ٿيو ۽ ۲
جولاءِ ۲۰۱۷ع تي وفات ڪيائين. پويان لائق
فرزند ڇڏيائين. جن جا نالا هي آهن؛ لياقت علي انجنيئر، حاڪم علي، شوڪت علي، طارق
علي، نذير علي ۽ امير علي. هڪڙي نياڻي هئس. سندس پٽن سان اڪثر سندس گهر ۾ ملاقاتون
ٿينديون هيون. اهي به پنهنجي بابا جيترو پيار ڏيندا هئا.
گهڻو ڪڙهان ڪڻان، جي ڀانيان جيئڻ پانهنجو،
آئون پڻ سيڻان، ٿوري گهڻي ڏينهڙين.
(شاهه)
سنڌ جي هڪ
لائق پٽ جو لاڏاڻو
رکيل مورائي
سنڌي ٻولي
جو ناميارو اسڪالر، اديب ۽ تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۳ جولاءِ ۲۰۱۷ع تي رات جو ساڍي يارهين وڳي
پنهنجو آخري ساههُ پنهنجي جنم ڀومي موري ۾ کڻي، ان ڏيهه ڏانهن روانوٿي ويو جنهن ڏيهه
ڏانهن هوُ آيو هئو.
ٽين
جولاءِ جي جهڙالي موسم ۾ کيس سنڌ جي هاڪاري ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هيءُ اهو ماڳ آهي جيڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي،
سنڌ جو واليءَ هوندي پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ چونڊيو هئو.
زرداري
قبيلو نه فقط ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪمرانيءَ ۾ سندس ويڙهاڪ جٿي ۾ رهيو آهي پر
مياوال تحريڪ جي اثر هيٺ اهو قبيلو ڪلهوڙا حاڪمن سان سندن فقيري روئي سبب
عقيديمندي رکندڙ هُئو. جنهن سبب سنڌي ٻوليءَ جي هن عالم اديب ۽ تعليمدان پنهنجي
وصيعت ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته کيس ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. ڪالهه
سندس زندگيءَ جي آخري خواهش پوري ڪئي وئي.
هونئن
انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين ڪيتريون ئي خواهشون اندر ۾ سانڍي ٿو، دنيا ۾ ڪنهن به شخص
جون سڀ خواهشون پوريون ٿين، ايئن شايد ٿيڻو نه آهي پوءِ به ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
پنهنجي ذات ۾ هڪ اهڙو شخص/عالم هُئو جنهن زندگيءَ ۾ گهڻيون ئي حاصلاتون ماڻيون.
۲۳ آگسٽ ۱۹۴۳ع تي ساهتي پرڳڻي جي مک شهر
موري ڀرسان ڳوٺ محمد موسيٰ زرداريءَ ۾ زرداري قبيلي جي هڪ نيڪ مرد احمد خان
زرداريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هيءُ پهريون سدورو ٻار هُئو، جنهن ننڍڙي گهر کان ٻاهر
نڪري پڙهي پنهنجي اڻ ٿڪ محنت جي عيوض ملڪ ۾ اهم آبرو ماڻي!
ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري ايم اي سياست جي سائنس ۾ ڪئي، ساڳئي موضوع تي هُن سنڌ يونيورسٽيءَ
مان ۱۹۸۲ع ۾ برک تاريخدان ڊاڪٽر حميده
کهڙو صاحبه جي نظرداري هيٺ پي ايڇ ڊي جي اعليٰ سند ورتي.
هُو ڪيترن
ئي علمي ۽ ادبي ادارن جو سربراهه بڻيو. ملڪي ۽ عالمي سيمينارن ۾ شرڪت ڪيائين، هڪ
کان وڌيڪ ملڪ گهميو، هڪ سفرنامو لکيائين ۽ آخري عُمر ۾ پنهنجي زندگيءَ جو داستان
آتم ڪٿا جي نالي ۾ لکيائين. ايئن پنهنجي عُمر جو هڪ هڪ پَهرُ سجايو ڪندڙ ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري، ٽين جولاءِ تي پنهنجي وصيعت مطابق سنڌ جي نامياري ماڳ ”ميان جا
قُبا“ نالي سنڌ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو. جيڪو ماڳ سنڌ عقل منديءَ وارو ماڳ
به هئو. عقيدتمنديءَ وارو ماڳ به هُئو ته سنڌجو تاريخي ماڳ به آهي، جنهن جي مٽيءَ
هيٺ اڄ هوُ آرامي آهي، پويان رهجي ويا آهن مها ڪوي اياز جا ڪجهه لفظ....
آيو
موت ته روح اڏي ويو، جسم ٿيو آزاد،
مٽي
اول، مٽي آخر، مٽي زندهه آباد.
علم ۽
ادب جي حوالي ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي زندگيءَ جي پسند جو موضوع سياسي تاريخ
هُئي ۽ سندس پهريون ڪتاب جيڪو اسيءُ جي ڏهاڪي جي پهرين سال ۾ ڇپيو، ان جو نالو آهي
”سنڌ جي سياسي جدوجهد“ هيءُ ڪتاب عربن هٿان سنڌين جي شڪست کانئڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽
ورهاڱي تائين اچي ٿو.
ڊاڪٽر
صاحب جو نهايت اهم ڪتاب اهو مقالو آهي. جيڪو ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪري
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي، اڳتي هلي اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان آهي
”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“
هيءَ
اهڙو ڪتاب هُئو جنهن محسوس ڪرايو هُئو ته هن ملڪ کي ٺاهيندڙن ۾ سنڌين جو به حصو
آهي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. جيڪو ڏيڍ درجن ڪتابن تي
مشتمل آهي، جن جو گهڻو حصو تاريخ بابت ئي آهي. خاص طور سنڌ جي سياسي تاريخ.
ايئن
آخري گهڙيءَ تائين لکڻ کي عبادت سمجهندڙ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، اڄ سندس باري ۾ ڪجهه
به لکڻ کان پهرئين پاڻ بابت گهڻو ڪجهه پنهنجي آتم ڪٿا ئي ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ ۾
لکي ويو آهي. جنهن کانپوءِ اسان جو لکڻ اسان جي خواهش ئي آهي، هن پاڻ جيڪو لکيو
آهي، اهو اعتبار جوڳو آهي. ان سان اسهمتي ته ٿي سگهي ٿي، پر ان کان لنوائي نٿو
سگهجي.
ڊاڪٽر
صاحب جي ٿيسز واري ڪتاب جو انتساب سندس ڏک، پيڙا ۽ بيوسيءَ جو اهڙو مثال آهي. جيڪو
ڪنهن به پڙهندڙ جو جيءُ جهوري سگهي ٿو. بلڪل ايئن جيئن سندس وڇوڙو ڪيترن ئي شخصن،
عالمن، اديبن، محققن ۽ سندس دوستن جو جيءُ جهوري ويو آهي.
شخصي
حوالو ۾ هُو هڪ اهڙو شخص هُئو، جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جي خواهش ته هُئي پر ڪنهن کي لتاڙي
اڳتي وڌجي، جهڙو مزاج هن وٽ نه هئو، هوُ جتان آيو هُئو، ان سفر ۾ هن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو،
پر اڳتي هلي هُن گهڻو ڪجهه ماڻيون به. هاڻ ته فقط پويان ڪجهه ڳالهيون ۽ يادون ئي
رهجي وڃڻيون آهي. جنهن لاءِ ڀٽائي سائين اڳ ئي چئي ويو آهي ته ...
”دلبر هن
دنيا ۾، وڃي رهندو واس“
ڊاڪٽر زرداري
سندس وڇوڙو تاريخ لاءِ
نقصانڪار آهي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌ
گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان نامياري تاريخدان، محقق، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق
زرداري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو مورو پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو جنهن جي صدارت سنڌ جي
ناليواري اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي ڪئي، جڏهن ته هن تعزيتي ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي علمي
ادبي، تنظيمن جي اڳواڻن شهرين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام
سان ٿي جنهن جي سعادت قاضي شفيع محمد کي نصيب ٿي جڏهن ته ان بعد آيل مهمانن کي سگا
ساٿي نثار احمد ميمڻ آجياڻو ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۱۹۸۴ع ڌاري سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري ٿي گذريو آهي جنهن پنهنجي دور ۾
علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام ڪرايا. پريس ڪلب مورو جو صدر علي اصغر ڪورائي ڳالهائيندي
چيو ته ڊاڪٽر زرداري سان منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي سپلا مورو ڪاليج جي اڳواڻ
پروفيسر محمد يوسف شيخ تقرير ڪندي چيو ته ڊاڪٽر محمد زرداري مهراڻ ڊگري ڪاليج ۾
پرنسيپال رهيو جنهن پنهنجي دور ۾ ڪاليج ۾ ڪيترائي تعليمي سيمينار ڪرايا ۽ تاريخ ۽
تحقيق تي ٿيندڙ پروگرام ڪرايا. پروفيسر افتخار ٻگهيو چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق
زرداري نوجوانن کي اتساھ ڏيندڙ ۽ رهنمائي ڪندڙ استاد هيو جنهن پنهنجي دور ۾ ڪيترا
ئي نالي وارا شاگرد پيدا ڪيا جن اڳتي هلي زندگي جي هر شعبي ۾ پاڻ مڃايو اڄ ڊاڪٽر
صاحب جو وڇوڙو انتهائي ڏک وارو مرحلو آهي ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري تقرير ڪندي چيو ته
سائين جو اسان جي خاندان سان تمام گهڻو ويجهڙائي وارو تعلق رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان
جو ڳوٺ شاهپور لڳ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبن جي ڀرسان آهي دادو کان ڪهي آيل شاعر
نذير نياز جويو ڳالهائيندي چيو ته سائين زرداري صاحب اسان دادو وارن سان به هر
علمي ادبي پروگرامن ۾ ڀاڱين ڀائيوار رهندو آيو آهي سندس ڏنل پيار اسان کي هميشھ
ياد رهندو سندس علمي خدمتن کي وساري نه ٿو نوجوان تعليمي ماهر علي محمد هليو ڳالهائيندي
چيو ته سائين اسان جو استاد هيو سندس تمام گهڻيو علمي، ادبي سماجي خدمتون آهن.
پروفيسر شمشاد احمد سومرو تقرير ڪندي چيو ته ڊاڪٽر زرداري سنڌ جي تاريخ ۾ تمام وڏو
نالو آهي سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو رهيو جيڪو بعد ۾ ڪتابي
شڪل ۾ ڇپيو سگا شاخ ڦل جي صدر پروفيسر بخش علي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق
زرداري سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ ماڳ مڪانن ۾ تمام گهڻي تحقيق ڪئي پاڻ اديبن فنڪارن آرٽسٽن
۽ سگهڙن سان تمام گهڻو پيار ڪندڙ هو ۽ مون کي پڻ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ همٿايائين. سنڌي
ادبي سنگت شاخ دادو جي سيڪريٽري ۽ نامياري شاعر تابش بخاري چيو ته ڊاڪٽر زرداري
دادو ۾ ٿيندڙ علمي ادبي تقريبن ۾ شريڪ رهيو خاص طرح تاريخي ماڳ مڪانن ميان نصير
محمد ڪلهوڙو، ڪاڇو، جوهي، خدا آباد، ميان يار محمد ڪلهوڙو جا مقبره، چيمبر آف ڪامرس
دادو جي صدر غلام قادر سولنگي تقرير ڪندي چيو ته ڊاڪٽر زرداري جهڙا ماڻهو صدين ۾
پيدا ٿيندا آهن هن جو ڪردار اڄ جي نسل لاءِ مشعل راھ آهي پاڻ وقت جو پابند ۽ واعدي
جو پڪو سُخن ور انسان هيو. سندس فرزند ۽ نوجوان ليکڪ نظير احمد زرادري ان موقعي تي
چيو ته بابا سائين اسان کي هميشھ تلقين ڪندو هو ته سنڌ جي تاريخدانن، محققن،
اديبن، شاعرن، سگهڙن، اهل علم ۽ اهل قلم جو قدر ۽ عزت ڪندا رهو .
نوجوان
ليکڪ اديب، سماج سڌارڪ ۽ سگا شاخ مورو جي صدر اسلم عباسي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي
چيو ته ڊاڪٽر زرداري صاحب سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق ۾ قداور شخصيت رهي آهي ۱۹۸۷ع ڌاري پاڻ سنڌ جي حاڪم ۽ ڪلهوڙا دور جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي واليءِ
سنڌ سيمينار ڪرايو جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي ڪئي
۽ گڏو گڏ ملڪ جي ناميارن محققن، تاريخدانن پڻ شرڪت ڪئي ان بعد ۱۹۹۴
ڌاري پاڻ يونيسڪو اسلام آباد ۾ رهيا سندس ئي ڪوششن ۽
ذاتي دلچسپي سان ۱۹۹6ع ڌاري ڪراچي ۾ انٽرنيشنل ڪلهوڙا
ڪانفرنس ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ملڪي توڙي غير ملڪي ايران، افغانستان ۽
هندستان مان آيل اسڪالرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جا تاريخ ۽ تحقيق ۽ مختلف موضوعن تي
ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن جيڪو سنڌي ادب لاءِ هڪ بيباھ علمي خزانو آهي
آخر ۾
صدارتي خطاب ڪندي نالي واري اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو وڇوڙو
سنڌي ادب ۽ تاريخ لاءِ وڏو هاڃيڪار آهي سنڌ جي تاريخ تي سندس تمام وڏو معياري ڪم ٿيل
آهي تحقيق جي حوالي سان هن چيو ته سندس ڪتاب قلمي پورهيو آهن جيڪي سنڌ حڪومت ڪلچر
کاتي جي ذميواري آهي ته انهن کي سنڀالين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ڊائريڪٽر
بلاول انسٽيٽيوٽ نوابشاھ جو بنياد وڌو جيڪو تحقيق جو سنڌ اندر پهريون ادارو آهي
پنهنجي سڄي زندگي علمي ۽ ادبي دنيا کي ارپي اڄ سندس وڇوڙي تي تمام ساٿي سوڳ وار
آهيون ۽ اسان جي دعا آهي ته خدا تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي جڏهن ته
هن تعزيتي ميڙاڪي جي ڪاروائي سگا شاخ مورو جي جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي
هلائي مورو ۽ ان جي آس پاس جي علمي ادبي سماجي، تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾
طارق علي زرداري، ڪامريڊ يونس راهو، زاهد ڏيپر، ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ، عمران سنڌي،
وحيد رزاق مستوئي، بشير لغاري، راڻو اياز ميمڻ، ضمير ڪوريجو، قاضي شفيع محمد، عزيز
چنه، محمد سليمان سيال، فهد رضا ميمڻ، سعد الله ڪلهوڙو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
ورق ورائيندي - هڪ لائق انسان
فضل سليمان قاضي
هڪ اعليٰ
ظرف رکندڙ، نيڪ سيرت، دوست نواز علم دوست انسان هئو، محمد لائق زرداري، جهڙو سندس
نالو هئو اهڙو ئي لائق هئو. محنت ۽ جستجو سان پنهنجي جي منزل هن حاصل ڪئي. موري ڪاليج
۾ پرنسيپل جي حيثيت ۾ علم جي روشني کي منور ڪيو، ڪيترا ئي ڪتاب لکيائين.
موري
جي اهم شخصت جو راه رباني وٺي وڃڻ سان هڪ خليج پئدا ٿيو آهي جو ڪو ٻيو ان کي ڀري
نه سگهندو سندس تازي تصنف موري جا مڻيادار ماڻهو آهي، ان کان علاوه ڪيم روح رهڻا
(آتم ڪٿا) جيڪا حقيقتن تي مبني آهي، هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي ته مئٽرڪ جي
امتحان جي في ادا ڪرڻي هئي. سندس والد
محترم اها ڏيڻ جي ڪيفيت ۾ نه هو. کيس لاءِ
اهو بيحد پريشان ڪن مرحلو هئو. سندس ناني ڪا اها گفتگو ٻڌي، هن جي ضرورت جي في جا
پئسا ادا ڪيا، لائق قربائتو ۽ صاحب اخلاق هئو، هن ۾ انسانيت جا اعليٰ اوصاف هئا،
پنهنجي قلم جي ڪرت ڪندو رهندو هئو. سندس وڃڻ تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي. پر
انسان جيڪو آيو آهي ان جو وڃڻ لازمي آهي
ان جو وقت قائم قدرت متعين ڪري ٿو، مون کي ان جو اطلاع ۲۰۱۷-۰۷-۳ تي am ۳۰-۱ تي موصول ٿيو، جنهن غمگين ڪري ڇڏيو،
ان سلسلي ۾ مون هڪ ميسيج به موڪليو. معشوق ڌاريجي صاحب مذڪورا ڪتاب مورو ناهي ٿورو
۾ محمد لائق زرداري تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد
لائق زرداري سنڌ جو معتبر ليکڪ ، اديب استاد، تعليمدان، عالم، اسڪالر، محقق ۽
تاريخدان آهي.
ڊاڪٽر
صاحب جي ولادت ڳوٺ موسيٰ زرداري ديهه لنڊڪي، مورو سنڌ ۾ ۲۳ آگسٽ ۱۹۴۳ ۾ ٿي.
سندس
زندگي جو وڌيڪ وچور، حيرتناڪ ۽ عبرتناڪ سندس آتم ڪٿا ڪيم روح رهاڻ ۾ موجود آهي. هن
ٻهراڙي جي ٻار، ڪنن ۾ واليون پائي، پٽڪو ٻڌي مورو هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ته ٻار
مٿس کلندا هئا، ۱۹۶۲ع ۾ اٺين جماعت ۾ پنهنجي ساٿي
خان محمد زرداريءِ سان گڏ ڪوئٽا مان اغوا ٿي ويو، جتي بلوچستان ۽ ايران جي سرحدي
پهاڙن ۾ ٽيڪم ۽ تگاري جي مزدوري ڪئي، هن ڪيترائي
ڀيرا پنهنجي موت کي اکين سان ڏٺو ان جو
بيان سندس آتم ڪٿا ۾ تفصيل سان بيان ڪيل آهي.
لنڊڪي
کان لنڊن تائين هن پنهنجي سفري مشاهدن
تحرين بابت لکيو آهي.
لنڊن
جي ڪسٽم وارن وٽ پيش ٿياسين مڱر اهي ڪي نفسياتي ماهر هئا جن بغير بيگ ۽ ٿيلهو کولڻ
جي پاس ڪيو، ورنه سعودي حڪومت جي جدي جي ايئپورٽ تي بيگ کولي ڪپڙن جي کيسن جي به
تلاشي وٺندا آهن ۽ نهايت رکائي ۽ سخت لحجي سان پيش ايندا آهن. انهي قسم جو واقعو
مون کي به پيش آيو جڏهن ۱۹۸۲ ۾ بنڪاري
جي تربيتي ڪورس ختم ڪرڻ بعد وطن لاءِ واپسي تي عمرو ڪرڻ جي ارادي سان روم کان جدي
روانو ٿيس، جدي ۾ منهنجو دوست خالد محمود جيڪو الخبر ۾ سعودي ڪميٽيءَ ۾ وڏي عهدي
تي فائض هئو، اهو مون کي وٺڻ آيو هئو. ڪسٽمس جي سعودي اهلڪار مون کي وڏي پيتي کولڻ لاءِ چيو مون کيس گذارش ڪئي ته پهريان هئڊ
بيگ کي ڏسو جنهن تي هو ڏمرجي ويو ۽ مون کي
پاسي تي بيهڻ لاءِ چيو. سڀني مسافرن کان فارغ ٿي ڪلاڪ کان پوءِ پهريائين سوٽ ڪيس
کولي ڏٺائين ان ۾ مون روم مان ٻارن لاءِ هر قسم جا بسڪوٽ، چاڪليٽ ۽ ٻيون کائڻ جون
شيون ورتيون هيون، اهي سڀ هُو سعودي گند جي وڏي پلاسٽڪ جي کوکي ۾ اڇلائيندو ويو. ٻاهر
منهنجو دوست منتظر بيٺو هئو. عام قسم جو سعودي به پاڻ کي تونگر ٿو سمجهي ۽ پاڪستانين
سان انهن جو ورتاءُ نازيبا ۽ بيهودو آهي.
تازو
مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي ڪالم عوامي آواز ۾ لکيو ته سعودي عرب جي. سلمان فرمايو ته
پاڪستاني اسان جا غلام آهن، اهو سعودين جو ذهن آهي، لنڊن جي باري ۾ لکيو اٿس ته
هتان جو معاشرو بااخلاق هڪ ٻئي لاءِ احترام ۽ عزت ڀريو آهي.
انڊيا
آفيس لئبريري بابت لکي ٿو. موجوده شڪل ۾ پارليامينٽ جي ۱۹۷۳ جي ايڪٽ تحت نئين انداز ۾ قائم ڪئي وئي آهي، هن ۾ پنجهٽ هزار قلمي نسخا ۽
نو لک ڪتاب آهن. ان کان علاوه هڪ لک ويهه هزار رسالا ۽ اخبارون ٻين ملڪن جون پراڻيون
رکيل آهن.
سليم
قريشي سان شناسائي ٿي هن مون کي بهادر شاهه ظفر جا فائيل ڏيکاريا ته ڪيئن مراعات
يافتن اميرن مولوين غداري ڪري انگريزن کي خط لکي بادشاه جي مخفي رازن کي انگريزن
تائين پهچايو.
مشتاق
صاحب پاڪستان جو پهريون آڊيٽر جنرل مقرر ٿيو، هي صاحب مهاجر هئو، فرنگي محل
هندستان ۾ پاڪستان کان وزٽ تي آيو ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير سان ملاقات جو وقت ورتو، مشتاق صاحب سان هن جي پراڻي
شناثائي هئي کيس گذارش ڪئي به هو، ().... بازاٽن ايمام ڪري جو ورنگي محل کي انگريزي ڪانه ايندي
هئي،روانگي مهل آمريڪي سفير کي چيو ته اسان انگريزن جي لاءِ مغبري جو ڪم ڪندا رهيا
آهيون، بوقت ضرورت اسان توهان لاءِ اهو فريضو انجام ڏئي سگهون ٿا.
مشتاق
صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته هي گفتگو ٻڌي مان حيران ٿي ويس، لائق صاحب جي ٺٽي ننگر
۾ هڪ برقاپوش حسين ۽ جميل دوشيزا سان
اتفاقي ملاقات جو ذڪر جنهن کي هن ٺٽي ۾ هڪ عجيب واقعو بيان ڪيو آهي. زرداري صاحب
کي انڊيا لئبرري ۾ ايڇ ٽي لئبرڪ جي ڊائري پڙهڻ جو اتفاق ٿيو، سنڌ جي ذاتين ۽ قبيلن
متعلق سندس محنت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
”لئمبرڪ صاحب
جي فائيل ۾ ڪيترائي شعر سنڌ ۾ لکيل هئا. حر تحريڪ دوران هڪ شعر نقل ڪيائو“.
نهڙ ڪيائون
ناظم کي ڪيائونس ڌر سسئي کان ڌار.
آپا حر
مکي جا يار، جن کي سوڀ ڏني سردار.
پروفيسر
نظير قاضي صاحب ڊاڪٽر لائق زرداري جي شخصيت جي باري ۾ سندس آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته،
سندس ڪردار جي خاص خوبي هڪ خاموش ۽ پرسڪون
جي حيثيت سان علمي، ادبي ۽ سماجي خدمت آهي، طبيعت ۾ سادگي ۽ سنجيدگي، علم ۾ سچائي
سان جاکوڙ کان علاوه همٿ ۽ محنت جي اعليٰ اوصافن جو مالڪ آهي، ڊاڪٽر زرداريءَ جي سڄي
زندگي محنت ۽ جدوجهد جو عملي روپ آهي.
زندگي
جا مشاهدا، غير توقع، حيرت انگيز نمايان ٿيندا
آهن، محمد لائق صاحب لکي ٿو، ته ماڻهو پنهنجي ڪردارن جي روپ ۾ ايڏا پاڪ صاف ۽
وفادار ته ثابت ڪونه ٿيا، پر وقت فيصلو ڏنو
ته هت ائين ئي ٿيندو آهي.
خرڪار ڪئمپ
مان آزادي جو داستان جيڪو واقعو ۱۹۶۲ع ۾ ٿيو.
هڪ ڀيانڪ روئداد آهي. همٿ ۽ خود اعتمادي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي. سنڌ جي
سياسي جدوجهد ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي
لکيو آهي ته قوم کي جنهن تاريخ ۽ حقيقتن جي ڄاڻ جي ضرورت هئي، ساگهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر
زرداري پوري ڪئي آهي.
سنڌ ۾ ڪافي
حضرات کي ۱۸۵۷ع واري جنگ جي معلومات نه آهي،
ان باري ۾ زرداري صاحب لکي ٿو ته:
ڪراچيءَ
۾ ۱۳ سيپٽمبر ۱۸۵۱ رات جو ۱۱ وڳي مئڪ گريگر کي پڪو اطلاع
مليو ته ۲۱ نمبر ريجمينٽ رات ۲ وڳي ڌاري بغاوت جو اعلان ڪرڻ واري آهي، هڪ بنگالي برهمڻ جاسوس، گريگر کي
باغين جي منصوبي کان آگاهه ڪندي چيو ته ۲۱ ريجمينٽ مان جلد هڪ ماڻهو ۱۴
ريجمينٽ ڏانهن وڃڻ وارو آهي، اهو پڪ ڪري ايندو ته ۱۴ ريجمينٽ، ۲۱ سان ڪيتري قدر ساٿ ڏيڻ واري
آهي، پروگرام موجب ۲۱ نمبر
ريجمنيٽ پهريائين ڪراچي جي خزاني تي قبضو ڪري ۽ ان بعد حيدرآباد رواني ٿئي هان،
آبزرور سنڌ جو قاصد... مورخ ۲۲ سيپٽمبر
۱۸۵۷ تي لکي ٿو ته ۲۱ نمبر پلٽن جا ۲۵ ماڻهون
گرفتار ڪيا ويا، جيڪي گذريل رات حاضري ۾ غير موجود هئا. انهن مان چار ڄڻا ڀڄي نڪتا،
انهن ماڻهن مان ۳ ڄڻا
پوليس جي گوليبازي ۾ موت جو شڪار ٿي ويا هڪ
ڄڻو گرفتار ٿيو، باغين جو سردار احمد خان چانڊئي جي ڳوٺ وٽان گرفتار ڪيو ويو، ۱۶-۱۷ سيپٽمبر تي باغين کي مارشل لا
تحت ڪورٽ مارشل ڪيو ويو، ملزمن کي سزا جو فيصلو ٻڌايو ويو.
ستن ڄڻن
کي ڦاسي ۽ ٽن ڄڻن کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور ۾
پڻ بغاوت ٿي پر منصوبا ناڪامياب ويا. جيڪب آباد ۾ انقلابي اڳواڻ، دلمراد خان جکراڻي
۽ رحمت الله خان جکراڻي، ڊومڪي، کوسا، لاشاري ۽ جتوئي شامل هئا.
سنڌين
آزاديءِ جا پروانا ٿي، انگريزن جي مزاحمت ڪئي ۽ سزائون ڀوڳيون.
ڪتاب
”سنڌ جي سياسي جدوجهد“ ۾ مولانا عبدالله سنڌي جي آزادي لاءِ تحريڪ تي ڪافي تفصيل
بيان ڪيو ويو آهي. مولانا عبيدالله سنڌي ڪابل، ماسڪو، استمبول ۽ ۾ ڪافي عرصو
جالاوطني ۾ گذاريو. انگريزن مولانا تي هندستان اچڻ تي پابندي لڳائي هئي، الله بخش
سومري حڪومت ۾ مولانا سنڌي کي واپس اچڻ جي
اجازت ملي، ۷ مارچ ۱۹۳۷ع تي بحري جهاز رستي ڪراچي بندر تي تشريف فرما ٿيا. جتي سنڌ جي وزيراعظم
الله بخش سومري سندن استقبال ڪيو.
”سنڌ جي
سياسي جدوجهد “جي آخري مرحلي ۾ لاهور ۾ ۱۹۴۰ع ۾ هڪ قرارداد پاس ڪئي وئي جنهن جو بنيادي مقصد اڪثريتي مسلمان صوبن جون حڪومتون
قائم هيون انهن کي تقين ڏيارڻ م ڪوشش هئي ته هُو آزاد ۽ خودمختيار رهندا ان سلسلي
۾ تازو ۹ جولاءِ ۲۰۱۷ واري ڊان اخبار ۾ عبدالخالق جوڻيجو جو خط ڇپيو آهي جنهن ۾ هن اها وضاحت ڪئي آهي ته عمومن ۱۹۴۰ واري قرارداد کي مسغ ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، حالانڪ ان قرارداد جو اصلي
متن آهي. ته ان قرارداد ۾ ”آزاد رياستن ۽ خوددار آزاد“ جو تصور الحاق ڪندڙ علائقن
لاءِ بيان ڪيو ويو آهي، پر هاڻ ظاهر ٿيو آهي ته اهو هڪ ڏيکاءُ هئو پر اصلي حقيقت
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ عيان ٿي، هن وقت ملڪ عسڪريتي راڄ آهي.
لائق زرداري
جيڪو هميشه ياد رهندو
ڊاڪٽر سليمان شيخ
ڊاڪٽر
محمد لائق جو اوچتو وڇوڙو ويساهه جوڳو نه هو مون کي ڪنهن نياپو موڪليو ٿوري دير
لاءِ مون ان تي اعتبار ئي نه ڪيو هو.
ڊاڪٽر
صاحب هن حياتيءَ ۾ گهڻا ڏک ۽ آزمائشون پار ڪيون هيون. هو موت آڏو ايترو جلدي ڪيئن
پسپا ٿيو هوندو؟ پر ڇا ڪجي موت هڪ حقيقت آهي، اٽل آهي، ڪير به ان کي موٽائي نٿو
سگهي اهو هڪ اويلو مهمان آهي جيڪو هٿين خالي واپس نه ورندو آهي،
منهنجي
وَهيءَ جا ماڻهو ته پليٽ فارم تي ويٺا آهن ۽ منتظر آهن ڪنهن اوچتي سڏ جا.
هي سڀ هلڻ هارا ڪو به نه رهندو ڪو هت جيڏيون.
ڊاڪٽر
لائق پنهنجي نالي وانگر هڪ بيحد لائق انسان هو ساڻن آخري ملاقات آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ
جي ڪنهن ادبي ميڙ ۾ ٿي هئي پاڻ پنهنجو آتم ڪٿا وارو ڪتاب مون کي ڏيندي حڪم ڪيو
هئائين ته ضرور پڙهجانءِ. هن جي پياري حڪم ۾ شڪايت هئي ته آئون دوستن پاران مليل
سوکڙيون سنڀالي رکندو آهيان پر پڙهندو نه آهيان. پر مون سائين جو ڪتاب اکر به اکر
پڙهيو ۽ ان مان ڪيترائي سبق مليا. هڪ با صلاحيت با اعتماد انسان جي جدوجهد جا پيرا
مليا جيڪي سنڌ جي نئين نسل لاءِ هڪ مستحڪم دڳ آهن. هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اهو به
احساس جاڳيو ته اسان جي سنڌ جي مٽي اڄ به سونهن ۽ ساڃاهه جا سوين ٻوٽا پئي ڄڻي. ڪير
انهن کي سڃاڻي.
ڳوٺ ڇڏي
سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچيءَ پهچبو ته هر هڪ ولائتي ”همارا ڪراچي“ جو نعرو ٿو هڻي.
ڌرتيءَ ڌڻي ۽ سنڌ جي مٽيءَ جا مڻيادار ماڻهو هتي اڄ به اوپرا ۽ اويلا مسافر آهن.
(بادل جماليءَ جي ڪهاڻيءَ جي ڪردار وانگر) سائين لائق زرداري تحقيق جو ماڻهو هو هن
اڻ هوند ۾ ڏکيو ڪم پنهنجي ذمي ڪيو. بلاول انسٽيٽيوٽ جو قيام ۽ ان جي آب ياري ڪيائين
سندن وڃڻ کانپوءِ اهو ادارو ڪيڏانهن ويو خبر ناهي.
ائين ڇو
ٿيندو آهي. ادارا رت ست سان ٺهندا آهن ۽ انهن جو بنياد وجهندڙ جڏهين هليو وڃي ته
پوءِ ٻيا ان اداري کي ويڳي ماءُ وانگر ٿا سمجهن جيڪو رويو ڪنهن روشن خيال ترقي
يافته قوم لاءِ اڻ سونهندڙ عمل آهي.
ڊاڪٽر
محمد لائق جو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ سندس فرمائش تي مون اکر اکر ڪري پڙهيو. سندن لکڻ
جو فن بيحد لڀائيندڙ آهي هر اکر ۾ سندن خلوص ۽ پيار ڇلڪي ٿو. هن پنهنجي دوستن
اولاد ۽ مائٽن سان پرت جا پير ڀريا ۽ زندگي کي بيحد سجايو ڪيائين.
بقول
استاد بخاري:
دوست
چوي وقت ڏي، دل جو دلبر چوي وقت ڏي،
گهر ٻار
چوي وقت ڏي، ايئن ونڊي ورهائي ڇڏي.
ڊاڪٽر
صاحب جي زندگيءَ جا پويان ڏهه سال آتم ڪٿا ۾ ڪونه آهن. مونکي يقين آهي ته هنن
پنهنجي آخري ڏهن سالن ۾ به تمام گهڻو لکيو هوندو. يقين اٿم ته ان مان ڪجهه ڇپيو
هوندو ۽ رهيل ڇپجڻ گهرجي سندن يادگيرين جو ٻيو ڀاڱو دلچسپ هوندو.
۲۰۰۷ع کانپوءِ سنڌ جي سماج ۾ ڪئين ڦيرا آيا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته ”هي شهر ته
منهنجو شهر نه آهه“ اهي محبتون، اميدون، آسرا ۽ سڪ جا ڳانڍاپا ڪيڏانهن اُڏري ويا
آهن.
آئون ڊاڪٽر
صاحب جي فرزندن لياقت علي، طارق علي ۽ رکيل مورائيءَ جو ٿورائتو آهيان جن مون کي
هن ادبي يادگيريءَ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني.
بيوس اٺن
بار ڇڏيا جي مصداق هاڻي ڊگهي سفر کان ڪجهه پاسيرو ٿي ويو آهيان بيحد شرمساريءَ سان
اوهان سان شامل ٿيڻ کان معافي ٿو گهران.
شال رب
ڪريم ڊاڪٽر محمد لائق کي جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرمائي ۽ سندن خاندان ۽ ساٿين کي
صبر جميل عطا فرمائي (آمين)
اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس
نه ڪن.
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نا لهي.
سائين ڊاڪٽر
لائق زرداري صاحب سدا ياد رهندا.
محمد لائق زرداري
دلبريءَ کان لائقيءَ
تائين جو سفر
رکيل مورائي
اهو اڻيهه
سئو اسيءَ جو شروعاتي زمانو هئو، مون موري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو هئو ۽ پنهنجي ڳوٺ حاجي
مالڪڏنو سولنگيءَ کان خان محمد جماليءَ صاحب جون بسون هلنديون هيون جن ۾ چڙهي اسان
موري ايندا هئاسين ۽ جن جي هلائيندڙ لاءِ جمالي صاحب جو فرمان جاري ٿيل هئو ته ڪيتري
به رش جي باوجود ڊرائيور گاڏي روڪي اسڪول ويندڙ شاگردن کي نه صرف موري پهچائيندا
پر انهن کان ڀاڙو به نه وٺندا. جمالي صاحب جي ان عمل سبب ٻانڌيءَ کان وٺي موري
تائين جي وچ وارا ڪيترا ئي شاگرد هاءِ اسڪول موري پڙهندا هئا. جنهن جو اجورو بھرحال
جمالي صاحب کي ڌڻي سڳورو ڏيندو ان ڳالهه تي منهنجو يقين آهي.
انهن
ئي ڏينهن ۾ ٻانڌي روڊ موري تي ڪي نوان دوڪان جُڙيا هئا، جن جي آڳرن تي روايت موجب
ئي سَرِن ۽ ڪانن جي ڇپري ٺهيل هوندي جنهن جي ڇانو ۾ هڪ دوڪان آڏو ڪڏهن ڪڏهن ڪرسيءَ
يا بينچ تي هڪ معصوم مُرڪ ۽ اُجري چهري وارو شخص ويٺل نظر ايندو هئو. جنهن کي اڪثر
سفاري سوٽ پاتل هوندو هئو.
موري
جهڙي ننڍڙي شهر ۾ منهنجي اکين اهو پهريون شخص ڏٺو هئو، جنهن کي سفاري سوٽ پاتل
هوندو هئو. ۽ پوءِ ٻيو شخص ادل سولنگي هئو جيڪو ان وقت موري ۾ لاڙڪاڻي مان سفاري
سوٽ پائي مون وٽ آيو هُئو.
ياد
رهي ته اها خبر مون کي گهڻو پوءِ ڪراچيءَ اچي پئي ته انهن ڪپڙن کي سفاري سوٽ چئبو
آهي، تڏهن گوڏ ۽ پهراڻ کان وڌي مورو سلوار قميس پائڻ جهڙو مس ٿيو هئو، ڪنهن به طرح اهو شخص سائين محمد لائق زرداري
هئو پڪ سان تڏهن هُو اڃان ڊاڪٽر نه بڻيو هئو.
سندس ڊاڪٽر
بڻجڻ واري ڪتاب ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ جي مهورت واري ڏينهن ئي مون کي خبر
پئي هئي ته اهو شخص جيڪو ٻانڌي روڊ تي ايندي ويندي ڪڏهن ڪڏهن يا اڪثر سفاري سوٽ ۾
نظر ايندو هئو اهو هڪ اديب به آهي ۽ هاڻ ڊاڪٽر بڻيو آهي.
اهو ڏينهن
ئي هئو، جنهن ڏينهن اسان جي هن ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه بڻجندڙ شخص آصف علي زرداري صاحب کي
مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ وڏو سچ اهو آهي ته هن قبلي لاءِ مون وٽ پهرئين ۽ شايد
آخري به علمي، ادبي ۽ آبرودار سڃاڻپ اڄ به سائين ڊاڪٽر محمد لائق زرداري آهي.
هونئن
هڪ شهر ۽ ويجهن ڳوٺن ۾ رهندي سائين ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي وڏن ۽ منهنجي وڏن جا پاڻ
۾ نهايت ويجها ڳوٺاڻا لاڳاپا رهيا آهن. جن جو ئي شايد اهو اثر هئو جو ڪڏهن پري ٿيڻ
يا چاهڻ جي باوجود اسان ڊاڪٽر صاحب کان پري ٿي ڪو نه سگهياسين، فقط ازل جي سڏ ئي
کيس اسان کان پري ڪيو. هي اهڙو سڏ هئو جنهن کان ڪو به ڪن لاٽار ڪري نه سگهيو آهي.
پنهنجي
قبيلي جي باري ۾ هن جيڪو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيل ڏنو آهي، ان کان وڌيڪ لکڻ جي ڪا
خاص ضرورت گهٽ آهي.
مورو
ننڍڙو شهر ۽ وڏيون ٻهراڙيون رکندڙ شهر آهي. جڏهن آس پاس جون سڀ ٻهراڙيون موري ۾
اينديون هيون ته موري جي رونق وڌي ويندي هئي، اها تهذيبي رونق هوندي هئي جيڪا هيءُ
شهر سنڌ جي ٻين اڪثر شهرن جيان وڃائي ويٺو
آهي، يا وڃائي وئي آهي.
هڪ وقت
اهڙو به اسان ڏٺو، جنهن ۾موري جون رونقون برباد ٿيڻ لڳيون هيون، جن جو سبب قبيلائي
جهيڙا هئا، اهڙن اليمن جن اسان جي دلين ۽ دماغن تي گهڻا گهڻا ناڪاري اثر ڇڏيا.
انهيءَ ماحول ۾ شروع کان اڄ تائين جيئن عالمي امن جي علامت ڪبوتر آهي. عالمي امن
لاءِ جاکوڙيندڙ شخص آهن، ائين منهنجي ڄمار جي ننڍڙي دائري ۾ موري جا ٽي شخص مون کي
امن جي علامت لڳا هئا يا آهن، جن قبيلائي جهيڙن وارين انتهائي ڏکين حالتن ۾ به
پنهنجي بردباري نه ڇڏي. انهن ۾ پهريون شخص سائين محمد لائق محمد زرداري آهي، ٻيو
شخص عظيم سولنگي آهي ۽ ٽيون شخص سڪندر علي ڪورائي آهي، جيڪي منهنجي لاءِ اڄ به
امن، سهپ ۽ رواداريءَ جي علامت رهيا آهن پر اڄ جيئن ته سائين ڊاڪٽر لائق محمد
زرداري کي ياد ڪرڻو آهي، ان ڪري ساڻس گهاريل گهڙين جو ذڪر ئي اهم آهي. جيڪي دل جي ڦرهيءَ
تان ميسارجڻ جون نه آهن.
جيتوڻيڪ
سائين محمد لائق سان پهرين ملاقات کان آخري ملاقات تائين جيڪا سندس وفات کان هڪ
هفتو اڳ ڪراچيءَ ۾ سندس وڏي فرزند ۽ اسان
جي دوست لياقت علي زرداريءَ جي گهر ٿي هئي، بظاهر ته سندس ڪو اديبن جي حوالي ۾
شخصي مسئلو هئو جنهن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته ڄڻ هن ڪنهن به
صورت ۾ ۽ تڪڙ ۾ اهو حال احوال مون سان ڪرڻ ٿي چاهيو. سندس هڪ کان وڌيڪ ڀيرا فون ڪرڻ
پويان ڄڻ اهو ازلي سڏ هئو جيڪو کيس سڏي رهيو هئو. يا سندس ڪنن ۾ ٻُري رهيو هئو.
جن ماڻهن
مون سميت، سائين محمد لائق کي سدائين منهن تي مرڪ ڏٺي، انهن ماڻهن شايد سندس اکين
۾ ڳوڙها نه ڏٺا هوندا، جڏهن هو پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهيو هئو ۽ اسان جون ڪراچيءَ ۾ ڊگهيون
ڪچهريون ٿينديون هيون ته ڪيترن ئي موقعن تي سندس اکيون آليون ٿي وينديون هيون ۽ هو
بيحد اداس ٿي ويندو هئو، ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندي به ڳالهائي نه سگهندو هئو.
سائين ڊاڪٽر
صاحب جو ۽ منهنجو جيتوڻيڪ اسڪول آف ٿاٽ/ فڪري اسڪول آخري تائين الڳ رهيو. پر شخصي
لڳاءُ اسان جو موري کان وڌيڪ ڪراچيءَ ۾ ٿيو. شايد اسين ڪراچيءَ کي پرديس سمجهندا
هئاسين ۽ پرديس ۾ جڏهن به ڳوٺائي هڪ ٻئي سان ملندا آهن ته اهي دلي طور سڪون محسوس ڪندا
آهن، جيڪو سڪون ڊاڪٽر صاحب ۽ مان ٻئي هڪ ئي وقت پاڻ ۾ ملي محسوس ڪندا هئاسين.
ان کان
وڌ هُن جو مون بابت اهو اعتماد هئو، جيڪو شايد ڪڏهن به نه ٽٽو، ڇاڪاڻ ته هُن
پنهنجي آتم ڪٿا، سڀ کان پهرين مون کي پڙهائي هئي. ائين اسين ادبي طور به ويجها
رهياسين.
شخصي
طور ڊاڪٽر صاحب هڪ ڳڻائتو ڳوٺاڻو شخص هئو، جنهن کي پنهنجا ناتا رشتا نڀائڻ ايندا
هئا، سنڌي ۾ چوڻ گهرجي ته هوُ هر طرح هڪ دلبر شخص هُئو ۽ سندس آتم ڪٿا، اُن
دلبريءَ کان ان لائقي جو سفر آهي، جيڪو طئه ڪري هو هڪ اعليٰ اسڪالر بڻيو.
هاڻ
اسان سڀني دوستن جو لکڻ جيڪو کيس بابت آهي، اهو اڌ سچ آهي ۽ اڌ ڪوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته
اسين اڌ سچ اهو لکون ٿا جيڪو ڪنهن به شخص ۾ موجود هوندو آهي ۽ اڌ ڪوڙ اهو
آهي، جيڪو اسان تصور ۾ ڪنهن شخص بابت جوڙيندا
آهيون.
پنهنجي
ذات ۾ هو شخص ڇا آهي. اهو هُو پاڻ ئي پاڻ بابت اظهاريندو آهي، جيڪو ئي سمورو سچ
آهي. ان لاءِ اڻ ڳڻيون آتم ڪٿائون عالمي ادب توڻي سياست ۽ ٻين زندگيءَ جي شعبن سان
واڳيل ماڻهن جون موجود آهن، جن ۾ هڪ آتم ڪٿا اها به آهي جنهن جو عنوان آهي ”ڪيم
روح رهاڻ“ ۽ ان جي هيٺان لکيل آهي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري.
ڊاڪٽر
صاحب جي آتم ڪٿا پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته هو جنهن ماحول مان ٻاهر نڪري آيو،
پڙهيو ۽ ڊاڪٽر ٿيو اهو هڪ معجزو هُئو، ٻيءَ طرح پنهنجي ڪتاب ۾ هن هڪ واقعو لکيو
آهي، جيڪو راڌڻن واري پاسي ڏانهن وڃڻ جو آهي، جيڪو ملڪ جي نامياري سياستدان مرحوم
حاڪم علي زرداريءَ سان گڏ سندس سفر بابت آهي.
ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ جيڪو ڪجهه نه لکيو آهي، ان بابت ڪو به تبصرو نه آهي، پر جيڪو
ڪجهه لکيو آهي ان ۾ هُن ممڪن حد تائين سچائي کان ڪم ورتو آهي ۽ جنهن لکڻ جي دائري
۾ ئي کيس ڏسڻ گهرجي.
اڄ جڏهن
هو اسان وٽ نه رهيو آهي، تڏهن کيس بابت ڪجهه به ڄاڻڻ لاءِ اسان سڀني دوستن، عالمن،
اديبن ۽ شاعرن جا ليک سمورو سچ نه سمجهڻ گهرجن. سچ اهو سمجهڻ گهرجي جيڪو ڊاڪٽر
صاحب پاڻ پنهنجي لاءِ لکيو آهي.
هتي
مان سندس زندگيءَ جي لکڻ واري حصي کان زندگيءَ جي آخري پل تائين انهن ٻن شخصن کي
وساري نه سگهندس، جيڪي سدائين ساڻس گڏ رهيا ۽ سندس لکڻ جي الڳ الڳ حوالن ۾ مددگار
رهيا، انهن مان پهريون شخص عظيم سنڌي آهي، جنهن ساڻس شروعات کان وٺي گڏ سفر ڪيا،
ادبي محفلون ڏٺيون ۽ ڏک سک اوريا ۽ ٻيو شخص آهي اسان جو دوست اسلم عباسي جنهن سندس
هر لکڻي/سهيڙ/ترتيب يا پروف ڏسڻ تائين ساڻس ساٿ نڀايو. زرداري قبلو ڪلهوڙن فقيرن
جو مريد رهيو آهي. عجب جي ڳالهه آهي ته اسلم پهريون ڪلهوڙو آهي جيڪو زرداري صاحب
جو مريد ٿي رهيو. شال سدائين خوش هجي.
بلاول
انسٽيٽيوٽ جي بانيءَ جو چاليهو
اسلم عباسي
سنڌ جي
ناليواري تاريخدان پروفيسير ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي چاليهي جي تقريب ۱۲
آگسٽ ۲۰۱۷ ڇنڇر ڏينهن
تي ٿي گذري منجهند جو چئين وڳي سندس آخري آرامگاه تاريخي قبرستان ميان نور محمد ڪلهوڙو
جا قبا لڳ شاهپور جهانيان ۾ سندس خاندان جي فرزندن انجنيئر لياقت علي، حاڪم علي،
طارق علي، شوڪت علي، نظير علي ۽ امير علي زرداري طرفان گلن جون چادرون چاڙهيون
ويون جڏهن ته ڪلهوڙا عباسي برادري جي معزز ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي، سعد الله ڪلهوڙو،
ڊاڪٽر سرفراز، اسلم عباسي پڻ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي جڏهن ته قافلي ۾ ڊاڪٽر
مشتاق باگاڻي، عنايت الله ميمڻ، وزير فرهاد سولنگي پڻ شامل ٿيا.
ستين وڳي
پروگرام جي شروعات ٿي ڪاروائي هلائڻ لاءِ پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙي کي سڏايو ويو،
هن چاليهي جي تقريب جي پروگرام جي صدارت پير مظحر الحق اڳوڻي صوبائي وزير تعليم سنڌ
ڪئي جڏهن ته مهمان خاص عبدالستار عباسي، ضلعي چيئرمين نوشهرو فيروز هئا اسٽيج تي ڊاڪٽر
زرداري جي فرزندن هر هڪ انجنيئر لياقت علي زرداري، حاڪم علي زرداري، يوسف پليجو،
ادريس جتوئي، ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، رکيل مورائي، قاضي خضر حيات، الله ڏتو وگهيو، سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشور مولانا عزيز الله ٻوهيو ۽ سڪرنڊ يونيورسٽي جو وي سي خدا بخش
ميربحر کي پڻ معزز مهمانن سان گڏ اسٽيج تي ويهاريو ويو. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام
پاڪ سان ٿي ان بعد حاڪم زرداري آيل مهمانن کي ڀليڪار چوندي آجيان ڪئي
نوجوان وڪيل
امداد سولنگي ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سان اسان جو خانداني تعلق
آهي ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ تي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي جيڪو ڪتابن جي شڪل ۾ ڇپيل
آهي سنڌ جي تاريخ ۾ سندس وڏو نالو آهي اهڙين شخصيتن جو صدين ۾ جنم ٿيندو آهي، ان
بعد نوجوان محقق اديب ۽ تحقيق ڪندڙ پروفيسر شمشاد سومري کي گهرايو ويو هن چيو ته ڊاڪٽر
صاحب پي ايڇ ڊي اسڪالر هو سندس پهريون ڪتاب تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو اهم ۽
تاريخي ڪتاب آهي جيڪو ايندڙ نسل جي رهنمائي ڪري ٿو ڊاڪٽر صاحب هن سلسلي ۾ تمام گهڻي
محنت ڪئي ۽ جاکوڙ ڪئي آهي
ان کان
پوءِ سنڌي ادبي سنگت دادو جي سڪيريٽري تابش بخاري کي سڏ ٿيو هن ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر
صاحب نيڪ انسان، استاد تعليمي ماهر ۽ تاريخ جو ڄاڻو هو هڪئي وقت سڀني قلمڪارن ۽
ادب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ هو شاعرن قلمڪارن ۽ سگهڙن جو قدردان هو دادو ضلعي
سان سندس محبت ۽ پيار هو پاڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙو، ڪاڇو، ڳاڙهي، ميان يار محمد ڪلهوڙو،
خدا آباد ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۾ اسان جو هميشھ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو وفات کان ٻه ڏينهن
اڳ يعني ۳۰ جون جمعي ڏيهاڙي دادو ۾ حافظ احسن
چنه جي ۳۳ ورسي ۾ شرڪت ڪيائين ۽ پاڻ هن
پروگرام جي صدارت ڪئي جيڪو سندس زندگي جو آخري پروگرام هو.
ان کان
پوءِ نوجوان نقاد ۽ اديب اسد سولنگي ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر صاحب جهڙا ماڻهو سماج
۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن ڊاڪٽر صاحب سڄي ڄمار قلم ۽ ڪتاب سان نڀائيندي گذاري، هن ڪيترن
ئي علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي ادارن جو پڻ بنياد رکيائين جنهن
۾ سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائيٽي مورو، بلاول انسٽيٽيوٽ هسٽاريڪل رسرچ نوابشاھ
وغيره شامل آهن مهراڻ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران اسان جو استاد رهيو هڪ بهترين ۽ فقير منش
انسان هو سگا مورو جي صدر اسلم عباسي چيو ته منهنجو استاد، دوست ۽ ڇپر ڇانو رهيو
سندس ڪتابي سلسلي ۾ برابر جو شريڪ هئس عظيم سنڌي ۽ ٻين سان گڏجي ڊاڪٽر صاحب ۱۹۸۷ ڌاري
والي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو سيمينار ڪرايو ان بعد ۱۹۹6ع
ڌاري ڪراچي ٽاور ۾ انٽرنيشنل ڪلهوڙا ڪانفرنس منقعد ڪرائي سنڌ جي تاريخ ڪلهوڙا دور
بابت تحقيق ۾ سندس خدمتون آهن آخر ۾ هن باني سگا محمد سليمان شيخ جو پهتل پيغام پڙهي
ٻڌايو هن
پروفيسر ڊاڪٽر
غلام محمد ڏاهري چيو ته ڊاڪٽر صاحب مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ پرنسيپال رهيو ۽ ساڻس ٻانهن
ٻيلي رهيس ڪاليج مئگزين ڪافي عرصي کان بند هيو پر ڊاڪٽر صاحب جي اچڻ بعد هر سال ڇپائيندو
رهيو پاڻ وقت جو هميشه پابند هيو، دولتپور ڪاليج پرنسيپال پروفيسر ارشاد اوٺو ڳالهائيندي
چيو ته ڊاڪٽر صاحب بلاول انسٽيٽيوٽ نوابشاھ ۾ جوڙايو پر سندس خواب اڌورو رهجي ويو
هن بلڊنگ ۽ بجيٽ منظور ڪرائي پر افسوس ڪلچر کاتي طرفان انهي اداري جي آبياري نه ٿي
سگهي.
ان بعد مٿي
ويٺل معزز مهمانن مان ڪراچي کان ڪهي آيل رکيل مورائي کي سڏ ڪيو جنهن چيو ته ڊاڪٽر
زرداري پهريون سنڌ جو مقامي تاريخدان آهي جنهن تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته سنڌ جي وارثن
۽ ماڻهن جا هيرو پرڏيهي حڪمران نه پر ڏيهي ۽ ديس جا اهي پورهيت ۽ ڌرتي جا پٽ آهن
جن جانين جو نذرانو ڏئي سنڌ جي وحدت ۽ وجود کي بچايو اسان کي غلط تاريخ پڙهائي وڃي
ٿي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحقيق ۾ انگريز سرڪار سان وفاداريون ڪندڙن ۽ ديس سان غداريون
ڪندڙن، خطاب وٺندڙن، زمينون ۽ مراعات وٺندڙن کي بي نقاب ڪيو آهي جيڪا هڪ سڄي سنڌ
جي تاريخ آهي اچو ته سنڌ جي تاريخ جا پيرا سندس ڪتابن ۾ ڳوليون.
ان کان
پوءِ سگهڙ علي گل ڀٽي کي اسٽيج تي گهرايو ويو جنهن ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي آتم ڪٿا
ڪيم روح رهاڻ کي منظوم شاعري ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو. هو ان کان پوءِ سگا
مورو جي جوائينٽ سيڪريٽري وزير فرهاد کي گهرايو ويو جنهن چيو ته ڊاڪٽر صاحب سان گڏ
سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي پروگرامن ۾ شرڪت گڏجي ڪندا هئاسين ۽ اسان جي سفر جو ساٿي
رهيو سندس ڏنل پيار ۽ قلمي پورهيو اسان سان سدائين گڏ رهندو ان بعد هن مسرور پنائي
جي شاعري ترنم ۾ ٻڌائي سڄي پنڊال کي جهومائي ڇڏيو.
نوجوان
اديب ڏات ڌڻي ماهر تعليم ادريس جتوئي ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ۽ قلمي پورهئي جو ذڪر ڪندي
چيو ته سنڌ جي تحقيق ۽ تاريخ ۾ ڊاڪٽر زرداري منفرد تحقيق ڪندڙ هو هن انڊيا آفيس
لائبريري برطانيه پڻ ڏٺي ۽ سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪيو سندس سيني ۾ ڪيئي راز دفن ٿيل
هئا جيڪي يقينن ڊاڪٽر زرداري قلمي بند ڪيا هوندا انهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي
قاضي خضر حيات چيو ته ڊاڪٽر زرداري بنيادي طور هڪ چترڪار هيو
جنهن لاهور جي آرٽ ڪاليج ۾ تربيت حاصل ڪئي ۽
بعد ۾ هي تاريخ ۽ تحقيق جو شعبو سنڀاليو آءُ هڪ چترڪار، مصور آهيان زندگي ۾
تمام گهٽ تصويرن تي ڪيو آهي پر ڊاڪٽر زرداري هڪ سڀاءَ وارو انسان هو ۽ سندس تصوير ٺاهي
دلي خوشي ٿي محسوس ٿي پاڻ بلاول انسٽيٽيوٽ جوڙايائين ۽ هڪ بهترين ڪم ڪيو سندس وڇوڙي
تمام گهڻي تڪليف ڏني آهي.
ڊاڪٽر
مشتاق باگاڻي چيو ته ڊاڪٽر صاحب گهرو تعلق تمام مختصر عرصو رهيو سندس ڏنل پيار نه ٿو
وسري پاڻ هڪ عالم ۽ تاريخدان هو ڪيترائي ڪتاب لکي ۽ ڇپرايائين سچ پڇ کيس وساري نه ٿو
سگهان روزانو فون ذريعي رابطو رهندو هو شام جو ڪچهري ٿيندي هئي اسلم عباسي، وزير
فرهاد به ساٿي رهيا سندس چڱو ڀلو صحتمند ائين اوچتو وڇڙي ويو،
سيڪريٽري
سنڌ ادبي بورڊ الهھ ڏتي وگهيي چيو ته ڊاڪٽر صاحب بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو وقت جو
پابند ۽ تاريخ جو ڄاڻو هو ادبي بورڊ سندس قلمي پورهئي کي نه وساريندو سندس ڪتاب ڇپرايا
ويندا.
مولانا
عزيز الله ٻوهيو چيو ته سنڌ ۾ زرداري قبيلي جي سڃاڻپ ڊاڪٽر لائق زرداري ڏني منهنجي
يعقوب علي زرداري سان دوستي هوندي هئي پر هن وقت سنڌ ۾ زرداري قبيلو آصف علي
زرداري جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو جڏهن ته سياست ۾ اول سڃاڻپ حاڪم علي زرداري جي آحي جيڪو
عوامي نيشنل پارٽي، کاٻي ڌر ۽ بلوچ سياستدان سان پڻ گڏ رهيو،
پاڻ هڪ سنڌ
جو نامور تاريخدان رهيو. ٺٽي کان ڪهي آيل پليجو ٻڌايو ته سجاول ۾ اسان گڏ رهياسين،
غلام حيدر مهجور پڻ خيالن جو اظهار ڪيو، ان بعد افضل سولنگي شاعري ٻڌائي محفل کان
خوب داد حاصل ڪيو.
تقريب جي
مهمان خاص ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سان منهنجي
تمام گڻي گهري ويجهڙائپ رهي هو عاليشان محلن کان ويندي ريگستان ۽ ٿر جي ڀٽن ۾ به
رهيو پر هن ڪڏهن به پاڻ کي وڏو ماڻهو تصور نه ڪيو، فقير ۽ انسان دوست هو سندس
جدائي جو گهرو غم آهي سندس نالي سان عنقريب مورو ۾ بهترين لائبرري جوڙائي ويندي ۽
ان سان گڏوگڏ سڀني اهل قلم ۽ تاريخدان جي قلمي پورهئي جو قدر ڪنداسين.
آخري ۽
صدارتي تقرير ڪندي پير مظهر الحق چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي وڇوڙي خبر مون
مٿان وڄ وانگر وار ڪيو آهي آءَ ان وقت ملڪ کان ٻاهر هيس هن چيو ته سنڌ جي نوجوان
نسل کي تاريخ کان آگاھ ٿيڻ جي سخت ضرورت ۽ سڄي تاريخ تي تحقيق وارو ڪم ڪيو وڃي درٻاري
قصا ۽ تاريخي پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهنحق ۽ سچ جي تاريخ ئي اصل تاريخ آهي هن
تاريخي ڪتاب انڊيا ونس فريڊم جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ ڪيتريون ئي حقيقتون آهن.
ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري ۱۹۹6ع ڌاري ڪراچي آواري ٽاور هوٽل ۾ انٽرنيشنل
ڪلهوڙا ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ بلاول انسٽيٽيوٽ جو قيام پڻ ۱۹۹6ع
اري پيو پ پ پ حڪومت هلي وئي ۲۰۰۸ع ڌاري
وري ان اداري کي جوڙايو ويو جنهن لاءِ ڊاڪٽر زرداري کي جس هجي هن وڏي محنت ۽ جفاڪشي
ڪري ادارو جوڙايو پر افسوس بلاول انسٽيٽيوٽ فعال ڪردار ادا نه ڪري سگهيو، هن چيو
ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ يعقوب علي زرداري منهنجا تمام پراڻا دوست آهن.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
هڪ تعليمدان
مشتاق باگاڻي
ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري ۲۱ آگسٽ ۱۹۴۳ع تي موري تعلقي جي هڪ ڳوٺ موسيٰ ۾ احمد خان زنگاڻي جي گهر ۾ ڄائو (زنگاڻو
زرداري قبيلي جو هڪ پاڙو آهي). پرائمري تعليم جا ڇهه درجا پرائمري اسڪول مڪراري
مان پاس ڪيائين، موري ۽ نواب شاهه مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي سنڌ
يونيورسٽي مان ۱۹۷۱ع ۾ ڪيائين ۽ پي ايڇ ڊي به سنڌ
يونيورسٽي مان ۱۹۸۰ع ۾ ڪيائين.
۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول سانگهڙ ۾ ڊرئنگ ٽيچر طور مقرر ٿيو ۽ ان پوسٽ تي
سانگهڙ، خيرپور ميرس، حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ ۱۹۷۱ع تائين رهيو. سانگهڙ ۾ نوڪري دوران جيڪي واقعا رونما ٿيا. انهن جو ذڪر هن
پاڻ پنهنجي آٿم ڪٿا ۾ ڪيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “هڪ دفعي سانگهڙ ۾ مون کي بخار ٿي
پيو. نيم بي هوشيءَ جي حالت ۾ بستري تي هيس. منهنجي رات ڏينهن تيمار داريءَ لاءِ هڪ
هندو ساٿي استاد محترم وسرام صاحب هوندو هو. وسرام منهنجي ڏاڍي تيما داري ڪئي.
سندس جهوليءَ ۾ منهنجو ڪنڌ رکيل هوندو هو. هو سڄي رات منهنجي مٿي تي زور ڏيندو هو.
هن ڪافي اوجاڳا ڪيا ۽ هڪ ماءُ وانگر منهنجي خدمت ڪئي.”
سانگهڙ
۾ نوڪري ڪندي هن بي اي جا ٻئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيا. ۱۹۷۰ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي پاس ڪيائين. ۱۲
سيپٽمبر ۱۹۷۱ع تي
سروري ڪاليج هالا ۾ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ساڳئي عهدي تي سجاول،
مورو، سعيد پور ۽ ڪوٽڙي ڪاليج ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سر انجام ڏنائين. ۱۹۸۵ع کان وٺي ۱۹۹۴ع تائين گورنمينٽ مهراڻ ڪاليج موري
۾ اسسٽنٽ پروفيسر رهيو ۽ ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۶ تائين پروفيسر، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يونيسڪو اسلام ۾ رهيو. پاڻ ۱۹۹۶ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ ڊائريڪٽر جنرل بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽري اينڊ ڪلچر نواب
شاهه پڻ رهيو. ۱۹۹۶ع کان ۱۹۹۸ع تائين مهراڻ ڪاليج موري ۾ پروفيسر رهيو. ۱۹۹۸ع گورنمينٽ مهراڻ ڪاليج موري ۾
پرنسپال مقرر ٿيو ۽ اپريل ۲۰۰۳ع تي
سندس بدلي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه ٿي. جتي پرنسپال رهيو. اتائين ۲۲ آگسٽ ۲۰۰۳ع تي رٽائرڊ ڪيائين. ۱۹۶۵ع کان ۲۰۰۳ع تائين اٺٽيهه سال تعليم جي
شعبي سان وابسته رهيو. ان طويل عرصي دوران هن جتي به نوڪري ڪئي، پنهنجو وقت عزت ۽
آبرو سان گذاريائين ۽ اتي جي دوستن ساٿين ۽ سماجي حالتن بابت هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ان
جو خوبصورت پئرائي ۾ ذڪر به ڪيو آهي.
سندس
تصنيفات ۾ سنڌ جي سياسي جدوجهد ۱۹۸۳ع،
تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو ۱۹۸۴ع، تاريخ
ضلعو نواب شاهه ۲۰۰۱ع ۾ “ڪيم روح رهاڻ” (آتم ڪٿا) ۲۰۰۱ع اهم ڪتاب آهن. آتم ڪٿا بابت پاڻ لکي ٿو:
“منهنجي آتم ڪٿا
هڪ اهڙو بيان آهي جنهن ۾ مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇا ڏٺو، منهنجي آس پاس ڇا وهيو
واپرايو. مون کي پنهنجي آتم ڪٿا تي ڪو به فخر ڪونهي، نه ڪا فخر لائق ڪا ڳالهه به
آهي، بس زندگي ڪيترن حادثن، ارمانن ۽ خوشين سان گذري آهي. ان جو پوتاميل توهان آڏو
پيش ڪيو اٿم. ان پوتاميل جي هڪ باب “ خرڪار ڪئمپ ۾ قيدي” ۾ لکي ٿو ته : “ وڇوڙي جي
جهوري ۽ مستقبل کان نااميديءَ گهڻو گهڻو غمگين بڻائي ڇڏيو. رات مون جهڙي خاموشي.
هن رڃ ۾ سڃ نه پکين جو ڦٿڪو نه ڪنهن جانور جو ڪو آواز، نه ڪنهن مسجد جي منبر تان نماز
لاءِ ٻانگ، نه ڪتي جي ڀونڪ، نه گدڙ جي
اونائي. خاموشي ئي خاموشي، بس ٻڌڻ لاءِ ڪيڏي مهل گڏهن جون هينگون. اهي خوشي يا ڏک
جون صدائون اسان ڪو نه سمجهون. مڪران جو ويرانو بيابان، نه پکي نه پکڻ. نه چلهه نه
ڪٿي ڪو ٽانڊو، نه دونهون نه ڪائي جهوپڙي، نه آدم نه آدم ذات. جڏهن سنجهي يا اسر
مهل ڪونجون ڪرلاءُ ڪنديون هيون ته دنيا جا سڀ کان وڌيڪ لافاني وڇوڙي جا گيت بڻجي
پوندا هئا. هن ڪتاب ۾ ڳوٺ جي ڀڏن تي بيٺل کبڙن جي وڻن تان پيرون پٽي کائڻ کان وٺي
ميهڙ پار ويندڙ قافلي کي روڪي ڏاچين جي کير پيئڻ تائين جون خبرون ڪيل آهن. تاريخ ضلعو نواب شاهه هڪ اهم ڪتاب
آهي. ان جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو “ لائق مصنف نه فقط اڳين ماخذن
مان مواد جمع ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي پر پنهنجي ذاتي محنت سان ڪافي نئون مواد
مهيا ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ نواب شاهه ضلعي جي ڀلارن بزرگن، عالمن ۽ ديني مدرسن،
سماجي ڪم ڪندڙن، ضلعي جي آباد قبيلن، ضلعي جي سياستدانن ۽ نامور شخصيتن بابت سندس ڪيل
تحقيق قابل قدر آهي.
سنڌ هسٽاريڪل
اينڊ ڪلچر سوسائٽي مورو سنڌ جي روح روان، اسلم عباسي صاحب، حاڪم علي زرداري ۽
اديب، شاعر ۽ اداڪار وزير فرهاد سولنگي ڊاڪٽر صاحب جي دوستن، اديبن، شاعرن جا رايا
۽ ويچار گڏ ڪري هڪ شاندار ڪتاب ”محنتي ۽ مانائتو ماڻهو ڊاڪٽر محمد لائق زرداري“ جي
نالي سان شايع ڪرايو هو. ان مان چند اقتباس پيش ڪجن ٿا
آغا نور
محمد پٺاڻ پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: “ڊاڪٽر زرداري سان سفر ڪندي مون کي ڏاڍو مزو
آيو. ڊاڪٽر صاحب اڃان جوان آهي ۽ هلڻ ۾ تڪڙو ڳالهائڻ ۾ فضيلت ڀريو، بردبار وڏي حوصلي
۽ همت وارو ڏٺم. ڪيچ مڪران جو سفر منهنجي لاءِ ائين هو جيئن سرگس وارو “موت جو
کوهه”!! گوادر بندرگاهه جو نقشو چٽيندي وڌيڪ لکي ٿو: گوادر شهر هڪ خوبصورت سامونڊي
بندرگاهه آهي. اسان گاڏي ۾ گوادر شهر جو سفر ڪيو. شهر کي ٽنهي طرفن کان سمنڊ ۽ هڪ
طرف سڪي زمين اٿس. گوادر جي پي سي هوٽل ڪراچي جي پي سي هوٽل کان وڏو خوبصورت ترين
آهي. جبل جي چوٽي جي هيٺيان سمنڊ ۽ ٻيڙين ۽ جهازن جو نظارو ڏاڍو خوبصورت ڏسڻ ۾ پيو اچي هوٽل ۾ ۱۲۰
ڪمرا آهن. في الحال في ڪمري جي مسواڙ ويهه هزار
آهي. هوٽل جي مئنيجر اسان کي خوب گهمايو
مئنيجر آصف خواجا ٻڌايو ته هوٽل ۾ ۱۲۵ ملازم
آهن. جن ۾ ۸۰ بلوچ آهن. انهن ۾ ۴۰
گوادر جا رهواسي آهن. جن ۾ ۹
ڇوڪريون آهن. جيڪي مئٽرڪ ۽ ايم اي پاس آهن، شهر کان ۲۲
ڪلو ميٽر پري گوادر ايئرپورٽ آهي. شهر ۾ دڪان سادا ۽ ايراني
سامان سان ڀريل، هتي کاڌي پيتي جو ۽ ٻيو
سامان ايران مان اچي ٿو. ماڻهن جو گذر مڇي مارڻ تي آهي. اڃا به پٿر واري زماني جا
ماڻهو آهن. هتان جا ماڻهو عرب رياستن ۾ ڪمائين سمنڊ سان گڏ سينگار ميدان آهي. جيڪو
فوجين ۽ وڏن ماڻهن کي پلاٽ ڪري ڏنا ويا آهن. گوادر بلوچن جي هٿن مان نڪري چڪو آهي”.
ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته اعليٰ پائي جي عالمن ڊاڪٽر صاحب سان گذاريل گهڙين سان گڏ ٻي
اهم معلومات به ڏني آهي جنهن سان پڙهندڙن جون اکيون کلي ٿيون وڃن.
الطاف شيخ
پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: “ ڊاڪٽر زرداري جو آتم ڪٿا جو ڪتاب “ڪيم روح رهاڻ” پڙهڻ
کپي. هن ڪتاب ۾ ڪهاڻي ۽ موضوع متعلق جيڪا ڄاڻ مليل آهي اها ته پنهنجي جاءِ تي بي
بها آهي. پر هن ڪتاب جي ٻولي جي اکرن جو ڀرت ڀريل آهي. ڪتاب جو مهاڳ پڙهڻ کان پوءِ
گهڙي کن ماڻهو سوچيندو ته هن ۾ ڇا لکيل آهي. لفظن جا ته موتي ڀريل آهن. ذهن کي هڪ
هنڌ بيهارڻ ان سان گڏ دل جو ڌيان ۽ اکين جا الماس ڪن ڪن جملن ۾ قابو ٿيو وڃن. ڇا ته
لفظن ۽ اکرن جو جڙاءُ ٿيل آهي. ائين جيئن سونارو ڪنهن سنڌي زيورن ۾ مڻيان ڀري زيور
کي خوبصورت ڪندو آهي. تيئن ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ ۾ بند ڪيو آهي. ڊاڪٽر
صاحب لکي ٿو ته: “هيءُ ڪتاب آتم ڪٿا ڇو لکيم. جنهن ۾ درياهه کي وٺي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ
جي ڪوشش اٿس.
مشهور
عالم ۽ اديب ادريس جتوئي پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته “آتم ڪٿا جي ڪتاب کان سواءِ ڊاڪٽر
زرداري سنڌي ٻولي جي جهولي ۾ ۱۰ املهه
ڪتاب وڌا آهن. پاڻ بنيادي طرح تاريخ جا طالب علم آهن. ان ڪري سندس ڪتاب به گهڻو ڪري تاريخ جي موضوع تي آهن، سندس مشهور ڊاڪٽريٽ جو
مقالو “تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو” لاجواب ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن پاڪستان جي هلچل ۾
سنڌ جي ڪردار کي ڪافي تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ سندس ٻيو ڪتاب “سنڌ جي سياسي جدوجهد”
پڻ پڙهڻ جهڙو ۽ تاريخي تحقيق ۾ حوالي طور ڪتب ايندو رهيو آهي.
بلاشڪ ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري نه فقط موري جي بلڪ سڄي سنڌ جو محنتي، مانائتو ۽ مڻيادار ماڻهو
هو.
جي هئا
ڪوڏيا ڪاڪ جا، ستا سي سونهن،
لڊوڻيان
لطيف چئي، لڏيو لوڍيئڙن،
سي موٽي
مس ملن، جي آتڻ آرامي ٿيا.
پروفيسر لائق زرداري
نامياري محقق جو وڇوڙو
گل مورو
جيڪي
ماڻهو ڏکن جا ڏول کڻي مشڪل حالتن ۾ پنهنجي جيون ۾ جيئڻ جون تمنائون سانڍي سفر جي
شروعات ڪندا آهن اهي ئي ماڻهو تاريخ ۽ تحقيق جا ڳولائو يعني (متلاشي) بنجي پوندا
آهن اسان جو ساهتي پرڳڻو به اهڙن جاکوڙي ڪردارن ساڃاهه وندن سان ڀريو پيو آهي. سنڌي
ادب جي حوالي سان جتي سنڌي ادب جي باني گوبند مالهي کان وٺي راشد مورائي ۽ ڊاڪٽر حامد
علي خانائي کان وٺي حافظ محمد بخش خاصخيلي تائين هي خطو ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو اتي اهڙن
جاکوڙي ڪردارن مان سنڌ جو ناليوارو محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جو نالو اهڙن جاکوڙي
ادب شناس ۽ سنڌ شناس اديبن، قلمڪارن، شاعرن ۽ محققن جي سٿ ۾ پڻ ڳڻيو وڃي ٿو. محققن
جي جيڪڏهن تاريخ سهيڙجي ته کوڙ سارا ڪتاب جڙي سگهن ٿا.
اها به
تاريخي حقيقت آهي ته تاريخ ۽ تحقيق جا متلاشي ماڻهو ئي هيرن ۽ موتين جي تلاش ڪندا
آهن سنڌ جي هن ڏاهي هميشهه ڌرتي جي سيني ۾ جيڪي به علمي خزانا آهن انهن کي سهيڙي
ظاهر ڪري پنهنجي سماج آڏو آڻي آئينو ڪري ڏيکاريو ته جيئن ماضي حال کي سامهون رکي
پنهنجي مستقبل جي راهن جو تعين ڪري سگهجي. سنڌ ڌرتي جو هي ماٺيڻو ماڻهو ڊاڪٽر محمد
لائق زرداري پنهنجون سموريون توانائيون، سموريون ڪوششون سنڌي ادب ۽ تحقيق لاءِ وقف
ڪيون هيون. جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب جي دل تي يادن جا ڍير پريشان گهڙيون ۽ پراڻين يادين
جا ڪيئي اداس ڏينهن گهاءُ بنجي پوندا هئا ته تاريخ جي املهه خزاني کي سهيڙڻ لاءِ
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سيلاني سفير بڻجي ڏيهه پرڏيهه ۾ انساني تاريخ جي اڀياس لاءِ نڪري
پوندو هو ڪٿي اتفاقن، واقعن، حادثن کي ڳوليندو رهيو ته ڪٿي وري ڏوهن، ثوابن ۽
خطائن تي اڀياس ڪندو رهيو ته جيئن سمورين سماجي حالتن جو اڀياس ڪندي پنهنجي آتم ڪٿا
۾ ذڪر ڪندي هن ريت لکيو آهي ته:
هتي اميرن
جي دنيا ۾ غريبن لاءِ ڪا به جاءِ ڪانهي، اميري ۽ غريب انسانيت جا ٻه فرقا آهن. ٻه
طبقا آهن. هي ڪيڏو نه قهر آهي ڪيڏو نه ظلم آهي جو دل چوي ٿي ته ڪاڇي جي شاهه گودڙيو
۽ ٿر جي نننگر پارڪر جي جبلن ڏانهن ڊوڙيون پايان ۽ اتي بيوس مظلوم ماڻهن لاءِ انهن
ٿرين لاءِ، انهن پٿرن تي سچا ۽ حقيقي افسانه لکان ۽ لطيف جي ٻولي ٻوليان ته؛
حقيقت
هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
ته لڳي
ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ
ٻري، اوڀر اُڀري ڪين ڪي. (شاهه).
اها
حقيقت ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پهرين ڪتاب (سنڌي جي سياسي جدوجهد) ۾ لکي ڌرتي ڌڻين جي ڏکن
۽ سنڌ سان جيڪي ارغونن کان وٺي ترخانن، انگريزن ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي جڪڙ ۾
آيل سنڌ وطن سان جيڪو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿيندي رهي آهي
اهي سموريون ڏکن دردن جون ڪهاڻيون هن قلم بند ڪري حقيقتن کان پنهنجي سماج کي
روشناس ڪرايو. اصل ۾ اها ئي تخليقڪار جي خوبي هوندي آهي ۽ سچائي هوندي آهي ته
پنهنجي قلم جي ذريعي ماضي توڙي حال کان واقف ڪري نه رڳو! اهو پر ڊاڪٽر صاحب جڏهن ڏٺو
ته پنهنجي ماتا سنڌ جيڪا ماضي ۾ پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافتي حوالي سان شاهوڪار سڃاتي
ويندي هئي اها ئي خوشحال ڌرتي ليکي ويندي هئي پر پاڪستان ٺهڻ واري تحريڪ ۾ ڄڻ ڪو ڪردار
ڪو نه هيو. ان ڳوڙهي اڀياس لاءِ هي قلم کڻي نڪري پيو هن پنهنجي ڪتاب (تحريڪ پاڪستان)
۾ سنڌ جو حصو لکي اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ پاڪستان جي قرارداد پاس نه ڪري ها ته
اڄ پاڪستان جو وجود نه هجي ها.
جڏهن
وري سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ۱۹۹۰ع ڌاري موري جي علم ۽ ادب دوستن (سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچر سوسائٽي) مورو جو
بنياد رکيو ته هن اداري پاران ڊاڪٽر صاحب جا ڪيترائي تحقيقي ڪتاب شايع ٿيندا رهيا جن ۾ والي سنڌ، ميان نور محمد ڪلهوڙو،
۱۹۹۱ع، غدار سنڌ، ۱۹۹۳، لنڊن کان لنڊڪي تائين ۱۹۹۶، مجذوب
حافظ علي مراد زرداري ۱۹۹۵، هسٽري
آف سنڌ پهريون ۽ ٻيو حصو پڻ ڇپرايا ويا جيڪي علم و ادب اسان جي سماجي حالتن، تاريخي
واقعن ۽ حادثن، سنڌ تهذيبن، قدرن، ماضي توڙي حال ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه، سياسي سماجي حالتن
جو نچوڙ، يعني سنڏ جي هر ساڃاهه وند لاءِ، قلمي پورهيو ڪندڙن لاءِ سندس پورهيو هڪ
تاريخ جو تمام وڏو پورهيو آهي. پر منهنجي خيال ۾ ته ڊاڪٽر صاحب جيڪا جستجو ۽ جاکوڙ
ڪري تاريخ ضلعي نوابشاهه جهڙو تاريخي دستاويز ساهتي پرڳڻي جي ناليواري محقق ڊاڪٽر
حامد علي خانائي کان پوءِ لکيو اهو سندس ڪارنامو، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تحقيقي تاريخ
۾ سندس انوکو آهي جيڪو هميشهه ياد رهندو ڇو ته پنهنجي علائقي پنهنجي وطن جي ماڻهن
جي اٿي ويٺي، ڪارناما يادگيريون يا وري سندن جيون جون سڀيتائون هجن اهي هن تحقيقي
تاريخي دستاويز ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به ورچي نه ويٺو هميشهه جستجو ۾ ئي
رهيو، جنهن متعلق سنڌ جو ناليوارو محقق سيد حاڪم علي شاهه بخاري لکي ٿو ته ڊاڪٽر
صاحب سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي نهايت ويجهڙائي سان ڏٺو ۽ پرکيو جنهن جي بنياد تي
پنهنجن تجربن کي واضح ۽ چٽي نموني رقم ڪري پنهنجي اندر ۾ قائم ٿيندڙ راءِ کي ظاهر ڪيو
آهي هن سالن جي رياضتن، پيڙائن، ڏکن، سچائين
۽ عملن کان پوءِ هڪ مثالي ڪردار جو مقام حاصل ڪري انهن سڀني مرحلن ۾ گذرڻ کان پوءِ
اهم ماڻهن لاءِ هڪ تمثيل جي شڪل اختيار ڪري ٿو. انسان ظاهري جسماني، قدڪاٺ ۽ شخصيت
کي نکاري ڪنهن حد تي انت ڪري ٿو پر ان شخصيت جي اندرين سوچ، عقل، ڏاهپ، دانائي جو ڪاٿو
ڪرڻ تمام مشڪل آهي ۽ اندرين دنيا ايتري ته وسيع ٿئي ٿي، جو ان جو اندازو پنهنجو پاڻ
به نه ٿو لڳائي سگهجي. ڀٽائي جي انهن سٽن جيان ته؛
کامان،
پچان، پڄران، لُچان ۽ لوچان،
تن ۾
توئنس پرين جي پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ
منهن ڪيان ته سُرڪيائي نه ٿئي. (شاهه )
ڊاڪٽر
صاحب جنهن نه رڳي ساهتي پرڳڻي پر سنڌ جي واهڻ وستي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تحقيق ۽
تحرير لاءِ پنڌ ڪيا پر هميشهه سندس اها جستجو رهي ته سنڌ جو هر نوجوان محقق بڻجي
پوي. سنڌ جي ڏکن ۽ دردن جو اڀياس ڪري ان لاءِ سوچي، ان لاءِ تحقيق ۽ تحرير لکي ڇو
ته انهن ئي تحريرن سان تحريڪون جنم وٺنديون آهن جيڪي سماج کي جاڳائينديون آهن جيڪي
نوان دڳ ڏينديون آهن ۽ آخري گهڙي تائين ڊاڪٽر صاحب انهيءَ جستجو ۾ جنبيل رهيو ۽ هن
جا نه رڳي ساهتي پرڳڻي پر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪيترائي اهل علم دوست اڄ به موجود
آهن پر افسوس جو هي علمي، ادبي ڪاوشون ڪندڙ سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ مستقبل جون
راهون جوڙيندڙ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري به اوچتو وڇڙي ويو حقيقت اها آهي ته ساهتي
پرڳڻو ڄڻ ته هاڻي سائين راشد مورائي کان پوءِ وري ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي وڇڙي
وڃڻ کان پوءِ سنڌي ادب جي حوالي سان نه رڳي سنڌ پر اڄ مورو پڻ ڇورو ٿي ويو آهي.
ناليواري محقق محمد لائق زرداريءَ
سان ڳالھ ٻولھ
نوجوان وقت جو قدر ڪن، سچ ڳالھائين
۽ تعليم ڏانھن ڌيان ڏين
انٽرويو: اعجاز ڪورائي
پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌ جو معتبر
ليکڪ، اديب، تعليم دان اسڪالر، محقق ۽ تاريخدان آهي جيڪو پنهنجي ذات هڪ انجمن ۽ ادارو
آهي. پنهنجي زندگي ۾ علم، ادب، ثقافت، تهذيب، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان تمام وڏي
نگاهه سان ڏسي ٿو، ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ واٽي سنڌ، لنڊڪي کان لنڊن تائين،
حافظ علي مراد مست ۽ ٻيا شامل آهن سندس لکيل ڪتابن ۾ مقالا سندس محنت جا ساکي آهن جن
جي ورق ورق تي سندس سگهاري فلسفي ۽ شعور جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي مرشد
لطيف جي سٽ ”کرڪڻا لاهي سکت نه ستا ڪڏهين“ جو عملي نمونو آهي پنهنجي زندگي جي سفر
۾ ڏکيا ۽ سکيا ڏينهن ڏسندڙ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي منجهان تمام گهڻو مطمعن
آهي. پاڻ انتهائي سچو، سٻاجهڙو پرخلوص انسان آهي.
عوامي آواز کي ڏنل هڪ خاص انٽرويو ۾ ڊاڪٽر صاحب
چئي ٿو ته آئون بلاول هيسٽاريڪل ريسرچ نواب شاهه جو ڊائريڪٽر جنر ل آهيان. هي ادارو
۱۹۹۶ع ۾ قائم ٿيو ۽ ٿوري عرصي کانپوءِ نواز
حڪومت ۾ فنڊن جي کوٽ سبب غير متحرڪ ٿي ويو. ۲۰۰۹ع کانپوءِ پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٻيهر متحرڪ ڪيو ويو.
هن وقت تائين اداري ۾ تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان گهڻو ڪم ڪري چڪا آهيون، خاص طور سنڌ
جي لڪل تاريخ جا اهي پاسا جن تي اڳ ۾ ڪڏهن به ڪم نه ٿيو آهي. انهيءَ تحقيقي ڪم لاءِ
مختلف عالمن، اديبن ۽ تاريخ دانن کان خدمتون وٺي ڪافي ڪتاب منظر عام تي آندا ويا آهن.
ان کان علاوه بلاول انسٽيٽيوٽ ۾ مختلف سياسي سماجي علمي خدمتون ڏيندڙ شخصيتن جا ڪارنر
قائم ڪيا ويا آهن ۽ هڪ ميوزم پڻ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي واقعن
تي مجسما ۽ ٻيا ڪارنر پڻ جوڙيا ويا آهن ان کان علاوه هن اداري ڇهه ماهي مئگزين بلاول،
سنڌي انگريزي ٻولين ۾ ڇپايو ۽ مارڪيٽ ۾ آندو، ون يونٽ ۾ سنڌ جي اديبن جو تمام گهڻو
بهتر ڪردار هو. اڄ به سنڌ جا اديب پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌ جو ڪيس بيان ڪري رهيا آهن.
ليکڪن جو سياست ۾ اهم ڪردار آهي سنڌ جي ٽن اديبن سرڪاري اعزاز واپس ڪيا جن ۾ عطا محمد
ڀنڀرو، در محمد پٺاڻ ۽ مريم مجيدي شامل آهن. اهڙا ڪيئي سنڌ دوست آهن جن سنڌ جي مفاد
کي ترجيح ڏني، اهي مرندي مري ويا پر جُهڪيا نه، پر اڄ اهي سنڌ جي تاريخ ۾ زنده به آهن
۽ موجود به آهن، جيڪي ڪنهن کان لڪل نه آهن، تاريخ ڪڏهن به ڪوڙ نه لکندي آهي. انگريزن
پهرين هندستان کي ٻه اڌ ڪيو پوءِ پاڪستان کي ٻه اڌ ڪري ٻيو ملڪ، بنگلاديش ٺهرايو ويو،
هاڻي باقي بچيل حصي تي پنجاب جي حُڪمراني قائم آهي، وفاقي ادارن سميت فورسز ۽ ٻين نوڪرين
۾ اسان کان وڌيڪ پنجاب خوشحال آهي. پاڪستان برابري جي بنياد تي ٺاهيو ويو هيو ۽ چئني
صوبن کي برابري جا حق لکيل آهن. هن ملڪ جي ٺاهڻ ۾ سائين جي ايم سيد جو اهم ڪردار هو
۽ نقصان به سنڌ کي ڏنو ويو، ستر سيڪڙو روينيو سنڌ کڻي ٿو واپسي ۾ ٽيهه سيڪڙو ڏئي احسان
ڪيو وڃي ٿو. سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آهي پر قبضو ڌارين جو آهي. اسان ٺلها نعرا
هڻي پنهنجي قوم جي ڪونڌرن کي ڪُهائي ڇڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب چيو ته اسان
جي يونيورسٽين ۾ تعليم بجاءِ سياست ڪاهي پئي آهي، اڪثر قوم پرست جماعتون تعليم عام
ڪرڻ واري جدوجهد بجاءِ ادارن کي سياست جي ور چاڙهي پنهنجي نسل کي تباهي طرف ڌڪي رهيا
آهيون. پنجاب جي تعليم سنڌ جي تعليم کان اڳڀري آهي، سياسي بنيادت ۽ استاد تنظيمن جي
مداخلت تي سفارشي استاد ڀرتي ڪيا پيا وڃن ۽ اهل ميرٽ تي پورو لهندڙ نوجوان سفارش نه
هئڻ سبب ريڙهي تي فروٽ وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهي ڪوالٽي کي
ترجيح ڏيڻي پوندي ۽ ميرٽ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پراڻن ماڳن مڪانن تي
تحقيق ڪري ڪتاب جلد مارڪيٽ ۾ آندا ويندا. اسان مليل تاريخ تحقيق جو مواد ڇاپي نوجوان
نسل تائين پهچايو آهي جيڪو سنڌي ادب ۾ منفرد اضافو آهي نوجوان وقت جو قدر ڪن سچ ڳالهائين
۽ تعليم ڏي ڌيان ڏين ته سندن مستقبل روشن هوندو.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
سنڌ جو نامور محقق ۽
تاريخدان پروفيسر
خالد ساحل ڪيريو
ڊاڪٽر محمد لائق
زرداري جي شخصيت هڪ ئي وقت ڪيترا ئي حوالا رکندڙ آهي. پاڻ هڪ شفيق استاد، محقق، تاريخ
نويس ۽ يگاني ليکڪ طور ڄاتو ويندو آهي. سندن علمي ۽ تحقيقي ڪم انتهائي نرالو ۽
صحتمند تحقيقي بحثن جا دروازا کوليندڙ آهي. سندن ڪم ڪرڻ جو اسٽائل عجيب، منفرد ۽
اوکو رهيو آهي. ماٺ ۾ رهڻ ۽ خاموش طبيعت سان گذارڻ سان گڏ پاڻ هميشه زبان بدران
قلم کي ڪم آندو آهي. تحقيق ۽ کوجنا جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ تي جيڪي ڪتاب
لکيا آهن انهن ۾ سندن محنت ۽ تحقيقي جدوجهد منفرد حيثيت جي حامل آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد
لائق زرداري ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر تعلي موري جي ڳوٺ موسيٰ زرداري، ديهه لُنڊڪيءَ
۾ احمد خان زنگاڻو زرداريءَ جي گهر ۲۳ آگسٽ سال ۱۹۴۳ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم مُڪراري اسڪول مان سال
۱۹۵۸ع ۾ حاصل ڪئي. سال ۱۹۶۶ع ۾ مهراڻ آرٽ ڪاليج مورو مان انٽر، سال ۱۹۶۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ، سال ۱۹۷۰ع ۾ ايم اي سياست، سال ۱۹۷۵ع ۾ ايل ايل بي قانون جي ڊگري جڏهن ته سال ۱۹۸۰ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تحريڪ پاڪستان
۾ سنڌ جو حصو پي ايڇ ڊي جي ڊگري (علم سياسيات) ۾ حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ
اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ سال ۱۹۷۱ع کان سجاول ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. پاڻ هالا، سعيد پور،
ڪوٽڙي، سجاول ۽ مورو ڪاليج ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون پڻ سر انجام ڏنيون. سال ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۶ع تائين ڊاڪٽر صاحب مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾
اسسٽنٽ پروفيسر ۽ پروفيسر رهيو. سال ۱۹۹۴ع ۾ وزارت تعليم حڪومت پاڪستان يونيسڪو ڪميشن اسلام آباد
۾ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل بعد ۾ بلاول انسٽيٽيوٽ فارهسٽري ۽ ريسرچ جي ڊائريڪٽر جنرل رهڻ
سان گڏ سال ۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۲ع تائين مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ پرنسپال مقرر ٿيو.
پرنسپال جي دور ۾
ڊاڪٽر صاحب ڪاليج مان مهراڻ مئگزين جا ٻه عدد مخزن پڻ شايع ڪرايا. سال ۲۰۰۳ع ۾ پاڻ گورنميٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن
شاهه مان پرنسپال جي حيثيت سان رٽائر ڪيائون. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب سال ۲۰۱۳ع تائين بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ
نوابشاهه ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور خدمتون سر انجام ڏئي رٽائر ٿيو.
سندن تحقيقي معيار
کي سنڌ جي عالمن ۾ اڄ به قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزي
زبان ۾ پڻ مضمون لکيا اٿن. نئين زندگي، ٽماهي مهراڻ، ڇهه ماهي بلاول تحقيقي جرنل ۽
ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ مخزنن ۾ سندن ڇپيل مقالن ۽ مضمونن جو تعداد به چڱو خاصو آهي،
جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻوليءَ جي نفاست، سلاست سان گڏ ڪيترن ئي پاسن کان نئين معلومات
۽ تاريخي حقيقتون سامهون آنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندن کوجنا مڪمل صورت ۾
سامهون ايندي رهي آهي. تاريخ سندن خاص موضوع رهيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي
تصنيف ٿيل ڪتابن ۾ سنڌ جي سياسي جدوجهد ۱۹۸۳ع، تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو ۱۹۸۴ع، واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو (مرتب) ۱۹۹۱ع، غدار سنڌ (اردو) ۱۹۹۳ع، هسٽري آف سنڌ واليم ۱ (انگلش) ۱۹۹۶ع، لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين (سفر نامو) ۱۹۹۶ع، مجذوب حافظ علي مراد (سوانح حيات ۽
تعليمات) ۱۹۹۶ع، تاريخ ضلعو نوابشاهه ۲۰۰۱ع، هسٽري آف سنڌ واليم ۲ (انگلش) ۲۰۰۴ع، ڪيم روح رهاڻ (آتم ڪٿا) ۲۰۰۷ع، وائس آف ساليٽيوڊ (انگريزي ترجمو)، محنتي
۽ مانائتو ماڻهو شخصيت ڊاڪٽر محمد لائق زرداري بابت سنڌي عالمن، اديبن ۽ محققن جا
مقالا ۽ مضمون (مرتب) حاڪم علي زرداري ۽ وزير فرهاد سولنگي ۲۰۱۳ع، مورو جا مڻيادار ماڻهو ۲۰۱۶ع، تاريخ جا ورق، ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ
جا لکيل مضمون ۽ مقالا (مرتب) نذير احمد زرداري ۲۰۱۶ع ۽ آپ بيتي (اردو ترجمو) دل ڪي باتين قابل
ذڪر آهن.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ
هڪ نامور تاريخدان طور تحقيقي ادب ۾ وڏو نانءُ ٺاهيو. پاڻ ڪيتري ئي عرصي تائين (تاريخ
ضلعو نوابشاهه) لکي ضلعي نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز سان گڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ اهم
اضافو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي لکيل سنڌي اردو ۽ انگريزي ڪتابن پاڪستان ليول تائين شهرت
ماڻي. (ڪيم روح رهاڻ) سندن جيون ڪٿا جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ۴۰۰ صفحن تي لکيل هڪ دور جي سماجي اقتصادي
تاريخ پڻ آهي. پاڻ هن آتم ڪٿا ۾ پنهنجي ڪٿا جي سچائين سان گڏ ادب ۽ سياست تي به
کُلي دل سان پنهنجي راين کي تحرير ڪيو آهي. ڪتاب جي مڃتا سبب ان جو ترجمو ”دل ڪي
باتين“ ۽ منظوم شاعريءَ ۾ سنڌ جي مشهور سگهڙ علي گُل ڀٽي ترجمو پڻ ڪيو آهي. لنڊڪيءَ
کان لنڊن تائين سندن لکيل سفر نامو حسين يادن، حقيقتن، دور جي حالتن، حلقن ۽
دلپذير حادثن جو سفر نامو آهي.
هي سفر نامو لنڊن
جي سير بابت آهي. (تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو) ۽ (غدار سنڌ) سندن اهڙا پر مغز مقالا
آهن جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪيترين ئي حقيقتن تان پردو کڻڻ سان گڏ نئين معلومات جي
فراهمي، مواد جي دل ڪش ترتيب سندن تخليقي سگهه جي عڪاس پڻ آهي. سندن ڪم تي عقيدت
جو ڪو به اثر نظر نٿو ڏسجي. پاڻ هڪ محقق طور نهايت ئي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽
پنهنجي صلاحيتن آهر تحقيق جو مڃيل طريقيڪار اختيار ڪري ڌيان ڇڪايو اٿن.
پاڻ پنهنجي همت،
جستجو سبب تحقيق ۾ منزل ماڻي انهن بلندين تي پهتو جنهن لاءِ هر انسان ڪوشان هوندو
آهي.
سال ۱۹۸۷ع ۾ ڊاڪٽر صاحب ذاتي ڪوششن سان ڪلهوڙا خاندان
جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي بابت هڪ ڏينهن وارو نيشنل سيمينار منعقد ڪرايو،
جنهن جي صدارت ان وقت جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ ڪئي.
جنهن ۾ ڪيترن ئي ناميارن محققن ۽ تاريخدانن سيمينار ۾ مقالا پيش ڪيا، جن کي بعد ۾
ڊاڪٽر صاحب مرتب طور ڪتاب (واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو) جي نالي سان ڇپرايو.
بعد ۾ سال ۱۹۹۴ع ڊاڪٽر صاحب انٽرنيشنل سيمينار (ڪلهوڙا دور حڪومت) ۾ پاڪستان، هندوستان،
ايران، آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن کان به تاريخدانن جي شرڪت ڪرائي مقالا پيش ڪرايا.
پاڻ پنهنجي ذاتي
زندگيءَ ۾ وڏي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي. وقت جي پابنديءَ کي سدائين اهميت ڏنائين ڊاڪٽر صاحب
ڪيترين ئي سماجي ثقافتي ۽ ادبي تنظيمن جي سرواڻ ۽ ميمبر طور ڪم ڪيو جن ۾ سنڌي ادبي
سنگت، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن مورو، ڳوٺ سڌار سنگت، ساڃاهه ڪلچرل ايسوسيئيشن
مورو، سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو، مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو، سرپرست
ـ چيف ايڊيٽر بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ريسرچ نوابشاهه شامل آهن. ڊاڪٽر
صاحب جي علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۽ ڀيٽا طور کين ڪيترا ئي اعزاز، ايوارڊ،
شيلڊون، سرٽيفڪيٽ ۽ انعام پڻ ڏنا ويا. سندن علمي حيثيت جي مڃتا طور موري شهر ۾
(ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ڊجيٽل لائبريري) جو قيام رکيو ويو آهي. موجوده وقت ۾
ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل علمي ادبي ۽ تحقيقي ڪم کي نئين انداز سان تحقيق ڪري سندن خدمتن
کي ڀيٽا ڏيڻ جي ضرورت آهي. ۲ جولاءِ ۲۰۲۰ع سندن ٽين ورسي آهي.
پاڻ ۲۰۱۷ع تي وفات ڪيائين سندن علمي ڪم اڄ به عالم
آشڪار آهي. اياز چواڻي؛
مان حياتي آهيان، آءٌ ڪيئن ٿيندس فوت،
متان مون کي موت، ڇهندي ئي ڇرڪي وڃي.
محمد لائق زرداري
هڪ دلبر شخص ۽ محقق
رکيل مورائي
اهو اوڻويهه سؤ
اسيءَ جو شروعاتي زمانو هئو، مون موري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو هئو ۽ پنهنجي ڳوٺ حاجي مالڪڏنو
سولنگيءَ کان خان محمد جماليءَ صاحب جون بسون هلنديون هيون جن ۾ چڙهي اسان موري
ايندا هئاسين ۽ جن جي هلائيندڙ لاءِ جمالي صاحب جو فرمان جاري ٿيل هئو ته ڪيتري به
رش جي باوجود ڊرائيور گاڏي روڪي اسڪول ويندڙ شاگردن کي نه صرف موري پهچائيندا پر
انهن کان ڀاڙو به نه وٺندا.
جمالي صاحب جي ان
عمل سبب ڪيترائي شاگرد هاءِ اسڪول موري پڙهندا هئا جنهن جو اجورو بحرحال جمالي
صاحب کي ڌڻي سڳوري ڏيندو ان ڳالهه تي منهنجو يقين آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ ٻانڌي روڊ
موري تي ڪي نوان دوڪان جڙيا هئا، جن جي فٽ پاٿ تي روايت موجب سَرِن ۽ ڪانن جي ڇپري
ٺهيل هوندي جنهن جي ڇانو هوندي هئي، هڪ دوڪان آڏو ڪڏهن ڪڏهن ڪرسيءَ يا بينچ تي هڪ
معصوم مرڪ ۽ اجري چهري وارو شخص ويٺل نظر ايندو هئو. جنهن کي اڪثر سفاري سوٽ پاتل
هوندو هئو ۽ پوءِ ٻيو شخص ادل سولنگي هئو جيڪو ان وقت موري موٽي آيو. جنهن کي
سفاري سوٽ پاتل هوندو هُئو.
ياد رهي ته اها خبر
مون کي گهڻو پوءِ ڪراچيءَ اچي پئي ته انهن ڪپڙن کي سفاري سوٽ چئبو آهي، تڏهن گوڏ
پهراڻ کان وڌي مورو سلوار قميس پائڻ جهڙو مس ٿيو هئو، ڪنهن به طرح اهو شخص سائين محمد لائق زرداري
هئو پڪ سان تڏهن هُو اڃان ڊاڪٽر نه بڻيو هئو.
سندس ڊاڪٽر بڻجڻ
واري ڪتاب ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ جي مهورت واري ڏينهن مون کي خبر پئي هئي
ته اهو شخص جيڪو ٻانڌي روڊ تي ايندي ويندي ڪڏهن ڪڏهن يا اڪثر سفاري سوٽ ۾ نظر
ايندو هئو اهو هڪ اديب به آهي ۽ هاڻ ڊاڪٽر بڻيو آهي. اهو ڏينهن ئي اهڙو هئو، جنهن ڏينهن
اسان هن ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه بڻجندڙ شخص آصف علي زرداري صاحب کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽
وڏو سچ اهو آهي ته هن قبيلي لاءِ مون وٽ پهرئين ۽ شايد آخري به علمي، ادبي ۽
آبرودار سڃاڻپ اڄ به سائين ڊاڪٽر محمد لائق زرداري آهي.
هونئن هڪ شهر ۽
ويجهن ڳوٺن ۾ رهندي سائين ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي وڏن ۽ منهنجي وڏن جا پاڻ ۾
نهايت ويجها ڳوٺاڻا لاڳاپا رهيا آهن. جن جو ئي شايد اهو سبب هئو جو ڪڏهن پري ٿيڻ
يا چاهڻ جي باوجود اسان ڊاڪٽر صاحب کان پري ٿي ڪو نه سگهياسين، فقط ازل جي سڏ ئي
کيس اسان کي هڪٻئي پري ڪيو. هي اهڙو سڏ هئو جنهن کان ڪو به ڪن لاٽار ڪري نه سگهيو
آهي. پنهنجي قبيلي لاءِ هن جيڪو پنهنجي
آتم ڪٿا ۾ تفصيل ڏنو آهي، ان کان وڌيڪ لکڻ جي ڪا خاص ضرورت نه آهي.
مورو ننڍڙو شهر ۽ وڏيون
ٻهراڙيون رکندڙ شهر آهي جڏهن آس پاس جون سڀ ٻهراڙيون موري ۾ اينديون هيون ته موري
جي رونق وڌي ويندي هئي، اها تهذيبي رونق هوندي هئي جيڪا هيءُ شهر جي سنڌ جي سمورن شهرن
جيان وڃائي ويٺو آهي، يا وڃائي وئي آهي.
هڪ وقت اهڙو به
اسان ڏٺو، جنهن ۾موري جون رونقون برباد ٿيڻ لڳيون هيون، جن جو سبب قبيلائي جهيڙا
هئا، اهڙن اليمن جن اسان جي دلين ۽ دماغن تي گهڻا گهڻا ناڪاري اثر ڇڏيا، انهيءَ
ماحول ۾ شروع کان اڄ تائين جيئن عالمي امن جي علامت ڪبوتر آهي. عالمي امن لاءِ
جاکوڙيندڙ شخص آهن، ائين منهنجي ڄمار جي ننڍڙي دائري ۾ موري جا ٽي شخص مون کي امن
جي علامت لڳا هئا يا آهن، جن ڏکين حالتن ۾ به پنهنجي بردباري نه ڇڏي. انهن شخصن ۾
پهريون شخص سائين محمد لائق محمد زرداري آهي، ٻيو شخص محترم عظيم سنڌي آهي ۽ ٽيون
شخص سڪندر علي ڪورائي آهي، جيڪي منهنجي لاءِ امن، سهپ ۽ رواداريءَ جي علامت رهيا
آهن ۽ اڄ جيئن ته سائين ڊاڪٽر محمد لائق زرداري کي ياد ڪرڻو آهي، ان ڪري ساڻس
گهاريل گهڙين جو ذڪر ئي اهم آهي. جيڪي دل جي ڦرهيءَ تان ميسارجڻ جون نه آهن. جيتوڻيڪ
سائين محمد لائق زرداريءَ سان پهرين ملاقات کان آخري ملاقات تائين جيڪا سندس وفات
کان هڪ هفتو اڳ ڪراچيءَ ۾ سندس وڏي فرزند
۽ اسان جي دوست لياقت علي زرداريءَ جي گهر ۾ ٿي هئي، بظاهر ته سندس ڪو اديبن جي
حوالي ۾ شخصي مسئلو هئو جنهن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته ڄڻ هن
ڪنهن به صورت ۾ ۽ تڪڙ ۾ اهو حال احوال مون سان ڪرڻ ٿي چاهيو. سندس هڪ کان وڌيڪ ڀيرا
فون ڪرڻ پويان ڄڻ اهو ازلي سڏ هئو جيڪو کيس سڏي رهيو هئو. يا سندس ڪنن ۾ ٻُري رهي
هئو.
جن ماڻهن مون سميت
سائين کي سدائين منهن تي مرڪ ڏٺي انهن ماڻهن شايد سندس اکين ۾ ڳوڙها نه ڏٺا هوندا،
جڏهن هو پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهيو هئو ۽ اسان جون ڪراچيءَ ۾ ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون
هيون ته ڪيترن ئي موقعن تي سندس اکيون آليون ٿي وينديون ۽ هو بيحد اداس ٿي ويندو هئو،
ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندي به ڳالهائي نه سگهندو هئو.
سائين ڊاڪٽر محمد
لائق زرداري صاحب جو ۽ منهنجو جيتوڻيڪ اسڪول آف ٿاٽ/ فڪري اسڪول آخر تائين الڳ
رهيو. پر شخصي لڳاءُ اسان جو موري کان وڌيڪ ڪراچيءَ ۾ ٿيو. شايد اسين ڪراچيءَ کي
پرديس سمجهندا هئاسين ۽ پرديس ۾ جڏهن به ٻه ڳوٺائي هڪ ٻئي سان ملندا آهن ته اهي
دلي طور سڪون محسوس ڪندا آهن، جيڪو سڪون ڊاڪٽر صاحب ۽ مان ٻئي هڪ ئي وقت پاڻ ۾ ملي
محسوس ڪندا هئاسين.
ان کان وڌ هُن جو
مون بابت اهو اعتماد هئو، جيڪو شايد ڪڏهن به نه ٽٽو، ڇاڪاڻ ته هُن پنهنجي آتم ڪٿا،
سڀ کان پهرين مون کي پڙهائي هئي. ائين اسين ادبي طور به ويجها رهياسين.
شخصي طور ڊاڪٽر
صاحب هڪ ڳڻائتو ڳوٺاڻو شخص هئو، جنهن کي پنهنجا ناتا رشتا نڀائڻ ايندا هئا، سنڌي ۾
چوڻ گهرجي ته هوُ هر طرح هڪ دلبر شخص هُئو.
هاڻ اسان سڀني
دوستن جو لکڻ سندس بابت آهي جيڪو اڌ سچ آهي ۽ اڌ ڪوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اسين اڌ سچ اهو
لکون ٿا جيڪو ڪنهن به شخص ۾ موجود هوندو آهي ۽ اهو اڌ ڪوڙ آهي، جيڪو اسان تصور ۾ ڪنهن شخص بابت جوڙيندا آهيون،
پنهنجي ذات ۾ هو شخص ڇا آهي. اهو هُو پاڻ ئي پاڻ بابت اظهاريندو آهي، جيڪو ئي
سمورو سچ آهي. ان لاءِ اڻ ڳڻيون آتم ڪٿائون عالمي ادب توڻي سياست ۽ ٻين شعبن سان
واڳيل ماڻهن جون موجود آهن، جن ۾ هڪ آتم ڪٿا اها به آهي جنهن جو عنوان آهي ”ڪيم
روح رهاڻ“ ۽ ان جي هيٺان لکيل آهي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري.
ڊاڪٽر صاحب جي آتم ڪٿا
پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته هو جنهن ماحول مان ٻاهر نڪري آيو، پڙهيو ۽ ڊاڪٽر ٿيو
اهو هڪ معجزو هُئو، ٻيءَ طرح سندس ڪتاب ۾ هن هڪ واقعو لکيو آهي، جيڪو راڌڻن واري
پاسي ڏانهن وڃڻ جو آهي، جيڪو ملڪ جي نامياري سياستدان حاڪم علي زرداريءَ سان گڏ
سندس سفر بابت آهي.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي
آتم ڪٿا ۾ جيڪو ڪجهه نه لکيو آهي، ان بابت ڪو به تبصرو نه آهي، پر جيڪو ڪجهه لکيو
آهي ان ۾ هن ممڪن حد تائين سچائي کان ڪم ورتو آهي ۽ جنهن لکڻ جي دائري ۾ ئي کيس ڏسڻ
گهرجي.
اڄ جڏهن هو اسان وٽ
نه رهيو آهي، تڏهن کيس بابت ڪجهه به ڄاڻڻ لاءِ اسان سڀني دوستن، عالمن، اديبن ۽
شاعرن جا ليک سمورو سچ نه سمجهڻ گهرجن. سچ اهو سمجهڻ گهرجي جيڪو ڊاڪٽر صاحب پاڻ
پنهنجي لاءِ لکيو آهي.
هتي مان سندس زندگيءَ
جي لکڻ واري حصي کان زندگيءَ جي آخر تائين انهن ٻن شخصن کي وساري نه سگهندس، جيڪي
سدائين ساڻس گڏ رهيا ۽ سندس لکڻ ۾ الڳ الڳ حوالن ۾ مددگار رهيا انهن مان پهريون
شخص عظيم سنڌي صاحب آهي، جنهن ساڻس شروعات کان وٺي گڏ سفر ڪيا، ادبي محفلون ڏٺيون،
ڏک سک اوريا ۽ ٻيو شخص آهي اسان جو دوست اسلم عباسي جنهن سندس هر لکڻي سهيڙي/ترتيب
ڏني يا بروقت ڏسڻ تائين ساٿ نڀايو. زرداري قبلو ڪلهوڙن فقيرن جو مريد رهيو آهي.
عجب جي ڳالهه آهي ته اسلم پهريون ڪلهوڙو آهي جيڪو زرداري صاحب جو مريد ٿي رهيو.
شال سدائين خوش هجي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا