; سنڌي شخصيتون: هدايت منگي

23 July, 2017

هدايت منگي

هدايت منگي
صحافتي دنيا جو روشن ستارو
عزيز منگي
ويھين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ جيڪا موت مار لوڙهه پئي، ان ۾ مُهين جي دڙي ڀرسان ڪچي جي هڪ ڳوٺ درگاهه سخي شاهه جمال ۾ رهندڙ منگي برادري جا سڀ ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا. انھن مان فقط هڪ نوجوان نينگري، جنھن جو نالو سماهبي هو، سا بچي وئي. کيس حاجي لعل بخش پيرزادي پناهه ڏني. ڪجھه وقت کان پوءِ لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه ڀرسان هڪ ڳوٺ سواهي اگھمکان هڪ ڄڃ سکا کڻي درگاهه سخي شاهه جمال پھتي. ان ڄڃ سان گڏ هڪڙو ڳڀرو نوجوان محمد سومر منگي پڻ هو. ان جي چال چلت، اٿڻي ويھڻي توڙي سريلي سڀاءَ کي ڏسي حاجي لعل بخش (جيڪو نامياري صحافي، شاعر ۽ دانشور انور پيرزادي جو نانو هو) آڇ ڪيس ته، جيڪڏهن هو هميشه لاءِ هتي رهڻ چاهي ته کيس گھر ڏيڻ سان گڏ شادي پڻ ڪرائيندو. محمد سومر اهڙي آڇ قبولي ورتي ۽ کيس سماهبيءَ سان پرڻايو ويو. کين چار نياڻيون، حاجياڻي خاتون، حوُر خاتون، خير النساء ۽ خانزادي (عزيز جي ناني) ۽ ٻه پٽ ڄاوا.


هڪڙي پٽ جو نالو غلام رسول ۽ ٻئي جو نالو غلام قادر رکيائون. غلام قادر کي قدرت اهڙي ته پُرسوز نڙي ڏني هئي جو، جڏهن ڳائڻ ويھندو هو ته آس پاس جي ماحول تي ماٺار ڇانئجي ويندي هئي. عمر جي پچاڙڪن سالن ۾ هو حمد، نعت ۽ مولود چوندو هو. سندس فن جي هاڪ پري پري تائين هوندي هئي.
غلام رسول منگي پرائمري استاد هيو. نه رڳو هڪ اعليٰ ۽ عظيم پائي جو استاد هيو، پر ان سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، ڊراما هدايتڪار، اداڪار ۽ آدرشي انسان پڻ هيو. سندس تخلص عزيز هيو. هن جا شاگرد سندس ادب ۽ احترام ان حد تائين ڪندا آهن جو، اڄ به سندس اولاد جي اچڻ وقت اٿي بيھندا آهن. پاڻ ڳوٺ حاجي لعل بخش (ٻلھڙيجي) ۾ پنهنجي شاگردن توڙي نوجوانن کي ٻيا علم سيکارڻ سان گڏ شيڪسپيئر جا ڊراما سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري اسٽيج تي پرفارم (Perform) ڪرائيندو هو. کيس تاريخ، جاگرافي، سماجيات، عربي، فارسي، گرامر، ثقافت ۽ ٻين علمن تي مڪمل عبور حاصل هو. هن سيپٽمبر ۱۹۶۸ع ۾ وفات ڪئي.
هدايت منگي، ان غلام رسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هو. پاڻ مھين جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع تي ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف، عربي، فارسي، سنڌي، جاگرافي توڙي تاريخ وغيره جي علمن تي ٻالڪپڻ ۾ ئي ڪافي دسترس حاصل ڪئي. هن سنڌي ورنيڪيولر فائنل ۱۹۶۳ع ۾ سيڪنڊ ڊويزن سان پنهنجي والد جي نگرانيءَ هيٺ خانگي طور پاس ڪئي. پوءِ فرسٽ اسٽئنڊرڊ ۾ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ داخلا ورتائين. تنھن وقت روڊ رستا پڪا ٺھيل نه هئا ۽ اڪثر شاگرد ڪنھن خاص سواريءَ جي اڻھوند ڪري اسڪول پنڌ ويندا هئا. هدايت کي پنهنجي والد سائيڪل وٺي ڏني. جنھن تي هو اسڪول وڃڻ لڳو. اها ڳالهه ڳوٺ جي ٻين پنڌ ويندڙ شاگردن کي نه آئڙي، سو شروع ۾ کيس دڙڪا داٻ ڏئي سائيڪل نه ڪاهي اچڻ لاءِ چيائون. جڏهن هي نه مُڙيو ته سڀني ٻَڌي ڪري هن کي هڪ ڏينهن سائيڪل تان لاهي ڦيھ به ڪڍي ۽ سائيڪل به ڀڃي ڏني. هوگھر واپس اچي ٻيھر ڏوڪري اسڪول وڃڻ کان نابري واري بيٺو. والد کيس ٿرڙي محبت مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جيڪو راڌڻ اسٽيشن کان ٻه ميل پرتي هو. هن اتي پنھنجي چاچي غلام قادر جي وڏي پٽ ۽ سوٽ محمد رمضان منگيءَ سان گڏ پڙهڻ شروع ڪيو. پوءِ مڊل اسڪول ٿرڙي محبت ۽ راڌڻ مان فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ اسٽئنڊرڊ جا امتحان پاس ڪيائين ۽ اتان ئي ۱۹۶۳ع ۾ انٽر ڊرائنگ جو امتحان پڻ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين.
هدايت منگي ۽ سندس وڏي ڀاءُ غلام اڪبر منگيءَ کي ۲۳هين نومبر ۱۹۶۴ع تي پرائمري استاد طور آرڊر مليو. هدايت ساڳئي ڏينهن ئي وارهه تعلقي جي هڪڙي اسڪول ۾ جوائننگ ڪئي ۽ غلام اڪبر ٻئي ڏينهن ۲۴ نومبر تي شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ بيزاري ۾ جوائن ڪيو.
هدايت نوڪريءَ دوران ۶۷-۱۹۶۶ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) لاڙڪاڻي مان  P.T.C جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت سنڌ جي نامياري ٻولي ڄاڻڪ ۽ ماهر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي صحبت ۽ سکيا پڻ هدايت جي پلئه پئي. ان کان پوءِ ۱۹۶۸ع ۾ شاهه لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان ۱۹۷۰ع ۾ ”اديب عالم سنڌي“ جا امتحان سيڪنڊ ڊويزن سان پاس ڪيا. مئٽرڪ ۱۹۷۰ع ۾ خانگي طور حيدر آباد بورڊ مان ۽ B.A سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سيڪنڊ ڊويزن ۾ ۱۹۷۳ع ۾ پاس ڪيائين. M.A انگريزي ادب ۾ ڪرڻ لاءِ تياري ڪندي Syllabus تي رکيل ۵۷ ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. پر، جڏهن امتحان ڏيڻ لاءِ وڃڻ وارو هيو ته کيس مدي جو سخت بخار ٿيو ۽ سفر لائق نه هو، تنهن ڪري والد صاحب امتحان جي لاءِ ڄامشوري وڃڻ جي اجازت نه ڏنس. هدايت منگي ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. هو پاڻ کان وڏن ۽ سينئر شاگردن کي ڪورسز پڙهڻ ۽ امتحانن جي تياري ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو.
هن ۱۹۶۷ع واري اونھاري جي مند ۾ پنھنجي پڦاٽِ زهره بيگم سان شادي ڪئي، جيڪا بھارالدين منگيءَ جي ڌيءَ آهي. کيس چئن پٽن عبدالعزيز (ليکڪ)، عبدالحفيظ (صحافي)، عبدالسعيد، ۽ اسد علي (مرحوم) ۽ ٽن ڌيئرن شاهده، قرت العين ۽ عزيزه جي اولاد ٿي.
هدايت جا وڏا پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ٻلھڙيجيءَ مان لڏي مُهين جي دڙي جي اولھه ۾ وَهندڙ دادو ڪئنال جي ساڄي ڪَڙ تي قائم ڳوٺ بگيءَ ۾ آباد ٿيا.
هدايت، پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ٿرڙي هاشم، محرابپور (ڏوڪري) برادي ساريا ۽ بگي ڳوٺ وغيره ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. ماڻهو ۽ سندس شاگرد اڄ به کيس بھترين استاد  سڏيندا آهن.
سال ۱۹۷۰ع ۾ هڪ بيٽ آفيسر سندس اسڪول جو تعليمي دورو ڪيو. اهو سندس علمي ۽ ادبي وَلوَلو ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کانئس ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب پڙهڻ واسطي گھريائين. مھيني ڏيڍ کانپوءِ اهو هن جي ڪتابن سان گڏ سندس بدليءَ جو آرڊر کڻي آيو ۽ چيائينس ته، وڃي لوور سيڪنڊري اسڪول موهن جو دڙو ۾ Deputation  تي ڪم ڪر. هدايت منگي ۲۳ نومبر ۱۹۶۴ع کان جون ۱۹۷۴ع تائين پرائمري استاد طور درس ۽ تدريس جي عمل سان سلھاڙيل رهيو.
سال ۱۹۷۴ع ۾ روزاني هلال پاڪستان اخبار حيدرآباد کان ڪراچيءَ منتقل ٿي چڪي هئي. ان ۾ هڪڙو اشتھار آيو، جنھن ۾ سب ايڊيٽر جي جاين لاءِ درخواستون موڪلڻ جي آڇ ڏنل هئي. هدايت منگيءَ ڪامريڊ سوڀي ۽ انور پيزادي جي اسرار تي اوڏانھن درخواست موڪلي ۽ کيس انٽرويوءَ لاءِ گھرايو ويو. تنھن وقت هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سنڌ جو مشھور ڏاهو ۽ ناول نگار سراج الحق ميمڻ هو. هدايت منگيءَ سان گڏ نامياري صحافي ۽ مترجم سومار علي سومار پڻ انٽرويو ڏنو ۽ ٻئي ڄڻا پاس ڪري هلال پاڪستان اخبار ڪراچي جي عملي جو حصو بڻجي ويا. هدايت کان اول اقبال دل ۽ حسام سومرو سينيئر طور اتي موجود هئا. انھن کان پوءِ هي سينئر بڻيو. اتي کيس سب ايڊيٽر ڪم ٽرانسليٽر ۽ آرٽيڪل رائيٽر جو اضافي عھدو ڏئي مقرر ڪيو ويو. اها ۱۶ جون ۱۹۷۴ع جي تاريخ هئي.
هدايت منگي هلال پاڪستان ۾ ڪل ۱۸ سال نوڪري ڪئي. ڪراچي هيڊ آفيس ۾ ۰۸ سال سينئر سب ايڊيٽر، ۰۴ سال نيوز ايڊيٽر ۽ ۰۶ سال بيورو چيف طور حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. بيورو چيف طور ۱۹۸۴ع ۾ حيدر آباد ۾ رهيو ۽ ۱۹۸۷ع ۾ وري سکر بدلي ٿي آيو. جتان ان وقت جي مئنيجنگ ايڊيٽر عبدالحليم شيخ ۲۵ جون ۱۹۸۸ع تي هڪ آرڊر جاري ڪري، کيس ڪراچي هيڊ آفيس ۾ سينئر سب ايڊيٽر طور مقرر ڪيو. جتي بدليءَ کان بعد ۰۱ جولاءِ ۱۹۸۸ع کان رات واري شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ۾ ۱۹۸۹ع ۾ اپر سنڌ بيورو جي حيثيت ۾ کيس لاڙڪاڻي هيڊڪوارٽر شهر ۾ رکيو ويو. ۰۹ اپريل ۱۹۹۰ع تي کيس ٽئين گريڊ مان ترقي ڏئي ٻئي گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو. جيڪو آڪٽوبر ۱۹۸۹ع کان عمل جوڳو هيو. ان وقت ناميارو صحافي ۽ شاعر شمشير الحيدري هلال پاڪستان جو  مئنيجنگ ايڊيٽر هو.
هدايت منگي اخبار لاءِ معمول جون خبرون موڪلڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچر پڻ لکندو رهيو. صحافتي ٻوليءَ ۾ نون لفظن جو واڌارو ڪرڻ سان گڏ و گڏ نيوز ليٽر ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ سنڌي صحافت ۾ هدايت منگيءَ آندو. سندس ڊائريون ايتريون ته مشھور ٿيون جو اخبار جي سرڪيوليشن ۾ ته اضافو ٿيو پر هلال پاڪستان اخبار پڻ هدايت منگيءَ جي نالي ڪري سڃاپجڻ لڳي. سندس تخليق ”چڱو موڪلاڻي ڪانهي“ ۽ ساٿ سلامت وارا لفظ اخبارن، رسالن، توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اڄ تائين به اهم ضرورت بڻيل آهن. هلال ۾ ايڊيٽوريل، فيچر ۽ اهم آرٽيڪل پڻ لکندو هو. هن زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ موضوعن تي هزارن جي تعداد ۾ آرٽيڪل لکيا. هلال پاڪستان ۾ اقبال دل، حسام سومرو، عبدالڪريم سعدي، محمد هاشم ميمڻ، ممتاز مھر، نصير اعجاز، فقير محمد لاشاري، بدر ابڙو، شڪور نظاماڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين سان گڏجي خدمت ڪيائين. هُو هلال پاڪستان ورڪرس يونين جو عھديدار پڻ رهيو. جڏهن شيخ سلطان ٽرسٽ وارن اخبار وڪرو ڪري ان جي ورڪرس حوالي ڪئي، تڏهن کيس ۳۰هين جون ۱۹۹۲ع تي رٽائر ڪيو ويو.
سال ۱۹۹۱ع ۾ APNS پاران سنڌي زبان ۾ هلال پاڪستان اخبار ۾ بھترين فيچر رائيٽنگ تي کيس پنجويھه هزار رپيا ۽ ايوارڊ ڏنو ويو. اهو ايوارڊ اسلام آباد ۾ نواز شريف هٿان ملڻو هو، سو اوڏانھن نه ويو، تنھن ڪري کيس اهو ايوارڊ ۽ رقم لاڙڪاڻي ۾ پھچايا ويا.
تاريخ ۲۸ ڊسمبر ۱۹۸۹ع تي ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن سکر ڊويزن پاران هن کي ڊويزنل ايڪريڊيشن ڪميٽي لاڙڪاڻو جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۲ع جي پڇاڙيءَ کان ۱۹۹۳ع جي آخر تائين روزاني عوامي آوازڪراچيءَ جو لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف رهيو. ان ۾ ثقافتي ۽ تاريخي سلسلي جي ڪڙيءَ طور سنڌ جي مختلف قديمي ماڳن مڪانن تي مضمون ۽ آرٽيڪل لکيائين، جيڪي تمام گھڻا مشھور ٿيا. ۱۹۹۴ع ۾ اخبار جھان (هفتيوار اردو رسالي) جو لاڙڪاڻي ۾ نمائندو ٿيو ۽ اردوءَ ۾ پڻ بھترين ليکڪ ۽ صحافيءَ طور مشھور ٿيو ۽ ڪيترائي يادگار مراسلا لکيائين. ۱۴ آگسٽ ۱۹۹۵ع کان جاري ٿيندڙ انگريزي اخبار Daily Sindh Tribune Karachi لاءِ لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ اهو سلسلو ان جي مالڪ يوسف شاهين (ناميارو شاعر ۽ صحافي) جي گرفتاري ۽ اخبار بند ٿيڻ تائين جاري رهيو. هدايت منگي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ سنڌي زبان ۾ پاڻ مڃايو، اخبار جھان ۾ اردوءَ ۾ لکي اتي پاڻ ملھايو ۽ انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪري چيده چيده آرٽيڪل ۽ خبرون لکي انگريزي صحافت ۾ پڻ ڌاڪو ڄمايو.
ستر، اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ ڪراچي ريڊيو تي مختلف پروگرامن ۾ سماجي، ادبي، ثقافتي توڙي معلوماتي فيچر، تبصرا ۽ مباحثا وغيره ڪندو رهيو. جڏهن اتي نثار ميمڻ ادبي پروگرام رسالو شروع ڪيو ته اهو پروگرام سندن سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ ريڊيو ٻڌندڙن تي ڇائنجي ويو. ان پروگرام جو ايڊيٽر عبدالرحمان نقاش هو ۽ هدايت منگي، فقير محمد لاشاري، انور پيرزادو، بدر ابڙو ۽ ٻيا سنگتي ان پروگرام جي سونھن بڻيا رهيا. بعد ۾ نثار ميمڻ جڏهن لاڙڪاڻي ريڊيو تي بدلي ٿي آيو ته هتي پڻ رسالو پروگرام شروع ڪيائين. جنھن جو وفات تائين هدايت پاڻ ڪمپيئر / ايڊيٽر رهيو. هن حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ پروگرامن ۾ ڪم ڪيو.
سال ۱۹۹۵ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ FM ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، تڏهن اتي انائونسر، ڪمپيئر، ماڊريٽر ۽ انٽرويوئر توڙي اسڪرپٽ رائيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ وفات کان هڪ ڏينھن اول يعني ۲۱هين ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي پڻ پروگرام ڪري آيو ۽ ڀٽائيءَ جي ”سر سھڻي“ تي مضمون پيش ڪيائين، جيڪو سندس زندگيءَ جو آخري پروگرام ۽ مضمون ثابت ٿيو. لاڙڪاڻي ريڊيو تي سندس پروگرام رسالو، روبرو، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، اديبن، شاعرن، دانشورن، فنڪارن، اداڪارن، ڊاڪٽرن ۽ سماجي ڪارڪنن کان ورتل انٽرويو ۽ ٻيا کوڙ پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا. هدايت کي ۱۹۹۶ع ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي طرفان بھترين انٽرويوئر جو ايوارڊ به مليو.
پنھنجي ڳوٺ بگيءَ ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ۽ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرڻ ۾ سندس تمام وڏو حصو هو. هن لائبريريءَ لاءِ ڳوٺ واري گھر ۾رکيل سوين ڪتاب ارپڻ ڪري ڇڏيا.
سندس جوانيءَ ۾ بگي ڳوٺ ۾ هڪ ڊراميٽڪ سوسائٽي قائم ٿي، جنھن جي قيام ۾ سندس والد صاحب جو وڏو هٿ هو. اها سوسائٽي اسٽريٽ ٿيئٽر جي طرز تي ڳوٺ ۾ ڊراما پيش ڪندي هئي. يعقوب دايو گھڻي قدر هدايتڪار، ليکڪ ۽ پروڊيوسر جون ذميواريون ادا ڪندو هو. ٻئي نمبر تي هدايت منگي خاڪا لکڻ، هدايتون ڏيڻ ۽ خاڪن ۾ اداڪاري ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳتي هوندو هو. ان سوسائٽي ۾ هن سان گڏ پروفيسر عبدالقادر قريشي، غلام رسول قريشي، ممتاز قاضي، علي نواز منگي، علي شير ٿھيم، خان محمد منگي، الھورايو چنو، رمضان گوپانگ، بدر قاضي، سڪندر قاضي ۽ ٻيا شامل هئا.
ڪراچيءَ مان ڳوٺ گھمڻ ايندو هو ته گھر وارن سان ملي پوءِ ڳوٺاڻن سنگتين سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويندو هو، جيڪي کيس ڪنھن ٻنيءَ يا واڙيءَ تي يا وري سرون ڪاهيندي ۽ ڍوئيندي ملندا هئا. هدايت منگي انھن جي وچ ۾ ويھي دنيا جھان جون ڳالھيون آکاڻيءَ واري انداز ۾ ٻڌائيندو ويندو هو ۽ کين ڀٽائيءَ جو ڪلام پڙهي ٻڌائيندو هو. کين  ڀٽائي پڙهڻ جو انداز ۽ لفظن جون معنائون ڏسيندو هو. سندس سنگتين مان انور ڏنگڙائي، مامو علي شير ٿھيم ۽ مامو ميھر ايترا ته ڪڙهي نڪتا آهن، جو ڀٽائيءَ تي انھن سان ڪو  پي ايڇ ڊي ئي منھن ڏئي سگھي ٿو. ان سان گڏ هدايت سڀني کي انسان دوستي ۽ سچائيءَ جو درس ڏيندو هو. هڪ ڀيري پھرين مئي تي ڳوٺ موٽيو، اتي گھر جي جاءِ تي اڏاوتي ڪم هلي رهيو هو. هدايت پنھنجي ڀائرن سان ڀاڪر پائي ملڻ بجاءِ الٽو ساڻن ڪاوڙجي پيو ته، اهي پھرين مئي تي مزدورن کان ڪم ڇو وٺي رهيا آهن. ڀائرن ڪم بند ڪرائي مزدورن کي پورِي ڏهاڙي ادا ڪري فارغ ڪيو ۽ هدايت کي راضِي ڪيو.
هدايت کي گھڻو ڪري سڀئي شاگرد ۽ ڳوٺاڻا استاد هدايت الله ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ آهن. هدايت منگي وهيءَ ۾ والي بال راند ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي. والي بال ۾ تمام وڏي مھارت رکندو هو.
هدايت منگي ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. ۱۹۸۳ع ۾ جڏهن مرڪزي سطح تي سنگت جمود جو شڪار هئي، تڏهن بقول انور پيرزادو؛ اهو هدايت هو، جنھن ڪوششون وٺي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇليو ۽ سنگت اندر سرگرمي پيدا ڪئي. ان جي نتيجي ۾ نيون چونڊون ٿيون ۽ سنگت جمود ٽوڙي تحرڪ ۾ آئي.
ڊسمبر ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۰ع جي آخر تائين هدايت منگي نئين قائم ٿيل سنڌي ادبي سنگت شاخ مھين جو دڙو جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هدايت منگي ۱۹۷۵ع دوران عوامي ادبي انجمن ڪراچيءَ جو پڻ ميمبر رهيو. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ۱۹۹۰ع ڌاري ميمبر ٿيو ۽ وفات تائين ان جو حصو رهيو.
تاريخ ۲۴ نومبر ۱۹۹۳ع تي، مُھين جي دڙي جي پھرين کوٽائي ڪرائيندڙ انگريز آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل جي گاڏيءَ جي مرمت بابت اڳڀرائي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ سب ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي. جنھن جو پڻ هو ميمبر بڻيو. موهن جو دڙو آرڪيالاجيڪل، ڪلچرل ائنڊ سوشل ويلفيئر سوسائٽي لاڙڪاڻو قائم ٿي، جنھن جو هن کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ان جو سرپرست اعليٰ اياز حسين گاد هو ۽ سرپرست منظور حسين بلوچ (منظور ڪوهيار) هو.
هدايت منگي هلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، سنڌ حيدرآباد، عبرت حيدرآباد، نئون نياپو حيدرآباد، ڪچھري حيدرآباد، هفتيوار هدايت حيدرآباد، ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکيو. ماهوار برسات ڪراچيءَ جو هڪ سال تائين اعزازي ايڊيٽر پڻ رهيو.
هدايت منگي، سٺ واري ڏهاڪي کان ئي پڙهڻ سان گڏ ادب سرجڻ پڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون ستر جي شروعات ۾ ماهوار سوجھرو ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيون. پنجاهه کان وڌيڪ ڪھاڻيون ۽ شاعريءَ جون مختلف صنفون شايع ٿيل اٿس. جيڪي هلال پاڪستان اخبار توڙي ٻين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون. ان کان علاوه، اٽڪل ۲۰۰ کن مختصر (ننڍڙيون) ڪھاڻيون اصل توڙي ترجمو ٿيل ۽ ٻارڙن لاءِ شايع ٿيل اٿس. نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران مشھور شاعر اڪبر الھه آباديءَ جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جو منظوم ترجمو پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل اٿس. ادبي تنقيد ۽ اصلاح سندس پسنديده موضوع رهيا. هن شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، غلام علي الانا، حميد سنڌي، ظفر حسن، طارق اشرف، تنوير عباسي، قمر شھباز، عنايت بلوچ، تاجل بيوس، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، امداد حسيني ۽ ٻين کوڙ  نالي وارن شاعرن ۽ اديبن جي لکڻين ۽ ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرا توڙي مضمون وغيره لکيا. پاڻ ڪيترو ئي عرصو هلال پاڪستان جي ادبي صفحي جو انچارج رهيو. سندس نگرانيءَ ۾ انتھائي اهم ۽ ڪارائتو مواد ان صفحي ۾ شايع ٿيو ۽ ڪيترائي اهم بحث مختلف اديبن جي قلمي تحريرن جي زينت بڻيا.
هو راڳ ۽ موسيقيءَ بابت پڻ تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. ڀٽائيءَ جو تمام وڏو پارکو ۽ ڄاڻو هو. هن استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ خيال ڳائرايو ۽ سندس پسنديده راڳي پڻ استاد منظور علي خان هو.
هدايت منگيءَ جي واندڪائيءَ واري وندر ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان خبرن واريون مختلف سروِسز ٻڌڻ ۽ ڏسڻ هئي. ان کان علاوه مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيل خاص خبرون، مضمون ۽ مقالا وغيره، جن جا موضوع سائنس، ڪائنات، سنڌي ادب، ٻولي، آثارِ قديمه وغيره هوندا هئا، سي فائيل ڪندو ويندو هو.
هن جي انگريزي سکڻ توڙي علم، ادب، آرٽ ۽ فنونِ لطيفه ۾ دلچسپي ۽ مھارت جي پٺيان ننڍي کنڊ جي ڏاهي ۽ سندس ڳوٺاڻي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي تربيت شامل آهي. سوڀي جي ڳوٺ ٻنڊيءَ واري لائبريري مطالعي لاءِ هن جي حوالي هوندي هئي. ان کان سواءِ شروع ۾ انور پيرزادي ۽ قربان پيرزادي جي رهنمائي ۽ همت افزائي به هن لاءِ مددگار ثابت ٿي جيڪي کيس ڪتاب ڏيڻ سان گڏ اخلاقي مدد به ڪندا هئا. صحافتي ميدان ۾ وري سراج الحق ميمڻ ۽ علي احمد بروهي سندس رهنما بڻيا ۽ ترجمي جي حوالي سان محمد ابراهيم جويو سندس سھڪاري رهنما ٿيو.
هدايت منگيءَ جون هونءَ ته سنڌ دوستيءَ جون ڪيتريون ئي ثابتيون موجود آهن پر جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ سيد مظفر شاهه هيو ته ان جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ ڪيس فائيل تيار ڪري، ان وقت جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر نثار احمد کھڙي حوالي ڪيائين. ان ڪيس فائيل جي بنياد تي پھريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود هر سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي ميمبر گڏيل مذمتي ٺھراءُ بحال ڪيو ۽ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
سال ۱۹۹۱ع ۾ هدايت کي منظم منصوبي تحت بگي ڳوٺ مان لڏرايو ويو. ان منصوبي موجب اول سندس وڏو ڀاءُ غلام اڪبر ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيو. ٿوري وقت بعد ان جو ٻيون نمبر پٽ غلام مصطفيٰ اغوا ٿيو. بعد ۾ هدايت کي سندس ۽ پٽن جي اغوا جي ڌمڪي ڏني وئي. هدايت ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ به انڪار ڪيو، پر ڀائرن جي شديد اسرار تي لاڙڪاڻي شھر لڏي آيو. هدايت منگي ٻلھڙيجيءَ کان بگي ۽ بگي ڳوٺ کان لاڙڪاڻي تائين سخت ۽ ڪٺن مرحلن ۾ گذاريو. هن معاشري ۾ ٿيندڙ ويڌن، ايذائن، دردن ۽ پيڙائن کي ميڙي چونڊي پنھنجي ڪھاڻين، شاعري توڙي صحافتي لکڻين ۾ اوتيو. هو کوجنائي ۽ تخليقي رپورٽنگ جو خلقڻھار هو. هو گھڻ پاسائون ۽ هر فن مولا تخليقڪار هو. هن پنھنجي ذاتي محنت ۽ شخصي خيالن جي اپت سان پاڻ کي منظرِ عام تي آندو.
هن جي جواني انتھائي غربت واري ماحول ۾ گذري، ايتري تائين جو ٿالھه ۾ ڪوئلا وجھي ڪپڙا پريس ڪندو هو. سندس وڏي ڀاءُ غلام اڪبر کي هڪڙي سال ته گرمين ۾ به ڪوٽ پاتل هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ان جي قميص جون ٻانھون ڏورن هيٺان ڳري ويون هيون. ٻه ڀائر ڪمائڻ وارا اندازن ۱۵ کان وڌيڪ ڀاتين کي پاليندا هئا. ڀينرن ۽ ڀائرن جون شاديون به ڪرايائون ۽ اولاد ٿيڻ کانپوءِ انھن جي پرورش به اضافي بڻين.
هدايت منگيءَ جي عملي زندگي آڏو ڪجھه ظاهري عيب شايد ڪا به حيثيت نه ٿا رکن. هو دوستن کي کليل اجازت ڏيندو هو ته، هن تي دل کولي تنقيد ڪن. هو منافقي ۽ ڪرپشن کان سخت نفرت ڪندو هو. کيس صحافتي زندگيءَ ۾ انيڪ ڀيرا لکين رپين جون آڇون ٿيون، پر هن ڪڏهن به اهڙي ڪڌي ڪم ڏانھن تر جيترو به ڌيان نه ڏنو ۽ قلم نه وڪيو. کوڙ ڀيرا سندس لوندڙي لوهن اوزارن (هٿيارن) جو ڇھاءُ چکي چڪي هئي (هڪ واقعي جو اکين ڏٺو شاهد سرڪش سنڌي پڻ آهي) پر کيس هميشه سچائي ۽ ثابت قدميءَ تي ايمان هوندو هو.
هن کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ پروگرام مان هزارين ماڻھن جي آڏو هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو، پر ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ سچ جي ساٿ سان صحيح سلامت گھر موٽيو. هو پنھنجي لاءِ چوندو هو ته، ”مشھور ٿيڻ يا پذيرائي حاصل ڪرڻ ڪو اعزاز نه آهي. اعزاز اهو آهي ته مان ماڻھن جون تڪليفون گھٽائڻ ۾ ڪو ننڍڙو ڪم سرنجام ڏئي سگھان. مان تاريخ ۾ رهڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ ذليل ۽ ڪميڻا ماڻھو به رهن ٿا.
انعام شيخ موجب ته؛ ”جيستائين هدايت منگيءَ جھڙا صحافي موجود آهن، تيستائين سنڌي صحافت جو ضمير زندهه رهندو. اهڙن صحافين کي سلام آهي، جيڪي پنھنجي ضمير کي چند ڏوڪڙن تي نٿا وڪڻن.
هدايت منگيءَ جون ڪچھريون ڏاڍايون مزيدار ۽ معلوماتي هونديون هيون. سندس لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائڻ جو انداز ايترو ته اثرائتو هو جو بخيل ۾ بخيل ماڻھو به کل نه روڪي سگھندو هو.
سندس سموري حياتي غربت جي چڪيءَ هيٺ پيسبي رهي، پر پاڻ ڪڏهن به خودداري نه ڇڏيائين. ايستائين جو رٽائرمينٽ بعد مختلف شخصن وٽ هزار پندرهن سئو جون معمولي نوڪريون ڪري يا انھن پاران مختلف ادارن ڏي لک پڙهه ڪري ڪمائيندو هو. آئون سندس وڏو پٽ آهيان پر هن هڪ ڀيرو به مون کان هڪ رپيو سڌو سنئون يا اڌارو نه گھريو.
ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران نومبر ۱۹۸۸ع ۾ پھريون ڀيرو دل جو دورو ٿيس ۽ انھيءَ دل جي عارضي ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي رات جو ساڍي ڏهين وڳي سندس جان ورتي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ بگيءَ جي پير حمل قبرستان ۾ آهي.
قلم تازو؛
ايترو عرصو گذرڻ کان پوءِ هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. شروع ۾ گهر جون ذميواريون، ابتر مالي حالت، ننڍي ڀاءُ اسد (زيد) جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ پوءِ سندس موڪلاڻي، ذاتي گهريلو ۽ پيشورانه ذميواريون بابا جا ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا ته بعد ۾ ڪمپوزر جي سيکڙاٽ شاگرد جي ڪوتاهيءَ سمورو ڪمپوز ٿيل مواد ڪمپيوٽر مان اُڏائي ڇڏيو. ٻيهر ڪمپوز ٿيل مواد هارڊ ڊسڪ جي ڪرپٽ ٿيڻ سبب، ٻه ٽي سال منجھيل سُٽ جيان گنجريل رهيو. تازو ئي ڪاتب پريس واري دوست غلام مرتضيٰ ميمڻ جي جاکوڙ سان سمورو مواد بحال ٿي ويو آهي ۽ هوريان هوريان اوهان جي هٿن تائين پهچائينداسين. هن ڪم ۾ مون سان سهڪاري ساٿي غلام مرتضيٰ ميمڻ، ڀاءُ حفيظ منگي ۽ عيسيٰ ميمڻ جا ٿورا هميشه ڳائبا رهبا.
هن ۽ ٻين ڪتابن ۾ اهو مواد موجود آهي جيڪو مون وٽ ميسر آهي. هدايت منگيءَ جو گهر ۾ موجود مواد مسلسل لڏپلاڻ ۽ گهر شفٽ ڪرڻ سبب ضايع يا گم ٿيندو رهيو آهي. بهرحال مون هي باقي لکڻيون سنڀالي رکيون آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائبيون. اوهان جون صلاحون، مشورا ۽ رايا اسان لاءِ اتساه ۽ رهنمائيءَ جو وسيلو بڻبا.

(سرسوتي پبليڪيشن ڏوڪري، ضلع لاڙڪاڻو طرفان ڇپيل، ھدايت منگي جي ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جي مجموعي، ھاريا ويڄ مياس، تان ٿورن سان کنيل)



هدايت منگي
ناميارو صحافي، شاعر، اديب، لطيف جو پارکو.
عزيز ھدايت منگي
هدايت الله منگي نامياري استاد ۽ عالم غلام الرسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هئو. پاڻ مهين جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع تي پئدا ٿيو.
هدايت الله منگي جنهن جو قلمي نالو هدايت منگي ۽ هي ميم هيو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪيائين. سال ۱۹۶۳ع ۾ هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل پاس ڪئي. ۱۹۶۸ع ۾ شاه لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب ۽ ساڳئي هنڌان ۱۹۷۰ع ۾ اديب عالم جا امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ خانگي طور ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ۱۹۷۳ع ۾ پاس ڪيائين.
هدايت منگي ۲۳ هين نومبر ۱۹۶۴ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. جتي ۱۹۶۴ع کان جُون ۱۹۷۴ع تائين پرائمري استاد طور خدمتون سر انجام ڏنائين. ۱۶ جُون ۱۹۷۴ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ روزاني اخبار هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر-ڪم-ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. ان وقت ناميارو اديب ۽ ڏاهو سراج الحق ميمڻ، هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هو. هدايت منگي اتي ترقي ڪندو، سينيئر سب ايڊيٽر ۽ سکر، حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف رهيو. هو اخبار لاءِ روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترا ئي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هن وڌو.
۱۹۹۱ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بهترين فيچر رائيٽر جو ايوارڊ ويو. ۱۹۹۲ع ۾ جڏهن هلال پاڪستان اخبار شيخ سلطان ٽرسٽ وڪرو ڪئي ته ٻين ملازمن سميت هدايت منگي کي به رٽائر ڪيو ويو.پوءِ هو ۱۹۹۲ع ۽ ۱۹۹۳ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيورو چيف مقرر ٿيو. نامياري صحافي ۽ شاعر يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي Daily Sindh Tribune ۾ پڻ ساڳي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنائين.
۷۰ واري ڏهاڪي کان وٺي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين. ۱۹۹۵ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام کان وٺي پنهنجي وفات تائين انائونسر، ڪمپيئر، ماڊيٽر، ۽ انٽرويوئر طور پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين. جتي سندس پروگرام رسالو، روبرو، لطيف رنگ، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، انٽرويوز ۽ ٻيا کوڙ سارا پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا . کيس بهترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.
صحافت سان گڏ هدايت منگيء َ ادب ۾ به پاڻ موکيو. سال ۷۰ واري ڏهاڪي کان ئي سندس شاعري، ڪهاڻيون، ترجمان، تنقيدي مضمون، تبصرا سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هو شاه لطيف جي شاعريءَ جو وڏو پارکو هو. ثقافت ۽ قديم آثارن جي علم تي پڻ عبور حاصل هئس. موسيقي ۽ راڳ رنگ جي تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ ”خيال“ هن ئي ڳائرايو. ۽ اهو ئي سندس پسند جو راڳ به هو.
سندس آواز ڳرو ۽ اُچار چٽا ۽ تُزُ هوندا هئا. هو هميشه کلمک ۽ ڪچهرين جو مور هندو هو. سندس سموري زندگي جدوجهد ۽ڪوشش ڪندي گذري.
ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران نومبر ۱۹۸۸ع ۾ پهريون ڀيرو دل جو عارضو ٿيس.انهيءَ دل جي بيوفائيءَ ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي سندس آخري ساه کسي ورتا. هدايت منگي مهين جي دڙي جي اوله ۾ دادو ڪئنال جي سڄي ڪناري. تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پير حمل واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ ستل آهي.
(پروفائيل ترتيب: عزيز هدايت منگي)



هدايت منگي
صحافي، اديب ۽ نقاد
مير نادر علي ابڙو
هدايت منگي سان منهنجي پهرين ملاقات ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ ٿي. منهنجو ڪامريڊ سوڀي تعارف ڪرائيندي چيس ته هي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو فرزند اٿئي. هدايت منگي پهرين ملاقات ۾ ئي ايترو ته ويجهو ٿي ويو، ڄڻ ڪو پراڻو دوست هجي. پوءِ انهيءَ محبت ملڻ جي ڪري ئي هدايت منگي سان منهنجين تڪڙين ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. اسان تقريبن هر ادبي گڏجاڻين ۾ گڏ هوندا هئاسين. ڳالهائڻ جو چٽو اکر ڳالهائيندو ته زير زبر سان ڳالهه واضح ۽ چٽي ڪري ڳالهائڻ جو ڏانءُ قدرتي طور مليل هئس، غريب هوندي به دل جو درياءُ هو. هو يارن جو يار هو. هر دوست جي غميءَ خوشيءَ ۾ اٿڻ ويهڻ وارو سندس ياري باشي سڄي سنڌ جي اديبن، سياستدانن ۽ صحافين ۾ هئي. لاڙڪاڻي جو ته هي سينيئر صحافي هو ئي پر سنڌ جي سڄي صحافي برادري ۾ هو تمام گهڻو مقبول ۽ يارويس هو.
 مون کي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن فقير محمد لاشاري جي وفات جو ٻڌئين ته انهي کي ياد ڪندي اکيون پاڻي سان ڀرجي آيس. صحافت به اهڙي صاف سٿري ڪيائين جو نوجوان صحافين لاءِ مثال هو. غريب مسڪين ماڻهن جا مسئلا پريس ۾ آڻي سندن داد رسي ڪرڻ ڪو هن کان سکي ها. هن جو سنڌ ڌرتي سان ڏاڍو پيار هو ۽ سنڌ ڌرتي جي هر ذات سان محبت هئي. مون کي هڪ دفعي ٻڌايائين ته نادر هڪڙي دفعي سماٽ قوم جي سڀني سردارن ۽ چڱن مڙسن جو هڪ ميڙاڪو ٿيو. جتي مون کي ڳالهائڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو. سڀني پئي سماٽ جي حق ۾ ڳالهايو، آخر ۾ جڏهن مون کي موقعو ڏنو ويو ته مون فقط ٻن ٽن منٽن ۾ سڄي ميڙاڪي کي چپ ڪرائيندي چيو ته هي سنڌ ۾ ڪهڙيون نفرتون ۽ ويڇا پيا وجهو. اسان جو باباءِ سنڌ ئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ٻروچ هو. جڏهن سنڌ جو بابو ئي ٻروچ آهي ته پوءِ سماٽ ۽ ٻروچ واري ويڇي نه پئو، ٻروچ ته سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو آهي. منهنجا اهي لفظ ٻڌي سڀ ڏاڍا شرمسار ٿيا ۽ اهو ميڙاڪو جو شايد اڳتي هلي چڻنگ منجهان ڪو وڏو ممڻ مچائي ها. انهيءَ کان سنڌ کي آجو  ڪيائين. سندس اهڙين سنڌ ڌرتي سان پيار وارين ڳالهين کي ڪڏهن به تاريخ نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي.
 هن درويش صفت صحافي جو گذر سفر آخري ڏينهن ۾ مالي طرح سان ڏاڍو ڏکيو هيو. انهيءَ ڪري لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪتابن جو دوڪان کوليائين، پر ڪن سببن ڪري اهو هلي نه سگهيو. پوءِ هن گذر سفر لاءِ ڪافي پرائيويٽ نوڪريون به لاڙڪاڻي ۾ ڪيون. ڏينهن رات نوڪرين ۾ محنت هن کي جهوري به وڌو پر پورهيو ڪرڻ آخري وقت تائين ڪونه ڇڏيائين.
هن مون کي هڪ دفعي چيو ته نادر تنهنجو والد وڏو عظيم انسان هو، پر هن جي وفات کان پوءِ کيس ياد ڪرڻ وارو ڪوئي به ڪونهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپي. آخر ٻئي ڄڻا گڏجي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ پهتاسين. جن کان هن صلاح ورتي ته انهيءَ سلسلي ۾ ڇا ڪجي، آخر ڪامريڊ سوڀي جي صلاح تي تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيوسين. اها يادگار ڪميٽي ئي هئي، جنهن جي اجلاس ۾ سنڌ جي مشهور اديبن بابا سائين تي مضمون لکي اخبارن ۾ شايع ڪرايا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جنهن شخص جون ايڏيون صحافت ۽ ادب ۾ خدمتون هيون. ان ادبي  ۽ صحافتي شخصيت تي ڪوبه قلم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ ادارا ڪونه بچيا آهن جو هاڻي اسان کي عظيم انسان پيدا ڪري ڏين ۽ آهستي آهستي سنڌ منجهان عظيم انسان به موڪلائي رهيا آهن. جڏهن اهڙا حالات هجن پوءِ به اسان پنهنجن محسنن کي وساري ويهون ته پوءِ اهڙن حالاتن ۾ نوجوان ٽهيءَ جو آخر ڇا ٿيندو؟
نوجوان ٽهي کي سنڌ جي اهڙن سپوتن جي خدمتن بابت ته گهٽ ۾ گهٽ ڄاڻ ڏيڻ کپي، جو هو انهن شخصيتن کي مشعل راهه ڪري هلن. هدايت منگي هن مهل اسان جي وچ ۾ ڪونه آهي، پر هو پنهنجن خدمتن جي حوالي سان سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ زندهه رهندو.
منهنجا ڪجهه جملا هن جي تمام وڏي شخصيت لاءِ ڪجهه به ناهن پر پوءِ به اڄ هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا.

(خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ)



هدايت منگي
بيباڪ صحافي ۽ اديب
مجيد نواز مغل
اسان جي سنڌ، انيڪ هيرا پيدا ڪيا آھن، جن هن ڌرتي ماءُ جي حقيقي آزادي، خوشحالي ۽ هڪ باوقار معاشري جي تعمير لاءِ، پنهنجي وس آھر جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي آھي. اهڙن نيڪ مردن جا نالا، سنڌ جي تاريخ ۾ امر سمجهيا وڃن ٿا. انهن ڪردارن مان هڪ ڪردار، هدايت منگي پڻ آھي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، سنڌي ادب ۽ صحافت کي اَرپي  ڇڏي.
هدايت منگي دنيا جي عظيم ثقافتي ورثي مُهين جي دڙي لڳ ڳوٺ بگيءَ جو رهاڪو هو. هن ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جهڙن سياسي شھرن کان پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات ڪئي. پورهيت ڪٽنب سان لاڳاپو هجڻ سبب، ھن سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن لاءِ، پورهيت سياست ۾ حصو ورتو. ان وقت جي مشھور سنڌي اخبار هلال پاڪستان ۾ بطور سب ايڊيٽر صحافت جو آغاز ڪيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي تي به پروگرام ڪيا. هن جي گهري دلچسپي، سنڌي ادب ۽ صحافت سان رهي. هن سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ھلال پاڪستان جي بيوروچيف جي حيثيت سان رپورٽنگ ڪئي. سندس ادبي ۽ صحافتي ڪردار آئيني جيان صاف رهيو.
هدايت منگي جي سنگت سنڌ دوست، امن پسند ۽ ترقي پسند اديبن ۽ صحافين سان هئي. هو هڪ ڪميٽيڊ صحافي ھجڻ ڪري، سنڌ جي ٻرندڙ هر اشو تي قلم کڻندو رهيو. سندس لکڻين مان سنڌيت جي خوشبوءِ ايندي هئي. هن پنهنجي صحافتي سفر ۾ ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪئي. اڄ جڏھن اسان سندس ۲۰ ھين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آھيون ته اسان کي سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ ھڪ هڏ-ڏوکي شخصيت جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. جيتوڻڪي اڄ به سنڌ اندر وڏي انگ ۾ ڪميٽيڊ اديب ۽ صحافي موجود آھن. هدايت منگي پنهنجي صحافتي سفر ۾ بيباڪي ۽ ايمانداريءَ جا جيڪي نقش چٽيا آھن، ان جي برابري ناممڪن آھي.
سندس سنگت ۾ انور پيرزادو، بدر ابڙو، قربان پيرزادو، سوز بلوچ، سراج ميمڻ، شبير ڀٽو، امداد اوڍو، شمشير الحيدري، مجيد نواز، سهيل سانگي، ڄام ساقي، ڪامريڊ مولابخش خاصخيلي، محمد خان جتوئي، اسلم آزاد، منصور ميراڻي، محمد خان سولنگي، مدد سنڌي ۽ ٻيا انيڪ  سنڌي اديب ۽ صحافي رهيا آھن. سندس قلمي پورهيو تڏھن مڃتا ماڻيندو، جڏھن سندس اڻ ڇپيل مواد ڇپرايو ويندو. سندس لکيل ادبي ۽ صحافتي ڊائرين کي ڪتابي شڪل ۾ جڏهن شايع ڪرايو وڃي ته سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن تي، جيڪي عام پڙھندڙن کان لڪيل آھن، پڻ تحقيقي ڪم شروع ڪيو وڃي. پر اهو ڪم سندس اولاد، ويجها مائٽ ۽ ساٿي ئي ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته سرڪاري ادارن جو چاڙھو ناهي. هدايت منگي کي، ڪامريڊ سوڀي گيانچداڻي جي ويجهي ساٿي ۽ پاڙيسري هجڻ  جو اعزاز به حاصل آھي. ڪامريڊ سوڀي جي تعليم ۽ صلاح موجب ئي، هدايت منگي پنهنجي حياتي گذاري ۽ سنڌ جي صوفياڻي ڌرتي لاءِ جدوجهد ڪئي.
هدايت منگي جي لکڻيون عام ماڻھو لاءِ ھيون. هن قومي مسئلن تي ادبي ڊائريون لکيون، خاص ڪري موھن جي دڙي بابت کيس وڏي تاريخي ڄاڻ ھئي، جيڪا اسان جي تاريخ  آھي، جنهن کي اڄ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ، وقت جي اهم ضرورت آھي. ائين ڪرڻ سان، هدايت جي ڪيل قلمي پورهيي کي مانُ ملي ويندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل به هدايت منگي جي شخصيت ۽ پنهنجي تاريخ مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهندو.
هدايت منگي جي ورسيءَ تي ڪنهن به خانگي يا سرڪاري اداري ڪجهه به نه ڪيو  آھي. جيڪا اسان جي قومي ذميواري نڀائڻ ڏانهن غير ذميواريءَ جو کليل ثبوت آھي، ته اسان پنهنجن مُحسنن، هيرن ۽ قومي دوستن کي وساري  ويٺا آھيون. جيڪڏهن ائين ئي سڀ ڪجهه هلندو رهيو ته هڪ ڏينهن اسان پنهنجي قومي تاريخ کي ئي وساري ويهنداسين. جيڪو سنڌ جو وڏو نقصان ٿيندو. هڪ پاسي درٻاري اديبن ۽ صحافين مٿان ڪتابن جا ڪتاب لکجي رهيا آھن. اتي ئي ٻئي پاسي، هڪ انسان-دوست، سنڌ-پرست، اديب ۽ صحافي هدايت منگي کي سندس ورسيءَ تي به ياد نٿو ڪيو وڃي. ان جي انمول لکڻين مٿان تحقيق ته بعد جي ڳالهه آھي.



هدايت منگي
سانوڻي جي موج
منظور ڪوهيار
هدايت کي ڏسي لڳندو هو ته هدايت کي ’هدايت‘ جي سخت ضرورت آهي، نالي جي حوالي سان سندس شخصيت بنهه ابتڙ هئي، اجھل ۽ کرو. سئنين راند سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي. پهرين ملاقات موهن جي دڙي تي ٿي هئي، گھڻو ڪري ته فيبروري مارچ ۱۹۸۷ع ۾. هن اسٽوپا جي اولهائين پاسي وارن آثارن کي پئي جاچيو ۽ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي عملدارن هن کي ــــ ايئن پئي لڳو ته ڄڻ ڪو راڪاس لٿو هجي، ”ڪسٽوڊين“ ۽”ڪيوريٽر“ کان پڇيوسين ”خير ته آهي؟“
اشارو ڪندي ٻڌايائون ته اهو هدايت منگي پيو گھمي. هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪم ڪندو آهي، خبر نه آهي ته ڪهڙو بنبال کڙو ڪندو؟ مينهن جي ڪڻ ڪڻ سان، ٿڌي هوا جا جھوٽا لڳي رهيا هئا. ميگھه ملهار جي موسم هئي، اسان جي جستجو وڌي وئي ته ڏسجي، سو سري وڃي سلام ڪيوسي، سلام ورايائين ته ڇرڪ نڪري ويو ته هي ڇا...!؟ مڙس آهي ته سنهڙو سيپڪڙو پر آواز ۾ اهڙو ته رعب ۽ کڙڪو ڄڻ هڏن ۽ ماس جي بوتل ۾ڪوهه ڪاف جو ديو ويٺو هجي.
حالي احوالي ٿياسي ته اسان وانگر وڏو حوالي نڪتو، قصو موهن جي دڙي کان نڪتو ته ختم وڃي ”ڀنڀور“ جي آثارن  تي ٿيو.
ملاقاتن جو سلسلو تڏهن وڌيو، جڏهن هلال پاڪستان اخبار ۾ بيورو چيف ٿي لاڙڪاڻي پهتو. اسان جي سنگت کي خوشي ٿي ته هڪ موهن جي دڙي جو عاشق وڌيو، پر پوءِ خبر پئي ته همراهه موهن جي دڙي جي ڪک ”ٻلهڙيجي“ ۾ ڄائو آهي، جوان بگيءَ ۾ ٿيو آهي، هن کي ڏسي ايئن لڳندو هو ته هو واقعي ”مونهين“  جي مٽيءَ جو ٺهيل ماڻهو آهي، جيڪو هر جنم ۾کيس بچائڻ لاءِ آذرتو آهي. هلال پاڪستان ۾ سندس ڪافي رپورٽون موهين جي آثارن کي بچائڻ لاءِڇپيون هيون،
موهين جي دڙي تي ڪچهريون ڪندي ڪندي، هڪ ڏينهن سنگت اها صلاح بيهاري ته ڇو نه سنڌي ادبي سنگت ”شاخ موهن جو دڙو“ جو بنياد رکجي، پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي جو بنياد پيو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگھو، شعيب علي عمراڻي، منير سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست ميمبر ٿيا. سڀني هڪ راءِ ٿي هدايت منگي کي سيڪريٽري مقرر ڪيو، پوءِ ته آرڪيالاجي جو اسٽاف ٻٽنگو ڦاٿو، موهن جي دڙي تي ڪڏهن گڏجاڻي، ڪڏهن ليڪچر، ڪڏهن مطالعاتي دورو، نتيجي ۾ ڪڏهن اسٽاف جا مٽا ڦوڪيل، ڪڏهن سنگت جا، ڪڏهن سڀئي گڏجي موهن جي دڙي جي ريسٽورنٽ ”شبستان“ ۾ بغليون هڻندا وتن. انهيءَ دؤران مونکي به قائل ڪيائين ته ڪالم لکان.  ۱۹۸۹ع جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مون  ”فڪر فرهي هٿ ۾“ ڪالم لکڻ شروع ڪيو. ايڊيٽنگ هدايت ڪندو هو، ڪمال جي ايڊيٽنگ هئي، اهڙي ٽيڪنيڪل جو ڪڏهن سٽ نه ڪٽيائين، فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي هير ڦير ڪندي يا وري مذڪر مونث واري غلطي درست ڪندي پار پوندو هو، ايڊيٽنگ به هڪ ڏانءُ آهي نه ته ڪاسائيڪي ڪار.
باقي زباني تنقيد ۾ ته هدايت ڪڏهن ڪاسائي ڪڏهن ماهر سرجن. اهڙي ٺڪي ٺوڪي تنقيد ڪندو هو جو همراهه جي تخليق کي اڊيڙي ڇڏيندو هو، اصلي آنڊا گونڊا ڪڍي اڳيان رکندس جو همراهه ۾ سهپ جو مادو هوندو ته ٻيهر ايندو نه ته ڪتيءَ ڪن وڍيا. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي گڏجاڻين ۾ ڪو ڪچي ڦڪي تخليق کڻي اچڻ جو ساهس نه ڀائيندو هو. هونئن به هدايت جي طبيعت کي، ڪنهن هيٺ مٿي ڦرندڙ چيڪلي جيان لاها چاڙها ها. ڪڏهن ته شيخ النفزاوي جو ڪتاب ”باغ العطر“ لڳو پيو هوندو هو، ڏسي لڳندو هو ته کيس پيدا ڪرڻ واري، پيدا ڪرڻ کان اڳ عشق جي اکري ۾ وجھي محبت جي مهري سان ڪٽڪو ڏنو آهي. لطيف جا جمالياتي بيت پڙهندي کين جنسي معنائون پهرائيندو. هونئن به چوڻ واري جو پنهنجو خيال، سمجھڻ واري جي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ. آفاقي شاعر جي تخليق ۾ته معنائن ۽ مطلبن جا دريا وهن ٿا،خاص ڪري هيٺين بيت ته مجازي معنائن ۾ پيش ڪندي حيرت ۾ وجھندو هو.
تان جي ٿين سامهان، پٺيرا سونهن
سنئون ورائي سپرين، منهن جي مانڏي ڪن
ته رڳون سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي
                                                  ....
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اڇل
نه ڪا جھل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.

۽ ڪڏهن ته اسپيني ڍڳي وانگر چيڙاڪ، پڇ ڪنڊي تي. ڀل خاني خان هجي شاهه شاهوڪاري چئي ڏيندس. جيڪو دل ۾ سو زبان تي. مڙندو مولا بخش ڪلهوڙي مان به نه، جيڪو فيملي ڊاڪٽر سان گڏ سندس يارِ غار به هو.
حقيقت ۾ ته هدايت منگي جي طبيعت جي بي چيني ۽ اضطراب، سندس ان حياتيءَ جا عڪس آهن، جيڪا حياتي هن ٻلهڙيجي کان وٺي بگي ڳوٺ تائين، بگي کان ڪراچي تائين ڏاڍي ڪٺن، محنت ۽ مقابلي ۾ گذاري. انهيءَ دؤران بي يقيني واري ڪيفيت کيس ايترو ڌونڌاڙيو جو ٻيو ڪو هجي ها ته ڪڏهن جو پيالو ڪري وڃي ها. هدايت جي مڙسي اها هئي ته هن زندگي جي حقيقتن کي منهن ڏنو. ڪنهن گھڙي به فرار جي راهه اختيار نه ڪئي.
صحافت جو ميدان ڏاڍو خارزار آهي، ان مان صحيح سلامت گذري وڃڻ ڏاڍو اوکو آهي. هن پيشي جون عجيب تقاضائون آهن. پبلڪ کي هر ڏينهن تي ٿيندڙ واقعن جي باري ۾ صحيح اطلاع فراهم ڪرڻ، ماڻهن جي مفادن جي چوڪسي ڪرڻ، ڪنهن خاص مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي حل ڪرائڻ لاءِ واسطيدار ڌرين جو ڌيان ڇڪائڻ. ماڻهن کي کري کوٽي جي شناسائي ڏيڻ، انساني اعليٰ قدرن جي آبياري ڪرڻ وغيره.
پر ٻي قسم جي به صحافت آهي، غلط خبرون ڏئي ماڻهو منجھائڻ، پبلڪ جي مفادن جو سودو ڪرڻ، کري کي کوٽو ۽ کوٽي کي کرو ڪرڻ، ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي تڇ سمجھڻ، منفي روين کي اڀارڻ، سماج ۾ هيجان ۽ انتشار کي برپا ڪرڻ، اهڙي قسم جي صحافت کي عرف عام  زرد صحافت سڏبو آهي.
ان ڪري هڪڙا صحافي اهي آهن، جيڪي حقيقي صحافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان ۽ هڪڙا اهي جيڪي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جا خواهان.
هدايت منگي هڪ دفعو ڪنهن لوڪل اخبار جي مهورت تي ڳالهائيندي جڏهن صحافت جي حالتِ زار جي تصوير ڪشي ڪندي چيو هو ته” صحافت ڄڻ ڪنهن چڪلي جي رنڊيءَ جيان ٿيندي ٿي وڃي ۽ صحافي دلال. جيڪو ٿو گھر کان رسي، سو صحافي ٿو ٿئي، سنڌ جي هر شهر ۾ ڄڻ ڪتي ويائي پئي آهي.“ اهي ئي صحافي ڪاوڙيا هيا، جن کي ان آئيني ۾ پنهنجي تصوير نظر آئي هئي. جڏهن ته سنجيده صحافين سندس جرئت کي ساراهيو، ته ”جيڪو اسان چوڻ جي جرئت نه ڪري سگھياسي، ان جو برملا اظهار هدايت منگي ڪري ڏيکاريو.“
ڇا اهو سنڌي صحافت جو الميو نه آهي ته اخبار هجي نه هجي ته به صحافي آهي؟ ڪجهه لکي نه لکي ته به صحافي آهي؟ ڇا اهو سچ نه آهي ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي صحافي آهن، جيڪي ٻين جي لکيل رپورٽن ۽ڪالمن جي سهاري زنده آهن، جن کي ”فوٽو ڪاپي صحافي“ سڏيو وڃي ٿو؟
ڇا اها حقيقت نه آهي ته ڪيترن صحافين کي مختلف موضوعن جي بنيادي اصطلاحن جي خبر نه هجڻ ڪري، سندن رپورٽون غلط ۽ مذحقه خيز هونديون آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ صحت کاتي، آثارِ قديمه، چيمبر آف ڪامرس، اسپورٽس، ثقافت ۽ روينيو وارا منهن مٿو پٽيندا آهن. ان حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ته پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ڪيترا صحافي، صحافت جو ڀرم آهن ۽ ڪيترا نام نهاد آهن. وري جيڪڏهن صحافتي ايمانداريءَ جو تجزيو ٿئي ته اهو به اندازو ٿي ويندو ته ڪيترا آهن، جيڪي سون تي سيڻ ناهن مٽائيندا، يا جيڪي لفافي جي سهاري تي صحافت ناهن ڪندا.
لاشڪ ته هدايت منگي صحافت جو ڀرم به هو ته شرم به هو، هن جرنلزم جي حوالي سان هر موضوع تي رپورٽنگ ڪئي. سندس مشهور ڪالم”ڳالهيون ڪرڻ جهڙيون“ ۱۹۹۹ع  روزانه ”سچ“ ۾ ”لاڙڪاڻه ڊائري“ عوامي آواز ۱۹۹۳ع ۾، سندس مشهور ترجمو، شهري رٿابندي کاتي طرف کان پيش ٿيلOutline development plan of Larkana  لاڙڪاڻي جي رٿابندي ۽ ترقياتي خاڪو، هلال پاڪستان ۱۹۹۰ع ۾، ”تباهي ڏانهن وٺي ويندڙ فطرت“ مائيڪل جانسن ۽ رچرڊ هيوگز جو انٽرويو عوامي آواز ۱۹۹۳ع ۾. هلال پاڪستان ۾ سندس نيوز ليٽر، ان کان سواءِ اخبارِ جهان ۾ سندس اردو ۾ ڇپيل مضمون ۽ Sindh tribune ۾ ڇپيل انگريزي مواد آهي. جيڪو سندس هڪ بهترين صحافي جي حوالي سان سند آهي.
اخبار هلال پاڪستان مان ۱۹۹۲ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين ته عوامي آواز ۾ بيورو چيف ٿي ڪم ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ اخبارِ جهان جو ڊسپيچ رائٽر ٿيو. ۱۹۹۵ع ۾ ڊيلي سنڌ ٽريبون جو نمائندو ٿيو. انهيءَ سال ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان واڳيل رهيو. هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کيس ڀانءِ نه پوندو هو. جيتوڻيڪ ۱۹۸۸ع کان وٺي دل جو مريض هو، پر ذهني طور تي هميشه چاڪ ۽ چوبند رهيو. ۱۹۹۴ع ۾ ڊاڪٽرن سول اسپتال لاڙڪاڻي جي ڪارڊيالوجي وارڊ  ۾ داخل ڪيس. سنگت مان ڪنهن گھڻ گھري صلاح ڏنس ته اخبار ۾ سندس سرڪاري خرچ تي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو پرزور مطالبو رکيو وڃي. مورڳو همراهه ڪارڊيولاجي وارڊ مان اهو چئي ٽپڙ کڻي نڪتو ته، ”زندگيءَ مان اڃان ايڏو مايوس ناهيان ٿيو، جو مرڻ کان اڳ ماتم شروع ڪرايان.“
هدايت منگي صحافت جي حوالي سان APNS پاران ۱۹۹۱_۹۲ع ۾ بهترين علاقائي زبان جي رپورٽر جو ايوارڊ ۽ ”سر شاهنواز ڀٽو ايوارڊ“ حاصل ڪيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي طرفان بهترين انٽرويوئر جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. هدايت منگي نه صرف صحافت جي ميدان ۾ پاڻ موکيو پر ادب جي حوالي سان به پاڻ مڃايو. جيتوڻيڪ هن ٿورو لکيو مگر سٺو لکيو. سندس مختصر ڪهاڻي ”نقشو“ سندس لکڻ جي پختگي کي واضح ڪري ٿي. شاعري ۾ خاص ڪري سندس آزاد نظم گھاڙيٽي ۽ خيال جي حوالي سان پختا ۽ گهرا آهن. هن پنهنجي آخري خواهش هڪ آزاد نظم ” سانوڻ جي موج“ ۾ هيئن ڏيکاري آهي:
سانوڻي جي موج هن ڀيري ته ڏس
دل چوي ٿي
مائٽن کي چئي ڇڏيان
 مئي پڄاڻان
سانوڻيون ٿينديون پيون ۽
موج ڀي ايندي پئي
مان نه ڏسندس...!
ان ڪري،
مون کي ڪنڌيءَ تي پورجو.
۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع رات جو ساڍي ڏهين وڳي اوچتو سور جي سٽ کيس لوڏي ڇڏيو. سندس صالح پٽن عزيز منگي ۽ عبدالحفيظ ڪوشش ڪئي پر تقدير آڏو تدبير ڪم نه آئي.
سندس مڙهه وصيعت مطابق پير حمل قبرستان ڳوٺ بگي، تعلقو ڏوڪري بڻيو. جتي سانوڻيون ٿينديون پيون، مؤج به ايندي پئي. ۽ انهن سان سندس روح رهاڻ به ٿيندي پئي.

**




(سرسوتي پبليڪيشن ڏوڪري، ضلع لاڙڪاڻو طرفان ڇپيل، ھدايت منگي جي ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جي مجموعي، ھاريا ويڄ مياس، تان ٿورن سان کنيل) 









هدايت منگي
صحافتي دنيا جو روشن نانءُ
حفيظ چانڊيو
هو جنهن جي سڃاڻپ هڪ باصلاحيت صحافيءَ، بهترين نثر نويس ۽ منفرد آرٽسٽ جي هئي، سو هو هيو هدايت منگي، جنهن کي سندس خوش مزاجيءَ ۽ غيرمعمولي ذهانت کي ڏسندي هر ماڻهو چاهيندو هيو ته  ساڻس دوستيءَ جو هٿ وڌائي سندس سنگتي بڻجي ته جيئن هو سندن رهنمائي ڪري ها، ان  ڳالهه کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته هو نه صرف جديد صحافت جا بنياد وجهندڙ هڪ بهترين استاد صحافي هو پر جادوئي آواز جو پڻ مالڪ هو، جنهن جو آواز جڏهن لهرن وسيلي ماڻهن جي ڪنن تي پوندو هو ته ماڻهو مٿس موهت ٿي پوندا هيا، سندس اندازِ بيان جو فن به ڪمال جو هو، اڄ هدايت منگيءَ جي وڇوڙي کي ۱۸ هون سال آهي، پر سنڌ جي ماڻهن  کان وڇڙيو ضرور آهي پر هدايت منگيءَ کي نوجوانن کان وٺي سندن ساٿين ۽ قبيلي وارن وساريو ناهي، هدايت منگيءَ جو جنم ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع تي هڪ نيڪ مرد ۽ ذهين استاد غلام رسول منگيءَ جي گهر ۾ مھين جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ ۾ ٿيو.
سندس گهر اندر سندس شفيق والد جي ڪري علمي ماحول هيو، جنهن چاهيو پئي ته سندس اولاد پڙهي لکي، سندس سپنا سجايا ڪري، سو ان ڏس ۾ هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي والد  استاد محترم غلام رسول منگيءَ کان ورتي ۽ ناظراءِ قرآن شريف، عربي، فارسي، سنڌي، جاگرافي توڙي تاريخ  جي علمن ۾ محنت سان ڪافي دسترس حاصل ڪري ورتائين ۽ سنڌي ورنيڪيولر فائنل پنهنجي والد جي نگرانيءَ هيٺ خانگي طور پاس ڪري، فرسٽ اسٽئنڊرڊ ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ داخلا ورتي، جتي ساڻس گڏ پڙهندڙ ڇوڪرن جو سائيڪل جي ڪري ساڙ ۽ حسد جو عنصر پيدا ٿي پيو ۽ هن کي اڪيلو ڏسي ڪري مار ڪڍي هئائون، جنهن ڪري سندس والد کيس ٿرڙي محبت مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو ته جيئن سندس پٽ پڙهي سندس اڌورن ارمانن کي مڪمل ڪري پوري تر ۾ مثال بڻجي، پٺ تي پيل سندس ڳوٺاڻن لاءِ اتساهيندڙ مثال بڻجي ته جيئن هو به جديد دور ۾ رهندي علم پرائين.
گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌي ادب ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو آهي،تن ۾ ڪهاڻي، ناول،سوانح عمري، سفرناما، شاعري پڻ  اهم ۽ الڳ الڳ باب آهن، سو شاعريءَ هجي يا کڻي نثر، سنڌ جي انهن ادب جي خدمتگارن جو ذڪر نه ڪرڻ ساڻن وڏي بي واجبي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهن آڌيءَ رات جو اٿي، قلم کي جنبش ۾ آڻي ڪاغذ تي قلم کي گرمائي، پنهنجي وطن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ گيت سرجيندي کين جيئڻ جو مقصد طئي ڪري ڏنو، تخليقار هونئن به قومن جا غيرمعمولي فرد هجن ٿا جيڪي پنهنجي قوم مٿان آيل مصيبتن ۾ بهترين حڪمت عملين جي جوڙجڪ ۾ ماهرانه رايا پيش ڪري سندن مددگار ثابت ٿيندا آهن، انهن جي سرواڻي ڪندا آهن، سنڌي ادب توڙي صحافت ۾ هدايت منگيءَ جو نانءُ کڄڻ سان، سندس گهڻ رخي شخصيت جو خاڪو اڳيان اچي ٿو وڃي، جنهن نه رڳو ادبي دنيا اندر پنهنجي تخليقي پورهئي سان عام کي اجاريو  هو پر هن صحافتي دنيا ۾ پير پائڻ سان جديد صحافت جا بنياد پڻ وڌا هيا، گڏوگڏ هو لطيف سرڪار جو شارح پڻ هو، هن هميشه سنڌ جي ماڻهن سان پيش ايندڙ معاملن کي اعلٰي ايوانن تائين ايمانداريءَ سان پڻ پهچايو، سندس پيروي ڪندي سندس هڪ فرزند حفيظ صحافتي دنيا ۾ ساڳي جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي، هدايت منگي هڪ جدوجهد جو عملي جدوجهد جو هڪ سهڻو نانءُ ۽ خوبصورت حوالو به آهي، جنهن پنهنجي ڄمار ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن کي ارپيندي پنهنجو سمجهيو ۽ هڪ مسيحا بڻجي، سندن اهنجن ۽ ايذائن تي پها رکيا، هدايت منگي جڏهن صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ته هن پنهنجي نت نون تجربن سان صحافتي ميدان ۾ سڌارا آندا ته جيئن نوجوان صحافين منجهه لڪل صلاحيتون اجاگر ٿين ۽ سنڌي اخباري ادارن ۾ اهل ماڻهن جو اضافو ٿيئي، سندس هلال پاڪستان ۾ لکيل ايديٽوريل اڄ به پڙهجن ته ائين محسوس ٿيندو ته اجهو ڪو ليکڪ ٽيبل تان اٿي ويو آهي،جنهن ابن الوقت کي قوم سان ٿيندڙ ڪلورن تي ڪاوڙ کائيندي کيس آئينو ڏيکاريو آهي، حقيقت ۾ هدايت جا لکيل مضمون ۽ ايڊيٽوريل ڌرتيءَ جي مسڪينن جا وڪالت ناما ئي ته هيا، جنهن ۾ هن هميشه پنهنجي مارن جي محرومين، مايوسين ۽ ساڻن ٿيندر ڏاڍ ۽ جبر خلاف آواز اٿاريو هو، هو پنهنجي مزاجن ۾  هڪ  بي ڊپو، بي باڪ، خوددار، ايماندار، کرو،انسان دوست، ماحول دوست، ملنسار ۽ خوش مزاج  طبعيت جو مالڪ هوندو هو، سندس گهڻ پاسائين شخصيت جا سڀ پاسا کير جهڙا اڇا ۽ اجرا آهن، ريڊيو پاڪستان جي ڪمپيئر، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور هن جيڪو به ڪم ڪيو، سو درحقيقت ڀرپور ۽ مثالي هو، هلندڙ وقت ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منجهيل ۽ پيچيدا پڻ آهي، انسان قيد و بند جي صعوبتن ۾ اضطرابي ڪيفيتن ۾ مبتلا ٿي ڳورا قدم کڻندي، بي ساها قدم سندس بار بڻجي ويل جيون کي ڳاري رهيا آهن، هر ماڻهو انفرادي زندگي گهارڻ ۾ مشغول آهي، ڪنهن جو ڪنهن سان ڪو سروڪار ناهي، هر ڪو پاڻ کي خانداني، اصلي ۽ اعلٰي سمجهندي ٻين کي نيچ ڏيکارڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ مصروفِ عمل آهي ۽ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيندو ٿو رهي، اهڙين حالتن کي ڏسندي جڏهن هدايت منگي جو پروفائيل پڙهجي ٿو ته هو هڪ اڏول ڪردار جي حيثيت ۾ اسان کي نظر اچي ٿو، هو ريڊيو تي ادبي پروگرام ڪندي ڪڏهن به سطحي ڪم نه ڪيو، پر هڪ تخليقار طور پنهنجي فن کي عبادت سمجهي فرض ادا ڪندو رهيو،هو پنهنجي هر شعبي ۾ غيرمعمولي ذهانت سان زميواريون نڀائيندو رهيو ۽ هڪ تخليڪار جي حيثيت ۾ هن هميشه پروگرامن ۾ نت نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نوجوان تخليقارن جا انٽرويوز رڪارڊ ڪيا جيڪي اڄ به ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڊيوٽي روم ۾ قائم آڊيو ڪيسٽ لائبرريءَ ۾ محفوظ پيل آهن،هدايت ريڊيو تي نوجوان تخليقارن جو ڪلام سندن آواز ۾ زباني محفوظ ڪيو،  هن  سندن هڪ استاد وانگر سندن ادبي دنيا ۾  پڻ رهنمائي ڪئي، ۽ هڪ وڏو اتساهه بخشڻ سان گڏ کين همٿايو، جيڪي اڳتي هلي سهڻين تخليقن سان ادبي پروگرامن ۾ پنهنجا گيت ۽ غزل پراعتماد نموني ڳائيندي عوام منجهه پنهنجو نالو ڪمايو ۽ حيثيت ٺاهي ويا. هو ٻين سان محبت ڪندڙ هڪ بي ضرر انسان هو،  هدايت کي جيڪڏهن اسين صرف هڪ فرد چئون ته سندس شخصيت سان بي واجبي ٿيندي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ذات ۾ فرد کان مٿاهون قد رکندو هو، هو فرد نه پر ادارو هو، جنهن جي محنتن ۽ مخلصاڻين ڪوششن جي ڪري ڪيترن منجهيل نوجوانن کي جيئڻ جي جستجو ملي، ھدايت منگي صاحب ڪڏهن به پنهنجي خواهشن کي ٻين جي خواهشن مٿان نه مڙهيو، هو موهين جي ماڳ جو دراوڙ هو، جنهن سمبارا جي ڇير جو ڇمڪو ٻڌي، وطن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ ڪارڻ جيئڻ پئي چاهيو، سندس زندگيءَ جو مرڪز سنڌ هئي، هو سراپا سنڌ هو، هن سنڌ جي ڪيس وڙهندي موت کي مات ڏئي ڇڏي هئي، موت سان سندس ازلي رشتو هو، هن حياتيءَ کي بامقصد گذاريندي پنهنجا گس ۽ گهاڙيٽا ٺاهيا، هو هڪ آدرشي انسان سان گڏوگڏ هڪ مهذب ۽ مخلص انسان هو، جنهن سنڌي ماڻهن لاءِ محبتن جا ميلا مچايا، جنهن ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جي پيغامن سان صدين جا قصا ۽ ڪهاڻيون شامل هيون. تازو هدايت منگيءَ جي فرزند اسان جي دوست عزيز منگي، سندس قلمي پورهيو ڪتابي شڪل ۾ آندو آهي، جنهن ۾ نثر ۽ شاعري شامل آهي، مون کيس مبارڪباد ڏيندي پڇيو هو ته هدايت صاحب جو پورهيو ايترو ئي آهي ته وراڻيوهئائين ته يار! مسڪيني واري عالم ۾ هو مسواڙ جي جڳهن ۾ رهيا، لڏ پلاڻ ۽ برساتن سبب سندن گهرن ۾ پيل بي ترتيب ٻاچڪا جن ۾ سندن والد جو لکيل مواد  هو، سو ضايع ٿي ويو آهي، جيڪو هٿ آيو، تنهن کي ترتيب ڏئي ڪتاب آندو آهي، هدايت منگيءَ پنهنجي پوري ڄمار خوددار ٿي گُذاري هئي، هو هڪ بي ڊپو انسان هو، ڌرتيءَ جي هن جهونجهار کي زندگيءَ کان وڌيڪ پنهنجي مارن جي بهتر جياپي جي اڻ تڻ هوندي هئي، جنهن جي ڪري هو ايڊيٽر اسڪرپٽ دوران ڪيترائي ايڊيٽوريل لکيا جن ۾ هن سرڪار نامدار کي سندن مڪروهه چهرو پسائيندي کين شرمايو ته هو اي سي وارن ٿڌن هالن ۾ سڪون واري زندگي گهاري رهيا آهن ۽ سنڌ جا ڏتڙيل ماڻهو گرنهن گذر لاءِ پريشان حال جيون گهاري رهيا آهن، هي وقت جنهن ۾ پاڻ ساهه کڻون ٿا، تنهن ۾ هر ماڻهوءَ جي چهري تي عجيب قسم جو اڻ ڏٺو خوف طاري آهي، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ هر انسان پاڻ کي اڪيلو ڀانئي رهيو آهي، جڏهن ته اهڙي ڳڻتين ۾ ڳتيل دور ۾ هدايت منگيءَ جو اولاد پنهنجي والد جي ڪيل پورهئي کي سالن پڄاڻان “هاريا ويڄ مياس” جي نالي سان ڪتاب سهيڙي اسان آڏو آڻي رکيو ته اها سندس شاندار تربيت جو ئي نتيجو چئبو جو دنيا جي غمن، ڏکن ۽ ڏاکڙن کي پاسي تي رکي علم ۽ ادب سان پيار ڪندڙ سندس اولاد سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪندي هڪ ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي ، هدايت منگيءَ جنهن دور ۾ صحافت جي دنيا ۾ پير رکيو، ان زماني ۾ ته  سائنس ايتري ترقي ٿوڙئي ڪئي هئي، هنن ته ڪجهه نه هجڻ باوجود وڏي محنت سان پنهنجو نانءُ روشن ڪيو،  اڄڪلهه ته صحافت جو سج ئي اُلهي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته الائي ڪيترا صحافت جا وڏا وڏا نالا آهن جن جون خبرون سندن سب آرڊيننٽ پيا لکي ادارن ڏانهن اماڻيندا آهن، آنڱوٺي ڇاپ ماڻهو اخبارن جا مالڪ بڻيو ويٺا آهن، اخبارون ايڏيون سستيون ٿي ويون آهن، جو واپاري قسم جا ماڻهو جن کي اخباري ادارن جا مالڪ بڻيو ويٺا آهن، کين اخبار جي حرمت  کان بي خبر بڻيل آهن، هن دور جي ماڻهن ته اخبارن کي پنهنجي پروجيڪيشن جو ذريعو سمجهندي سچ کي لڪائيندي ڪوڙ کي پروان چاڙهي ڇڏيو آهي، صحافتي صلاحيت هجي نه هجي، هتي ڪڪڙ کپائيندڙ ۽ حجامڪو ڪم ڪندڙ ماڻهو سينيئر صحافي بڻيا ويٺا آهن، اهو صحافتي دنيا جو الميو ناهي ته ٻيو ڇا آهي، جڳاڙي قسم جا ماڻهو يا وري پيشه ور ڏوهارين جو هاڻي صحافتي لڏو گهاٽو ڇانوورو بڻجي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ آءُ سمجهان ٿو ته هدايت منگيءَ، ف.م لاشاريءَ کان انور پيرزادي تائين صحافين جا روح احتجاج ڪندا هوندا. هن جديد دور ۾ انيڪ اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي ٻين جي لکيل رپورٽن ۽ مضمونن تي هٿ ڌوئي مڇ کي مروڙو ڏيئي پاڻ جيئارن ٿا پيا جيڪا اصولي طور تي ادبي بدديانتي تي مبني ۽ هڪ ڪريل حرڪت ۾ شمار ٿئي ٿي. هدايت منگيءَ جو صحافتي ڪم، ادبي ڪم، ريڊيو وارو ڪم يا سندس سماجي پاسو نهايت وزنائتو آهي، هو مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ ڇا ته شخص هيو، سندس وڇوڙي کان هڪ ڏينهن اڳ جو قصو آهي ته هو معمول مطابق ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ” تي پروگرام رڪارڊ ڪرايو جيڪا سندس فرض شناسيءَ سان گڏ لطيف سان اٽيچمينٽ جو هڪ اهڙو مثال هو جيڪو ورهين پڄاڻان به ڪو نه ٿو وساري سگهي، هدايت منگي پنهنجي رشتن کان يار دوستن سان هڪ وفادار انسان طور رهيو، هن پنهنجي پوري ڄمار ۾ ادارن کان ماڻهن تائين معنٰي ته هن هر هڪ سان وفا ڪئي هئي، ڪهڙي خبر ته ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي کيس دل جو سور پوندو ۽ دل جي بي وفائيءَ ڪري ويهندي، سندس پٽن عزيز ۽ حفيظ کيس اسپتال کڻي آيا پر ساڻس ساهن ساٿ وڌيڪ نه ڏنو ۽ هڪ متحرڪ وجود هميشه جي لاءِ ٿڌو ٿي ويو.
ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا،
تون اڃان ٿو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا!!!




هدايت منگي

هڪ بيباڪ قلم ڌڻي

آصف رضا موريو

هدايت الله المعروف هدايت منگي منهنجي لاءِ تمام خاص ۽ وڏو نالو آهي جو هُو نه رڳو منهنجي گهڻ گهرئي دوست عزيز منگيءَ جو والد آهي پر منهنجي ڳوٺ “سومر خان موريو جا گهر” المعروف “ڪوٽ مرزا ڪالو” جي ويجهڙي پاڙيسري وستين“بگي ۽ ٻلهڙيجي” جي خمير ۽ ضمير مان جڙيل، منهنجي ئي صحافتي ڪرت سان وابسته هڪ ايماندار ۽ مدبر قسم جو صحافي رهيو آهي، توڙي جو مان اها ڊاڙ هڻڻ جي حيثيت ۾ ڪونه آهيان ته مان ذاتي طور تي ان کان گهڻو واقف رهيو هوندم جو منهنجون ساڻس ٻه اڍائي اڻ پوريون ملاقاتون هيون جن جا ڌنڌلا عڪس ذهن جي ڪينواس تان اڃان تائين محو ڪونه ٿيا آهن.

مهين جو دڙي جي ڳاڙهسري مٽيءَ مان ڳوهيل وچولي قد وارو هي شخص جنهن جا گهنڊڙي وار هوندا هيا، سنهڙي چهبڪي جسم تي متاري چال ڍال، پرڪشش نيڻ نقشن، خوش اخلاق، شگفته مزاج۽ گهڻ پاسي شخصيت وارو هي سنڌي ڏاهو جنهن کي دنيا هدايت منگيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي سوشاعر، ڪمپيئر، ايڊيٽر، مضمون نگار، مترجم، انائونسر، ماڊيريٽر، ڊرامه نگار، ڊائريڪٽر، اداڪار، ڀٽائيءَ جو پارکو، سنڌي راڳن جو ڄاڻو، مورخ، آثارِ قديمه جو ماهر، محقق، نقاد، صحافي، ڪهاڻيڪار، مقرر، ناياب ڪتاب پڙهڻ جوشوقين وغيره جهڙي انيڪ خوبين سان ڀرجهلو،والي بال جو سٺو کلاڙي ۽ ڪوڏي ڪوڏي جوڪوڏيو هوندو هيو پر سنڌ واسين ۾ سندس سڃاڻپ هڪ بهترين ۽ جاکوڙي صحافي طور آهي جنهن کي لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهڙي سچي، کَري ۽ بهادر لکاري طور ياد رکيو ويندو آهي جيڪو لکين ماڻهن طرفان سوچيندو هيو ته لکين ماڻهن طرفان ئي لکندو رهندو هيو. هدايت منگي اديبن جي ان ٽهيءَ مان هيو جيڪي اڄ جي نام نهاد صحافين جيان جٿا ٺاهي آواره گردي ڪرڻ، ذوق و شوق وڪڻڻ ۽ عياشي ڪرڻ کي آزاد صحافت سمجهڻ بجاءِ ذاتي خلوص تحت معاشري کي انسانن جي رهڻ واسطي بهتر کان بهتر ماڳ بڻائڻ لاءِ باهيندا، داهيندا ۽ جاکوڙيندا رهندا آهن.

هدايت منگيءَ جو جنم ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع ڌاري ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ٿيو جنهن جا اتريان اڀرندا ڪلها سنڌو ماٿريءَ جي سرموڙ گادي مهين جو دڙو سان سلهاڙيل آهن. سندس وڏڙا اصلئون نئين ڏوڪري پراڻي لبِ دريا جي انڳوٺاڻي وسندي “سخي شاهه جمال” جا رهاڪو هيا، جنهن جي گهڻي تڻي آباديءَ کي مختلف دورن ۾ درياهه بادشاهه جون منهن زور موجون پنهنجي ڪروڌ سان پائيندي پائيندي موت بکينديون رهنديون هيون. تنهن ڪري اها وسندي وقت سان گڏ ويران ٿيندي وئي ته اتان جيڪي ماڻهو موت جي ميار کان بچيا سي بند پائي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي آباد ٿيا، جن مان سماهبي نالي هڪ ننڍڙي ڇوڪر پڻ هئي جنهن کي بند جي ڪپ تي آباد ٻلهڙيجي ڳوٺ جي هڪ دريا دل همراهه لال بخش پيرزادو هنج وٺي ڌيءُ جيان نپايو ۽ وڏي ٿيڻ تي محمد سومر منگي سان سندس وهانءُ ڪرائي، پنهنجو فرض پورو ڪيو. هدايت منگي ان محمد سومر جي وڏي پٽ غلام الرسول جي اولاد منجهان هيو. جيڪو اڃان ٻن ٽن سالن جو مس هيو ته سندس والدين ٻلھڙيجيءَ مان لڏي، ڀرسان اولهه جي هڪ ٻئي ڳوٺ بگيءَ ۾ وڃي آباد  ٿيا. 

ٻلھڙيجيءَ جي درياهي لٽ ۾ ڪا ادبي، تدريسي، تاريخي، تهذيبي ۽ اخلاقي زرخيزي ته آهي ئي پر هن شهر ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙن جي هڪڙي ٻئي خاصيت پڻ ٿئي ٿي جو هو پنهنجي ڪنن ۾ مولويءَ جي ڏنل آذان ته هڪ دفعو ٻڌندا آهن پر ڀٽائي، سچل ۽ ساميءَ جو ڪلام پنهنجي وڏڙن کان روز ٻڌندا آهن ۽ اهو سلسلو ماءُ جي هنج کان مٽيءَ واس پسڻ تائين هلندو آهي. تنهن ڪري ٻلهڙيجيءَ جا ٻار جوان ٿيندي ئي پنهنجي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ادبي گس، لڏي ۽ لڳاءُ جو تعين ڪري وٺندا آهن. هدايت منگي پڻ اهي سُتيون ننڍپڻ کان پئي پيتيون ۽ پندرهن سورهن سالن جي الهڙ ڄمار ۾ ئي کيس پڙهڻ ڪڙهڻ سان تمام گهڻي دلچسپي پيدا ٿي جنهن وقت سان گڏ سندس ادبي بلندپروازن جا افقي سلسلا آفاقي بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ان دور ۾ پنجين جماعت کان پوءِ تعليم جون ٻه شاخون هونديون هيون جن مان هڪڙي شاخ ورنيڪيولر سنڌي تعليم جا ست درجا هوندي هئي ته ٻيو انگريزيءَ جي ڇهين، ستين، اٺين، نائين ۽ ميٽرڪ جو سلسلو هوندو هيو. سنڌي ٻهراڙين جا اڪثر شاگرد پنجين جماعت پاس ڪري سڌو سنئون سنڌي ست اسٽينڊرڊ جا امتحان پاس ڪري نوڪري پاسي هليا ويندا هيا جڏهن ته ڪجهه شاگرد ستين ڪچي کان پوءِ ستون فائينل پڻ پاس ڪندا هيا جيڪو تمام ڏکيو، معياري ۽ هڪ لحاظ کان اڄ جي لفظ “ڪمپيٽيشن” جي امتحان جيان هوندو هيو. هدايت منگي پنجين جماعت جو امتحان ڳوٺ ٻلڙيجيءَ مان پاس ڪري ورنيڪيولر تعليم لاءِ گورنمنٽ بوائز اسڪول ڏوڪري ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۶۳ع ۾ ستئي اسٽينڊرڊ ايڪسٽرنل شاگرد طور پاس ڪيائين.  ان دوران ورنيڪيولر تعليم جا ڪجهه مهينا گورنمنٽ مڊل اسڪول ٿرڙي محبت ۾ پڻ پڙهيو هيو.  

۱۹۶۷ع ۾ هدايت منگي لاڙڪاڻي جي گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مان پي ٽي سي پاس ڪئي. ۱۹۶۸ع ۾ شاهه لطيف اورينٽل ڪاليج قمبر مان “اديب سنڌي” ۽ ۱۹۷۰ع ڌاري ساڳي ڪاليج مان “عالم سنڌي” جا امتحان پاس ڪيا. عالم ۽ اديب جا امتحان اصل ۾ پنجاب حڪومت وارن شروع ڪيا هيا ۽ اها ڊگري سنڌ جي بورڊن ۾ ڪونه پڙهائي ويندي هئي پر سٺ ستر جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سنڌ جي بورڊن به پنهنجي ڪجهه ڪاليجن ۾ اديب سنڌي ۽ عالم سنڌي جا سينٽر کوليا هيا. ۱۹۷۰ع ۾ گورنمنٽ بوائز اسڪول ڏوڪريءَ مان ميٽرڪ جو امتحان تنهن دور ۾ پاس ڪيائين جڏهن حيدرآباد بورڊ هوندو هئو. جيئن ته هدايت منگي ان دور ۾ اديب ۽ عالم جا امتحان پاس ڪيا هيا جيڪي ٻارهين جماعت جي مساوي ليکيا ويندا هيا تنهن کي بنياد ڪري هن ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي پاس ڪئي هئي.

 ۲۳ نومبر ۱۹۶۴ع تي هدايت منگيءَ کي پرائمري ماستر جي نوڪري ملي. سندس پهرين پوسٽنگ وارهه تعلقي جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ ٿي هئي. ڏهن سالن کان پوءِ هدايت منگي نوڪري ڇڏي صحافت جي دنيا ۾ پير پائي قلمي پانڌي ٿيو.۱۹۶۷ع ڌاري هدايت منگي جو وهانءُ مسمات زهره بيگم نالي پنهنجي پڦاٽِ سان ٿيو جنهن مان کيس عزيز منگي، عبدالحفيظ، عبدالسعيد ۽ اسد علي نالي چار پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي.هدايت منگي آديسي قسم جو ايماندار، فهميدو، نه جهڪڻو ۽ ارڏو ماڻهو هيو جنهن جي سموري عمر دل جي پاسباني ۾ توڙي جو ڪسمپرسي واري حالتن ۾ گذريپر هن پنهنجي وشال ڪٽنب جي ڪٺن ذميدارين جي باوجودهلاڪي حالات سان مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنو توڙي جو زندگيءَ جي زمرد ديوي کيس ڪڏهن به سک جو ساهه کڻڻ ڪونه ڏنو.

هدايت منگي بيحد انوکيون ڳالهيون ڪرڻ وارو دلچسپ، پڙهيل ڳڙهيل، دردن درمانن جي کوري مان پچي نڪتل، چيڪي مٽيءَ مان ڳوهيل ۽ سورن سينچيل شخص هيو. سندس حسِ مزاح تمام شاندار هوندي هئي جنهن سان ٻين کي ريجهائي کلائي کيرو ڪرڻ ۾ کيس ڪمال حاصل هوندو هيو. منهنجي ساڻس پهرئين ملاقات ويهه پنجويهه سال اڳ دڙي محليلاڙڪاڻي ۾ ڳاڙهي بنگلي جي اتر طرف موجود هڪ دوڪان ۾ ٿي هئي جتي سندس صحافتي دفترجي آفيس هوندي هئي. مان پڙهائيءَ سانگي آيل ڳوٺاڻو ان آفيس واري رستي جي اوڀر ڏکڻ ۾ واقع حمل محلي ۾ پنهنجي ڀيڻيوئي ادا غلام الرسول کجڙ جي گهر ۾ رهندو هيس.  هر روز شهر يا اسڪول ان رستي سان اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو ان لاءِ هدايت منگيءَ سان چار پنج دفعا ٻيهر به ملاقاتون ٿيون هيون جو ان دور ۾ به مون کي اديبن ۽ صحافين سان ملڻ جو شوق هوندو هيو.  انهن ملاقاتن جي ڌنڌلين يادن جون سرگوشيون اڃان تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجنديون رهيون آهن. سندسلطيفه گوئي، خوش اخلاقي، خوش طبعي ۽ ادبي گفتگو ته وسارڻ جوڳيون آهن ئي ڪونه. هو جنهن محفل ۾ هوندو هيو ته محفل ڄڻ ته زعفران ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته محفل جو هي مور پاڻ کي به ڪونه بخشيندو هيو جو پنهنجي اديب عالم ۽ اديب فاضل واري ڊگرين جي حوالي سان ٺٺول ڪندي “اديب جاهل” ۽ “اديب پاڳل” چئي پڙهيل جاهلن جي قلعي لاهيندو هيو.

سندس زندگيءَ تي طائراڻي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هدايت منگي هر محاذ تان سدائين محنت ڪش، شريف ۽ ڀلوڙ انسان ٿيڻ ۽ رهڻپئي چاهيو چاهي اهو محاذ قلمي هجي يا ادبي، ڳوٺاڻو هجي يا شهري.  ذاتي زندگي ۾ شرافت روايتي اديب جي مثبت معيارن جو جيترو احساس هدايت منگي جهڙي محجوب صحافيءَ وٽ هوندو هيو اوترو مون ڪنهن وٽ ڪونه ڏٺو سواءِ پنهنجي محبوب دوست شهيد شان ڏهر جي، جنهن جون کوڙ ساريون خوبيون هدايت منگيءَ سان ميل کائينديون هيون، جو ٻئي ذري گهٽ ڳوٺائي هيا، ٻئي جاڳو ۽ عوامي آواز ۾ ڪم ڪندا هيا، ٻئي وڙائتا هيا ته مانائتا قلم ڌڻي به واهه جا هيا. هدايت منگيءَ ۾ ٻه صلاحيتون اتم هونديون هيون جن مان هڪ اها ته هو زندگيءَ جي هرتلخ حقيقت کي مڃڻ جي همت رکندو هيو ۽  ٻي اها ته منجهس اخلاقي فيصلا ڪرڻ جيطاقت پڻ هوندي هئي. هو رڳو دماغ سان نه پر پنهنجي پوري حسياتي نظام سان سوچيندڙ لکاري هيو جيڪو انساني حيثيتن ۽ حقيقتن جي مطالعي جو سدائين ڪوڏيو رهيو. شايد اهو ئي سبب آهي جو هن جي فنِ تحرير پڻ سندس تهه دار شخصيت سان ميل کائيندڙ ۽ ويجهڙو لڳندو آهي.

مرده سنڌي سماج ۾ زنده شعور رکڻ وارو هدايت منگي هڪ اهڙو ادبي فنڪار هيو جيڪو زندگي ڀر انڌن جي شهر ۾ آئينا وڪڻندو رهيو ۽ جنهن جي ذاتي زندگي جهدِ مسلسل جي انتهائي ڪاوڙيل ۽ ڪاراٽيل دنيا رهي جنهن ۾ سندس طرفان جيئڻ ۽ جي ڏيکارڻ جا حيلا،وسيلا ۽ بهانا ايترا ته آباد ٿيل آهن جو سموهڻ تي سامونڊي طوفان جهڙا هيبتناڪ ٿي پوندا جن کي حوصلن جي هاڪار سان هو زندگي ڀر ماٺاريندي، طوفانن جا سينا چيريندي هي ناکو سدائين ساڃاهه ۽ سرت سان پنهنجيون ٻيڙيون ڪنڌيءَ لائيندو رهيو. 

هدايت منگي سنڌي ادبي سنگت ۽ ڳوٺ سڌار تنظيم جون شاخون پنهنجي ڳوٺ بگيءَ ۾ قائم ڪيون. جڏهن ته اتي شاهه لطيف لائيبرري قائم ڪرڻ ۾ به اڳرو رهيو، جنهن ۾ هن پنهنجا سمورا جمع ڪيل ڪتاب دان پڻ ڪيا هيا.  ۱۹۷۰ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ بعد ازان جوائنٽ سيڪريٽري پڻ مقرر ٿيو. ۱۹۷۵ع ۾ عوامي ادبي انجمن ڪراچيءَ جو ميمبر ٿيو. ۱۹۸۹ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مهين جو دڙو شاخ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو،جڏهن ته ۱۹۹۰ع ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جوميمبر ٿيو. مهين جو دڙو آرڪيالاجيڪل، ڪلچرل اينڊ سوشل ويلفيئر سوسائٽي لاڙڪاڻو جو به جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو.

۱۶ جون ۱۹۷۴ع ۾ هن صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ روزاني هلال پاڪستان (سنڌي اخبار) ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان داخل ٿيو، جتي کائنسمترجم ۽مضمون نگار جا ڪم پڻ ورتا ويندا هيا.۱۹۸۹ع ۾ کيس اتر سنڌ جو بيورو چيف بڻايو ويوجنهن جو هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو هيو. ان اخبار ۾ پنهنجي زندگي جا ارڙهن خوبصورت ۽ قيمتي سال ارپي ۳۰ جون ۱۹۹۲ع تي هدايت منگي هلالِ پاڪستان اخبار مان تڏهن رٽائر ٿي ويو جڏهن شيخ سلطان ٽرسٽ طرفان ان اخبار جا حق ۽ واسطا اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي وڪڻي ڏنا ويا.

پنهنجي صحافتي ڪيريئر دوران هدايت منگي ريڊيو پاڪستان، روزاني عوامي آواز اخبار (بيوروچيف لاڙڪاڻو)، اردو اخبار جنگ گروپ وارن جي هفتي وار رسالي اخبارِجهان ڪراچي لاءِ (لاڙڪاڻي ۾ نمائندو)، ايف ايم ريڊيو لاڙڪاڻو، روزاني سنڌ ٽربيون ڪراچي (بيوروچيف لاڙڪاڻو) ۽ برسات رسالي ۾ ڪجهه وقت لاءِ اعزازي ايڊيٽر پڻ رهيو.  ان کان علاوه روزاني سنڌي اخبار سنڌ، نئون نياپو رسالو حيدرآباد، سوجهرو رسالو ڪراچي وغيره ۾ پڻ لکندو رهندو هيو. هدايت منگي سڄي زندگي ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ ايندڙ نوجواننکي همٿائڻ جي سلسلي ۾ هڪ اداري جيان هوندو هيو جيڪو ٿورڙي همت افزائي سان سيکڙاٽن جون پٺيون ٺپي کين جيئڻ جو اتساهه ڏيندو رهندو هيو. هدايت منگي پنهنجي ادبي ۽ صحافتي زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انور پيرزادو، قربان پيرزادو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شمشيرالحيدري، بدرابڙو، فقير محمد لاشاري، علي احمد بروهي، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج ميمڻ جو ڀلي ڀاڱي ٿورائتو رهيو جيڪي سندس استاد به رهيا ته دوست، ساٿي ۽ هادي به.

هدايت منگي زندگيءَ جو ڳچ حصو ريڊيو پاڪستان کي ارپيو جتي ريڊيو جا بهترين پروگرام سندس ڪريڊٽ تي هوندا هيا، جيڪي عام و خاص ۾ چڱيرڙا مقبول هوندا هيا،۽ ٻڌندڙن جو هڪ وڏو هلڪو انهن پروگرامن جي انتظار ۾ هوندو هيو جن مان خاص لطيف رنگ، انٽرويوز، رسالو، عوامي آواز، روبرو وغيره هوندا هيا.

اڪبر الله آباديءَ جي ٻارڙن جي اصلاح ۽ دلچسپي لاءِ لکيل شاعريءَ جو هدايت منگيءَ ترجمو ڪيو جيڪو ڪنهن دور ۾ ڇپيو پڻ هيو، جنهن کان علاوه سندس زندگيءَ ۾ ڪوبه ڪتاب منظرِ عام تي ڪونه آيو. سندس وڏي پٽ عزيز منگيءَ کي جس آهي جو پنهنجي والد جي ادبي ڪم کي سرجائي، سانڍي ۽ سموهي ڪتابي شڪل ڏياري رهيو آهي.  ۲۰۱۷ع ۾ ۱۱۲ ورقن تي مشمل سندس ڪتاب “هاريا ويڄ مياس” اسان جي دوست ۽ قلمي ساٿي عيسي ميمڻ جي “سرسوتي ڪتاب گهر ڏوڪري” طرفان ڇپرايو ويو جنهن ۾هدايت منگيءَ جون ۱۸ ڪهاڻيون ۽ آخري ۳۴ ورقن تي سندس شاعري ڏني وئي آهي.

اهڙيءَ ريت هدايت منگيءَ جو ٻيو ۲۴۰ ورقن تي مشتمل ڪتاب “سڀ پسندا پار” شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام، ان جي سُرن جي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ تي مشتمل سر ڪلياڻ کان سر بلاول تائين پنجٽيهه مضمون آهن، جيڪو پڻ عيسيٰ ميمڻ سرسوتي ڪتاب گهر ڏوڪريءَ جي اڱڻ تان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان کان علاوه به هدايت منگيءَ جي تخليقي تخيلات جا رهجي ويل بيشمار ادبي گوشا ۽ ۽ فنونِ لطيفه جا سلسلا اڃان رستي ۾ آهن، جيڪي اميد آهي ته سندس پونئير وقت سان گڏ اسان توهان لاءِ پڌرا ڪندا رهندا.

هدايت منگي هڪ سهڻو سخن ور هيو، جنهنجو انداز بيان نهايت دلڪش هوندو هيو. مان ذاتي طور تي سندس شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نثرنويسي ۽ مضمون نگاريءَ جي بهترين هجڻ جو قائل آهيان، جنهن ۾ مون کي سندس شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دم خم نظر ايندو آهي. سندس نثرپارن ۾ خطابت هئڻ سان گڏ مقصدي جذباتيت ۽ رنگين بياني دلچسپ هوندي آهي. سندس سٺي صحافي هجڻ ۾ پڻ هدايت منگيءَ جي ادبي حيثيت، اندازِ فڪر و بيان جو وڏو عمل دخل آهي. هدايت منگيءَ کي ۱۹۹۱ع آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس) وارن سنڌي زبان جي بهترين رپورٽر جي ايوارڊ سان گڏ پنجاهه هزار روپين جو روڪ انعام ڏنو هيو جڏهن ته۱۹۹۶ع ۾ کيس ريڊيوپاڪستان لاڙڪاڻو طرفان بهترين انٽرويو ڪندڙ جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو هيو.

زندگي ڪيتري به ڪٺن يا ڪارائتي هجي نيٺ سِر جا سانگا لاهي مسافرن کي ٿڪ ڀڃڻو ئي پوي ٿو. ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي رات جو ڏهه لڳي ۳۰ منٽن تي هدايت منگي دل جي گهاتڪ دوري سبب دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ۽ جسدِ خاڪيءَ کي سندس بگي ڳوٺ جي پير حمل قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. منهنجي خيال ۾ هدايت منگيءَ جهڙا ماڻهو نه ڄمندا آهن نه ئي مرندا آهن پر اهي مالڪ طرفان مقرر ڪيل اهڙا آفيسر ٿين ٿا جيڪي ڌرتيءَ جو دورو ڪرڻ ايندا آهن ۽ هتي جي حالتن جي رپورٽ ٺاهي واپس وڃي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪندا آهن.

منگي صاحب سلڇڻو، سٻاجهو ۽ ڀلڙو ماڻهو هيو، جنهن جي زندگيءَ ۾ شرافت جي روايتي معيارن جي پاسداري سندس ادبي ڪم جي حوالي سان گهڻي سگهاري هوندي  هئي. هي ”مجسم فن“ انسان پنهنجي انهن رپورٽن جي آڌارتي (جن کيسندس لکڻيون سڏيون ٿا) اسان جي وچ ۾ اڄ به موجود آهي جو هو لفظن، محاورن ۽ اسلوبِ قلمڪاري سان پنهنجي تحريرن کي موزون تصوير ڏيڻ ۾اهڙي ڪمال هنرمندي رکندو هيو جيڪا کيس رهندي دنيا تائين سنڌ جي ادبي کيتر ۾ زندهه رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سندس اهي قلمي ڪاوشون فني جدوجهد جي اهڙي تمثيل جيان آهن جيڪي اخلاقي هئڻ سان گڏ گڻائتيون، معياري، اصلاحي ۽ فني پڻ آهن،سي هدايت منگيءَ جي مرتئي کان پوءِ به سندس ڄمار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.



هدايت منگي

املهه انسان : سلسلو ۸۹

حفيظ چانڊيو

توڙي جو هاڻوڪي سنڌي صحافت بازار جو وکر بڻجي چڪي آهي، ۽ صحافي پاڻ کي ڪنهن سياستدان جي آشيرواد کي وڏي ڳالهه ۽ مهانتا سمجھن ٿا، پر حقيقت ۾ ان قسم جو رويو سنڌي صحافت لاءِ ڪاري ضرب مثل آهي، صحافيءَ جو خبر کي سڀني پاسن کان جانچي هڪ سچي خبر ٺاهڻ هوندو آهي، پر اڄ جي نوي سيڪڙو صحافي سياستدانن جا وڪيل بڻيل آهن، اهڙي صوتحال ۾ سنڌ جي غريب عوام جو ”صحافت“ جهڙي مقدس پيشي تا ويساهه ئي کڄندو پيو وڃي. ماضي ۾ صحافي جي پيشي سان سچائيءَ خاطر جيلن جون عقوبتون به برداشت ڪندا هئا، پر اڄ جو ”ڪُٽيءَ کائو مجنون“ ٿي پيو آهي، جنهن جي نظر پيشي جي سچائيءَ ڏانهن نه پر پيٽ ڏانهن وڌيڪ آهي.

هُو، جنهن جي سڃاڻپ هڪ باصلاحيت صحافي، بهترين نثر نويس ۽ منفرد آرٽسٽ واري هئي، سو هو هيو هدايت منگي، جنهن جي خوش مزاجيءَ ۽ غيرمعمولي ذهانت کي ڏسندي هر ماڻهو چاهيندو هو ته ساڻس دوستيءَ جو هٿ وڌائي سندس ساٿ ۾ سلهاڙجي وڃي. ان ڳالهه کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته هو نه صرف جديد صحافت جا بنياد وجهندڙ هڪ بهترين استاد صحافي هو پر جادوئي آواز جو پڻ مالڪ هو، جنهن جو آواز جڏهن لهرن وسيلي ماڻهن جي ڪنن تائين رسندو هو ته ماڻهو مٿس موهت ٿي پوندا ها، سندس اندازِ بيان ڪمال جو هو.

هُو سنڌ جي ماڻهن کان وڇڙيو ضرور آهي پر اڄ به هُو پنهنجي لکڻين ۾ زندهه جاودان آهي. هدايت منگيءَ کي نوجوانن کان وٺي سندن ساٿين ۽ قبيلي وارن وساريو ناهي، هدايت منگيءَ جو جنم ۱۸ آڪٽومبر ۱۹۴۶ع تي هڪ نيڪ مرد ۽ ذهين استاد غلام رسول منگيءَ جي گهر ۾ مھين جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ ۾ ٿيو. سندس گهر اندر سندس شفيق والد جي ڪري علمي ماحول هيو، جنهن چاهيو پئي ته سندس اولاد پڙهي لکي، سندس سپنا سجايا ڪري، سو ان ڏس ۾ هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي والد استاد محترم غلام رسول منگيءَ کان ورتي ۽ ناظره قرآن شريف، عربي، فارسي، سنڌي، جاگرافي توڙي تاريخ جي علمن ۾ محنت سان ڪافي دسترس حاصل ڪري ورتائين ۽ سنڌي ورنيڪيولر فائنل پنهنجي والد جي نگرانيءَ هيٺ خانگي طور پاس ڪري، فرسٽ اسٽئنڊرڊ ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ داخلا ورتي، جتي ساڻس گڏ پڙهندڙ ڇوڪرن جو سائيڪل جي ڪري ساڙ ۽ حسد جو عنصر پيدا ٿي پيو ۽ هن کي اڪيلو ڏسي ڪري مار ڪڍي هئائون، جنهن ڪري سندس والد کيس ٿرڙي محبت مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو ته جيئن سندس پٽ پڙهي سندس اڌورن ارمانن کي مڪمل ڪري پوري تر ۾ مثال بڻجي، پٺ تي پيل سندس ڳوٺاڻن لاءِ اتساهيندڙ مثال بڻجي ته جيئن هو به جديد دور ۾ رهندي علم پرائين. گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌي ادب ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو آهي، تن ۾ ڪهاڻي، ناول، سوانح عمري، سفرناما، شاعري پڻ اهم ۽ الڳ الڳ باب آهن، سو شاعريءَ هجي يا کڻي نثر، سنڌ جي انهن ادب جي خدمتگارن جو ذڪر نه ڪرڻ ساڻن وڏي بي واجبي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهن آڌيءَ رات جو اٿي، قلم کي جنبش ۾ آڻي ڪاغذ تي قلم کي گرمائي، پنهنجي وطن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ گيت سرجيندي کين جيئڻ جو مقصد طئي ڪري ڏنو، تخليقار هونئن به قومن جا غيرمعمولي فرد هجن ٿا جيڪي پنهنجي قوم مٿان آيل مصيبتن ۾ بهترين حڪمت عملين جي جوڙجڪ ۾ ماهرانه رايا پيش ڪري سندن مددگار ثابت ٿيندا آهن، انهن جي سرواڻي ڪندا آهن، سنڌي ادب توڙي صحافت ۾ هدايت منگيءَ جو نانءُ کڄڻ سان، سندس گهڻ رخي شخصيت جو خاڪو اڳيان اچي ٿو وڃي، جنهن نه رڳو ادبي دنيا اندر پنهنجي تخليقي پورهئي سان عام کي اجاريو هو پر هن صحافتي دنيا ۾ پير پائڻ سان جديد صحافت جا بنياد پڻ وڌا هيا، گڏوگڏ هو لطيف سرڪار جو شارح پڻ هو، هن هميشه سنڌ جي ماڻهن سان پيش ايندڙ معاملن کي اعلٰي ايوانن تائين ايمانداريءَ سان پڻ پهچايو، سندس پيروي ڪندي سندس هڪ فرزند حفيظ صحافتي دنيا ۾ ساڳي جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي، هدايت منگي هڪ جدوجهد جو عملي جدوجهد جو هڪ سهڻو نانءُ ۽ خوبصورت حوالو به آهي، جنهن پنهنجي ڄمار ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن کي ارپيندي پنهنجو سمجهيو ۽ هڪ مسيحا بڻجي، سندن اهنجن ۽ ايذائن تي پها رکيا، هدايت منگي جڏهن صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ته هن پنهنجي نت نون تجربن سان صحافتي ميدان ۾ سڌارا آندا ته جيئن نوجوان صحافين منجهه لڪل صلاحيتون اجاگر ٿين ۽ سنڌي اخباري ادارن ۾ اهل ماڻهن جو اضافو ٿيئي، سندس هلال پاڪستان ۾ لکيل ايديٽوريل اڄ به پڙهجن ته ائين محسوس ٿيندو ته اجهو ڪو ليکڪ ٽيبل تان اٿي ويو آهي،جنهن ابن الوقت کي قوم سان ٿيندڙ ڪلورن تي ڪاوڙ کائيندي کيس آئينو ڏيکاريو آهي، حقيقت ۾ هدايت جا لکيل مضمون ۽ ايڊيٽوريل ڌرتيءَ جي مسڪينن جا وڪالت ناما ئي ته هيا، جنهن ۾ هن هميشه پنهنجي مارن جي محرومين، مايوسين ۽ ساڻن ٿيندر ڏاڍ ۽ جبر خلاف آواز اٿاريو هو، هو پنهنجي مزاجن ۾ هڪ بي ڊپو، بي باڪ، خوددار، ايماندار، کرو،انسان دوست، ماحول دوست، ملنسار ۽ خوش مزاج طبعيت جو مالڪ هوندو هو، سندس گهڻ پاسائين شخصيت جا سڀ پاسا کير جهڙا اڇا ۽ اجرا آهن، ريڊيو پاڪستان جي ڪمپيئر، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور هن جيڪو به ڪم ڪيو، سو درحقيقت ڀرپور ۽ مثالي هو، هلندڙ وقت ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منجهيل ۽ پيچيدا پڻ آهي، انسان قيد و بند جي صعوبتن ۾ اضطرابي ڪيفيتن ۾ مبتلا ٿي ڳورا قدم کڻندي، بي ساها قدم سندس بار بڻجي ويل جيون کي ڳاري رهيا آهن، هر ماڻهو انفرادي زندگي گهارڻ ۾ مشغول آهي، ڪنهن جو ڪنهن سان ڪو سروڪار ناهي، هر ڪو پاڻ کي خانداني، اصلي ۽ اعلٰي سمجهندي ٻين کي نيچ ڏيکارڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ مصروفِ عمل آهي ۽ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيندو ٿو رهي، اهڙين حالتن کي ڏسندي جڏهن هدايت منگي جو پروفائيل پڙهجي ٿو ته هو هڪ اڏول ڪردار جي حيثيت ۾ اسان کي نظر اچي ٿو، هو ريڊيو تي ادبي پروگرام ڪندي ڪڏهن به سطحي ڪم نه ڪيو، پر هڪ تخليقار طور پنهنجي فن کي عبادت سمجهي فرض ادا ڪندو رهيو،هو پنهنجي هر شعبي ۾ غيرمعمولي ذهانت سان زميواريون نڀائيندو رهيو ۽ هڪ تخليڪار جي حيثيت ۾ هن هميشه پروگرامن ۾ نت نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نوجوان تخليقارن جا انٽرويوز رڪارڊ ڪيا جيڪي اڄ به ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڊيوٽي روم ۾ قائم آڊيو ڪيسٽ لائبرريءَ ۾ محفوظ پيل آهن،هدايت ريڊيو تي نوجوان تخليقڪارن جو ڪلام سندن آواز ۾ زباني محفوظ ڪيو، هن سندن هڪ استاد وانگر سندن ادبي دنيا ۾ پڻ رهنمائي ڪئي، ۽ هڪ وڏو اتساهه بخشڻ سان گڏ کين همٿايو، جيڪي اڳتي هلي سهڻين تخليقن سان ادبي پروگرامن ۾ پنهنجا گيت ۽ غزل پراعتماد نموني ڳائيندي عوام منجهه پنهنجو نالو ڪمايو ۽ حيثيت ٺاهي ويا. هو ٻين سان محبت ڪندڙ هڪ بي ضرر انسان هو، هدايت کي جيڪڏهن اسين صرف هڪ فرد چئون ته سندس شخصيت سان بي واجبي ٿيندي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ذات ۾ فرد کان مٿاهون قد رکندو هو، هو فرد نه پر ادارو هو، جنهن جي محنتن ۽ مخلصاڻين ڪوششن جي ڪري ڪيترن منجهيل نوجوانن کي جيئڻ جي جستجو ملي، ھدايت منگي صاحب ڪڏهن به پنهنجي خواهشن کي ٻين جي خواهشن مٿان نه مڙهيو، هو موهين جي ماڳ جو دراوڙ هو، جنهن سمبارا جي ڇير جو ڇمڪو ٻڌي، وطن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ ڪارڻ جيئڻ پئي چاهيو، سندس زندگيءَ جو مرڪز سنڌ هئي، هو سراپا سنڌ هو، هن سنڌ جي ڪيس وڙهندي موت کي مات ڏئي ڇڏي هئي، موت سان سندس ازلي رشتو هو، هن حياتيءَ کي بامقصد گذاريندي پنهنجا گس ۽ گهاڙيٽا ٺاهيا، هو هڪ آدرشي انسان سان گڏوگڏ هڪ مهذب ۽ مخلص انسان هو، جنهن سنڌي ماڻهن لاءِ محبتن جا ميلا مچايا، جنهن ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جي پيغامن سان صدين جا قصا ۽ ڪهاڻيون شامل هيون. تازو هدايت منگيءَ جي فرزند اسان جي دوست عزيز منگي، سندس قلمي پورهيو ڪتابي شڪل ۾ آندو آهي، جنهن ۾ نثر ۽ شاعري شامل آهي، مون کيس مبارڪباد ڏيندي پڇيو هو ته هدايت صاحب جو پورهيو ايترو ئي آهي ته وراڻيوهئائين ته يار! مسڪيني واري عالم ۾ هو مسواڙ جي جڳهن ۾ رهيا، لڏ پلاڻ ۽ برساتن سبب سندن گهرن ۾ پيل بي ترتيب ٻاچڪا جن ۾ سندن والد جو لکيل مواد هو، سو ضايع ٿي ويو آهي، جيڪو هٿ آيو، تنهن کي ترتيب ڏئي ڪتاب آندو آهي، هدايت منگيءَ پنهنجي پوري ڄمار خوددار ٿي گُذاري هئي، هو هڪ بي ڊپو انسان هو، ڌرتيءَ جي هن جهونجهار کي زندگيءَ کان وڌيڪ پنهنجي مارن جي بهتر جياپي جي اڻ تڻ هوندي هئي، جنهن جي ڪري هو ايڊيٽر اسڪرپٽ دوران ڪيترائي ايڊيٽوريل لکيا جن ۾ هن سرڪار نامدار کي سندن مڪروهه چهرو پسائيندي کين شرمايو ته هو اي سي وارن ٿڌن هالن ۾ سڪون واري زندگي گهاري رهيا آهن ۽ سنڌ جا ڏتڙيل ماڻهو گرنهن گذر لاءِ پريشان حال جيون گهاري رهيا آهن، هي وقت جنهن ۾ پاڻ ساهه کڻون ٿا، تنهن ۾ هر ماڻهوءَ جي چهري تي عجيب قسم جو اڻ ڏٺو خوف طاري آهي، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ هر انسان پاڻ کي اڪيلو ڀانئي رهيو آهي، جڏهن ته اهڙي ڳڻتين ۾ ڳتيل دور ۾ هدايت منگيءَ جو اولاد پنهنجي والد جي ڪيل پورهئي کي سالن پڄاڻان “هاريا ويڄ مياس” جي نالي سان ڪتاب سهيڙي اسان آڏو آڻي رکيو ته اها سندس شاندار تربيت جو ئي نتيجو چئبو جو دنيا جي غمن، ڏکن ۽ ڏاکڙن کي پاسي تي رکي علم ۽ ادب سان پيار ڪندڙ سندس اولاد سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪندي هڪ ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي ، هدايت منگيءَ جنهن دور ۾ صحافت جي دنيا ۾ پير رکيو، ان زماني ۾ ته سائنس ايتري ترقي ٿوڙئي ڪئي هئي، هنن ته ڪجهه نه هجڻ باوجود وڏي محنت سان پنهنجو نانءُ روشن ڪيو، اڄڪلهه ته صحافت جو سج ئي اُلهي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته الائي ڪيترا صحافت جا وڏا وڏا نالا آهن جن جون خبرون سندن سب آرڊيننٽ پيا لکي ادارن ڏانهن اماڻيندا آهن، آنڱوٺي ڇاپ ماڻهو اخبارن جا مالڪ بڻيو ويٺا آهن، اخبارون ايڏيون سستيون ٿي ويون آهن، جو واپاري قسم جا ماڻهو جن کي اخباري ادارن جا مالڪ بڻيو ويٺا آهن، کين اخبار جي حرمت کان بي خبر بڻيل آهن، هن دور جي ماڻهن ته اخبارن کي پنهنجي پروجيڪيشن جو ذريعو سمجهندي سچ کي لڪائيندي ڪوڙ کي پروان چاڙهي ڇڏيو آهي، صحافتي صلاحيت هجي نه هجي، هتي ڪڪڙ کپائيندڙ ۽ حجامڪو ڪم ڪندڙ ماڻهو سينيئر صحافي بڻيا ويٺا آهن، اهو صحافتي دنيا جو الميو ناهي ته ٻيو ڇا آهي، جڳاڙي قسم جا ماڻهو يا وري پيشه ور ڏوهارين جو هاڻي صحافتي لڏو گهاٽو ڇانورو بڻجي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ آءُ سمجهان ٿو ته هدايت منگيءَ، ف.م لاشاريءَ کان انور پيرزادي تائين صحافين جا روح احتجاج ڪندا هوندا. هن جديد دور ۾ انيڪ اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي ٻين جي لکيل رپورٽن ۽ مضمونن تي هٿ ڌوئي مڇ کي مروڙو ڏيئي پاڻ جيئارن ٿا پيا جيڪا اصولي طور تي ادبي بدديانتي تي مبني ۽ هڪ ڪريل حرڪت ۾ شمار ٿئي ٿي. هدايت منگيءَ جو صحافتي ڪم، ادبي ڪم، ريڊيو وارو ڪم يا سندس سماجي پاسو نهايت وزنائتو آهي، هو مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ ڇا ته شخص هيو، سندس وڇوڙي کان هڪ ڏينهن اڳ جو قصو آهي ته هو معمول مطابق ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ” تي پروگرام رڪارڊ ڪرايو جيڪا سندس فرض شناسيءَ سان گڏ لطيف سان اٽيچمينٽ جو هڪ اهڙو مثال هو جيڪو ورهين پڄاڻان به ڪو نه ٿو وساري سگهي، هدايت منگي پنهنجي رشتن کان يار دوستن سان هڪ وفادار انسان طور رهيو، هن پنهنجي پوري ڄمار ۾ ادارن کان ماڻهن تائين معنيٰ ته هن هر هڪ سان وفا ڪئي هئي، ڪهڙي خبر ته ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي کيس دل جو سور پوندو ۽ دل جي بي وفائيءَ ڪري ويٺي ۽ ساڻس ساهن ساٿ وڌيڪ نه ڏنو.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



هدايت منگي!

(سنڌي ادب جو سر موڙ ڏات ڌڻي)

فقير محمد سنڌي

ڏاهــا ڏھ ڏاتــار، ٻــاري ڏيـئا ڏات جا،

سورنهن سينگار، ڪرائن ٿا ڪڇ کي.

محبت، خوشبو وانگر هوندي آهي، جا نه نظر ايندي آهي نه ٻُڌي ويندي آهي، بلڪ محسوس ڪئي ويندي آهي. فرد کي پنھنجي سڃاڻپ لاءِ سماجي سرگرمين ۾ ضم ٿيڻ کان پوءِ ئي محبت جي فتح حاصل ٿيندي آهي، جا ديرپا ان جي قوم محسوس ڪندي رهندي آهي. اهڙو ئي عروس نو بھار سنڌي ادب جو سرموڙ ڏات ڌڻي: هدايت منگي، غلام رسول منگيءَ جي گهر مھين جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ۱۸-آڪٽوبر ۱۹۴۶ع تي جنم ورتو. هدايت منگيءَ کي ننڍپڻ کان شعور جي لاٽ پنھنجي گهر مان ئي وراثت ۾ ملي. شروعاتي تعليم پنھنجي والد وٽ ئي حاصل ڪئي. زندگي پنھنجي جوڀن تي ايندي وئي، هدايت منگي کي دنيا جي خبرچار ملندي وئي، پنھنجي سفر کي اڳتي وڌائيندي ۱۹۶۳ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر پاس ڪئي. ۱۹۶۸ع تي شاھ لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان ۱۹۷۰ع ۾ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ خانگي طور ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد بورڊ ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ۱۹۷۳ع ۾ پاس ڪيائين. هيءُ سماج محنت واري انسان کي آسانيءَ سان رستو راھ هموار ڪري ڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح هدايت منگي مسلسل محنت ۽ جدوجھد ڪري نيٺ اچي ۱۹۶۴ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو.

قاضي نذر الاسلام جي چوڻي ياد اچي وئي آهي ته، زمين انهن جي ملڪيت آهي، جي محبت سان کيس پنھنجو اجهو ۽ آسرو سمجهن ٿا ۽ پوءِ زمين به پنھنجو پاڻ انهن جي ئي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي. معاشري جا اڏيندڙ ڪڏهن به هڪ هنڌ ڪونه بيھندا آهن، پنھنجي زندگي مسلسل جدوجھد ۾ ئي گذاريندا آهن، جيئن هدايت منگي پنھنجي سوچ جو پاسو ورائي جُون ۱۹۷۴ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني ”هلال پاڪستان”۾ سب ايڊيٽر ڪم ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. ان وقت ناميارو اديب ۽ ڏاهو سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هيو، هدايت منگي ترقي ڪندو سينئر سب ايڊيٽر ۽ سکر، حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف رهيو. اخباري دنياجي سفر ۾ هدايت منگي روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترا ئي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هن وڌو. دنيا جي شعور کان واقفيت حاصل ڪري، ”وجود”جھڙو خوبصورت نظم تخليق ڪيو:

”وجود“

منھنجو وجود جيڪڏهن چئين ٿو ته تنھنجي

ئي آهي تخليق،

ته تون ڀُليو آهين. . . . . . !

مون ته توکي

هزارين سال اڳي،

ڌنڌلي تصور ۾ جوڙي ٺاهي

۽ تخليق ڪري

هيڏو مانائتو وجود ڏنو

۽ هاڻ تنھنجي وجود کي

ڊاهي وڌو اٿم،

ڇو ته، مان ئي ته

اصلي خالق آهيان. . . . . . . . . . . !

هدايت منگي سنڌي ادب جي نرالي شخصيت هيو جيڪو هڪ ئي وقت گهڻ پاسائي شخصيت سان گڏ دنيا جھان کي پڙهي ڪري پنھنجا اصول جوڙي، جيڪي صحافت ۽ ادب جي ميدان ۾ پائيدار نموني سان سڀني جي سامھون آهن. معاشري جي اندر ذهني ڪٽرپڻي کي هدايت منگي پنھنجي ڪھاڻي ”نقشو”۾ آسانيءَ ان مت ڀيد ۽ ذهني ڪٽرپڻي کي اکرن جو روپ ڏنو. هدايت منگيءَ جون ڪھاڻيون سئو سيڪڙو معاشري جي عڪاسي ڪن ٿيون. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سرمو ته سڀ ڪا پائي پر اک اک جو ڦير“. هدايت منگيءَ جي اکين ۽ ذهن ۾ سنڌي ادب جو رڳو جمال ئي جمال ٿو نظر اچي، پرجنھن جون اکيون خوبصورت هونديون آهن، ان جي پوري شخصيت خوبصورت لڳندي آهي. هدايت منگي جي ذهن جو جمال اوهان ان جي ڪھاڻي ”نقشو”۾ پسي سگهو ٿا.

”نقشو“

”چاچا! مسجد جو نقشو ليڪرائي آيو آهيان“

”چڱو ڪيئي پٽ! هيڏي ته ڪر ڏسان، پر بيھه ته وضو ساري اچان، ايئن، مسيت شريف جي نقشي کي هٿ لائڻ به صحي ڪونهي. “

”پر چاچا. . . . . !“

ابا ٻه منٽ ڪل لڳندا وضوءَ سارڻ ۾، ڪھڙي اچي تڪڙ لڳي اٿئي“

پنجن منٽن کانپو ءِ.

”ابا هي ته ڏاڍو ڀلو ڪم ڪيو اٿئي، واھ جي مسيت شريف ٺھندي. اصل ڳوٺ ۾ گلاب جي گل وانگر ٽڙي بيھندي. . . . پر هن نقشي ليڪائڻ تي ڏوڪڙ گهڻا لڳا اٿئي؟“

پنھنجو هڪ دوست انجنيئر هو، تنھن کان مفت ۾ ٺھرايو اٿم. . . . “

”ڪھڙو انجنيئر. . . . . ؟“

”چاچا، هو اشوڪ ڪونهي، ڌرمداس جو پٽ؟“

”اشوڪ”جو نالو ٻُڌندي ئي وڏيرو تپي باھ ٿي ويو ۽ پنھنجي پِڪُنِ ڀريل وات سان گار گند به ڪري رهيو هو. اشوڪ جي ٺاهيل نقشي کي بلڪل نامنظور ڪري ڇڏيو.

هدايت منگيءَ جون ڪچھريون ڏاڍيون مزيدار ۽ معلوماتي هونديون هيون. سندس لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائڻ جو انداز ايترو ته اثرائتو هو جو بخيل ۾ بخيل ماڻهو به کِلَ نه روڪي سگهندو هو. لسنِـنگ (ريڊيو ٻڌڻ) جي دور ۾ مون هدايت منگيءَ کي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ”اوهان جو خط پھتو”۾ خط لکيو، خط ۾ شروعاتي جملا ئي اهي لکيم ته ”ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو لڳي ٿو ته مڇي مارڪيٽ ٿي ويو آهي. “هدايت منگي جواب ڏيڻ ۾ دير ئي ڪو نه ڪئي، ”ها ادا فقير محمد! مون کي به لڳي ٿو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو واقعي ئي مڇي مارڪيٽ ٿي ويو آهي. “هڪ ڏينھن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سيڪيورٽي رو۾ ويٺو هئس، هدايت منگي اچي پھتو، ڪچھري ٿي ڪنھن ڳالھ تي ”ڪبير داس”جو قول سھڻي نموني سمجهاڻي طور پيش ڪيائين.

”جيڪڏهن توهان جون ٻئي اکيون سلامت آهن، تڏهن هڪ اک واري تي اعتراض نه ڪريو، شايد هو توهان کان وڌيڪ نظر رکندو هجي. “.

هدايت منگي زندگي کي حقيقت جو روپ ڏنو پرجوش ٿي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. تڏهن ته ۱۹۹۱ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بھترين فيچر رائيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو. ۱۹۹۲ع ۽ ۱۹۹۳ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيورو چيف طور پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار Daily Sindh Tribune ۾ پڻ ساڳئي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين.

هدايت منگي ريڊيو پاڪستان جي سٿ سان گهڻو وقت سلهاڙيل رهيو. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي کان وٺي ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين. هدايت منگي پنھنجي سوچ کي پاڻيءَ جي ڦڙن وانگر صاف ۽ شفاف رکيو، تڏهن سنڌي ادب لاءِ شاندار ڪھاڻيون، شاعري، ترجما، تنقيدي مضمون ۽ تبصرا ادب جي حضور ۾ پيش ڪيا. هدايت منگي، شاھ لطيف جي شاعريءَ جو پارکو، پنھنجي ثقافتي ۽ آثار قديمن سان دل ۽ جان سان عشق ڪيو، موسيقي ۽ راڳ رنگ جي محبت هن جي نس نس ۾ شامل هئي.

۱۹۹۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو قيام عمل ۾ آيو ته هدايت منگي اُتي به پنھنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، ڪافي مقبول پروگرام ڪيا، جنھن جي ڪري هدايت منگيءَ کي بھترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

هدايت منگيءَ جو آواز ڳرو ۽ اُچار تُـزُ هوندا هئا، پنھنجي سڄي زندگيءَ جدوجھد ۾ گذاريائين. موت به اٽل آهي، هر ڪنھن جي سِرَ تي اچڻو آهي. انهيءَ موت ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي هدايت منگيءَ کي به پنھنجي هنج ورتو. هدايت منگي جي آخري آرامگاھ مھين جي دڙي جي اولھ ۾د ادو ڪئنال جي سڄي ڪناري تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پير حمل واري قبرستان ۾ آهي. هدايت منگيءَ کي ڀيٽاطور ڀٽائي سرڪاري جو هي بيت:

محبت پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻو توريو اگهائيو.

(ڪاپائتي)

 

(روزاني ارادو لاڙڪاڻو ۾ ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


هدايت منگي

عبدالحفيظ حيميم

ٻاويھ ڊسمبر منهنجي بابا هدايت منگي جي ورسي جو ڏينهن آهي، ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي بابا هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، اسان کان بابا ڪڏهن ناھي وسريو ۽ ساه جي آخري لڙهي تائين ياد رهندو. I Love you Baba.

اڄ جڏهن

اوهان جي بُٺيءَ تي بيهي

فاتحه پئي پڙهي

ايئن پئي محسوس ڪيو

ڄڻ مان پنهنجي قبر تي بيھي

پنهنجي لاءِ پيو فاتحه پڙھان

۽ دل ڪڍيو ته ڪاش بابا اچي

منهنجي قبر تي فاتحه پڙهي

منهنجي لاءِ دعا گهري

مغفرت جي بخشش جي

جنت الفردوس ۾ مقام عطا ٿيڻ جي

گهر ڀاتين لاءِ صبر ۽ صدمي سهڻ جي

ڇاڪاڻ ته بابا گذريل ۲۲ سالن ۾ ڪو اھڙو

ڏينهن ناھي گذريو

جنهن ڏينهن اوهان ياد نه آيا هجو

 ھر ڏينهن ائين محسوس ڪيو آهي ته

اوهان ڪنهن اھڙي سفر تي ويا آهيو

جتان موٽي ضرور ايندئو

ايئن ڪڏهن به دل قبول ناهي ڪيو

ته توهان وفات ڪري ويا آهيو

اڄ محسوس ڪيم ته

مري مان ويو آهيان

ھيءَ قبر منهنجي آھي

۽ ان قبر کي اوهان جي اچڻ جو انتظار آهي

ڇاڪاڻ ته بابا

ھاڻي ڪو ڏيئو ٻري ٿو ته

سوجھرو محسوس نه ٿو ٿئي

۽ روشنيءَ ۾ ڀي گگھ اوندھ ٿي لڳي

ڇاڪاڻ ته بابا ھاڻي ڪنهن پاڇي ۾ ڀي

تکي اس جيان جلندو رھندو آھيان

ڇاڪاڻ ته بابا ماڻهن جي ھجوم ۾ ڀي

پاڻ کي اڪيلو ٿو ڀائنيان

ڇاڪاڻ ته بابا

اوهان جي ھوندي

 ڪنڊا چڀندا ھئا

۽ ڌڪ لڳندا ھئا

پر درد محسوس نه ٿيندو ھئو

اڄ درد کٽڻ جو نالو نه ٿو وٺي

ڪڏهن اچو منهنجي هن قبر تي

منهنجي لاءِ نجات جي دعا گهرجو

منهنجي لاءِ فاتحه پڙھجو. . . .

هن قبر ۾ مان آهيان

هن قبر ۾ مان آهيان

اوهان ناھيو. . .

 

(عبالحفيظ حيميم جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


ھدايت منگي

مختصر تعارف

عبدالحفيظ حيميم

هدايت الله منگي نامياري استاد ۽ عالم غلام الرسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هُئو. پاڻ مُهين جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ۱۸هين آڪٽوبر ۱۹۴۶ع تي پيدا ٿيو.

هدايت الله منگي، جنهن جو قلمي نالو هدايت منگي ۽ هيميم هيو، شروعاتي تعليم پنهنجي والد وٽ ئي حاصل ڪيائين. ۱۹۶۳ع ۾ هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل پاس ڪئي، ۱۹۶۸ع ۾ شاھ لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان ۱۹۷۰ع ۾ اديب عالم جا امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ خانگي طور ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ۽ بي-اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ۱۹۷۳ع ۾ پاس ڪيائين.

هدايت منگي۲۳ هين نومبر۱۹۶۴ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. هُو شروعات کان ئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو ۽ پاڻ کان وڏن شاگردن کي سندن ڪورسز ۽ امتحانن ۾ تياري ڪرائيندو هو. پاڻ ۱۹۶۴ع کان جُون ۱۹۷۴ع تائين پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. پوءِ ۱۶هين جُون۱۹۷۴ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر- ڪم-ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. ان وقت ناميارو اديب ۽ ڏاهو سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هيو. هدايت منگي ترقي ڪندو سينئر سب ايڊيٽر ۽ سکر، حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيوريوچيف رهيو. هو اخبار لاءِ روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترا ئي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هن وڌو.

۱۹۹۱ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بهترين فيچررائيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو. ۱۹۹۲ع ۾ جڏهن هلال پاڪستان اخبار شيخ سلطان ٽرسٽ وڪرو ڪري ڇڏي ته هدايت منگيءَ کي ٻين ڪجھ ملازمن سميت رٽائر ڪيو ويو. پوءِ هو ۱۹۹۲ع ۽ ۱۹۹۳ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيوريوچيف مقرر ٿيو. نامياري صحافي ۽ شاعر يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار DAILY SINDH TRIBUNE ۾ پڻ ساڳئي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ۷۰ع واري ڏهاڪي کان وٺي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين. ۱۹۹۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام کان وٺي پنهنجي وفات تائين انائونسر، ڪمپيئر، ماڊريٽر ۽ انٽرويوئر طور پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي سندس پروگرام رسالو، روبرو، لطيف رنگ، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، انٽرويوز ۽ ٻيا کوڙ پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا. اتي کيس بهترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.

هدايت منگيءَ صحافت سان گڏ ادب ۾ به پاڻ موکيو. ۷۰ع واري ڏهاڪي کان ئي سندس شاعري، ڪهاڻيون، ترجمان، تنقيدي مضمون، تبصرا سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هو شاھ لطيف جي شاعريءَ جو وڏو پارکو هو. ثقافت ۽ قديم آثارن جي علم تي عُبور حاصل هئس. موسيقي ۽ راڳ رنگ جي تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ ”خيال”هِن ئي ڳائرايو ۽ اهو ئي سندس پسند جو راڳ به هو.

سندس آواز ڳرو ۽ اُچار چِٽا ۽ تُزُ هوندا هئا. هو هميشه کلمک ۽ ڪچهرين جو مور هوندو هو. سندس سموري زندگي جدوجهد ۽ ڪوشش ڪندي گذري.

ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران نومبر ۱۹۸۸ع ۾ پهريون ڀيرو دل جو عارضو ٿيس، انهيءَ دل جي بيوفائيءَ ۲۲هين ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي سندس آخري ساھَ کسي ورتا. هدايت منگي مُهين جي دڙي جي اولھ ۾ دادو ڪئنال جي سڄي ڪۡناري تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پيرُ حمل واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سُتل آهي.

 

(عبدالحفيظ حيميم جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


هدايت منگي

نامياري صحافي جي ورسي سانوڻي جي موج

منظور ڪوهيار

هدايت کي ڏسي لڳندو هو ته هدايت کي ’هدايت’جي سخت ضرورت آهي، نالي جي حوالي سان سندس شخصيت بنھ ابتڙ هئي، اجھل ۽ کرو. سئنين راند سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي. پهرين ملاقات موهن جي دڙي تي ٿي هئي، گھڻو ڪري ته فيبروري مارچ ۱۹۸۷ع ۾. هن اسٽوپا جي اولهائين پاسي وارن آثارن کي پئي جاچيو ۽ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي عملدارن هن کي. ايئن پئي لڳو ته ڄڻ ڪو راڪاس لٿو هجي، ”ڪسٽوڊين” ۽ ”ڪيوريٽر” کان پڇيوسين؛ ”خير ته آهي؟“

اشارو ڪندي ٻڌايائون ته اهو هدايت منگي پيو گھمي. هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪم ڪندو آهي، خبر نه آهي ته ڪهڙو بنبال کڙو ڪندو؟ مينهن جي ڪڻ ڪڻ سان، ٿڌي هوا جا جھوٽا لڳي رهيا هئا. ميگھه ملهار جي موسم هئي، اسان جي جستجو وڌي وئي ته ڏسجي، سو سري وڃي سلام ڪيوسي، سلام ورايائين ته ڇرڪ نڪري ويو ته هي ڇا. . !؟ مڙس آهي ته سنهڙو سيپڪڙو پر آواز ۾ اهڙو ته رعب ۽ کڙڪو ڄڻ هڏن ۽ ماس جي بوتل ۾ڪوھ ڪاف جو ديو ويٺو هجي.

حالي احوالي ٿياسي ته اسان وانگر وڏو حوالي نڪتو، قصو موهن جي دڙي کان نڪتو ته ختم وڃي ”ڀنڀور”جي آثارن تي ٿيو. ملاقاتن جو سلسلو تڏهن وڌيو، جڏهن هلال پاڪستان اخبار ۾ بيورو چيف ٿي لاڙڪاڻي پهتو. اسان جي سنگت کي خوشي ٿي ته هڪ موهن جي دڙي جو عاشق وڌيو، پر پوءِ خبر پئي ته همراھ موهن جي دڙي جي ڪک ”ٻلهڙيجي”۾ ڄائو آهي، جوان بگيءَ ۾ ٿيو آهي، هن کي ڏسي ايئن لڳندو هو ته هو واقعي ”مونهين”جي مٽيءَ جو ٺهيل ماڻهو آهي، جيڪو هر جنم ۾کيس بچائڻ لاءِ آذرتو آهي. هلال پاڪستان ۾ سندس ڪافي رپورٽون موهين جي آثارن کي بچائڻ لاءِڇپيون هيون،

مُهين جي دڙي تي ڪچهريون ڪندي ڪندي، هڪ ڏينهن سنگت اها صلاح بيهاري ته ڇو نه سنڌي ادبي سنگت ”شاخ موهن جو دڙو”جو بنياد رکجي، پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي جو بنياد پيو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگھو، شعيب علي عمراڻي، منير سومرو ۽ ٻيا ڪيترا ئي دوست ميمبر ٿيا. سڀني هڪ راءِ ٿي هدايت منگي کي سيڪريٽري مقرر ڪيو، پوءِ ته آرڪيالاجي جو اسٽاف ٻٽنگو ڦاٿو، موهن جي دڙي تي ڪڏهن گڏجاڻي، ڪڏهن ليڪچر، ڪڏهن مطالعاتي دورو، نتيجي ۾ ڪڏهن اسٽاف جا مٽا ڦوڪيل، ڪڏهن سنگت جا، ڪڏهن سڀئي گڏجي موهن جي دڙي جي ريسٽورنٽ ”شبستان” ۾ بغليون هڻندا وتن. انهيءَ دؤران مونکي به قائل ڪيائين ته ڪالم لکان. ۱۹۸۹ع جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مون ”فڪر فرهي هٿ ۾” ڪالم لکڻ شروع ڪيو. ايڊيٽنگ هدايت ڪندو هو، ڪمال جي ايڊيٽنگ هئي، اهڙي ٽيڪنيڪل جو ڪڏهن سٽ نه ڪٽيائين، فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي هير ڦير ڪندي يا وري مذڪر مونث واري غلطي درست ڪندي پار پوندو هو، ايڊيٽنگ به هڪ ڏانءُ آهي نه ته ڪاسائيڪي ڪار.

باقي زباني تنقيد ۾ ته هدايت ڪڏهن ڪاسائي ڪڏهن ماهر سرجن. اهڙي ٺڪي ٺوڪي تنقيد ڪندو هو جو همراھ جي تخليق کي اڊيڙي ڇڏيندو هو، اصلي آنڊا گونڊا ڪڍي اڳيان رکندس جو همراھ ۾ سهپ جو مادو هوندو ته ٻيهر ايندو نه ته ڪتيءَ ڪن وڍيا. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي گڏجاڻين ۾ ڪو ڪچي ڦڪي تخليق کڻي اچڻ جو ساهس نه ڀائيندو هو. هونئن به هدايت جي طبيعت کي، ڪنهن هيٺ مٿي ڦرندڙ چيڪلي جيان لاها چاڙها ها. ڪڏهن ته شيخ النفزاوي جو ڪتاب ”باغ العطر” لڳو پيو هوندو هو، ڏسي لڳندو هو ته کيس پيدا ڪرڻ واري، پيدا ڪرڻ کان اڳ عشق جي اکري ۾ وجھي محبت جي مهري سان ڪٽڪو ڏنو آهي. لطيف جا جمالياتي بيت پڙهندي کين جنسي معنائون پهرائيندو. هونئن به چوڻ واري جو پنهنجو خيال، سمجھڻ واري جي پنهنجي سمجھ ۽ سوچ. آفاقي شاعر جي تخليق ۾ته معنائن ۽ مطلبن جا دريا وهن ٿا، خاص ڪري هيٺين بيت ته مجازي معنائن ۾ پيش ڪندي حيرت ۾ وجھندو هو.

تان جي ٿين سامهان، پٺيرا سونهن

سنئون ورائي سپرين، منهن جي مان ڏي ڪن

ته رڳون سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي. . .

هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اڇل

نه ڪا جھل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.

۽ ڪڏهن ته اسپيني ڍڳي وانگر چيڙاڪ، پڇ ڪنڊي تي. ڀل خاني خان هجي شاھ شاهوڪاري چئي ڏيندس. جيڪو دل ۾ سو زبان تي. مڙندو مولا بخش ڪلهوڙي مان به نه، جيڪو فيملي ڊاڪٽر سان گڏ سندس يارِ غار به هو.

حقيقت ۾ ته هدايت منگي جي طبيعت جي بي چيني ۽ اضطراب، سندس ان حياتيءَ جا عڪس آهن، جيڪا حياتي هن ٻلهڙيجي کان وٺي بگي ڳوٺ تائين، بگي کان ڪراچي تائين ڏاڍي ڪٺن، محنت ۽ مقابلي ۾ گذاري. انهيءَ دؤران بي يقيني واري ڪيفيت کيس ايترو ڌونڌاڙيو جو ٻيو ڪو هجي ها ته ڪڏهن جو پيالو ڪري وڃي ها. هدايت جي مڙسي اها هئي ته هن زندگي جي حقيقتن کي منهن ڏنو. ڪنهن گھڙي به فرار جي راھ اختيار نه ڪئي.

صحافت جو ميدان ڏاڍو خارزار آهي، ان مان صحيح سلامت گذري وڃڻ ڏاڍو اوکو آهي. هن پيشي جون عجيب تقاضائون آهن. پبلڪ کي هر ڏينهن تي ٿيندڙ واقعن جي باري ۾ صحيح اطلاع فراهم ڪرڻ، ماڻهن جي مفادن جي چوڪسي ڪرڻ، ڪنهن خاص مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي حل ڪرائڻ لاءِ واسطيدار ڌرين جو ڌيان ڇڪائڻ. ماڻهن کي کري کوٽي جي شناسائي ڏيڻ، انساني اعليٰ قدرن جي آبياري ڪرڻ وغيره.

پر ٻي قسم جي به صحافت آهي، غلط خبرون ڏئي ماڻهو منجھائڻ، پبلڪ جي مفادن جو سودو ڪرڻ، کري کي کوٽو ۽ کوٽي کي کرو ڪرڻ، ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي تڇ سمجھڻ، منفي روين کي اڀارڻ، سماج ۾ هيجان ۽ انتشار کي برپا ڪرڻ، اهڙي قسم جي صحافت کي عرف عام زرد صحافت سڏبو آهي.

ان ڪري هڪڙا صحافي اهي آهن، جيڪي حقيقي صحافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان ۽ هڪڙا اهي جيڪي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جا خواهان.

هدايت منگي هڪ دفعو ڪنهن لوڪل اخبار جي مهورت تي ڳالهائيندي جڏهن صحافت جي حالتِ زار جي تصوير ڪشي ڪندي چيو هو ته” صحافت ڄڻ ڪنهن چڪلي جي رنڊيءَ جيان ٿيندي ٿي وڃي ۽ صحافي دلال. جيڪو ٿو گھر کان رسي، سو صحافي ٿو ٿئي، سنڌ جي هر شهر ۾ ڄڻ ڪتي ويائي پئي آهي. “اهي ئي صحافي ڪاوڙيا هيا، جن کي ان آئيني ۾ پنهنجي تصوير نظر آئي هئي. جڏهن ته سنجيده صحافين سندس جرئت کي ساراهيو، ته ”جيڪو اسان چوڻ جي جرئت نه ڪري سگھياسي، ان جو برملا اظهار هدايت منگي ڪري ڏيکاريو. “

ڇا اهو سنڌي صحافت جو الميو نه آهي ته اخبار هجي نه هجي ته به صحافي آهي؟ ڪجھ لکي نه لکي ته به صحافي آهي؟ ڇا اهو سچ نه آهي ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترا ئي صحافي آهن، جيڪي ٻين جي لکيل رپورٽن ۽ڪالمن جي سهاري زنده آهن، جن کي ”فوٽو ڪاپي صحافي”سڏيو وڃي ٿو؟

ڇا اها حقيقت نه آهي ته ڪيترن صحافين کي مختلف موضوعن جي بنيادي اصطلاحن جي خبر نه هجڻ ڪري، سندن رپورٽون غلط ۽ مذحقه خيز هونديون آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ صحت کاتي، آثارِ قديمه، چيمبر آف ڪامرس، اسپورٽس، ثقافت ۽ روينيو وارا منهن مٿو پٽيندا آهن. ان حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ته پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ڪيترا صحافي، صحافت جو ڀرم آهن ۽ ڪيترا نام نهاد آهن. وري جيڪڏهن صحافتي ايمانداريءَ جو تجزيو ٿئي ته اهو به اندازو ٿي ويندو ته ڪيترا آهن، جيڪي سون تي سيڻ ناهن مٽائيندا، يا جيڪي لفافي جي سهاري تي صحافت ناهن ڪندا.

لاشڪ ته هدايت منگي صحافت جو ڀرم به هو ته شرم به هو، هن جرنلزم جي حوالي سان هر موضوع تي رپورٽنگ ڪئي. سندس مشهور ڪالم”ڳالهيون ڪرڻ جهڙيون”۱۹۹۹ع روزانه ”سچ”۾ ”لاڙڪاڻه ڊائري”عوامي آواز ۱۹۹۳ع ۾، سندس مشهور ترجمو، شهري رٿابندي کاتي طرف کان پيش ٿيلOutline development plan of Larkana لاڙڪاڻي جي رٿابندي ۽ ترقياتي خاڪو، هلال پاڪستان ۱۹۹۰ع ۾، ”تباهي ڏانهن وٺي ويندڙ فطرت”مائيڪل جانسن ۽ رچرڊ هيوگز جو انٽرويو عوامي آواز ۱۹۹۳ع ۾. هلال پاڪستان ۾ سندس نيوز ليٽر، ان کان سواءِ اخبارِ جهان ۾ سندس اردو ۾ ڇپيل مضمون ۽ Sindh tribune ۾ ڇپيل انگريزي مواد آهي. جيڪو سندس هڪ بهترين صحافي جي حوالي سان سند آهي.

اخبار هلال پاڪستان مان ۱۹۹۲ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين ته عوامي آواز ۾ بيورو چيف ٿي ڪم ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ اخبارِ جهان جو ڊسپيچ رائٽر ٿيو. ۱۹۹۵ع ۾ ڊيلي سنڌ ٽريبون جو نمائندو ٿيو. انهيءَ سال ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان واڳيل رهيو. هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کيس ڀانءِ نه پوندو هو. جيتوڻيڪ ۱۹۸۸ع کان وٺي دل جو مريض هو، پر ذهني طور تي هميشه چاڪ ۽ چوبند رهيو. ۱۹۹۴ع ۾ ڊاڪٽرن سول اسپتال لاڙڪاڻي جي ڪارڊيالوجي وارڊ ۾ داخل ڪيس. سنگت مان ڪنهن گھڻ گھري صلاح ڏنس ته اخبار ۾ سندس سرڪاري خرچ تي پرڏيھ مان علاج ڪرائڻ جو پرزور مطالبو رکيو وڃي. مورڳو همراھ ڪارڊيولاجي وارڊ مان اهو چئي ٽپڙ کڻي نڪتو ته، ”زندگيءَ مان اڃان ايڏو مايوس ناهيان ٿيو، جو مرڻ کان اڳ ماتم شروع ڪرايان. “

هدايت منگي صحافت جي حوالي سان APNS پاران ۱۹۹۱_۹۲ع ۾ بهترين علاقائي زبان جي رپورٽر جو ايوارڊ ۽ ”سر شاهنواز ڀٽو ايوارڊ”حاصل ڪيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي طرفان بهترين انٽرويوئر جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. هدايت منگي نه صرف صحافت جي ميدان ۾ پاڻ موکيو پر ادب جي حوالي سان به پاڻ مڃايو. جيتوڻيڪ هن ٿورو لکيو مگر سٺو لکيو. سندس مختصر ڪهاڻي ”نقشو”سندس لکڻ جي پختگي کي واضح ڪري ٿي. شاعري ۾ خاص ڪري سندس آزاد نظم گھاڙيٽي ۽ خيال جي حوالي سان پختا ۽ گهرا آهن. هن پنهنجي آخري خواهش هڪ آزاد نظم ” سانوڻ جي موج”۾ هيئن ڏيکاري آهي:

سانوڻي جي موج هن ڀيري ته ڏس

دل چوي ٿي

مائٽن کي چئي ڇڏيان

مئي پڄاڻان

سانوڻيون ٿينديون پيون ۽

موج ڀي ايندي پئي

مان نه ڏسندس. . . !

ان ڪري،

مون کي ڪنڌيءَ تي پورجو.

۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع رات جو ساڍي ڏهين وڳي اوچتو سور جي سٽ کيس لوڏي ڇڏيو. سندس صالح پٽن عزيز منگي ۽ عبدالحفيظ ڪوشش ڪئي پر تقدير آڏو تدبير ڪم نه آئي.

سندس مڙھ وصيعت مطابق پير حمل قبرستان ڳوٺ بگي، تعلقو ڏوڪري بڻيو. جتي سانوڻيون ٿينديون پيون، مؤج به ايندي پئي. ۽ انهن سان سندس روح رهاڻ به ٿيندي پئي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


هدايت منگي

سنڌي ادب ۽ صحافت جو انمول ڪردار

مجيد نواز مغل

سنڌ جي ڌرتي ڏاھن جي مامري ۾ وڌيڪ ڀاڳوند رھي آھي. ھن ڌرتيءَ تي ڪيترن سورمن، جوڌن قلمڪارن، شاعرن اديبن ۽ دانشورن جنم ورتو ۽ پنھنجو نالو ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ڪمايو وري مٿان سوني تي ساڳو اھو ته موهن جي ڌڙي جي قديم ۽ تاريخي مٽيءَ ڪيترائي انمول ھيرا پيدا ڪياـ جن ۾ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ڪامريد حيدر بخش جتوئيءَ جا نالا تمام گھڻا مشھور آھن. اتي موهن جي ڌڙي جي ڌرتي کي تاريخي شخصيتن انور پيرزادي ۽ ھدايت منگي جو به جنم ٿيو.

ھدايت منگي جي شھرت صحافت جي حوالي سان وڌيڪ ليکي وڃي ٿي پر ھو سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ ڪھاڻيڪار ۽ شاعر پڻ ھو. ھو بگي ڳوٺ ۾ ڄائو. ھن جو گھڻو وقت موهن جي ڌڙي لڳ انھي ڳوٺ ۾ گذريو، جتي ھن وقت ھو دفن پڻ ٿيل آھي. شروعاتي طور ھدايت اسڪول ۾ ماستري پڻ ڪئي. پر ۷۰ جي ڏھاڪي ۾ ڪراچي وڃي سنڌي اخبار ھلال پاڪستان ۾ شروع ۾ پروف ريڊر ۽ بعد ۾ سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر جون ذميواريون پنھنجي محنت سان حاصل ڪري ورتيون. ھدايت منگيءَ کي سنڌي صحافت ۾ ڊائري لکڻ جو موجد سڏيو وڃي ٿو. ھن سنڌ سلامت ساٿ سلامت جھڙا انيڪ جملا صحافتي ۽ عام ٻوليءَ ۾ مروج ڪيا. ھدايت منگيءَ جي صحافت جي بلندين تي پھچڻ بعد ھن انگريزي صحافت ۾ به سنڌ جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ۽ سندس ڪردار کي اڄ به بيحد احترام ۽ پنھنجائپ سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ھنکي انور پيرزادي جيان شاھ لطيف جي شاعريءَ تي عبور حاصل ھو. شاھ جي شاعريءَ جي تشريح ڪرڻ تي ملڪو حاصل ھو. ھن پنھنجي ادبي ڪيريئر ۾ ڪيتريون ئي ناياب ڪھاڻيون لکيون ۽ مهينه جي ڌڙي سميت سنڌ جي انيڪ مسئلن جھڙوڪ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير ڌارين جي آبادڪاري سنڌين جي وڌندڙ بيروزگاري معدني وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌو درياهه بابت ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيا جيڪي ته سندس لائق فرزند عزيز منگيءَ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ واري ڪم ۾ رڌل آھي ۽ ھن سندس ڪجهھ ڪتاب منظر عام تي آڻي ھدايت منگيءَ جي ڪيل ڪم کان اڄ جي نسل کي روشناس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جنھن ۾ ھو مڪمل طور ڪامياب به ويو آھي. ھدايت منگي لاڙڪاڻي شھر ۾ وڏو عرصو رھيو، صحافت ڪئي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي وارن سندس ڪيترائي معلوماتي ۽ ادبي پروگرام ڪيا. جنھن سان پڻ کيس شھرت حاصل ٿي.

مان پاڻ کي ھدايت منگيء جو ھڪ شاگرد سمجھان ٿو. ڇاڪاڻ ته مون جواني جي شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن صحافت جي الف ب کان به اڻ واقف ھئس. ان وقت اھا ھدايت منگي جي شخصيت ئي ھئي جنھن منھنجي مڪمل رھنمائي ڪئي۽ مون کي سکر جو سينئير ترين صحافي بڻايو.

ھدايت منگيءَ جو ادبي ڪم هجي يا صحافتي، ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ڇو ته هن ادب ۽ صحافت ۾ خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس وڇوڙي کي ڪيترا ئي سال ٿي ويا آهن پر ماڻهو کيس اڄ به ياد ڪن ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا