; سنڌي شخصيتون: پير علي محمد شاهه راشدي- نور محمد ڀٽو

24 July, 2017

پير علي محمد شاهه راشدي- نور محمد ڀٽو

پير علي محمد شاهه راشدي
نور محمد ڀٽو
پير علي محمد شاهه راشدي 5 آگسٽ 1905ع تي ڳوٺ بهمڻ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم، غير رسمي طور تي، مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد صادق کان حاصل ڪئي. جڏهن ته انگلش ماهوٽن جي اسٽيشن ماسٽر وٽ پڙهيو. ان کان علاوه هن سنڌي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ دلچسپي وٺي مهارت حاصل ڪئي. هن سياست، صحافت ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو. فرياد سنڌ، اهي ڏينهن اهي شينهن (ٽي جلد)، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان شايع ڪيا ويا، جيڪو عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو، چين جي ڊائري، رواداد چمن (اردو ۾) خط ۽ مضمون، جي ايم سيد ڏانهن سنڌيءَ ۾ لکيل خطن جو مجموعو، روزاني عبرت حيدرآباد ۾ ڇپيل ڪالمن جو مجموعو؛ ”رند و پنڌ“، سندس علم دانش جو مظهر آهن. هن 1926ع ۾، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي سنڌ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ممبئي کان سنڌ کي جدا صوبو ٺاهڻ بابت جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن سنڌ اتحاد پارٽي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. پاڻ 1924ع ۾ صحافتي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت الراشد رسالي سکر ۽ روزانو الامين سکر/ حيدرآباد جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ 1927ع ۽ 1928ع کان ڪيو. ان کان علاوه خان بهادر محمد ايوب کهڙو جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. روزانه ستارا سنڌ، روزانه سنڌ زميندار سکر مان 1924ع کان 1932ع تائين جاري ڪيائين ۽ ٻين ڪيترين ئي اردو انگريزي اخبارن جو ايڊيٽر رهڻ کان علاوه 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ باقاعدگيءَ سان شموليت اختيار ڪري، مسلم ليگ جو صوبائي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.



پير علي محمد شاهه راشدي، آل انڊيا مسلم ليگ ڪميٽي جو پرڏيهي سيڪريٽري پڻ رهيو. هو 1940ع کان 1959ع تائين، سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو. هن باقاعدگيءَ سان، مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سياست ڪئي. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو خيرپور ميرس مان ميمبر چونڊيو ويو. کيس صوبائي وزير نشريات و اطلاعات، صحت ۽ روينيو کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو. هن آڪٽوبر 1955ع ۾ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاس گهرائي، ون يونٽ جو قانون زوريءَ اسيمبلي ميمبرن کان پاس ڪرائي، قوم جي ڳچي ۾ ون يونٽ جي غلاميءَ جو ڳٽ وڌو. هن 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي عارضي طور تي هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد ۾ قائم ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن جيوڻي ٻائيءَ سان ڪراچيءَ ۾ واعدو ڪيو هو ته هو اندرون سنڌ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪندو. 1957ع ۾ وفاقي وزير اطلاعات و نشريات مقرر ڪيو ويو. روزاني جنگ ڪراچي ۾ 1965ع کان 1975ع تائين، ’مشرق و مغرب‘ عنوان سان ڪالم لکيا اٿس. سندس ڪتاب چين جي ڊائري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هو 21 سيپٽمبر 1959ع کان 1961ع تائين، فلپائين جو سفير رهيو.، جڏهن ته 63-1962ع کان 10 مهينن جي لاءِ عوامي جمهوريه چين جو سفير رهيو. هن وزيراعظم چون اين لائي ۽ مائوزيتنگ کان علاوه، چين جي اهم ليڊرن سان ملاقات ڪري، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستيءَ جو بنياد رکيو. منهنجي هن سان لکپڙهه رهي. مان کيس سنڌيءَ ۾ خط لکندو هئس، پاڻ ان جو اردوءَ ۾ جواب ڏيندو هو. گارڊن ايسٽ ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات رهي. 1948ع ۾ روزانه سنڌ آبزور ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. کيس پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽر ايسوسيئيشن جو صدر مقرر ٿيو. راشدي 14 مارچ 1983ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

No comments:

راءِ ڏيندا