; سنڌي شخصيتون: گلشن لغاري

22 July, 2017

گلشن لغاري

گلشن لغاري
درد سان ناتو جوڙيندڙ شاعره
علي محمد درد سولنگي


طبيعتًا سڌي سادي، انتهائي حساس، پنهنجون غلطيون مڃيندڙ، ڪنهن حد تائين جذباتي، حق تلفي، منافقي ۽ بد اخلاقيءَ تي ڪاوڙ بدران ڏک ڪندڙ، شاعري لکڻ وقت بيچيني ۽ لکي وٺڻ بعد پاڻ کي رليڪس Relax محسوس ڪندڙ، شاعري لکڻ وقت عجيب اداسيءَ جي ڪيفيت ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي شعر لکندڙ، شاعره اديبا ڪالم نگار گلشن لغاري جو اصل نالو گلشن آرا لغاري آهي.


گلشن لغاري پهرين جولاءِ ۱۹۶۵ع تي نبي سر روڊ عمر ڪوٽ ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو، گھر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول، سندس ماما ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جون ”جيل جون ڊائريون“ ۽ خط پڙهي، کيس لکڻ جو شوق جاڳيو، گلشن ننڍپڻ کان شاھ جو رسالو پڙهيو ته سندس ساڃاھ سان سُڃاڻ ٿي، امرتا پريتم جي نثر ۽ پروين شاڪر جي شاعري، گلشن کي بيحد متاثر ڪيو ۽ پڻ لکڻ لاءِ اتساهيو، گلشن لغاري ڪچا ڦڪا شعر، مضمون ۽ ڊائري لکڻ جي شروعات مڊل ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، باقائده لکڻ لاءِ کيس حيدرآباد جي ماحول، سندس بابا ۽ سندس دوست امر سنڌو اتساهيو/همت افزائي ڪئي ۽ مشاعرن ۾ شرڪت جو موقعو ڏنو، گلشن لغاريءَ جي پهرين تخليق ماهوار ”سوجھرو“ ۾ ڇپي، پهرين تخليق ڇپجڻ تي سندس والد تمام گھڻو خوش ٿيو هيو ۽ گلشن پاڻ کي ڀاڳن ڀريو ڀانئيو هيو.
حالتن ۽ ماحول کان متاثر ٿي لکندڙ، خاص طور ڪنهن سان ڪا نا انصافي ۽ جبر تي قلم کڻندڙ، يا زندگيءَ ۾ ڪي درد ڏيندڙ پل ڏسندي اداس ٿي ويندڙ ۽ اداسيءَ ۾ ميوزڪ ٻڌندڙ ۽ ڪجهھ نه ڪجهھ لکندڙ، شاعريءَ کي پنهنجي تلاش ۽ جستجو جو عڪس ۽ پنهنجو پاڻ کي اظهارڻ جو نفيس ترين ذريعو چوندڙ گلشن لغاريءَ جو چوڻ آهي ته ”منهنجي نظر ۾ عورت خدا کان پوءِ سڀ کان وڏي تخليقڪار آهي، ان جو درجو انسان کان مٿانهون آهي، پر بدقسمتيءَ سان کيس انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي.
اڄ جي عورت کي پنهنجي هستيءَ جو شعور آهي، اها پنهنجي لاءِ سماجي برابري ۽ انسان جو درجو حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙھ وڙهي رهي آهي، ملازمت ڪندڙ عورتن جي گھڻائي ٻٽي عذاب جو شڪار هجي ٿي، کين گھر جون سموريون ذميواريون ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ نوڪريءَ جون ذميواريون به نڀائڻيون پونديون آهن، انهن جي همت افزائي ۽ سپورٽ بلڪل نه ڪئي ويندي آهي، عورت کي پنهنجي وجود ۽ زندگيءَ تي توڙي جسم ۽ جان تي به ڪو حق حاصل نه هوندو آهي، عورت لاءِ ڪنهن غلطيءَ جي گنجائش  نه آهي، اها ڏينهن رات جانور جيان گھاڻي ۾ وهندي/پيڙجندي رهي ٿي، سوال هر شعبي ۾ عورت جي درجي جو اچي ٿو، بجاءِ عورت جي ذهانت ۽ صلاحيتن جي عورت جي جسماني سونهن کي مڃتا ملي ٿي، اسان جي سماج ۾ عورت لاءِ شهرت کي بدنامي تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ شهرت سڀني کي وڻندي آهي پر ان جون عورت کي ڳريون قيمتون ادا ڪرڻيون پونديون آهن.“
جڏهن ڪو حساس ماڻهو/ انسان دنيا کي پنهنجو نقطه نظر نه سمجهائي سگهي ته پوءِ ان وٽ پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي اظهار لاءِ آرٽ جي شعبي ۾ پناھ وٺڻ کان سواءِ ڪو گس نه ٿو بچي، ڪالم لکڻ علاوه شاعريءَ ۾ غزل،  نظم، وايون، نثري نظم ۽  چوسٽا لکندڙ گلشن لغاري کي شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم، فڪشن ۾ آٽو بايوگرافيز ۽ ناول، شاعرن اديبن ۾ شاعرن جو شهنشاھ شاھ سائين، غالب، اياز، پرڏيهي ادب ۾ پائلو ڪوئلو، گارشيا مارڪئيز، ايلف شفق، ڪتابن ۾ کوڙ سارا ڪتاب، پر سڀني کان وڌ شاھ جو رسالو، گل موتيي جو، رنگ اڇو ۽ آسماني، موسم سانوڻيءَ جي، پهرن ۾ شام جو پهر ۽ شخصيتن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مسڪين جهان خان کوسو  پسند آهن.
گلشن لغاريءَ جو چوڻ آهي ته ”موجوده دور جا اشوز Issues اڳ جي ڀيٽ ۾ جدا آهن، انڪري ادب جو پيٽرن تبديل ٿي ويو آهي، بهرحال جمود ٽٽي ۽ تحرُڪ پيدا ٿي چڪو آهي، انفرميشن ٽيڪنالوجي Information Technology سبب معلومات ۽ سکيا جا بهترين موقعا موجود آهن، اڄ جو ادب بهتر لکجي رهيو آهي ۽ بهترين جي اميد رکجي ٿي. ليکڪن کي پذيرائي نه ملڻ جو سبب تعليم جي گھٽتائي آهي، اسان وٽ پڙهيل لکيل (سنڌي) ماڻهن ۾ سنڌي ليکڪن کي سٺي پذيرائي ملي ٿي، هن وقت خاص طور تي سوشل ميڊيا Social Media پڙهيل لکيل ماڻهن ۽ ليکڪن ۾ ويجھڙائپ پيدا ڪئي آهي، فاصلا گھٽجي ويا آهن، سنڌ ۾ ادبي ميلا لڳن پيا، جن ۾ ڪافي ماڻهن جي شرڪت ان طرف اشارو ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهن ۾ ادب سان تمام گھڻو چاھ آهي.“
ماءُ بڻجڻ جي احساس کي زندگيءَ جي پهرين مهرباني چوندڙ، ٻين بجاءِ سڀ شڪايتون پنهنجو پاڻ سان رکندڙ، زندگيءَ کي ڪائنات ۾ خدا جو سڀ کان قيمتي تحفو چوندڙ، محبت کي ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ، خدا جو روپ، خود کان خدا تائين پهچڻ جو دڳ، اصل مقصد ۽ محور مڃندڙ، نفرت کي محبت جو ريسپانس Response نه ملڻ سبب انسان جو ردِعمل سمجھندڙ گلشن لغاري جو چوڻ آهي ته ”دل بظاهر گوشت جو ٽڪرو آهي، جنهن جو ڪم خون جِي جسم تائين رسائي آهي، پر ان خون سان گڏ جذبا ۽ احساس پڻ رڳُنِ ۾ پهچن ٿا، دل احساسن ۽ جذبن جي تخليقڪار آهي ۽ ڪائنات ۾ موت ۽ زندگي مسلسل عمل آهن، سمنڊ ۾ هڪ قطرو شامل ٿيو ته به ڇا؟ جي گم ٿي ويو ته به ڇا؟ پر قطرا جڏهن گڏجن ٿا ته سمنڊ بڻجن ٿا ۽ گڏجڻ ۾ ئي زندگي ۽ بقا آهي، افسوس جو طبقاتي نظام سبب انساني زندگيءَ جي اڪثريت خواهشن جي محروميءَ جو بکُ بڻجي وڃي ٿي، درد، زندگيءَ جو اصل ذائقو آهي ۽ آئون ايمانداريءَ سان چوان ٿي ته درد ئي زندگيءَ سان ويجهي ٿيڻ جو موقعو ڏيندو آهي.“
تنقيد کي تخليق کي بهتريءَ طرف وٺي ويندڙ عمل سڏيندڙ گلشن لغاري جو چوڻ آهي ته ”تنقيد کان سواءِ ڪا به تخليق مڪمل نه هوندي آهي، تخليق جي خامين ۽ خوبين جي ڇنڊڇاڻ ۽ نشاندهي، تعميري تنقيد آهي، تنقيد انڪري ضروري آهي ته جيئن آئينده تخليقڪار انهن خامين کي ختم ڪري ڀرپور تخليق پيش ڪن، اسان وٽ تعليم جي گھٽتائيءَ سبب ٿوري تعداد ۾ سٺا تخليقڪار پيدا ٿين ٿا، انهن کي مانُ ملي ٿو ۽ پوءِ اُهي ئي جاگيرداراڻي انائيت جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جڏهن مون کي محسوس ٿيو ته عورت ۽ مرد لاءِ معاشري ۾ الڳ الڳ معيار ۽ پيمانا آهن ته اهو منهنجي زندگيءَ جو پهريون صدمو هيو، ڇو ته بابا سائين مون کي چوندو هيو ته ”تون منهنجو پٽ آهين. “
ڳچ عرصو NGO`s ۾ ڪم ڪندڙ، سياست، صحافت ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي، ايل ايل بي جي ڊگري رکندڙ گلشن لغاريءَ جو ادبي، سماجي ۽ سياسي وابستگيءَ بابت چوڻ آهي ته ”ادبي، سماجي ۽ سياسي تنظيمن سان وابستگي رهي آهي، اڪيلو ڪم ڪرڻ کان بهتر، تنظيمي پليٽ فارم تي ڪم ڪرڻ آهي، پر اسان وٽ اهي تنظيمون شخصيتن جا پاڇا بڻجي وينديون آهن، ان ڪري اصل مقصد حاصل ٿي نه ٿا سگھن ۽ ماڻهو مايوس ٿيندا آهن. “
لکڻ کي پهريان شوق، پوءِ عادت ۽ عادت کي مجبوري چوندڙ، پنهنجي لکڻ کان مطمئن نه رهندڙ ۽ مطمئن ٿيڻ کي Full Stop سمجهندڙ، گلشن لغاريءَ جي شاعري شفيع فقير ڳائي آهي. گلشن لغاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”وڇڙي ويل زندگي“ ۲۰۱۰ع ۾ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته ٻئي ڪتاب جيترو مواد موجود اٿس، ان کان علاوه مختلف شخصيتن تي خاڪا ۽ تمام گھڻا مضمون/ڪالم لکيل اٿس جن کي پڻ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي خواهشمند آهي.


گلشن لغاري

دنيا جون سڀ ٻوليون آهن ٻاجھاريون!

آريسر نواز

جڏهن انسان جي دل ماتم ڪدو بڻجي ويندي آهي، جڏهن اکين جون ماڻڪيون نيرڳيون نديون بڻجي وهڻ لڳنديون آهن، جڏهن احساسن کي ڪا امرتا ناهي ملندي، جڏهن ديس جو درد هينئين ۾ هُرڻ لڳندو آهي، جڏهن مينهوڳيءَ مُند ۾ آس جا ديپ اُجهامڻ لڳندا آهن، جڏهن واريءَ جي ڀٽ تي مور جي رڙ سُڏڪو بڻجي رهجي ويندي آهي، جڏهن موهن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي ڇير ڇڄي پوندي آهي، جڏهن آسروند اکڙيون پِيا ملڻ جي آس ۾ بن بن ڀٽڪي مانديون ٿي ويهي رهنديون آهي، جڏهن اُماوس راتين جي اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي تنهاين سان من پرڀائڻو پوندو آهي، تڏهن انهيءَ انسان جو هٿ قلم کي پڪڙي وٺندو آهي ۽ انهيءَ قلم مان ڦٽي نڪرنديون آهن ڪوِتائون! جن جو نه ڪو انت هوندو آهي، نه ڪا پُڄاڻي! رات جي رولاڪين کي ننڊ جو روڳي بڻائيندي جڏهن شاعر سوچن جي سمنڊ جي اُونهيءَ پاتال ۾ لهندو آهي، ته من جي گهروندڙي مان اهڙيون سِٽون سرجي پونديون آهن، جيڪي شاعريءَ کي امرتا جي منزل تي پُڄائينديون آهن. اسان جي هن شاعره گلشن لغاري به انهن سڀنيءَ وارتائن مان گُذرندي ڪوِتا جي پانڌ ۾ پناھ ورتي آهي.

نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعره گلشن لغاري پهرين جولاءِ ۱۹۶۵ع تي نبي سر روڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو گلشن آرا لغاري آهي. هن جو والد غلام حيدر ۽ چاچو غلام محمد لغاري قومي سياست سان سلهاڙيل هئا. ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي وابستگي سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻن سان هوندي هئي، ۽ پاڻ نهايت ئي بُردبار انسان هو. گلشن لغاريءَ جو اهڙي گهر ۾ جنم وٺڻ خوشنصيبي ئي آهي. هن ايم اي سنڌي، ايم اي سوشالاجي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم حاصل ڪئي. پڙهائيءَ دوران هوءَ سياسي تنظيمن سان واڳجي وئي. هن شروع ۾ پنهنجي دوست امر سنڌوءَ سان گڏجي ’سنڌ ناري سنگت’جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ٻئي دوست ڪيترو ئي وقت سلهاڙيل رهيون، بعد ۾ امر سنڌو ته الڳ ٿي وئي، پر گلشن سياست کان ڌار نه ٿي سگهي. سندس ٻه ڀائر مظهر لغاري ۽ ظفر لغاري به قومي سياست سان لاڳاپيل هئا، ۽ اُنهن ٻنهي سندس ڀرپور همت افزائي ڪئي. بعد ۾ جڏهن ’جيئي سنڌ ناري سنگت’جو بنياد پيو ته پاڻ ان سان واڳجي وئي، ناري سنگت جي مختلف عهدن تي رهي، هن لاڀائتو ڪردار ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح گلشن لغاري ڪيترو عرصو جيئي سنڌ سان سلهاڙيل رهي. آزاديءَ جي پرچار ڪندي سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي عورتن ۾ سُجاڳي پيدا ڪئي ۽ انهيءَ وقت ’جيئي سنڌ ناري سنگت’جو قومي تحريڪ ۾ لاڀائتو ڪم هو، ان سڄي ڪم جو سَهرو گلشن تي اچي ٿو. گلشن لغاري سياست سان گڏ ادبي دُنيا ۾ به پير پاتو. هن شروع ۾ ته نثر لکيو، سنڌ جي مختلف مسئلن تي هن ڪيترا ئي ڪالم لکيا، پر پوءِ هن جو لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو. هن شاعريءَ ۾ به بهترين نڀاءَ ڪيو آهي. هوءَ نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ پابند شاعره آهي. هن جي لکڻين جو مُکيه مقصد سنڌ آهي، ۽ سنڌ جي هر مسئلي کي هن نثر توڙي نظم ۾ سمايو آهي. جڏهن سندس شاعريءَ جي وسيع پسمنظر ۾ جهاتي پائي ڏسجي ٿو ته هوءَ هڪ حساس عورت آهي، ۽ هُن شاعريءَ ۾ به حساس موضوعن کي ڇُهيو آهي. مثال طور:

پنهنجي سورن جو ڪو سنڌو ڪونهي،

سنڌ وانگي سڄڻ به ڪو ڪونهي.

اي گهٽائون! اوهين اڃا ترسو،

نير نيڻن منجهان سُڪو ڪونهي.

هُن جون اکيون، هُن جا نير ڪڏهن وَهڻ شروع ٿيا، ڪڏهن اُنهن جي پُڄاڻي ٿيندي، ڪو پتو ڪونهي، ۽ هوءَ شاعريءَ ۾ اهڙا ته اُجرا خيال سرجي ٿي، جن ۾ زندگيءَ جون محروميون، احساسن جي اڻکُٽ ڀوڳنا، رَوين جون تلخيون، پيار، پاٻوھ ۽ حسين جذبن جي منظر نگاري گڏ گڏ ملي ٿي.

ڪيئن اُن کي امير ٿا ڪوٺيو؟

جنهن محبت ڪڏهن نه ماڻي آ.

زور سارا هوا لڳايا پر،

گُل کان خوشبوءِ ڪڏهن کساڻي آ.

گلشن جيتوڻيڪ پنهنجي زندگيءَ ۾ اڻکُٽ ڀوڳنائون ڀوڳيون آهن، پر پوءِ به هُن جي من اندر ۾ وسندڙ سنڌ جي محبت ڪڏهن به ماٺي نه ٿي آهي، هُن جي پنهنجي ٻوليءَ سان وابستگي به پيار جي پويترتا جو ثبوت آهي.

دُنيا جون سڀ ٻوليون آهن ٻاجهاريون،

مٺي ٻولي ماءُ جي، مڙني ٻولين ۾.

هر انسان دُک ڀوڳي ٿو، هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪڙي حساس دل هوندي آهي، هر ماڻهوءَ جي سوچڻ جا ڍنگ نرالا هوندا آهن، هر ماڻهو وقتي فراريت چاهيندو آهي، پر اسان جي هن شاعره هڪ پل جي لاءِ به فراريت جي جُستجو ناهي ڪئي. هوءَ هن سماج ۾ رهي، سماج بدلائڻ جو ساهس ساري ٿي، هوءَ جيڪا آهي ته نماڻي نار! پر هن پنهنجي زندگي رولاڪين ۾ گذاري آهي، هن جي پيرن جي پڻين هيٺيان سڄي سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ سمايل آهي. هن پنهنجي سياسي توڙي سماجي ۽ ادبي سفر دوران سڄي سنڌ گهمي آهي، هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي درد کي پاڻ به ڀوڳيو آهي. سندس شاعري اهڙن مشاهدن جي ساکي آهي.

درد جون راهون ڊگهيون ۽ خاموشيءَ جا پيچرا،

مون کان گُم ٿي ويا الائي ڇو خوشيءَ جا پيچرا!

ڪو ته هو جو سانوڻيءَ جي مينهن وانگر برسيو،

نه ته اسين پيرين اُگهاڙا، ڌرتتيءَ جا پيچرا!

سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي ڀوڳنا هڪجهڙي آهي. هن انهن مارو ماڻهن جي درد جي تصوير چٽي آهي. گلشن جي هن نظم ’بُک جو سوال’مان اهڙي حسرت ڪَر کڻي بيٺل نظر اچي ٿي.

مان ڄاڻان ٿي

اُن بُک هٿان هارائي چُڪي آهيان

پر هار مڃڻ نٿي چاهيان

صرف اُن حسرت ۾ جي رهي آهيان

ته ڪڏهن منهنجي ۽ مون جهڙين انيڪ مائرن جي

مري ويل آس ٻيهر جنم وٺندي!

هن شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي موضوعن کي چٽيو آهي، ڪيترن پهلوئن کي نروار ڪيو آهي، ۽ ڪيترين محبتن کي جَلا بخشي آهي، اهڙي ئي محبت هوءَ پنهنجي پُٽ آدرش سان به ڪري ٿي، آدرش جي جنم ڏينهن تي لکيل سندس نظم مان بيوسيءَ جا ڳوڙها ته ٽپڪن ٿا، پر هوءَ ڪٿي به پنهنجي لخت جگر کي ڪا ميار نٿي ڏئي، هُن جي اندر مان ممتا جو سنڌو ڇُلڪي پئي ٿو ۽ سٽون لُڙڪن جي آبشارن سان ڪاڳر تي اوتجي ٿيون وڃن.

گلشن، پنهنجي اندر جي احساسن ۾ جتي سائين جي. ايم سيد کي سمايو آهي، اُتي هن پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌڪجي ڌار ٿيل انڊيا جي اديبن کي به ساريو آهي، ۽ سندس ٻيا به ڪيترا ئي نظم اهڙا آهن، جن جا عنوان ئي ماڻهوءَ کي پڙهڻ لاءِ اُتساهن ٿا. مثال طور: دان، موت جي معصوميت، بُک جو سوال، پهريدار چنڊ، جلاد، دل جو گلاب، غريبن جو خدا، هي اهڙا نظم آهن، جن ۾ زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي جهلڪ پَسجي ٿي. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن غزل، نظم، آزاد نظم، چوسٽا، ڇھ سٽا ۽ اٺ سٽا لکيا آهن. هوءَ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ پابند شاعره نظر اچي ٿي ۽ سندس شاعري قافيي/رديف جي سمورين لوازماتن کي پورو ڪندي وزن تي پوري بيٺل آهي.

گلشن پنهنجي زندگيءَ جو پهريون حصو سياست ۾ گذاريو، اُن بعد هن مختلف اين. جي اوز ۾ به ڪيو، مختلف ادبي ادارن ۾ به محنت ڪئي، صحافت سان به واڳيل رهي آهي. هُوءَ هندستان ۽ بنگلاديش به گُهمي آئي آهي.

هن پنهنجي ٻنهيءَ پُٽن جي پرورش، تعليم توڙي تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. سندس وڏو پُٽ آدرش اياز نهايت ئي ماٺيڻو، هوشيار ۽ سُٺو نثر نويس آهي، ۽ ننڍو پُٽ آصف اڃا پڙهي رهيو آهي.

سندس شاعريءَ جو مجموعو ’وڇڙي ويل زندگي’ڪويتا پبليڪيشن پاران ۲۰۰۹ع ۾ ڇپجي چُڪو آهي. هن شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪيترا ئي ڪالم پڻ لکيا آهن، سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ تيار آهي. گلشن ڪجھ وقت ’سنڌ ايڪسپريس’۾ ذميواريون انجام ڏنيون، جتي هن ’ڏات جو ڏيھ’۽ ’جيڏيون’نالي سان ڪيترن ئي نون لکندڙن کي متعارف ڪرايو. پاڻ هن وقت هوائن جي شهر حيدرآباد کي الوداع ڪري، پنهنجي ٻچڙن سان گڏ اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهي. منهنجي دعا آهي ته هو سدائين خوش هجي ۽ سندس اندر ۾ موجود سنڌ جو عشق ڪڏهن ماٺو نه ٿئي.

 

(آريسر نواز جي فيس بوڪ وال تان ٿورن سان کنيل، بتاريخ پھرين جولاءِ ۲۰۱۸ع)

No comments:

راءِ ڏيندا