; سنڌي شخصيتون: استاد امير بخش بابلاڻي - حسيب ناياب منگي

16 July, 2017

استاد امير بخش بابلاڻي - حسيب ناياب منگي

استاد امير بخش بابلاڻي
رنبيءَ جو ناليوارو ڪاريگر
حسيب ناياب منگي ۽ سيد سڪندر علي شاه
شڪارپور جي سونهن، سندرتا ۽ سوڀيا جا سوين کڻي حوالا هجن پر اگر ڪاٺ تي رنبيءَ واري ڪم کي نظرانداز ڪيو وڃي ته شڪارپور جي سونهن به اُٻاڻڪي نظر ايندي. شهر جي گهٽين ۾ گهمندي، جڏهن ٿڪجي پوڻ جو احساس شروع ٿيندو آهي ته شهر جي گهٽين ۾ نظر ايندڙ ڪاٺ جي جهونن ڪاريگرن جي ڪاريگري ڏسي ٿڪاوٽ جو احساس ئي ختم ٿي ويندو آهي، صرف اسان شڪارپور وارا ئي نه! دنيا جهان جا ماڻهو هتان جي ڪاريگرن جي هٿ جي هنرن جا مشتاق آهن.


ڊکاڻڪي ڪم ۾ جتي ڪاٺ سان وابسته گهڻو تڻو ڪم اچي وڃي ٿو، تنهن ۾ رنبيءَ جي ڪم کي خاص اهميت حاصل آهي، ڪاٺيءَ تي مختلف چِٽ چٽي فنڪارن شهر کي جا رونق بخشي سا ڪم سان گڏ اڄ تائين کين ياد ڪرائيندي ٿي اچي.
شڪارپور ۾ ڪاٺي جي بهترين ڪاريگرن مان استاد امير بخش بابلاڻي به هڪ ٿي گذريو آهي جنهن پنهنجي فن سان شهر جي گهرن گهٽين کي سجايو ۽ پنهنجا شاگرد پيدا ڪري فن کي پڻ وسعت بخشي. استاد امير بخش شڪارپور ۾ ڪاٺيءَ جي ڪاريگر غلام حسين بابلاڻي جي گهر ۾ 1872ع ڌاري ڄائو، مذهبي ۽ دنياوي تعليم مس ورتائين ته والد سان گڏ ڪاٺي جي ڪم ۾ جوهر ڏيکارڻ لڳو ۽ رنبيءَ جي ڪم سان واڳجي ويو.
پنهنجي دور جو ناميارو ڪاريگر شڪارپور کان بمبئي تائين سندس هٿ جا هنر پنهنجي پنهنجي دور ۾ نروار ٿيا. گهرن کان بنگلن تائين اوطاقن کان دفترن تائين مڪتبن کان امام بارگاهن تائين استاد امير بخش جي ڪاريگري اڄ به ڪٿي ڪٿي ڏسندا آهيون ته دنگ رهجي ويندا آهيون

استاد امير بخش نه صرف ڪاٺي جو ڪاريگر هو پر نيڪي ۽ ڀلائي جا ڪم سرانجام ڏيڻ وارو توڙي جاين جا نقشا پڻ ڪڍندو هو. پاڻ پنهنجي ڪم ۾ لاثاني هو، مگر گهڻا ئي شاگرد پيدا ڪري 29 جون 1940ع تي وفات ڪري ويو. مرحوم جي پوين مان سندس پٽ ۽ پوٽا ان ڪم سان اڄ به وابسته آهن. 

No comments:

راءِ ڏيندا