استاد امير بخش بابلاڻي
رنبيءَ جو ناليوارو ڪاريگر
حسيب ناياب منگي ۽ سيد سڪندر علي شاه
شڪارپور
جي سونهن، سندرتا ۽ سوڀيا جا سوين کڻي حوالا هجن پر اگر ڪاٺ تي رنبيءَ واري ڪم کي
نظرانداز ڪيو وڃي ته شڪارپور جي سونهن به اُٻاڻڪي نظر ايندي. شهر جي گهٽين ۾ گهمندي،
جڏهن ٿڪجي پوڻ جو احساس شروع ٿيندو آهي ته شهر جي گهٽين ۾ نظر ايندڙ ڪاٺ جي جهونن ڪاريگرن
جي ڪاريگري ڏسي ٿڪاوٽ جو احساس ئي ختم ٿي ويندو آهي، صرف اسان شڪارپور وارا ئي نه!
دنيا جهان جا ماڻهو هتان جي ڪاريگرن جي هٿ جي هنرن جا مشتاق آهن.