; سنڌي شخصيتون: آغا غضنفر قادري

14 September, 2026

آغا غضنفر قادري

مرحوم آغا غضنفر قادري

سندس ٻين ورسي تي ھڪ ساروڻي

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سال ۱۹۵۸ع شايد اپريل جو مھينو ھو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پنوعاقل ۾ مان ٻئي ڪلاس ۾ ھوس، پنوعاقل ۾ ٿوري گرمي شروع ٿي چڪي ھئي. اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين عبدالرزاق بلو ھو، ان زماني ۾ استاد مٿي تي پٽڪو يا جناح ڪيپ پائيندا ھئا، مان پھريون درجو سکر مين اسڪول مان پڙهي آيو ھوس. اسان جي گھر جو ماحول علم سان لاڳاپيل ھو. ان ڏينهن الاجي ڇو منھنجو بابا سائين مرحوم ۽ پنوعاقل جو مختيارڪار مرحوم الطاف حسين قادري جن گڏجي ھيڊ ماستر جي ڪمري ۾ ويا، ھيڊ ماستر ھو مرحوم سائين صاحب ڏنو شيخ، ٿوري دير ۾ ھو سڀ گڏجي اسان جي ڪلاس ۾ ھڪ اسان جيتري پتڪڙي ٻار سان گڏ آيا، بابا مرحوم، مرحوم قادري صاحب کي چيو ته ھي منھنجو پٽ محمد علي آھي، مرحوم قادري صاحب منهنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو ته پٽ ھي آھي غضنفر علي، بس ھڪ ٻئي جو خيال ڪندا ڪيو. غضنفر منھنجي ڀر ۾ بئنچ تي ٿي ويٺو، انتھائي ذھين، گرمي ۾ اڇي شرٽ ۽ گوڏن کان ھيٺ تائين نڪر پاتل ساري اسڪول ۾.سڀني کان منفرد شخصيت. قادري خاندان جي نيڻن ۾ اھڙي ته نھٺائي ھئي جو ھو سماج ۾ علم ادب، پرفيشن ۾ قابل پڻ ھئا.


بس ڳالھ تي اچون ٿا غضنفر ۽ اسان اسڪول ۾ سليٽ تي لکندا ھئاسون. پھرين ڪلاس ۾ ته پٽيءَ تي ڪلڪ ۽ مس سان لکڻ سکبو ھو. ننڍپڻ ۾ نه عھدن جي خبر، نه وري سياست جي.

غضنفر جو والد محترم مرحوم الطاف حسين قادري پنوعاقل ۾ مختيارڪار ئي ھو ته ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾ مارشل لا لڳي وئي. آرمي چيف ته جنرل ايوب ۽ صدر اسڪندر مرزا. ٻين ٽين ڏھاڙي تي ساري شهر ۾ ڀتين تي سرڪار پاران وڏا پوسٽر لڳا، جيڪي بلئڪ اينڊ وائيٽ ھئا. ھڪ وڏي پوسٽر تي اسڪندر مرزا جي فل سوٽ ۽ ٽاءِ لڳل، ٻيو پوسٽر فوجي يونيفارم ۾.

غضنفر سان انگل ڪيم ته سويلين ڊريس وارو پنھنجي والد صاحب کان وٺي ڏي. (ياد رھي تي ھي سڀ ڪم تعلقي جي مختيارڪار کي سپرد ڪيل ھو). ٻئي ڏھاڙي تي غضنفر فوجي وارو پوسٽر کڻي آيو، مان کيس چيو ته بس اڄ کان ڪٽي آھي (دوستي ختم). ننڍپڻ جون اھي حرڪتون اڄ به ياد آھن. ٻئي ڏھاڙي صدر اسڪندر مرزا وارو پوسٽر کني آيو. وري ڪٽي مان ٻڌي ٿي وئي.ٿورن ڏينهن کانپوءِ ھو مون کي چيڙائڻ لڳو ته تنھجو بادشاھ ته ويو. (ياد رهي ته ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ تي جنرل ايوب اسڪندر مرزا کي ڀڄائي پاڻ سڀ ڪجھ ٿي ويو.)

بس پوء ٻاراڻي دوست ۾ خيال به پنھنجا ٻن سالن اندر سندس والد صاحب گھوٽڪي شايد ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي بدلي ٿي ويو. جنھن ڏينھن ھو پنھنجي والد صاحب جي ڪوٽار سان ليونگ سرٽيفڪيٽ وٺي وڃي پيو ته اسان ٻنھي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. پوء وري جڏهن ھو نوابشاھ ڪاليج ۾ پڙھندو ھو ته ھڪ ڀيري سکر م ھڪ فنڪشن ۾ پنهنجي والد صاحب سان گڏ ڪوئنس روڊ تي ملاقات لاءِ آيو. بس پوء جڏھن ستر جي ڏهاڪي ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ھوس ته ھو يونيورسٽيءَ م پڙھندو ھو، سندس ڪچهري عزيز ڀنگوار سان پڻ ٿيندي ھئي. گريجوئيشن کان پوءِ ھن ايم اي ڪئي. ملاقاتون گھٽ ٿي ويون

ڪافي عرصي کانپوءِ ۱۹۹۶ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊفينس ۾ آچر بازار م پنھنجي گھرواري ۽ ٻارن سان خريداري ڪري رهيو ھوس ته پويان غضنفر سڏ ڪيو. اچرج ۾ پئجي ويس، کيس ان وقت چاپئين ڏاڙھي ھئي. پنھنجي ٻارن سان سندس تعارف ڪرايم، ٻڌايائين ته شگر مل پيارو ڳوٺ ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر م آھيان مون به کيس تفصيل سان پنھنجي ٻاري ۾ ٻڌايو. بس وري وقفو.......

سال ۲۰۱۷ع ۾ فيس بڪ تي سندس وڏي ڀاءُ محترم ذوالفقار علي قادري سان رابطو ٿيو جنھن کان سندس موبائيل نمبر ورتم پوء گاھي به گاھي سلام ڪلام پيو ٿيندو هو. ساڻس اخري ڳالھ ٻولھ سندس انتقال کان ڪجھ مھينا اڳ ۾ ٿي، ٻڌايائين ثمر حسين، سکر ۾ نيب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آھي، سندس آواز ۾ ھيڻائي محسوس ڪيم. اوچتو خبر پئي ته اغا غضنفر وڃي رب کي پرتو. آغا ۲۰ ڊسمبر ۱۹۵۱ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اڄ کان ۲ سال اڳ گذاري ويو. مون کان ڏيڍ سال عمر ۾ ننڍو ھو. سندس وڏو فرزند ثمر حسين ڪراچيءَ ۾ اينٽي ڪرپشن سنڌ سرڪار ۾ ڊائريڪٽر آھي، سندس ٻيو فرزند ڪاظم حسين سنڌ بينڪ ۾ ڊپٽي جنرل مئنيجر ۽ سندس ٻه نياڻيون شادي شده پنھنجي گھر وارن سان خوش خرم زندگي گذاري رھيا آھن.

رب پاڪ آغا غضنفر قادري کي جنت الفردوس عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي خوش و خرم رکي. آمين.

 

ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل واري جي ۱۳ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

راءِ ڏيندا