سائين صابورام ميگهواڙ
جيڪو ۳۰ سالن ۾ رڳو هڪ ڏينهن
اسيمبليءَ ۾ دير سان پهتو!
ميوارام نجار
انسان
جي تعليم، تربيت ۽ فڪري اوسر ۾ استاد جو ڪردار ڪنهن روشن ڏيئي کان گهٽ ناهي. استاد
رڳو ڪتاب جا لفظ نٿو پڙهائي، پر هو پنهنجي شاگردن جي ذهنن ۾ سوچ جا ڏيئا ٻاري،
سندن شخصيت کي سنواري ۽ زندگيءَ جي راهن تي هلڻ جو ڏانءُ سيکاري ٿو. سماج ۾ اهڙا
استاد به پيدا ٿيندا آهن، جن جي سڄي زندگي سندن پيشي سان سچائي، فرض شناسي ۽
شاگردن سان محبت جو هڪ روشن مثال بڻجي ويندي آهي. اهڙين ئي مثالي شخصيتن مان هڪ
نالو سائين صابورام ميگهواڙ جو به آهي.
سائين
صابورام ميگهواڙ پهرين آڪٽوبر ۱۹۶۷ع تي
تعلقه نگرپارڪر جي ڳوٺ مٺو ميگهواڙ ۾ سهيجارام جي گهر جنم ورتو. سندس والدين غريب
پورهيت ۽ هاري هئا پر علم سان محبت ان غربت کان وڌيڪ سگهاري هئي. ڳوٺ ۾ پرائمري
اسڪول نه هئڻ باوجود والدين پنهنجي ٻار جي تعليم جو خواب ماندو ٿيڻ نه ڏنو ۽ کيس
پنج ڪلوميٽر پري ڳوٺ اسماعيل سنگراسي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايائون. اتي ننڍڙو
صابورام روزانو پنڌ اسڪول ايندو ويندو رهيو؛ شايد انهن ئي پيچرن تي هلندي سندس
اندر علم جي منزل ڏانهن ويندڙ رستو به جڙي رهيو هو.
هو
پڙهائيءَ ۾ غيرمعمولي ذهانت رکندڙ شاگرد هو. ٽئين ڪلاس جي ڪچن امتحان ۾ صورتخطيءَ
جي مضمون ۾ ڏهن مان ڏهه مارڪون حاصل ڪرڻ تي ڊي او صاحب سندس ذهانت کي ساراهيو ۽
کيس پنجين ڪلاس ۾ پروموٽ ڪيو.۱۹۷۷ع ۾
پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اتي ئي مڊل اسڪول مان ستون درجو پاس ڪيائين.
اڳتي
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندس والدين جي وسيلن ۾ ايتري سگهه نه هئي، پر سندس ڀيڻوئي
گورڌن داس تيجاڻي علم جي هن مسافر جو هٿ نه ڇڏيو. هن سڄي پڙهائيءَ جو خرچ پنهنجي
ذمي کنيو ۽ صابورام کي عمرڪوٽ شهر وٺي آيو، جتي هاءِ اسڪول نمبر ون ۾ اٺين ڪلاس ۾
داخلا ورتائين. هتي ۱۹۸۲ع ۾
مئٽرڪ ۽ ۱۹۸۴ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان
انٽر پاس ڪيائين.
ساڳئي
سال سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهم موڙ آيو. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ کيس جي ايس ٽي استاد طور
نوڪري ملي. اها نوڪري رڳو روزگار جو ذريعو نه هئي، پر غربت جي احساس کان
خوداعتماديءَ ڏانهن سندس پهريون مضبوط وک هئي. ۱۹۸۴ع ۾ شادي ڪري عمرڪوٽ شهر کي پنهنجي مستقل رهائش بڻايائين.
استاد
بڻجڻ کان پوءِ به سندس علم جي اڃ ختم نه ٿي. پڙهائڻ سان گڏ پنهنجي تعليم جو سفر
جاري رکندي ۱۹۸۹ع ۾ بي اي ۽ ۱۹۹۴ع ۾ ايم اي اڪنامڪس جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ان سان گڏ سي ٽي، بي ايڊ ۽ ايم
ايڊ جا ڪورس پڻ مڪمل ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي.
ان وقت هاءِ اسڪول نمبر
ون ۾ ڪيمسٽري پڙهائڻ لاءِ ڪو ماهر استاد موجود نه هو، تنهنڪري اهو مضمون سائين
صابورام جي حوالي ڪيو ويو. پاڻ ان وقت ڪيمسٽريءَ ۾ ايترو عبور نه رکندا هئا پر
پنهنجي هن علمي اڻپوريءَ کي ڪمزوري بڻائڻ بدران ان کي سکڻ جو سبب بڻايائون. جڏهن
هن پنهنجي مونجهارن جو ذڪر سائين رميش چندر سان ڪيو جنهن کيس ان وقت ڊگري ڪاليج
عمرڪوٽ جي پرنسپال سائين عمر منڱريو کان ڪيمسٽري سکڻ جي صلاح ڏني.
هاڻي
اسڪول جي موڪل کان پوءِ جتي ٻيا استاد پنهنجي پنهنجي گهر ويندا هئا پر سائين
صابورام ڪيمسٽريءَ جو ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي عمر منڱريو وٽ پهچي ويندا هئا. سکڻ جي اها لگن
آهستي آهستي مهارت ۾ بدلجي وئي ۽ جنهن مضمون کان پاڻ شروعات ۾ ڪجهه هٻڪندا هئا،
تنهن ئي مضمون ۾ اڳتي هلي سندس نالو هڪ سٺي استاد ۾ ڪيمسٽري جي ماهر طور سڃاتو وڃڻ
لڳو ۽ سندس تدريسي زندگيءَ جو هڪ دلچسپ باب ڪيمسٽريءَ سان جڙي ويو. ۱۹۹۳ع کان ۲۰۱۶ع تائين سوا ٻن ڏهاڪن جي عرصي ۾
هن خطي جا ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون وٽائنس ڪيمسٽري پڙهيا. انهن ۾ ڪيترائي اهڙا
غريب شاگرد به هئا، جن کان سائين صابورام ٽيوشن فيس وٺڻ بدران علم جي دروازي کي
سندن لاءِ مفت کليل رکيو. انهن مان ڪيترائي اڳتي هلي زندگيءَ ۾ اهم عهدن تائين
پهتا. استاد لاءِ ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس پڙهايل شاگرد
سندس علم جو زندهه ثبوت بڻجي سماج ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪن!
سائين
صابورام پنهنجي فرض شناسيءَ بابت ٻڌائيندي هڪ هنڌ چيو ته سرڪار پاران سال ۾ ۲5 موڪلون ملنديون هيون، پر هو پنهنجي پيشي سان ايترو سچو هو جو رڳو انتهائي
ضروري ڪم جي صورت ۾ موڪل ڪندو هو، سال ۾ مشڪل سان ۱۰ کان ۱۲ موڪلون وٺندو هو ۽ باقي موڪلون
بچي وڃڻ باوجود غيرضروري موڪل نه ڪندو هو. اها ئي فرض شناسي هئي، جنهن کيس بيسٽ
ٽيچر ايوارڊ جو حقدار بڻايو ۽ ۲۰۱۶ع کان ۲۰۱۸ع تائين فرسٽ اسسٽنٽ پرنسپال جون ذميواريون پڻ سونپيون ويون.
۲۰۱۷ع ۾ سندس طبيعت آهستي آهستي ناساز ٿيڻ لڳي، پر بيماري به سندس فرض شناسيءَ
جي راهه ۾ ديوار بڻجي نه سگهي. هو روزانو اسيمبليءَ کان اڳ اسڪول پهچڻ کي پنهنجي
ذميواري سمجهندو هو. هڪ ڏينهن طبيعت وڌيڪ خراب هجڻ سبب اسيمبليءَ کان پوءِ اسڪول
پهتو. اها دير سندس ۳۰ سالن
جي تدريسي سفر ۾ شايد پهرين دير هئي. پنهنجي فرض سان اهڙي وابستگي رکندڙ استاد
لاءِ اهو لمحو اندر ۾ وڏي خلش بڻجي ويو. آخرڪار بيماريءَ کي نظر ۾ رکندي ۳۱ جولاءِ ۲۰۱۸ع تي رٽائرمينٽ ورتائين. پر
استاد ڪڏهن رٽائر نٿو ٿئي؛ رڳو سندس حاضريءَ جو هنڌ بدلجي ٿو. سائين صابورام به
استاد جي پيشي کان پوءِ سماجي خدمتن ۾ پنهنجي ڪردار کي جاري رکيو. شاگرديءَ واري
زماني کان ئي غريب شاگردن جي اسڪول رڪارڊ ۽ ٻين سهائتا وارن ڪمن ۾ رهنمائي ڪندو
رهيو. استادن جي تنظيم گسٽا ۾ جنرل سڪريٽري ۽ خزانچي جي عهدن تي به رهيا.
"سموا" تنظيم سان لاڳاپيل رهندي شاگردن کي مفت ٽيوشن پڻ پڙهايائين، جڏهن
ته هن وقت ميگهواڙ پنچائت جي اڳواڻي ڪندي سماجي ذميوارين کي نڀائي رهيو آهي.
سائين صابورام ميگهواڙ جوائننگ کان رٽائرمنيٽ تائين ڪڏهن
به ٻي اسڪول ۾ بدلي نه ٿيا بلڪه بهترين ڪارڪردگي جي ڪري ۳۰سالن تائين صرف هڪ ئي هاء اسڪول نمبر ون ۾ پنهنجا فرض
انجام ڏنا. سندس ڪردار رڳو شاگردن جي يادگيرين ۾ نه، پر هن سماج جي فڪري ۽ علمي
سفر ۾ پڻ هڪ روشن مثال طور زنده رهندو.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي سنڊي مئگزين ۾ ۱۳ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا