حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ
(۱۱۶۵ - ۱۱۰۲ ھجري)
والد : شاھ حبيب
الله.
ڏاڏو : عبدالقدوس
شاھ.
پڙڏاڏو : جمال شاھ.
تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم.
جنم ھنڌ : ھالا
حويلي.
وڏن جو تعلق: ھرات
سان.
۱- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو؟
جواب: ڪوٽڙي
۲- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو
ويو؟
جواب: آخوند
نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾.
۳- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو؟
جواب: عربي، فارسي،
ھندي ۽ سرائيڪي.
۴- شاھ لطيف ھميشہ پاڻ سان گڏ ڪھڙا ڪتاب رکندو ھيو؟
جواب : قرآن شريف،
مثنوي مولانا روم، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام.
۵- سيد علي شير قانع ٺٽوي، شاھ لطيف کي ڪھڙي ڪتاب ۾ ”اُمي“ سڏيو آھي؟
جواب : تحفة الڪرام.
۶- تحفة الڪرام لطيف سرڪار جي وفات کان پوءِ ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: سورنهن سالن
کان پوءِ ۱۷۶۸ع ۾.
۶- شاھ لطيف کي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنهن سان عشق لڳو ۽ بعد ۾ ان سان شادي بہ ٿيس؟
جواب : سعيده بي بي
ڌيءَ مرزا بيگ ارغون (مغل نواب).
۷- شاھ لطيف کي جڏهن مجازي عشق لڳو تہ ان وقت سندس ڪيتري عمر ھئي؟
جاب : ۲۰ سال
۸- شاھ لطيف، مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي جسم جي ڪھڙي حصي کي جھلي دعا گهري؟
جواب : آڱر (جنهن
جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهنکي لهر نڪي لوڏو).
۹- شاھ لطيف سڀ کان اول ڪٿان جو سفر ڪيو؟
جواب : گنجي ٽڪر
جو.
۱۰- شاھ لطيف سامين، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ ۱۷۴۰ع ۾ ڪٿان جو سفر ڪيو؟
جواب: هنگلاج جو
۱۱- شاھ لطيف سامين، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ ڪيترا سال سفر ۾ رھيو؟
جواب : ۳ سال.
۱۲- شاھ لطيف جا مريد، بيبي سعيده بيگم کي ڇا سڏيندا ھيا؟
جواب: تاج المخدرات
(ستين جو ڇٽ)
۱۳- مرزا بيگ پنهنجي ماڻھن سميت دَلَ ذات جي ڌاڙيلن هٿان ڪڏهن مارجي ويو؟
جواب : ۱۱۲۴ ھ مطابق ۱۷۱۱ع.
۱۴- بيبي سعيده بيگم شادي وقت پاڻ سان گڏ ڪنهن کي وٺي آئي ھئي؟
جواب : گولو
(پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي، جيڪو جلد گذاري ويو).
۱۵- ڪھڙي ڪلھوڙي حاڪم، شاھ لطيف کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي؟
جواب : ميان نور
محمَّد ڪلھوڙو.
۱۶- دھليءَ جا ڪھڙا ٻہ مشھور گويا، شاھ لطيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا ھيا؟
جواب : اٽل ۽ چنچل
۱۷- شاھ لطيف وفات کان ٿورو اڳ ڪھڙي ڪافي چوندو رهندو ھيو ؟
جواب : ڪھڙي منجھ
حساب؟ ھئڻ منهنجو ھوت ري.
۱۸- شاھ لطيف ڪيتري عمر ۾ وفات ڪئي؟
جواب : ۶۳ سال (نبي سائين ۽ علي سائين جيتري عمر)
۱۹- شاھ لطيف کي سندس وصيت موجب ڪنهنجي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو؟
جواب : محمود شاھ
جي پيرانديءَ ۾.
۲۰- ڪلھوڙي حڪمران غلام شاھ ڪلھوڙي پنهنجي خرچ سان لطيف سرڪار جو روضو ڪڏنهن
جوڙايو؟
جواب : ۱۷۵۴ع
۲۱- - شاھ لطيف جو روضو ڪھڙي نامياري رازي جوڙي راس ڪيو؟
جواب : سکر جي
مشھور رازي عيدن
۲۲- ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪھڙي حڪمران شاھ لطيف جي روضي ۽ مسجد جي مرمت ڪرائي؟
جواب : مير نصير
خان ٽالپر
۲۳- شاھ لطيف جي روضي جي قبي کي چانديءَ جو دروازو ڪنهن وجهرايو؟
جواب : مير محمَّد
خان ٽالپر
۲۴- شاھ لطيف جي زماني ۾ ڪھڙي ٻاھرين حڪمران سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي؟
جواب : نادر شاھ
۲۵- ان ھستيءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجي شھادت شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ ٿي؟
جواب : شاھ عنايت
شھيد
۲۶- ھڪ روايت موجب شاھ سائين سمورو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇليو ھو بعد ۾ سندس
مريدن سمورو ڪلام ڪھڙي سگهڙ زال وٽان ھٿ ڪيو؟
جواب : مائي نيامت
(ملياڻي نعمت)
۲۷- ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي“ اھا ڳالھ سڀ کان پهرين
ڪهڙي عالم ثابت ڪئي؟
جواب : ايڇ ٽي
سورلي
۲۸- ”شاھ جو رسالو“ سڀ کان پهريون ڪنهن ڇپرائي پڌرو ڪيو؟
جواب : ڊاڪٽر ارنيسٽ
ٽرمپ
۲۹- شاھ لطيف جي مزار تي خاص طور تي ڪھڙي رات جو راڳ ٿيندو آھي؟
جواب : جمعي جي رات
۳۰- شاھ لطيف ننڍپڻ ۾ ڪھڙي راند جو شوقين هيو؟
جواب : گز ڪمان
۳۱- شاھ لطيف موسيقيءَ جو ڪھڙو ساز پاڻ ايجاد ڪيو؟
جواب : تنبورو
۳۲- ان ھندو شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن سان شاھ لطيف جي گھري دوستي ھئي؟
جواب : مدن ڀڳت
۳۳- ڪھڙي شاعر کي نج سنڌي راڳ جو باني چيو وڃي ٿو؟
جواب : شاھ
عبداللطيف ڀٽائي ؒ
۳۴- شاھ لطيف ڪھڙي بزرگ جو مريد ٿيڻ لاءِ سوچيو ھيو؟
جواب : مخدوم
محمَّد زمان لنواري واري جو
۳۵- شاھ لطيف ، محمَّد زمان لنواري واري جو مريد ڇو ٿي نہ سگھيو؟
جواب : نقشبندي
طريقي ۾ راڳ حرام آھي ۽ لطيف سائين راڳ نہ ڇڏيو.
۳۶- شاھ لطيف جو ڪھڙي ڍنڍ سان انس ھيو؟
جواب : ڪراڙ ڍنڍ
۳۷- لطيف سائين جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو مولودن جو وڏو شاعر ۽ ڳائيندڙ
ھيو؟
جواب : مخدوم
عبدالرئوف ڀٽي
۳۸- شاھ لطيف جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو ڪافيءَ جو بهترين شاعر ھيو؟
جواب : ميان صاحب ڏنو
فاروقي
۳۹- شاھ لطيف ڪھڙن حاڪمن جي دور کي سونهري دور سڏيو آھي؟
جواب : سومرا ۽ سما
۴۰- شاھ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ گُجَرِ ڪنهن کي سڏيو آھي؟
جواب : مومل کي
۴۱- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻين سورمين جو ذڪر آھي؟
جواب : ست
۴۲- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سورمن جو ذڪر آھي؟
جواب :
۴۳- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سخي ڏاتارن جو ذڪر آھي؟
جواب : ڏھ
۴۴- شاھ سائين جي انهيءَ سورميءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجو تعلق عمر ڪوٽ سان ھيو؟
جواب : مارئي
۴۵- شاھ جي رسالي ”گنج“ جو پراڻو نسخو ڪھڙي سن ۾ لکيو ويو؟
جواب : ۱۸۰۰ع ۾
۴۶- شاھ لطيف، صوفي شاھ عنايت شھيد جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر رامڪلي
۴۷- شاھ لطيف سير و سفر جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر کاھوڙي ۽
سر رامڪلي ۾
۴۸- نانگ بلائن جو گهڻو ذڪر شاھ سائين ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر ڪارايل ۾
۴۹- سنڌي ادب جي انهن عالمن ۽ شاعرن جا نالا ٻڌايو جيڪي شاھ لطيف جي ارد گرد
دفن ٿيل آھن؟
جواب : مير
عبدالحسين سانگي، علامہ عمر بن دائود پوٽو ۽ شيخ اياز
۵۰- ڪئمبرج يونيورسٽي مان شاھ لطيف تي PHD ڪندڙ خاتون جو نالو ٻڌايو؟
جواب : ڊاڪٽر
درشھوار ڌيءَ جي ايم سيد
۵۱- ”لطائف لطيفي“ فارسي زبان ۾ لکيل ڪنهنجو ڪتاب آھي؟
جواب : مير
عبدالحسين سانگي
۵۲- ”لطف اللطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي؟
جواب : دين محمَّد
وفائي
۵۳- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪاڪ جو ذڪر ڪھڙي ڪھاڻيءَ سان منسوب آھي؟
جواب : مومل راڻو
۵۴- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيچ جو ذڪر ڪھڙي قصي سان منسوب آھي؟
جواب : سسئي پنهون
۵۵- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ملير جو ذڪر ڪھڙي داستان سان منسوب آھي؟
جواب : عمر مارئي
۵۶- شاھ سائين جي ڪھڙي فقير جو اولاد سندس درگاه جي مجاوري ڪندو اچي ٿو؟
جواب : تمر فقير
۵۷- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني مان شاھ جو رسالو ۱۸۶۶ع ۾ شايع ڪرايو، ان ۾ ڪل ڪيترا سر ڏنل آھن؟
جواب : ۲۲
۵۸- ڪتاب مقالات الشعراءَ، جنهن ۾ شاھ سائين جو اوائلي احوال ملي ٿو، ڪنهن جو
لکيل آھي؟
جواب : مير علي شير
قانع ٺٽوي
۵۹- شاھ لطيف جي نالي پٺيان ڪھڙي شھر ۾ يونيورسٽي ٺھيل آھي؟
جواب : خيرپور
۶۰- شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪٿي واقع آھي؟
جواب : ڪراچي
يونيورسٽي
۶۱- شاھ لطيف ٻہ ڪتا پاليا ھيا ، انهن کي ڪھڙن نالن سان سڏيندا ھئا؟
جواب : موتي ۽
کينهو
۶۲- شاھ لطيف جو وصال ڪھڙي حالت ۾ ٿيو؟
جواب : راڳ ٻڌندي
۶۳- شاھ لطيف راڳ جو سچو قدر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر سورٺ
۶۴- ”شاھ عبدالطيف سنڌي سماج جو محافظ آھي ۽ سندس رسالو سنڌي سماج جو عڪس
آھي“ ، اھي ڪنهنجا لفظ آھن؟
جواب : عثمان علي
انصاري
۶۵- شاھ جو رسالو ڪھڙي سُرَ کان شروع ٿئي ٿو؟
جواب : ڪلياڻ
۶۶- سر ڪاموڏ ۾ ڇا جو بيان آھي؟
جواب : نوري ڄام
تماچي
۶۷- سر ليلا چنيسر ۾ ٽيون ڪردار ڪنهنجو آھي؟
جواب : ڪئنرو
۶۸- ”پيغام لطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي؟
جواب : جي ايم سيد
۶۹- ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ ڪھڙي سر مان کنيل شعر آھي؟
جواب : سر سارنگ
۷۰- ڪھڙي سر ۾ مورڙي ميربحر جو ذڪر آھي؟
جواب : سر گهاتو
۷۱- شاھ جي رسالي ۾ طنز و مزاح وارو ڪلام وڳنڌ فقير بابت بيان ڪھڙي سر ۾ اچي ٿو؟
جواب : سر بلاول
۷۲- ”شاھ جون سورميون“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي؟
جواب : نارائڻ داس ڀمڀاڻي
۷۳- موکي ۽ متارن جو قصو ڪھڙي سر ۾ آھي؟
جواب : سر يمن ڪلياڻ
۷۴- ڪونج ۽ ماروي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي؟
جواب : سر ڏھر
۷۵- شاھ جي رسالي ۾ گهڻن بيتن وارو ڪھڙو سر آھي؟
جواب : سر حسيني
۷۶- شاھ سائين سج ، چنڊ ، تارن ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر کنڀات
۷۷- شاھ لطيف جي مجازي عشق ۾ ڪھڙو سر ڀائنجي ٿو؟
جواب : سر کنڀات
۷۸- سر ڪلياڻ جو مکيہ موضوع ڇا آھي؟
جواب : وحدانيت ،
ثنا ۽ وحدت الوجود
۷۹- ارنيسٽ ھيمنگوي جي مشھور ناول ”پوڙھو ۽ سمنڊ“ جي ھيرو سانتياگو جو ڪردار
کي شاھ جي ڪھڙي سورمي سان ڀيٽيو ويندو آھي؟
جواب : پنهون
۸۰- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر شاھ صاحب ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر گهاتو
۸۱- سر رپ کي ٻي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو آھي؟
جواب : سر کيپ
۸۲- شاھ لطيف جي ڪھڙي سر کي سر ماتمي سڏيو ويندو آھي؟
جواب : سر ڪيڏارو
۸۳- ڪلياڻ لفظ جي معنيٰ ڇا آھي؟
جواب : سک، خير
۸۴- ڪلياڻ ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي؟
جواب سنسڪرت
۸۵- شاھ لطيف سر ڪلياڻ ۾ ڪامل مرشد کي ڇا سڏيو آھي؟
جواب: ”مھيسر“
۸۶- شاھ سائين جي رسالي جو ڊگھي ۾ ڊگھو بيت ڪھڙي سر ۾ آھي؟
جواب : سر سارنگ
۸۷- ڀٽ تي رکيل قديم نسخي ”گنج“ جو پهريون سر ڪھڙو آھي؟
جواب : سر سسئي
۸۸- عالمن جي خيال موجب سر کنڀات شاھ سائين ڪھڙي عمر ۾ چيو هوندو ؟
جواب : جوانيءَ ۾
۸۹- سھڻي ڪهڙي شيءِ تي چڙھي ميهار سان ملڻ ويندي ھئي؟
جواب : گهڙي تي
۹۰- سر معذوريءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي؟
جواب : سسئي پنهون
۹۱- سر ديسي ۾ ڪھڙو لوڪ قصو ڳايو ويو آھي؟
جواب : سسئي پنهون
۹۲- شاھ لطيف لوڪ قصي سسئي پنهون کي گهڻن سرن ۾ ڳايو آھي؟
جواب : ۵
🔻 سر سسئي آبري
🔻 سر معذوري
🔻 سر ديسي
🔻 سر ڪوهياري
🔻 سر حسيني
۹۳- سر کاھوڙيءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي؟
جواب : سيلاني
فقيرن ۽ جوڳين جو
۹۴- لطيف سائين ڄام جکري جي سخاوت ۽ بهادريءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر بلاول
۹۵- شاھ سائين پنهنجي ڪھڙي سر ۾ نبي اڪرم صہ جي حسن و اخلاق جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب : سر کنڀات
۹۶- ”سنڌ جو حافظ“ ڪنهن کي سڏيو وڃي ٿو؟
جواب : شاھ
عبداللطيف ڀٽائي ؒ
۹۷- شاھ لطيف سر يمن ڪلياڻ ۾ ڪھڙي پرڏيهي شاعر جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس؟
جواب : رومي
۹۸- شاھ لطيف سر سھڻيءَ ۾ هڪ پارسي مصرع ، سنڌ جي ڪھڙي درويش شاعر جي کنئي
آھي؟
جواب : صوفي شاھ
عنايت شھيد
۹۹- شاھ لطيف پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ نهايت مختصر پارسي پنهنجي ڪھڙي سر ۾ چئي
آھي؟
جواب : سر يمن ڪلياڻ
۱۰۰- شاھ لطيف چرخي چورڻ جو پرچار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر ڪاپائتي
۱۰۱- شاھ لطيف ساري عالم جي آباديءَ ۽ آسودگيءَ لاءِ ڪھڙي سر ۾ دعا گهري آھي؟
جواب : سر سارنگ
۱۰۲- شاھ لطيف چين، ترڪي، روم، قنڌار ۽ ٻين شھرن ۽ ملڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو
آھي؟
جواب : سر سارنگ
۱۰۳- ”سو نہ ڪنهن شيءِ ۾ جيڪي منجھ تراب“ جيڪي خاڪ (مٽيءَ) ۾ آھي اهو ٻي ڪنهن
شيءِ ۾ ناهي. ڪھڙي سر جو بيت آھي؟
جواب : سر سھڻي
۱۰۴- شاھ لطيف خاڪ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر سھڻي
۱۰۵- سمنڊ جي خوف ۽ خطرن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي؟
جواب : سر سريراڳ
۱۰۶- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي؟
جواب : سر گهاتو
۱۰۷- شاھ لطيف سر سريراڳ ۾ سمنڊ جو ذڪر ٻيو ڪھڙي نالي سان ڪيو آھي؟
جواب : ديوانو
درياءُ
۱۰۸- شاھ لطيف لوهيڙي جي وڻ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر سريراڳ
۱۰۹- شاھ لطيف ڪينجهر ڍنڍ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر ڪاموڏ
۱۱۰- شاھ لطيف سنڌ جي مخملي آسمان جي سونهن ڏانهن اشارا ڪھڙن سرن ۾ ڪيا آھن؟
جواب : سر کنڀات ۽
سر مومل راڻو
۱۱۱- شاھ لطيف گلن ڦلن، ميون، اَنَ ۽ گاھن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر مارئي
۱۱۲- شاھ لطيف ، ”ٻاٻيهو“ پکيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب : سر مارئي
۱۱۳- شاھ جون سورميون؟
🔻 سسئي 🔻 سھڻي 🔻 مومل 🔻 ليلان 🔻 نوري 🔻 مارئي 🔻 سورٺ
۱۱۴- شاھ جا سورما ؟
🔻 پنهون 🔻 ميھار 🔻 راڻو 🔻 چنيسر
🔻 ڄام تماچي 🔻 مورڙو ميربحر🔻 ٻيجل
۽ ٻيا
۱۱۵- شاھ لطيف لسٻيلي جي سخي حاڪم جي واکاڻ ڪھڙي سر ۾ ڪئي آھي؟
جواب : سر پرڀاتي
۱۱۶- ڪيڏارو سنسڪرت جي ڪھڙي لفظ جي بگڙيل صورت آھي ؟
جواب : ”ڪيدار“
۱۱۷- ”ڪيدار“ جي معنيٰ ڇا آھي؟
جواب : جنگ جو
ميدان
۱۱۸- ميھار کي ٻين ڪھڙن نالن سان سڏيو ويو آھي؟
جواب عزت بيگ ۽ ساھڙ
۱۱۹- شاھ عنايت جي شھادت وقت شاھ لطيف جي عمر ڪيتري ھئي؟
جواب : ۲۸ سال (ڪٿي ۳۱ سال بہ اچي ٿي)
۱۲۰- شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جو ۲۷۶ هون عرس مبارڪ ڪھڙي سال ۾ ملهايو ويو؟
جواب : ۲۰۱۹
۱۲۱- ارنيسٽ ٽرمپ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن؟
جواب : ۲۶
۱۲۲- تارا چند واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن؟
جواب : ۳۷
۱۲۳- ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن؟
جواب : ۲۲
۱۲۴- ڊاڪٽر غلام المصطفيٰ قاسمي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن؟
جواب : ۳۶
۱۲۵- علامہ آءِ آءِ قاضي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن؟
جواب : ۲۹
۱۲۶- علامہ آءِ آءِ قاضي، شاھ جي رسالي مان ڪھڙو سر ڪڍي ڇڏيو؟
جواب : سر ڪيڏارو
۱۲۷- ٻانهي خان شيخ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن؟
جواب : ۳۱
۱۲۸- الهداد جهجهي جي گنج ۾ ڪيترا سر آھن ؟
جواب : ۳۶
۱۲۹- سڀ کان پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪھڙي فنڪار کي مليو ؟
جواب : استاد
محمَّد يوسف
۱۳۰- استاد محمَّد يوسف کي پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪڏهن مليو ؟
جواب : ايڪٽيھ مارچ
۱۹۸۰ع
۱۳۱- ٻہ مارچ ۱۹۴۱ع ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ طرفان شاھ لطيف جي ورسي ڪٿي ملھائي وئي ؟
جواب : خالق ڏني
ھال ڪراچيءَ ۾
۱۳۲- شاھ لطيف جو عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت ڪنهن قائم ڪئي ؟
جواب سيد ميران
محمَّد شاھ
۱۳۳- شاھ لطيف جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي پهريون ڀيرو عبدالستار پيرزادو عام موڪل
جو اعلان ڪيو ؟
جواب : ۲۰۱ عرس جي موقعي تي
۱۳۴- شاھ جو رسالو چئن ٻولين ( اردو ، سنڌي ، انگريزي ۽ فارسي) ۾ ڪنهن سهيڙي ڇپرايو
؟
جواب : ڊاڪٽر در
شھوار سيد
۱۳۵- سڀ کان پهريان الف -- ب وار شاھ جو رسالو ڪنهن ترتيب ڏنو ؟
جواب : ڊاڪٽر
محمَّد عالم سومرو
۱۳۶- قاضي فقير محمَّد قانع واري شاھ جي رسالي ۾ ڪيترا سر ڏنل آھن ؟
جواب : ۳۶
۱۳۷- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سال ۲۰۰۰ع ۾ تحقيق مڪمل ڪري شاھ جو رسالو گهڻن جلدن ۾ ترتيب ڏنو
؟
جواب : ۱۰ جلد
۱۳۸- ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو جو عربي ۾ ترجمو ڪيل شاھ جو رسالو ۲۵۱ عرس جي موقعي تي ڪھڙي سال ۾ شايع ٿيو ؟
جواب : ۱۴۰۰ ھ ، ۱۹۸۰ع
۱۳۹- شاھ لطيف جو رسالو ڪڇ وارو گنج شريف ٻارنهن سالن عرصي ۾ سال ۱۳۳۶ ھ ڪنهن لکي پورو ڪيو ؟
جواب : عبدالمطلب
جت
۱۴۰- سر ڪيڏاري ۾ لطيف سرڪار قرآن پاڪ جون ڪيتريون آيتون آنديون آھن ؟
جواب : پنج
۱۴۱- شاھ لطيف نار جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب سر ڏھر
۱۴۲- شاھ لطيف گنگا جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر بلاول
۱۴۳- شاھ لطيف جنت عدن جو ذڪر ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر سورٺ ۽
رامڪلي
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
ؒ جا سر (ڪلام)
۱- سر ڪلياڻ (وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود)
۲- سر يمن ڪلياڻ (موکي ۽ متارا جو ذڪر)
۳- سر کنڀات (نبي سائين جي حسن و اخلاق ، مجازي عشق ، سج ، چنڊ ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ
جو ذڪر)
۴- سر سريراڳ (ٻيڙن ۽ سمنڊ جو ذڪر)
۵- سر سامونڊي (وڻجارن جو ذڪر)
۶- سر سھڻي
۷- سر سسئي آبري
۸- سر معذوري
۹- سر ديسي
۱۰- سر ڪوهياري
۱۱- سر حسيني
۱۲- سر ليلان چنيسر
۱۳- سر مومل راڻو
۱۴- سر مارئي
۱۵- سر گهاتو (مورڙي ميربحر ۽ مانگر مڇ جو ذڪر)
۱۶- سر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچي جو ذڪر)
۱۷- سر ڪيڏارو
۱۸- سر سورٺ
۱۹- سر آسا (اکين جو ذڪر)
۲۰- سر سارنگ
۲۱- سر کاھوڙي
۲۲- سر رپ (سر کيپ)
۲۳- سر رامڪلي (جوڳين جو ذڪر)
۲۴- سر بروو سنڌي
۲۵- سر ڪاپائتي
۲۶- سر پورب
۲۷- سر ڪارايل ( پکين جو ذڪر)
۲۸- سر پرڀاتي
۲۹- سر ڏهر (ڪونج جو ذڪر)
۳۰- سر بلاول (وڳنڌ بابت مذاق ، ڄام جکري جي سخاوت)
🔸شاھ لطيف جا شايع ٿيل رسالا
۱- شاھ جو رسالو - ارنيسٽ ٽرمپ - ۱۸۶۶
۲- شاھ جو رسالو - تاراچند شوقيرام - ۱۹۰۰
۳- رسالہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمة - مرزا قليچ بيگ - ۱۹۱۳
۴- شاھ جو رسالو - ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي - ٽي جلد - (۱۹۳۱-۱۹۲۴-۱۹۲۳)
۵- شاھ جو رسالو - غلام محمَّد شاھواڻي - ۱۹۵۰
۶- دفتر لطيفي وارو رسالو - محمَّد عثمان ڏيپلائي - ۱۹۵۱
۷- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ - غلام مصطفيٰ قاسمي - ۱۹۵۱
۸- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف - علامہ آءِ آءِ قاضي - ۱۹۶۱
۹- شاھ جو رسالو - ڪلياڻ آڏواڻي - ۱۹۶۶
۱۰- شاھ جو رسالو - شاھ جو ڪلام - ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ - ۱۹۸۹ - ڏھ جلد
۱۱- شاھ جو رسالو - الف - ب وار - ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو - ۱۹۹۴
۱۲- الف - ب وارو شاھ جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي - عبدالغفار گوھر دائود پوٽو
- ۱۹۹۴
۱۳- شاھ جو رسالو - عثمان علي انصاري - ۱۹۹۷
۱۴- شاھ جو رسالو - ٻانهون خان شيخ - ۲۰۰۲
🔸شاھ لطيف جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾
۱- مقالات الشعراءَ - مير علي شير قانع ٺٽوي - ۱۷۶۱ع - ۱۱۷۴ ھ (شاھ لطيف جي وصال کان ڇھ سال پوءِ)
۲- تحفة الڪرام - مير علي شير قانع ٺٽوي - ۱۷۶۸ع - ۱۱۸۱ ھ (فارسي) - سنڌي ترجمو - مخدوم امير علي
۳- معيار سالڪان طريقت - مير علي شير قانع ٺٽوي - فارسي - ۱۷۸۷ - ترجمو - شيخ محمَّد حسن ٿريچاڻوي - ۲۰۱۰
۴- سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون - رچرڊ برٽن - ۱۸۷۱
۵- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ (انگريزي ۱۸۷۷) (سنڌي ۱۸۹۷)
۶- لطائف لطيفي - مير عبدالحسين سانگي (فارسي ۱۸۸۷)
۷- شاھ تي تحقيق - ليلا رام وطڻ مل - ۱۸۸۹
۸- مرغوب الاحباب - نظر علي بلوچ - ۱۹۴۵
۹- شاھ سچل سامي - ڪلياڻ آڏواڻي - ۱۹۵۱
۔۱۰- Shah Latif Of Bhit مرتب - ڪريم
بخش خالد - ۱۹۶۲ - (۲۱۰ عرس تي ڇپيو)
۱۱- پنج گنج - قادر بخش بيدل - (فارسي) - (سنڌي ترجمو - صوفي سبحان بخش -۱۹۷۷)
۱۲- شاھ سچل سامي - مرتب : اي جي اتم - ۱۹۸۲ - ٻيو ڇاپو ۱۹۸۴
۱۳- شاھ سچل ۽ خليفو قاسم - محمَّد حسين ڪاشف - ۲۰۱۲
۱۴- لطيفي لهرون - (مضمون) - پروفيسر علي نواز جتوئي
🔸شاھ جي رسالي تي تحقيق
۱- شاھاڻو شاھ - لعل چند امر ڏنو - ۱۹۱۴
۲- مقدمہ لطيفي - ڊاڪٽر گربخشاڻي - ۱۹۲۳
۳- لطيفي سير - ڀيرو مل آڏواڻي - ۱۹۲۸
۴- شاھ جي رسالي جو رهبر عرف ککر ۾ کڙو - محمَّد عثمان ڏيپلائي
۵- پيغام لطيف - جي ايم سيد - ۱۹۵۲
۶- ڀٽ ڌڻي عرف فڪر لطيف - مولوي عبدالحيءُ - ۱۹۶۲
۷- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ - ۱۹۷۲ع - ۱۳۹۲ ھ
۸- شاھ لطيف جي شاعري - تنوير عباسي - ۱۹۷۶
۹- شاھ ، سچل ، سامي - محمَّد ابراهيم جويو - ۱۹۷۸
۱۰- لطيف جو پيغام - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي - ۱۹۷۹
۱۱- سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف - ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر - ۱۹۸۸
۱۲- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري - ڊاڪٽر غلام النبي سڌايو - ۱۹۹۰
۱۳- شاھ جي ٻولي - آفتاب ابڙو - ۱۹۹۰
۱۴- شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ - ڊاڪٽر فهميده حسين - ۱۹۹۳
۱۵- ڀٽ جو گهوٽ - ڊاڪٽر بشير احمد شاد - ۱۹۹۳
۱۶- عرفان لطيف - ڊاڪٽر بشير احمد شاد
۱۷- پيھي منجھ پاتال - ڊاڪٽر بشير احمد شاد
۱۸- شاھ لطيف ھر دور جو شاعر - ڊاڪٽر بشير احمد شاد
۱۹- شاھ جون آکاڻيون - ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي - ۱۹۹۴
۲۰- شاھ جي شاعري ۾ استعارا ۽ تشبيھ نگاري - ڊاڪٽر ام ڪلثوم - ۲۰۰۴
۲۱- ڀٽائي جو مطالعو - ڊاڪٽر اسد جمال پلي - ۲۰۰۶
۲۲- شاھ لطيف جي ٻولي جو تحقيقي جائزو - ج ع منگهاڻي - ۲۰۰۶
۲۳- سوز وساز لطيف - حيدر علي - ۲۰۰۹
۲۴- مون مطالع سپرين - اياز قادري
۲۵- سنڌ جو شاھ - بدر ابڙو
۲۶- ڀٽ جو شاھ - ايڇ ٽي سورلي - سنڌيڪار عطا محمَّد ڀنڀرو.
۲۷- لطيف جو پيغام - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
۲۸- فڪر لطيف - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
۲۹- لات جا لطيف جي - آغا سليم
۳۰- اديون آءُ اڄاڻ - ڊاڪٽر فهميده حسين
۳۱- لطيفي لات - ممتاز مرزا
۳۲- موکي متارا - استاد لغاري
۳۳- جھڙي سونهن سندياس - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي.
۳۴- مون ۾ تون موجود - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي.
۳۵- شاھ جي رسالي جي نباتات - پريتم پياسي.
🔸شاھ لطيف جي رسالي جا ڪي ترجما
۱- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - شيخ اياز - ۱۹۶۳
۲- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - آغا سليم - ۲۰۰۰
۳- کلام شاه عبداللطيف - (اردو - نثري ترجمو) - اياز قادري ۽ وقار احمد - ۱۹۹۳
۔۴- Shah Jo Risalo alias Ganj Latif
- محمود يعقوب آغا شاھ - ۱۹۸۵
۔۵- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai Translated in Verses - پروفيسر آمنہ خميساڻي - ۱۹۹۴
۔۶- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai
ايلسا قاضي (Selction) - ۱۹۶۵
۔۷- Selection From Risalo - جي الانا
۸- السيد عبداللطيفرحمة اللہ عليه اشاعرالڪبير في ال باڪس ٽانڪڻ - (عربي) - ڊاڪٽر
فضل رحيم سومرو - ۱۹۸۹
۹- شاھ ڀٽائی دا رسالہ - (پنجابي) - ڪرتار سنگھ عرش
وارو - ۱۹۹۶
سنڌي ٻولي جي شروعات
۱) سنڌيءَ ۾ صرف ونحو (گرامر) تي پهرن ڪتاب ۱۸۵۰ع ۾ لکيو ويو.
(۲) انگريزن ۱۸۵۱ع ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسر
لازمي طور تي سنڌي پڙهن.
(۳) سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۱۸۵۲ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي.
(۴) سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي رسم الخط ۱۸۵۳ع کان آهي.
(۵) سنڌيءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب ۱۸۵۳ع ۾ لکيو ويو.
(۶) سنڌيءَ ۾ پهريون قصو ۱۸۵۴ع سن ۾ ڇپيو.
(۷) سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات ۱۸۶۰ع ۾ ٿي.
(۸) سنڌيءَ ۾
قانون تي پهريون ڪتاب ۱۸۶۳ع ۾ لکيو ويو.
(۹) سنڌيءَ ۾ پهريون ناول ۱۸۶۸ع ۾ ڇپيو.
(۱۰) سنڌ جو پهريون نقشو ۱۸۷۰ع ۾ شايع ٿيو.
(۱۱) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۱۸۷۲ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(۱۲) سيمور ۱۸۸۴ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(۱۳) ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي ۱۸۹۲ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(۱۴) ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي ۱۹۰۴ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(۱۵) سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي جي شروعات ۱۹۴۶ع کان ٿي آهي.
انهيءَ طرز عمل تي
پهريون ڀيرو فقير محمد سنڌي عمل پيرا آهي. اچو تہ “پهريون“ هجڻ جي شرف حاصل ڪندڙ
عامل و حامل کي شامل ڪريون، انهيءَ لاءِ اقتباسات جي معلومات پيش نظر رکجي ٿي؛
(۱) سنڌي ادب جو پهريون دور سومرن جو دور کان
آهي.
(۲) سنڌي نثر جو پهريون قصو سسئي پنهون آهي.
(۳) سنڌي نظم جو پهريون شاعر قاضي قاضن آهي.
(۴) سنڌي ۾ ترائيل جو پهريون شاعر نارائڻ شيام
آهي.
(۵) سنڌيءَ ۾ غزل تي پهريون ڪتاب آخوند گل
محمد جو آهي.
(۶) سنڌيءَ جي پهرين درسي ڪتاب “سنڌي ٻاراڻو” ڪتاب
آهي.
(۷) سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب ننديرام
مير چنداڻي لکيو.
(۸) سنڌيءَ ۾
پهريون صاحب ديوان شاعر آخوند گل محمد هو.
(۹) سنڌيءَ ۾ لکيل پهرين اصلي آتم ڪهاڻي “سائو
پن ۽ ڪارو پن“ آهي.
(۱۰) سنڌ ۾ باقاعده تعليمي ادارا سڀ کان پهرين
يونانين قائم ڪيا.
(۱۱) شاھ جي رسالي جو پهريون انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڊاڪٽر سورلي ڪري ڇپايو.
(۱۲) سنڌ جي ذوالفقار علي ڀٽو کي برطانيہ جي ڪنهن
يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو پهريون ايشيائي استاد مقرر ڪيو ويو.
(۱۳) سومرن جي دور جو پهريون شاعر پير صدر
الدين شاھ هو.
(۱۴) سومرن جي دور ۾ پهرين شاعري گنان صنف کان
شروع ٿي.
(۱۵) جديد سنڌي گيت جو پهريون شاعر صوفي نيڀراج
آهي.
(۱۶) ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو پهريون سنڌي
شاعر شاھ عنايت رضوي هو.
(۱۷) لوگ (لوڪ) گيت تي پهريون ڪتاب ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ لکيو.
(۱۸) شاعريءَ جي صنف “هجو گوئي” جو پهريون مؤجد
سيد ثابت علي شاھ هو.
(۱۹) شاعريءَ ۾ مدح جي صنف جو پهريون مؤجد جمن
چارڻ هو.
(۲۰) سنڌي مرثيي جو پهريون بنياد سيد ثابت علي
شاهه رکيو.
انهيءَ اميد سان تہ
اڳين ڪتابن جيان هن ڪتاب کي بہ قدر جي نگاھ سان ڏسجو۔
(فيسبڪ تان ڪاپي
پيسٽ)
ڀٽائيؒ
ھڪ مسيحا
ڄام صنم سنڌي
“ماڻھو سڀ نه
سھڻا” جي مثال جيان جيڪڏھن ادب جي دنيا تي نظر ڊوڙائبي ته سوين نه بلڪه لکين
ھزارين نالا نروار ٿي پوندا جن پنھنجي محنت ۽ پورھئي سان پنھنجو سڀ کان منفرد مقام
ٺاھي سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو آھي پر انھن سڀني مان ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھان بھار جي
بوءِ جھڙو ھڳاءُ آيو آھي “ڪنول پاڙون پاتال ۾” ھونديون آھن پر سندس من موھيندڙ گل
پاڻيءَ مٿان ترندي سڄي جر جي سونھن کي جرڪائي وجھندا آھن ساڳي طرح شعرو ادب جي
وسيع ۽ ڪشادي ڪائنات ۾ “جي ڄاڻين ته به نه ڄاڻ” چئي ان گل جيان پاڻ کي ثابت ڪيو
آھي جنھن جون پاڙون ته پاتال ۾ آھن پر سندس وجود پاڻيءَ جي مٿان ڇر کي حسن جي حيات
بخشيندو ٿو رھي بلڪل اھڙيءَ طرح “سو مون سڀ ڄمار اورڻ اھو ئي ٿيو” کي ارپي ادب جي
دنيا ۾ اڪيلو عبداللطيف ٿيڻ ڪو آسان ڪم نه آھي.
لاکيڻو لطيف، ڀٽ
ڌڻي، ڀٽائي گھوٽ، مرشد لطيف يا ڀٽ جو ڀٽائي حضرت شاھ عبداللطيف “جي ليلائي نه لھين،
تان پڻ ليلائج” جھڙين سٽن سان اميد ۽ آسري جي جوت جلائي سڄي جھان کي ھر سٽ سان
جيئڻ جا نوان گس ۽ ڏس ڏيندڙ اھو شاعر ۽ مسيحا آھي جنھن جو مثال ۽ مٽ ملڻ مشڪل آھي
ڀٽائي سائين ھڪ بي مثال شاعر ته آھي ئي آھي پر ان سان گڏوگڏ ھڪ اھڙو بي مثال مسيحا
به آھي جنھن وٽ ٻڍڙن لاءِ ھمت، جوانن لاءِ جذبو، ٻارڙن لاءِ ٻڌي ۽ ايڪي جو عزم، عورتن
لاءِ جرئت ۽ بھادريءَ جي واٽ، ھارين، نارين، مسڪينن، مزدورن ۽ محڪومن لاءِ عزت، آجپي
۽ برابريءَ جو درس، آدرشين لاءِ حق جو آواز، پرش لاءِ پيار، محبت ۽ عاجزيءَ جو
پيغام، سنگھارن لاءِ ساڻيھ جي سڪ جو سنيھو، عاشقن لاءِ اتساھ، جاگيردارن لاءِ
چتاءُ، سرمائيدارن لاءِ سبق ۽ بي يارو مددگارن، بکايلن ۽ ڏھاڙي دارن لاءِ ڏڍ آھي
ايجاد، تعمير ترقيءَ جا نوان ڏس آھن اصلاح ۽ فلاح جون نيون واٽون آھن، مشاھدن ۽
تجربن جون اڻ کٽ منزلون آھن اصطلاحن ۽ استعارن جي وسعت آھي، سوچن، جذبن، احساسن ۽
عملن جي آزادي ۽ بلندي آھي، مذھب جو ادب ۽ احترام آھي، قوميت جي بي بھا قدر و قيمت
آھي، انسان ۽ انسانيت جي پرچار ۽ تنوار به آھي ته ساڳئي وقت عالم جي امن، آشتي، سڪون
۽ سلامتيءَ لاءِ دارون (حل)، ڪارون (دعا) به آھن دنيا جي ڪنھن به شاعر وٽ ھڪ فرد
کان سڄي سماج، ھڪ قبيلي کان سڄي قوم، ھڪ مذھب کان ھر مذھب ۽ ھڪ انسان کان سڄي عالم
۽ انسانيت تائين سندس ھر مسئلي ۽ ان جي حل لاءِ مڪمل منشور موجود ناھي سواءِ شاھ
سائينءَ جي.
روزِ ازل کان اھا
ريت رھي آھي ته ظلمتن جي انڌوڪار جي اوندھ کي مٽائڻ ۽ نئين جوت جلائڻ لاءِ ھر دور
۾ قدرت ڪو اھڙو مسيحا موڪليندي رھي آھي جيڪو سڀني دردن جو درمان بڻجندو آھي سنڌي
قوم تي ڪاھون رڳو زميني حد تائين ناھن ٿينديون رھيون بلڪه سنڌ ۽ سنڌين کي مٽائڻ
لاءِ ھر طرح جا حملا، سازشون ۽ ويرين جا وار تاريخ جو حصو رھيا آھن جن ۾ ٻولي، تھذيب،
تمدن، تاريخ، ثقافت، قوميت، وحدت ۽ جاگرافيائي ڪو به پاسو آجو ناھي “ڪوجھن سندا ڪم،
ڪامل ريءَ ڪير ڪري” جي ڪرم سان ھن قوم کي “ھڪ ئي رانجھو لکان دا مٽ” جھڙو لطيف
انھيءَ مسيحا جي روپ ۾ مليو جنھن “سٽ نه سارين سا” جھڙي پنھنجي ھر سٽ سان سنڌيءَ ۾
اھڙو رسالو ڏنو جنھن ھن ٻوليءَ کي ھر حملي آور کان بچائي تاحيات امر بنائي ڇڏيو
آھي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنھنجي رسالي ذريعي سڄي دنيا کي اھو
پيغام ڏنو آھي ته سنڌي امن پسند قوم ۽ انسانيت جا علمبردار آھن ڀٽائيءَ جي ٻين سان
ڀيٽ ڪندڙن يا کيس مدي خارج چوندڙن لاءِ اھو سڀ کان وڏو معجزو آھي جو سندس شاعري ھر
دور جي نمائندگي ڪندڙ، ھر مشڪل جو حل ڏيندڙ، نئون روح ڦوڪيندڙ، مرده دلين کي زنده
ڪندڙ ۽ پڙھي ڪڙھي پرائڻ وارن کي سڄي عالم جا راز آشڪار ڪري ڏيڻ جي سگھه رکي ٿي.
جيڪي انگريزي يا
ٻين ٻولين کي سنڌيءَ تي ترجيح ٿا ڏين انھن لاءِ اھو مثال ئي سبق ۽ پيغام آھي ته ھڪ
سنڌيءَ جي شاعري اڄ به عالم کي حيران ڪري سندن ھر ھڪ سٽ تي اچرج ۾ وجھڻ جو اعزاز
ڪيترين صدين کان مسلسل ماڻيندي پئي اچي ڇا ان کان پوءِ به ڪير چوندو ته اسين
انگريزي ادب جا محتاج آھيون؟ يا انھن جو ادب اسان جو محتاج آھي؟ ڇو ته دنيا جي
سڀني ٻولين جا شاعر گڏ ڪري به ھڪ ڀٽائيءَ جو مدِ مقابل ڪير نٿو آڻي سگھي پر ڀٽائي
پڙھندڙن کان وڌيڪ ان جي “سا سٽ نه سارين” صرف ھڪ سٽ کي دل سان سمجھڻ وارا ئي اھا
ڳالھ سمجھي ۽ مڃي سگھن ٿا ٻيا نه. ان ڪري اچو ته لطيف شناسيءَ جي حقيقت کي دل سان
پڙھي، قلب سان ڪڙھي ۽ روح ۾ سمائي پنھنجو اندر اجاريون.
پڙھيو ٿا پڙھن، ڪڙھن
ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوھ چڙھن، جئن
ورق ورائين وترا.
(ڏھاڙي عوامي
آواز، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
قومي بيهڪ ۾ سندس ڪردار
صبغت رند
شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رح، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌي ماڻهن وٽ پنهنجي سنڌي هئڻ جي وڏي ثابتي آهي. اها
رُڳو دعويٰ يا نعرو ناهي ان لاءِ پڪا بنياد آهن جنهن جا سرچشما لطيف جي شاعري ۽
شخصيت آهن. هڪ تخليق ڪار جو ڪردار ادا ڪندي هن پنهنجي بيچين طبيعت کي چين ڏيڻ لاءِ
پنهنجي وطن جي علائقن جو سفر ڪيو. مختلف علائقن جي ماڻهن جي طور طريقن ۽ رسمن
رواجن متعلق معلومات ڪئي. ٻوليءَ جي مختلف لهجن، انيڪ لفظن کي ڪٺو ڪيو. پنهنجي
وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کي اڳتي هلي هُنَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو. اهڙي ريت هن
ثقافتي طور ڄڻ سڄي سنڌُ کي پنهنجي رسالي ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. ايئن سنڌي ٻوليءَ جا
مختلف لهجا هڪ جاءِ تي گڏ ٿيا. اهو ان دور جو ڪارنامو آهي جڏهن اچ وڃ جي ذريعن اڄ
جيتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ اُهو ڪم اڪيلي ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي. ان جو اڳتي
هلي اهو فائدو ٿيو ته سنڌ جي هڪ علائقي جي ماڻهو لاءِ ٻئي علائقي جو ماڻهو ۽سندس
طور طريقا اوپرا نه رهيا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري سڀني کي گڏ ڪندڙ محرڪ
قوت بڻجي ويئي ۽ اُهي نفسياتي ۽ ذهني طور تي هڪ ٻئي لاءِ وڌيڪَ ويجھڙائي محسوس ڪرڻ
لڳا. ان ڪري ئي لطيف جي شاعري سنڌ جي هر هڪ حصي ۾ پوءِ چاهي اهو لاڙ هجي يا اُتر ۽
ٿر هجي يا ڪاڇو اتان جو ماڻهو ساڳي حب سان ڳائي ۽ جھونگاري ٿو ۽ اها ڄڻ ته سندس
نفسياتي اڏاوت جو حصو بڻجي ويئي آهي. ان ڪري لطيف ۽ سندس شاعريءَ جي سنڌي ماڻهن جي
قوم بنجڻ واري عمل ۾ پيڙهه جي پٿر واري حيثيت آهي.
شاهه جي ڪلامَ ۾
انهيءَ ڪري اهي قدر نمايان ملن ٿا اهي ساڳيا قدر آهن جن جي تعليم ننڍي کنڊ ۾ هر
دؤر جي انسان دوست دانشور ڏني هئي پر معاشي ۽ سماجي حالتن جي سازگار نه هئڻ ڪري
انهن کي حاصل ڪرڻ ممڪن نه ٿيو جڏهن ته انهن ساڳين قدرن کي ان دؤر جي يورپ ۾ هڪ
عملي صورت ملي رهي هئي. اهي سهپ، تنگ نظريءَ جو خاتمو، معاشي اڻ برابريءَ خلاف جنگ
۽ انسان ذات سان ڪنهن ذات، مذهب وغيره جي متڀيد کانسواءِ محبت ڪرڻ وارا قدر آهن.
لطيف انهن قدرن تي
ان ڪري وڌيڪَ زور ڏنو جئين سماج ۾ ماڻهپي وارن قدرن کي ترقي ملي ۽ انسان ذات ڪي
وکون اڳتي کڻي. اورنگزيب جي اقتدار جي پنجاهه سالن ۾ سنڌ سميت پورو ننڍو کنڊ مذهبي
ڪٽرپڻي ۾ وڪوڙجي ويو هو. داراشڪوهه ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪيو ويو، جنهن ڏس ۾ به سنڌ
جي خاص اهميت هئي جو هڪ ته داراشڪوهه اورنگزيب جي لشڪر کان ڀڄي سيوهڻ ۾ اچي پناهه
ورتي هئي ۽ ٻيو ته کيس اتان محفوظ طريقي سان گجرات وڃڻ کانپوءِ جڏهن شهيد ڪيو ويو
تڏهن هو سنڌ جي سرحدن جي ويجھو هو. شايد کيس پنهنجي عقيدي جي ڦهلاءَ ۽ بچاءَ لاءِ سنڌ
ئي هڪ محفوظ اجھو نظر آيو هجي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ مخدوم بلال جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ ۽
شاهه عنايت رح جي پنهنجي ساٿين سميت شهادت جنهن کي انهيءَ دؤر جو اتفاق يا هڪ اهڙي
ڳالهه جيڪا حالتن جي لحاظ کان ممڪن نه هئي، پر ٿي گذري، ڪري ليکيو وڃي ٿو. انهيءَ
دؤر ۾ پورچوگيزن پاران سنڌ جي سدا ملوڪ شهر ۽ ان وقت جي گاديءَ جي هنڌ ٺٽي کي باهه
ڏئي ساڙيو ويو ۽ انهيءَ تباهيءَ جو لطيف اکين ڏٺو شاهد هو.
هِتي اسان وٽ مسئلو
لطيف جي پيغام کي ان وقت جي حالتن جي پس منظر ۾ سمجھڻ ۽ اهو ڏسڻ آهي ته اُهي قدر
اڄ ڪيتري حد تائين اسان جي حالتن سان لاڳاپيل آهن ۽ اسان انهيءَ مان ڪيترو لاڀُ
حاصل ڪري سگهون ٿا. لطيف جي ڪلام ۽ سندس شخصيت تي گهڻو ڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ جي
ٿيو به آهي ته اهو گهڻي ڀاڱي اهڙين قوتن پاران ڪرايو ويو آهي جيڪي ڄؤرن وانگر کيس
چهٽي ويا آهن ۽ سندن ڪوشش آهي ته شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ شخصيت مان سڄو
رَتُ سَتُ پي کيس بلڪل کوکلو ڪري پوءِ پنهنجي مقصدن لاءِ ڪم آڻين.
انهيءَ نموني جي
پهرين وک وقت جي حڪمرانن کنئين ويئي جنهن مٿس مقبرو ٺهرائي کيس رُڳو پير بنائڻ
۽ پنهنجي سياسي ساکَ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي عواميت
۽ ماڻهن سان ڳانڍاپي يا بقول سورلي جي ته سندس شعرن جي فطري موسيقيءَ کيس ماڻهن جي
دلين ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ئي سورلي لاءِ اهو ممڪن ٿيو ته هو لطيف کي دنيا
آڏو متعارف ڪرائي. هينئر جيئن ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ کي لڪائڻ ممڪن
ناهي ان ڪري اهي ماڻهو جن کي حڪمرانن جا پوئلڳ ئي سڏي سگهجي ٿو، اها ڪوشش ڪن ٿا ته
سندس ڪلام جون الهامي معنائون ڪڍيون وڃن ته جيئن هو ماڻهن بدران سندن ڪم اچي سگهي.
پر جيئن پهرين چئجي چڪو آهي ته لطيف جي شاعريءَ جو مقصد، سماج کي وڌيڪَ ماڻهپي
وارو ٺاهي، منجھائنس انسان لاءِ انسان جي نفرتن ۽ ڪدورتن کي ختم ڪرڻ آهي، ان ڪري
هو اها معنيٰ قبول ئي نه ٿو ڪري جيڪا سندس مزاج سان نه ٿي ٺهڪي ۽ ور ور ڪري مختلف
جاين تي پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو. هاڻي اهي ماڻهو اڳتي اچن جيڪي لطيف جا ساٿي آهن ۽
سندس پيش ڪيل آدرشن ۾ يقين رکن ٿا. پر مٿن به شرط آهي ته پنهنجي ذهن مطابق سمجھاڻي
ڏيڻ بدران جديد تحقيق جو سهارو وٺن ۽ پنهنجو پگهر وهائي ۽ رت ولوڙي لطيف سرڪار رح
جي سمجھاڻي پيش ڪن.انساني تاريخ جو سفر جاري آهي. ماڻهو ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي
رهيو آهي. اڳتي وڌڻ جي ان سفر ۾ ماضيءَ جي خراب شين کي ڇڏڻ ۽ سٺين کي نيون معنائون
پهرائي پاڻ سان گڏ وٺي هلبو آهي. شاھ لطيف رح ۽ سندس ڪلام اسان جي تاريخ ۾ هڪ سنگ
ميل ۽ منزل جو پتو ڏيندڙ آهي.
شاھ لطيف رح جن
قدرن کي پيش ڪيو آهي انهن کي حاصل ڪرڻ اسانجي سماجَ ۾ اڄ به هڪ آدرش آهي، انهيءَ
ڪري شاھ لطيف رح جو لاڳاپو اڄ به اسان سان ساڳيو آهي. انهن آدرشن جي حاصل ٿيڻ
کانپوءِ به تاريخ لطيف سرڪار جي انهيءَ ڪردار کي هميشه پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندي
جيڪو هن سنڌي ماڻهن جي هڪ قوم بنجڻ واري عمل ۾ ادا ڪيو آهي ۽ عالمي پئماني تي انهن
قدرن جو پرچارڪ رهيو آهي جي انسان ٿيڻ لاءِ اشد ضروري آهن.
(ڏھاڙي عوامي
آواز، ۲ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
مشرقي ڏاھپ #۱۷
ذوالفقار علي
ڪمبوھ
شاہ عبداللطيف ڀٽائي
(۱۶۸۹-۱۷۵۲ع) هڪ نامور سنڌي صوفي شاعر ۽ فلسفي هيو. کيس سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعرن ۾
شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ ۾ کيس وڏي عزت ڏني وڃي ٿي. سندس شاعريءَ ۽ فلسفي جو مرڪزي
نقطو محبت ۽ امن آھي. هن روحاني روشني حاصل ڪرڻ ۾ محبت ۽ عقيدت جي اهميت تي زور ڏنو.
ڀٽائيءَ جي شاعري تصوف جي موضوعن جي ڳولا ڪري، خدا جي فطرت، نفس ۽ ڪائنات تي مرڪوز
ٿيل آھي. هو هڪ ممتاز صوفي شاعر هو ۽ سندس ڪم روحاني ترقي، باطني صفائي ۽ خدا سان
اتحاد بابت صوفي خيالن جي عڪاسي ڪري ٿو.
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ
۾ اڪثر سماجي مسئلن جهڙوڪ ظلم، ناانصافي ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد کي موضوع بحث
بنايو ويو آھي. هن روحاني ۽ فلسفيانه خيالن جي اظهار لاءِ اڪثر فطرت جي نظارن ۽
استعارن جو استعمال ڪيو.
سندس ڪجهه قابل ذڪر
ڪم شامل آهن:
۱. _شاهه جو رسالو_ (شاهه جي شاعريءَ جو ڪتاب)
۲. _صوفي شاعري_ (مختلف مجموعا)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جو فلسفو تصوف ۽ روحانيت ۾ تمام گهرو جڙيل آهي. هن جي فلسفي ۾ انسانيت جا اهم پهلو
شامل آهن:
۱. *وحدت الوجود* (Unity of Existence): ڀٽائيءَ سڀني وجودن جي وحدانيت ۽ باہمي
وابستگي تي يقين رکندي خدا ۽ ڪائنات جي وحدانيت تي زور ڏنو.
۲. *پيار ۽ شفقت*: هن روحاني ترقي ۽ خود شناسي حاصل ڪرڻ ۾ پيار، شفقت ۽
همدردي جي اهميت تي زور ڏنو.
۳. *اندر جي صفائي*: ڀٽائيءَ دل ۽ دماغ جي صفائيءَ لاءِ پاڻ سڃاڻڻ جي فڪر،
روحاني عمل ۽ نيڪيءَ جي پوکيءَ جي واکاڻ ڪئي.
۴. *سماجي انصاف*: هن سماجي انصاف، برابري ۽ جبر جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏنو.
۵. *روحاني آزادي*: ڀٽائي انفرادي روحاني آزاديءَ جي اهميت ۽ عقيدي ۽ انڌي
مطابقت کي رد ڪرڻ تي يقين رکندو هو.
۶. *صوفيانه تجربو*: هن ذاتي صوفياتي تجربي جي اهميت ۽ روحاني حقيقتن جي سڌي
سنئين تصور تي زور ڏنو.
۷. *فطرت ۽ ڪائنات*: ڀٽائيءَ فطرت ۽ ڪائنات کي خدا جي عڪاسي طور ڏٺو ۽ تخليق
جي اسرار تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي همت افزائي ڪئي.
۸. *سادي زندگي*: هن مادي وابستگين ۽ دنياوي خلفشار کان آزاد، سادي ۽
سادگيءَ واري زندگي گذارڻ جو مشورو ڏنو.
۹. پاڻ سڃاڻڻ *Self-Realization*: ڀٽائيءَ جي فلسفي جو مقصد ماڻهن کي سندن
حقيقي صلاحيت کي محسوس ڪرڻ ۽ روحاني خود آگاهي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.
۱۰. *عالمي برادري*: هن هڪ اهڙي دنيا جو تصور ڪيو جيڪو محبت، احترام ۽ سمجهه
۾ مذهبي ۽ سماجي حدن کان بالاتر ھجي.
ڀٽائيءَ جي شاعري ۽
فلسفو سچائي ۽ روحاني ترقيءَ جي طلبگارن کي ھدايت ۽ رهنمائي ڏئي ٿو ۽ انساني حالت
۽ ڪائنات ۾ انسان جي مقام بابت ڄاڻ پيش ڪري ٿو.
عبداللطيف ڀٽائي
'سڄڻ ۽ ساڻيهه' وارو ڀٽائي لطيف ۽ ان جي عوام دوستي
الطاف اثيم
اعليٰ معيار جي
مقبول عوامي شاعريءَ جا جيڪe ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ خيال
جي اونهائي، سگھارن احساسن جي اُپٽار، لفظن ۽ جملن جو سهڻو سٽاءُ شامل آهي. اهي
سموريون خوبيون سنڌ جي شاعرن جي شاهه، سيد عبداللطيف (۱۷۵۲ع – ۱۶۸۹ع) جي ڪلام ۾ موجود آهن، مگر سندس عظيم شخصيت ۽ پيغام جي
بي انتها عوامي مقبوليت جو خاص سبب آهي، سندس ساڻيهه جي سِڪ، ماڻهن جي ٻولي ۽
ثقافت لاءِ لامحدود پيار. شاعر ۽ شاعريءَ جي پرک جو اهو پئمانو مڙني معيارن کان
مختلف ۽ مٿانهون آهي.
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
هڪ هنڌ شيخ اياز
لکيو آهي ته، مون اڄ تائين ملڪ ۽ اتي جي ماڻهن لاءِ بي انت محبت جو مثال ههڙي سِٽ ڪٿي
ناهي پڙهي!
“جيها جي
تيها، مون مارو مڃئا”
هڪ حساس ۽ دردمند
دل رکندڙ شاعر پنهنجي دور جي سماجي حالتن جو ترجمان هوندو آهي. سندس ان عظمت سان گڏ
ڪجهه شخصيتي خوبين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
سيد عبداللطيف بن
حبيب شاهه جو جنم “سئي قندر” ڳوٺ ۾ ٿيو، جتي هو اٽڪل پندرنهن سالن تائين پنهنجي
ناناڻن ڏيرن فقيرن ۾ رهيو. ڦوهه جوانيءَ ۾ سير و سياحت جو شوق جاڳيس ۽ سڄا سارا
چاليهه سال جوڳين، سامين ۽ سنياسين جي سنگت ۾ لاڙ، اتر، ڪاڇو، ڪڇ ڀُڄ، بلوچستان،
جوناڳڙهه ۽ جيسلمير جا اڻانگا پنڌ لتاڙيندو ۽ مشاهدا ماڻيندو رهيو. حياتيءَ جي
پوين ڏهه سالن ۾ هڪ مٿانهين وارياسي ڀِٽَ، جنهن جي چوڌاريءَ قدرتي وڻڪار ۽ پاڻي
موجود هو، ان کي پنهنجي سِر پاڻ جماعت سان گڏجي، سونت ۾ آڻي، پکڙا اڏي سڪونت
اختيار ڪيائين. سندس عجز نياز ۽ انسان دوستيءَ جي هاڪ ٻڌي آسپاس جا رهواسي به هيڏانهن
رجوع ٿيا ۽ جلد ئي “ڀِٽَ” کي ماڻهن “شاهه جي ڀِٽَ” ۽ “ڀٽ شاهه” ڳوٺ طور مشهور ڪري ڇڏيو.
اهو نالو سيد عبداللطيف کي ڏاڍو وڻيو ۽ پاڻ کي “ڀٽائي” سڏائڻ شروع ڪيائين، جيڪو اڄ
تائين سندس نالي جو اهم جزو بڻيل آهي. هن پنهنجا مالڪاڻا حق جتائڻ يا پاڻ پڏائڻ
واري سوچ کي پوئتي رکيو. هن پنهنجي ڳوٺ کي سيد آباد، لطيف آباد، شاهپور يا حبيب
آباد نالو ڪو نه ڏنو. مريدن کان ڏَن ۽ جماعت کان ونگارون وٺي نه ڪي حجرا يا شاندار
حويليون ٺهرايائين ۽ نه ئي اوتارا ۽ اوطاقون اڏيائين. عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هن ڀونءِ
جي باشندن سان پِرت جو پيوند اهڙو ته پختو لڳي ويو، جو چئي ڏنائين ته:
“سنهي سُئيءَ
سبيو، مون مارُن سين ساهه”
اهو شاهه ڀٽائيءَ
جو ماروئڙن سان موهه جو ئي نتيجو هو، جو هن پنهنجي اصل نسل واري ساداتي نسبت جھڙوڪ
بخاري، هروي، متعلوي، ڪاظمي، رضوي يا نقوي سڏائڻ بدران “ڀٽائي” چوائڻ ۾ عار محسوس
نه ڪيو. هن پنهنجي ڪلام ۾ لفظ “سيد” به تمام گھٽ استعمال ڪيو آهي. هن ظاهري
زندگيءَ ۾ به اوچ نيچ، رنگ نسل ۽ ذات پات جي ويڇن کي ويجھو اچڻ ڪو نه ڏنو. توڙي جو
وقت جا ڪلهوڙا حاڪم سندس ارادتمند هئا پر سندس ساٿ ۽ صحبت، ڪمي، ڪاسبي، هاري ناري،
پورهيت ۽ پيڙيل طبقي سان رهندو هو. ورو يا ورند ۽ مدن واڻيو به کيس ڏاڍا عزيز هئا.
هن “مدن” کي ڪڏهن به مسلمان ٿيڻ لاءِ زور نه ڀريو. “ونهيون فقير جت” جيڪو هڪ ننڍڙي
ڪتي يا گُلر ‘موتي’ جي سار سنڀار تي شاهه سائينءَ مقرر ڪيو هو، سو به کيس پيارو
هو. هڪ ڀيري چيائين ته: “جاتي ونهيون ڪتائي، اتي ڀٽائي”. پنهنجائپ جي اڻمٽ احساس ڏيارڻ
لاءِ اهو به اظهار ڪيائين ته: “جي ميرائي مڱڻا، آئون پڻ منجھان تن”.
شاهه ڀٽائي جي
رسالي مطالع ڪرڻ سان اها پڪ ٿئي ٿي ته سندس ڪلام جا موضوع يا مضمون، قصا ۽ ڪهاڻيون،
ڌرتي ۽ اتي رهندڙ ماڻهن سان لاڳاپيل آهن. ساڻيهه اندر وسندڙ سانگين جي ٻوليءَ ۾ هو
پنهنجي اندر جا اڌما اوتي ٿو. شاهه لطيف جي وقت فارسي سرڪاري ٻولي ۽ بادشاهي درٻار
توڙي روزگار تائين رسائي جو ذريعو هئي. ان روش سبب گھڻا ڏاها ۽ سُگھڙ ماڻهو پاڻ کي
هيٺئين درجي جو سمجھندي گوشه نشين ٿيڻ لڳا. ان مُونجھ واري ماحول ۾ ڀٽائيءَ ڇا پئي
محسوس ڪيو، سو وڏي واڪ چئي ڏنائين:
پيم پٺاڻن سين، ٻوليون جي نه ٻُجھن،
آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پُڇن،
مون پڻ وٽان تن، سرتيون سُورَ پرائيا.
ساڳئي دور ۾ ڪابلي
۽ قنڌاري ڪاهن ۽ نادرشاهي راتاهن سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن کي لکين رپيا ڏَن ڀري ڏيڻ جو
پابند ڪري ڇڏيو هو. خرچن جي پورائي لاءِ ۽ ڳرن محصولن جي مار ماروئڙن جو ساهه مُٺ
۾ ڪري ڇڏيو هو. بيوسيءَ جي اهڙي ڪيفيت ڏسي شاهه ڀٽائيءَ برملا اظهار ڪيو ته:
“ماروئڙا
فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي”
انهيءَ کان اڳ نور
محمد جي پيءَ يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ جڏهن شاهه لطيف جي عمر اٺاويهه سال هئي ته
ميرانپور جھوڪ ۾ هڪ جيءَ جھوريندڙ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ بزرگ شاهه عنايت سوين ساٿين
سميت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. ڪلهوڙن جي ڪلهي تي دهليءَ جي سلطانن جو هٿ هو، تنهن
آڏو سنڌي سورهيه سرويچ ثابت قدم بيهي سِر صدقي ڪندا رهيا. ان دکدائڪ واقعي جي واکاڻ
ڀٽائيءَ فقط اهو ئي چئي نه ڪئي ته، “ملڪ مڙيوئي منصور، ڪهڙا چاڙهي چاڙهئين” پر
سندن همت ۽ حوصلي کي محبت سان مڃتا ڏيندي چيائين ته:
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچَ
پسِي لهس نه لچئا، سڙيا مٿي سچَ
سندا ڳچين ڳچَ، ويچارن وڃائيا
سنڌ جي هڪ شهر ڀنڀور
مان، سسُئي نالي هڪ سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪريءَ جو بلوچستان ڪيچ مڪران جي هڪ امير زادي
پنهونءَ سان پرڻو ٿيو. هن جي ڀائرن کي سندس پراون ۾ پرڻجڻ پسند نه آيو. اهي وٽس
مهمان ٿي آيا ۽ هڪ رات وجھ وٺي پنهونءَ کي نشو پياري کڻي، اُٺ پلاڻي هليا ويا. صبح
جو سجاڳ ٿي سسُئي ڇا ڏسي ته نه ڪي هوت پنهل ۽ نه ئي مهمان موجود. اهڙي حالت ۾ هو سڀ
لڳ لاڳاپا لاهي پنهنجي پنهونءَ جي ڳولها ۾ اڪيلي سِر نڪري پئي. جھڙي ريت سڄڻ جي سِڪ
۾ رُڃ، سُڃ ۾ اُڃ ۽ بُک تي پهاڙن جا اوکا پنڌ پيچرا لتاڙيندي هلندي رهي، شاهه ڀٽائي
پڻ ساڳين رستن تي سفر ڪري اهي ماڳ ڏٺا. سسُئي جو همت حوصلو، اٽل ارادو، وفا جو وچن
نڀائڻ ۽ اوجاڳيل اکين سان جاکوڙ جاري رکڻ وارو جذبو شاهه لطيف لاءِ ڏاڍو اتساهيندڙ
رهيو. هن سورمي سسُئي جي پنهنجي مقصد سان سچائي واري سوچ کي واکاڻڻ لاءِ پورا پنج
سُر سندس نالي ڪيا آهن. سسُئي سان پنهنجن جي بيوفائيءَ کي محسوس ڪندي ائين چئي ڏنائين
ته:
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين
لڏي لاڏاڻو ڪري، هليا هوت وڃن
پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان
شهر توڙي پاڙي اوڙي
وارين، سسُئي کي ڏکئي سفر تي هيڪلو وڃڻ کان جيڪو روڪيو پئي، تنهن ڪيفيت کي لطيف ڀٽائي
هيئن بيان ڪيو:
متيون موٽڻ سنديون، ڪاڪيون! ڪينَ ڏيوم
سرتيون! ساهه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي
لطيف سائين سسُئي
جي سفر وارا پنڌ پيچرا توڙي وندر جا وڻ ووڙي ڏٺا. ساڳي طرح ان سامونڊي ۽ دريائي
زندگي وارن ماروئڙن جي ڪار وهنوار جو به ڳوڙهو مشاهدو ڪيو هو. سامونڊي سفرن ۾ ٻيڙيائتن
کي سدائين خطرن سان کيڏندو ڏٺائين. ڪُنن جا ڪڙڪا، لهرن جون لپيٽون، واڳُن جا وار،
حد نگاهه تائين چوطرف پاڻي ۽ ڏينهن رات جياپي جا جتن! اهڙي حالت ۾ ٻيڙا ڪنهن پٿريلي
ٻيٽ سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پون ته پوءِ مسڪين ملاحن جو ڇا بچندو؟ غريباڻن
غواربن جي سلامتي واري سفرن لاءِ شاهه ڀٽائي وٽ دلي دعائون هيون.
لُڙ لهريون، لَس ليٽ، جِت انت نه آب جو،
الله اُت مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿئي مَ جھاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
لڳي ڪا مَ لپيٽَ، غاريبي غوراب کي.
لطيف ريگستاني راڄ
۽ ٿر ٿيليندي، بادشاهي بند ۾، هڪ ڪمزور قيدياڻي مارئي، جيڪا مسڪين ماروئڙن سان
محبت ڪندي، هر قسم جو عيش آرام ٺڪرائي ٿي، ان جو قصو ڪنين سڻيو هئائين پر هن
پنهنجي اکين سان اهي نماڻيون نياڻيون به ڏٺيون، جيڪي ڏڪار توڙي سڪار ۾ پنهنجي
حياءَ ۽ حرمت جي حفاظت ڪن ٿيون. اهي آبُرمند نياڻيون ريشم پٽ جي قيمتي لباس جون
خواهشمند ناهن ۽ نه ڪي طعامن جون طلبگار آهن. وڻن ۽ ولين جي اوٽ ويهي پنهنجو سَتُر
سلامت رکيو اچن. ڀٽائي هن ريت کين ساراهي ٿو:
وَرِ سي وطن ڄائيون، صحرا سَتُر جِن،
گولاڙا ۽ گُگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گھمن ولين ۾، جھانگي منجھ جھنگن
مونکي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيجَ ۾
شاهه جي رسالي جا ٻه
سُر رامڪلي ۽ کاهوڙي هڪ لحاظ کان سندس سفري يادگار آهن. هن قادر جي قدرت جا ڪرشما،
ڪائنات جي وسعت، زميني زندگي جي لاهن چاڙهن توڙي انساني اخلاقيات ۽ ڪردار جو ڪيفيتون
پروڙيون. هن کي سير سفر دوران انساني صفتن سان سينگاريل اهڙا ڪردار به مليا، جن کي
ڏسي هن چيو ته سندس پرين کي اهي کانئس پهريان ئي پسيو ويٺا آهن. اهڙن جُنگ جوانن وٽ
راتيون رهجن، ڇو ته سندن سياڻپ ۽ سوچ ڏکين ڏينهن ۾ ڏاڍي مددگار ثابت ٿيندي.
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي
رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ
تنين جي ساڃاهه، ترهو ٿئي تار ۾
سامين ۽ سنياسين
مان صدق ۽ صفائي وارن کي شاهه سائين گھڻو ساراهيو آهي ليڪن لالچ لوڀ، مڪر فريب ۾
مبتلا ماڻهن کي پسند نٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته:
گنديءَ ۽ گراهه، جن سنياسين سانڍيو
اُني کان الله، اڃا آڳاهون ٿيو
سيد عبداللطيف ڀٽائي،
ساري سڀ ڄمار هيڪڙائي واري راهه جو پانڌيئڙو رهيو. هر منزل تي مالڪ جي مخلوق جي
عقيدي ۽ ڪردار تي ويچار ڪندو رهيو. جڏهن پاڻ معرفت جو صاحب بڻيو، تهان پوءِ کيس
انسان ذات ۽ ڪائنات جي وحدت سمجھه ۾ آئي، يعني “نظارو نروار، پي پسايو پنهنجو”. هو
ظاهرداري لوڪ لباس بدران، حق هيڪڙائيءَ واري عقيدي جو پوئلڳ ٿيڻ جي تلقين ڪندو
رهيو، ڇو ته بظاهر گھڙا سڀ ڪنهن جا الڳ الڳ آهن پر پاڻي ساڳيو.
پڇيو ئي جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
هڪ مفڪر ۽ رهبر
حافظ عبدالستار
سولنگي
بهرحال شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه پهريون شاعر هو، جنهن طبيعي شعر چيو هو، سندس ڪلام ۾ حسن جون
هاڪون، عشق جون صدائون، تصوف ۽ وحدانيت جي واکاڻ ملي ٿي سندس مڪمل ڪلام جنهن کي ” ڀٽائي
جو رسالو ” چوندا آهيون, سندس لکيل ڪلام سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو تفسير ۽ ملڪي
زبان ۾ ناياب تعبير آهي, شاعرانه خستوري جي خوشبوءِ جنهن هر هڪ کي موهي مستان ڪيو,
شاه سائين سير ۽ سياحت جو پڻ وڏو شائق هو. قدرت جي هر ڪرشمي کي پنهنجي نوراني ۽
باريڪ نظر سان جاچي، ان جي جمال ۽ جلال تي اونهو تصور ڪيو ۽ پوءِ ان جي هوبهو تصور
پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو، شاهه صاحب سنڌ جي ڍنڍن, ڍورن برن ۽ بحرن، ٽڪرن ۽ نهرن، ٿرن
۽ ماٿرين تي عاشق هو، مکيه خوبيون وفائي سان نقش ٿو ڪري، سندس خاصيت هي آهي جو
قدرت جي ڳجهارت ڏانهن اشارو ڪري انهن کي وڃيو انسان جي دل جي حال سان لڳائي، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سموري زندگي، پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿي،
هو اسان کي ٻڌائي ٿو الله جي مخلوق جي خدمت ڪريون پاڻ ۾ امن سلامتي قائم ڪريون ۽
من ۾ محبت رکي لاطمئو ٿي هڪ ٻئي سان پيش پئون. شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح اڪثر پنهنجو
سمورو وقت رياضيت، عبادت, شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو هو، قدرت جا من
موهيندڙ نظارا کيس وجد ۾ آڻي ڇڏيندا هئا، شاهه صاحب جي ٻاجهاري طبعيت ٺيڪ اطوارن ۽
پاڪ دامنيءَ ڪيترن ئي انسانن کي مٿس مفتون ڪري ڇڏيون، هڪ هو اڳيئي سيد ۽ ٻيو سڀاءُ
جو هو سٻاجهو سو ته ويتر ماڻهن کي موهي وڌائين، شاهه صاحب جو قلب نهايت ڪومل هو،
نه رڳو انسان ذات پر پکي پکيئڙن سان اٿاهه قرب هوس، دل ايتري قدر نرم هيس جو
جانورن کي به نه ايذايو، شاه سائين پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪنهن پکي پرندي کي ڪو ڏک نه
رسايائين.
پاڻ ڪکن ۽ ڪانن کي ڏانهن
اشارو ڪندي چيو ته انهن ۾ به انسان کان وڌيڪ مريادا ۽ ساڃهه آهي، نديءَ جي ڪناري
تي بيٺل ڪکن کي ڏسو ڪيڏو نه مرم آهي، جڏهن ٻڏندڙ ٻيو ڪو حيلو وسيلو نه ڏسي منجهن هٿ
ٿو وجهي، تڏهن کيس ڇڪي مٿي ٿا ڪن يا مرم وچان پاڙان پٽجي ۽ درد وچان دانهن ڪري ساڻس
گڏ سير ۾ ٿا هليا وڃن، شاهه سائين جي هر سٽ ۾ وڏو سبق سمايل آهي هتي فرمايو آهي ته
انسان کي گهرجي ته وفاداريءَ جو سبق ڪکن مان پرائي.
”ٻڏندي ٻوڙن
کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن
توءِ ڪنڌي ڪن، نات ساڻن وڃن سير ۾“
شاهه صاحب هادي جي
اها هدايت آهي ته هر انسان کي جڳائي ته هميشه خاڪساري ۾ گذاري ۽ پنهنجي ضمير جي حڪمن
هيٺ هلي، ائين ڪرڻ سان نه سندس هٿان ڪو گناهه صادر ٿيندو نه ئي هو هن جهان مان ڪانيارو
ٿي لڏيندو،
” آدمين
اخلاق، مٽائي ماٿو ڪيو
هاڻي کائي سڀ ڪو ماڻهوءَ سنڌو ماس“ شاهه سائين
ڏٺو وڃي ته هتي
الله جي ڪامل ولي جن جون ڪيل ڪمايون جن وٽان ماڻهو فيضياب ٿيندا رهيا آهن خاص سنڌ
جيڪا صوفين جي سرزمين سڏي وڃي ٿي جتي ڪيترن ئي الله پاڪ جي ڪامل ولين جون درگاهون
آهن، جن هميشه پيار پريت، محبت، امن ڀائيچاري، انسانيت ۽ درگذري وارو درس ڏنو آهي،
ڏٺو وڃي ته انسان جو ته هر گهر ۾ جنم ٿئي ٿو پر انسانيت ڪٿي ڪٿي جنم وٺي ٿي! هڪ
نظر کڻي پنهنجي جهاتي ۾ پايون ته اڄ اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ راه حق واري ڇڏي
گهمراه ٿي ڇو ڀٽڪي پيا آهيون!! وٺ وٺان جي هن عالم ۾ جيڏانهن کڻي نظر ڦيرائجي اڪثر
ماڻهو ويري بڻجي اندر ۾ ڪاريهر وارو وير رکي ويٺا آهن, وارو ايندي وار ڪندي اصل
دير ئي نه پيا ڪن! افسوس ڌاريا جي دشمن بڻيا ته پنهنجن مان وري پنهنجائپ موڪلائي
رهي آهي! ويساهه گهاتين ۽ بي رخيءَ جي هن دور ۾ ذهنن جو سڪون ختم ٿي چڪو آهي، هر ڪنهن
اڪثر حد کان وڌيڪ خواهشون وڌائي ڇڏيون جنهن جي ڪري گهڻو ڪري هر هڪ پريشاني ۽
بيچيني ۾ مبتلا نظر اچي ٿو, صبر و شڪر رهيو ئي ناهي ٿوري گهڻي تان جهيڙا جهڳڙا خون
قتل هر روز معمول بڻيل آهن!! بحرحال انسان دنيا جي ميدان ۾ عمل جو ٻج پوکڻ آيو
آهي، جيڪڏهن هن پوري وقت تي پاڻ سنڀالي پنهنجو فرض ادا نه ڪيو، ته وڃي اهڙي اوڙاهه
۾ ڪِرندو، جتان پاڻ ڪڍڻ مشڪل ٿي پوندو. لطيف سرڪار پنهنجي هن بيت ۾ انسان ذات کي
سمجهاڻي لاءِ فرمائي ٿو ته
جي ڀائين ته جوڳي ٿيان مري ٿي مٽي،
ڪڇ پڇ ڪنهن سان ڪينڪي فقت ڪر ڦٽي،
ڪر ڏٺي به اڻ ڏٺي, ته من سڃاڻئي سپرين.
سبحان الله ڇا ته
شاهه سائين جي هن شعر ۾ سمجهاڻي سمايل آهي، ٻين جا اجايا عيب ڪڍڻ بدران پنهنجي
اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، خالي ڪُني جيان اڀامڻ کان بهتر آهي، وزني شئي وانگر هيٺ
تري جي تهه تي هجڻ گهرجي. هونئن به هتي سڀ ڪجهه فنا ئي ٿيڻو آهي، پوء اڄ جي انسان
جو اجائي آڪڙ, وڏائي، انا،تڪبر، غرور وغيره آخر ڇو ۽ ڇالاءِ آهي? جڏهن وڏا وڏا
حشمت ۽ عظمت جا صاحب نيٺ زمين دوز ٿي ويا، هن زمين ۾ ڪيئي سڄڻ دفن آهن، انسان جو ڪم
آهي ته سجاڳ ٿي حقيقي پرين کي لوچي، شاهه سائين هميشه پنهنجي شاعري ۾ اهڙو ته درس
۽ پيغام ڏنو آهي جو منهنجي نظر ۾ ڪو ماڻهو ان جي هڪ شعر تي عمل ڪري ته نيڪن جي لسٽ
ڳڻجي پوي، ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار خود فرمايو ته:
جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهن،
نيو من لاهين پريان سندي پار ڏي.
بيشڪ ان ۾ ڪو به شڪ
ناهي ته لطيف سرڪار پنهنجي بيتن ۾ ايڏي ته گهرائپ ۾ رکي آهي، جيڪا پڙهڻ پروڙڻ
کانپوءِ سندس لکيل ڳالهه جي خبر پوي ٿي، ايئن کڻي چئجي ته سائين جي چيل هر هڪ سٽ ۽
سر ۾ وڏا داستان سمايل آهن, پاڻ ڪيتريون ئي قرآن پاڪ جو آيتون پنهنجي شاعري ۾
استعمال ڪري لکيون آهن، پاڻ ظاهر ۾ اسان وٽ موجود نه آهن پر سندس لکيل ڪلام اڄ به
اسان جي زبان ۽ دلين ۾ موجود آهن ۽ تا قيامت ڏينهن تائين زنده ۽ موجود رهندو جيڪو
پڙهڻ پروڙڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان بلڪل رهبري ڪندو رهندو .
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي رکيل)
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي
بحيثيت عالمي مفڪر.
علي محمد لغاري ”کيسانوي“
سنڌ سونھاريء جا ڀلا
ڀاڳ جو اسان کي دنيا جي ڏاھن ۽ عالمن جي نظر ۾ شاعري جي ڪسوَٽيء تي پرکا پرک ٿيل
دنيا جو مڃيل سنڌي ٻوليء جو مھا عظيم صوفي، علم روحاني، علم السان، علم لدني، علم
فصيح و بيان، علم صلاست و بلاغت، علم صرف و نحو جو عظيم عالم، اڪابر ۽ دنيا جو وڏي
۾ وڏو مڃيل سنڌي شاعر مليو. پاڻ ڪلهوڙا دؤر ۾ عظيم صوفي بزرگ شاھ حبيب جي گهر ۾ ڀٽ
شاھ کان ٽنڊو آدم ويندڙ رستي سان ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ھالا حويليء ۾ ھجري سن ۱۱۰۲ھ ۽ عيسوي سن ۱۶۸۹ع ۾ پيدا ٿيا. پاڻ ڪا دنيا جي رسمي تعليم
حاصل ڪئي يا نه؟ ان جي قطع نظر سيد علي شير قانع کيس ”تحفة الڪرام“ ۾ ”امِيء“ يعني
اڻ ڄاڻ ۽ اڻ پڙھيل لکيو آھي. البت شاھ جي تَصوَف ۽ اعلي' پائي جي شاعري ء جو ذڪر ڪيو
اٿس. ان ڳالهہ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته کيس ” امِيء“ لکڻ يا چوڻ باوجود پاڻ قرآن شريف،
عربيء، فارسيء، ھنديء جو عالم ۽ فاضل ھو. پاڻ سان ھميشه ننڍي سائيز جو قرآن شريف (حمائل
شريف)، مولانا جلال الدين روميء جي مثنويء ۽ تڙ ڏاڏا شاھ ڪريم بلڙيء واري جو ڪلام
گڏ رکندو ھو.
شاھ لطيف ڀٽائيء
جنھن نموني سان پنھنجي شاعري ۾ علم صرف وَنَحوَ، قرآن شريف جون آيتون، حديث شريف،
عربي، ھندي،فارسي سنڌي لفظ ۽ انھن جا محاورا سھڻي سٽاء سان پيش ڪيا آھن ان مان
ثابت ٿئي ٿئي ٿو ته پاڻ عالمي درجي جو مفڪر ۽ عالم به ھو.
شاھ لطيف جي شاعري
۾ ڪنھن مخصوص ذات يا قوم بجاء پوري دنيا جي ھر ملڪ، ھر ذات، ھر مذھب، ھر مسلڪ ۽ ھر
قوم کي مخاطب ٿيل ھمت ۽ حوصلي جو آفاقي يعني عالمي پيغام ملي ٿو جيئن پاڻ فرمائي ٿو
ته :
تتيء ٿڌيء ڪاھ، ڪانهي ويل ويھڻ جي،
متان ٿئي اونداھ، پير نه لھين پرينء جو.
جيڪڏھن مٿئين بيت
جي روحاني رمز واري سمجهاڻي کي ھڪ پاسي تي رکي اسان دنياوي دستور ۾ معني' ۽ مطلب ڳولينداسين
ته اسان کي ان ٻه سٽي بيت مان دنيا جي عالمگيريت ۽ سندس عالمي مفڪر ھجڻ جو ثبوت
ملي ٿو. اھو ھينئن ته توھان ۽ اسان جي عام مشاھدي ۾ آھي ته دنياداري دستور ۾ اھي
ئي ملڪ ۽ قومون اڳتي وڌي ويون ۽ سڌري وڌي رھيون آھن جن سستي، غفلت ۽ آلس ڇڏي دنيا
جي دستور ۽ وھنوار سان گڏو گڏ ڪلهي سان ڪلهو ملائي نيون دريافتون ۽ ايجادون ڪيون ۽
جديد ٽيڪنالاجيء سان دنيا تي ڇانئجي ويون.
يعني انھن قومن ۽
ملڪن غفلت ڇڏي يعني تتيء ٿڌي ڪاھ، ڪانهي ويل ويھڻ جي تي عمل ڪندي مطلب ته سستي ۽
آلس کي ڇڏي مشڪلاتن کي مردانگيء سان منھن ڏيئي اڳتي وڌندا ويا (يعني نوان ۽ جديد
ھنر سکو، جديد ٽيڪنالاجي سکو ۽ ان کي تصرف ۾ آڻيو يعني ان ۾ مھارت حاصل ڪريو) ته جيئن
متان ٿئي اونداھ، پوء پير نه لھين پرينء جو. ان پيغام کي جيڪڏھن روحاني رمز واري
حاصل مطلب کي ھڪ پاسي تي رکي استعاري طور دنياوي دستور ۾ معني' مطلب کي ڳولينداسين
ته اھو عالمي پيغام ملي ٿو متان پوء سستي ۽ آلس مان وقت ۽ وسيلا ھٿن مان نڪري
ويندئي ۽ پوء پير نه لھين پرينء جو مطلب ته اصل جديد ۽ ٽيڪنالاجيء جي سڌاري وارو
مقصد ماڻي نه سگهين ۽ ھميشه لاء پوئتي پئجي ٻين جو غلام ۽ محڪوم نه ٿي وڃين.
اھڙيء طرح سر سارنگ
۾ پنھنجي روحاني سير سفر جو مشاھدو ڪري ڪڪرن سان گڏ روحاني اڏام ڪري ٻڌائي ٿو ته
دنيا جي ڪھڙن ڪھڙن ملڪن ۽ ڀاڱن ۾ ڪڪر وسي سک، ساوڪ ۽ ولھار پيدا ڪئي ۽ ان سان گڏ
سنڌ جي خوشحالي سان گڏ پوري عالم ( پوري دنيا ۽ ڪائنات ) جي خوشحاليء ۽ آسودگيء
لاء عالمي دعا گهري آھي، جيڪا سندس عالمگيريت ھجڻ واري سوچ ۽ عالمي مفڪر ھجڻ کي
ثابت ڪري ٿي جيئن سر سارنگ ۾ چيو اٿس ته :
موٽي مانڊاڻ جي، ڪَيائين وار،
وِڄون وسڻ آئيون، چؤ ڏس ۽ چوڌار،
ڪي اٿي ويئون استنبول ڏي، ڪي مَڻيو مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمر قندين سار،
ڪي رمِي ويئون روم تي، ڪي قابل ڪي قنڌار،
ڪي دھلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گِرنار،
ڪنھين جَنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بَڪار،
ڪنھين ڀَڄ ڀِڄائِيو، ڪنھين ڍَٽَ مٿي ڍار،
ڪنھين اچي امر ڪوٽ تان، وَسايا وَلھار،
سانئِيمِ! سدائين ڪرين، مٿي سِنڌَ سڪار،
دوست! مِٺا دِلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
اسان کي اھڙي
عالمگير دعا مان شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سوچ ۽ فڪر مان عالمگير مفڪر ھجڻ جو ثبوت
ملي ٿو.
اھڙو عالمي مفڪر
شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۶۳ ورھين جي ڄمار ۾ ھجري سن ۱۱۶۵ھ، عيسوي سن ۱۷۵۲ع ۾ ھن دنيا مان ڪوچ ڪري رب پاڪ جي حضور ۾ وڃي ڀٽ شاھ ۾
ھميشه لاء آرامي ٿيا. سنڌ جي حاڪم غلام شاھ ڪلهوڙي سندس مزار تي عاليشان مقبرو ۱۷۵۲ع ۾ تعمير ڪرايو جيڪو نامياري رازي عيدن جوڙي
راس ڪيو.
مددي حوالا.
۱ - سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو. مختيار احمد ملاح. ڪاٺياواڙ اسٽور اردو
بازار ڪراچي.
۲ - ڀٽ جو شاھ. ايڇ. ٽي. سورلي. سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو. سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي.
۳ - شاھ جو رسالو. ڪلياڻ آڏواڻي. يادگار پبلشرز. حيدرآباد، سنڌ.
(علي محمد لغاري کيسانوي جي ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
راءِ ڏيندا