; سنڌي شخصيتون: فتاح ملڪ

09 November, 2025

فتاح ملڪ

فتاح ملڪ

سندس وڇوڙو

ياسر قاضي



”جي ديپ وسامِي ويو، سڪرات هلي ويندي“

سنڌ جو سجِيلو شاعر، ڪهاڻيڪار، دانشور ۽ ترقي پسند ليکڪن جي لڙهَه جو هڪ اهم موتي، فتاح ملڪ سنڌ کان ٺيڪ هڪ هفتو اڳ ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۵ع تي وڇڙي ويو. عبدالفتاح ملڪَ، پني عاقل ۾  ۴ مارچ  ۱۹۳۹ع تي غلام قادر مَلڪ جي گهر ۾ اک کولي. پنهنجي ڄم جي تاريخ بابت فتاح ملڪ صاحب پاڻ لکي ٿو: ”مُنھنجي ڄم جي تاريخ يقين سان نٿي ٻڌائي سگهجي، ڇاڪاڻ جو اسانکي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪونه ڪو ملازم وٺي ويندو هو ۽ داخل ڪرائيندو هو. اسڪولي رجسٽر مطابق منھنجي جنم تاريخ چوٿين اپريل ۱۹۳۹ع آهي.“ فتاح صاحب جن پاڻ ۾ ۶ ڀائر ۽ ۶ ڀينر هئا. جن مان ٻه ڀائر ۽ سڀ ڀينرون کائنس وڏا ۽ ٽي ڀائر ننڍا هئا. فتاح ملڪ جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا. جنهن بابت پاڻ فتاح لکي ٿو: ”چون ٿا ته اسانجو ڪو وڏو اڪيلي سر بلوچستان مان اڄ کان ڇهه يا ست سؤ سال اڳ خبر نه آهي ته ڪھڙي سببان گهوٽڪيءَ جي شھر ۾ اچي مقيم ٿيو. گهوٽڪيءَ کي ان وقت جي بزرگن جي ڪري ’صاحبن جِي لوءِ‘ سڏيو ويندو هو. صاحب ڪريم ان وقت جا بزرگ سيّد پير مونس شاهه جن هئا، جن ڏينھن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به انھن جا مھمان ٿيا هئا. اسانجو وڏو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻيءَ: بلوچستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جو مالڪ هو. خبر ناهي ته ڪھڙي ڳالهه کين هتي اچڻ تي مجبور ڪيو، بھرحال هو اتان نڪري صاحب ڪريمن وٽ اچي حاضر ٿيو، ڪجھه وقت ته خادمن ۽ مريدن ۾ هو. سندس زبان شايد بلوچي يا فارسي هئي، انڪري ڪوبه سندن حال احوال ڪونه پيو وٺي. بعد ۾ پير صاحب جن جڏهن کانئن خبرگيري ورتي ته کين معلوم ٿيو ته همراهه وڏ گهراڻو آهي. مدد طور کين ڪجھه رقم ڏنائون. جنھن سان ڪو واپار ڪيائون ۽ ڪافي مال ڪمايائون. جيڪو سمورو اچي پير صاحب جن جي اڳيان رکيائون. پير صاحب جن فقط اوتري رقم کنئي جيتري کين ڏني هيائون. پوءِ کين پنھنجي حويليءَ سان گڏ گهر به ڏنائون، شادي وغيره به ڪرايائون ۽ شھر جي ڪوٽوالي به ڏنائون. ان گهٽيءَ جو اڄ تائين ’ڪوٽوال گهٽي‘ نالو رکيل آهي. اسانجو گھراڻو پير صاحب جن جي خاص خليفن مان سڏبو آهي ۽ تمام ٿورن فردن تي مشتمل آهي. ڪل سؤ سوا ڄڻا آهيون. منھنجو ڏاڏو واحد ڏنو نوڪريءَ جي سبب ڪري پنو عاقل ۾ آيو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. منھنجي والد صاحب به پنو عاقل کي پنھنجي ڳوٺ طور آباد رکيو. سندن شادي چانڊيا خاندان مان امروٽ شريف جي مولوي تاج محمد ڪرائي.“ (ڪتاب: ”جيڪي ياد پيوم“)


فتاح ملڪ صاحب ابتدائي تعليم پني عاقل مان، سيڪنڊري شِڪشا پني عاقلَ ۽ پير جي ڳوٺ سميت ناز ھاءِ اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي. ان بعد بِي اي سکر مان ۽ قانُونَ جي ڊگري (ايل ايل بِي ) حيدرآباد مان حاصل ڪري، عملي وڪالت جو آغاز ڪيائين ۽ پنهنجي شعبي ۾ هڪ ماهر وڪيل طور پنهنجي ڌار سُڃاڻپ حاصل ڪيائين. پنهنجي هم نصابي توڙي ادبي سرگرمين بابت فتاح صاحب پاڻ لکيو آهي ته: ”شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪافي ارڏايون ڪيم. پنو عاقل، پير ڳوٺ ۽ خيرپور ناز هاءِ اسڪولن ۾ پڙهيس. ڊرامن، مشاعرن، هڙتالن، ڊبيٽ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي هلايل تحريڪن ۾ سرگرم رهيس.“

فتاح ملڪ ۱۹۶۱ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ شروع کان ئي سنڌ جي ترقي پسند لڏي سان سلهاڙجي ويو. شيخ اياز ۽ فتاح مَلڪ جو شمار سکر جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو ۽ ٻنهي ۾ ادب، خاص طور شاعري ۽ قانون جي مشقَ ٻئي مشترڪ قدرَ هئا. جيتوڻيڪ فتاح، اياز کان ۱۶ سال ننڍو هو، تنهن هوندي به ٻنهي جو ادبي ساٿ مثالي رهيو. سندن ادبي سنگَ ۾ ٽيون سنگتي رشيد ڀٽي هو. ٽنهي پنهنجي نؤجوانيءَ ۾ نؤخير برجستن انقلابي آوازن طور هڪ ادبي ٽيڙوءَ جي صورت سُڃاڻ ماڻي ۽ ون يُونٽ واري دؤر ۾ ڏاڍ جي خلاف ٽنهي جو قلمي پورهيو قوم لاءِ ڏَڍُ ۽ ڏاڍَ سان مهاڏو ثابت ٿيو. ون يُونٽ خلاف جاکوڙ ۾ سکر اهم مرڪز طور اڀريو، جتي رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، اظهر گيلاني وغيره، سنڌ جي ترقي پسند، وطن دوست سياست جا مهندار بڻيا. انهن سينيئرن جي سرواڻيءَ ۾ نؤجوانن ۾ ”اياز، رشيد ۽ فتاح“ جو هي ٽيڙُو سياسي توڙي ادبي مورچو سنڀالڻ ۾ اڳرو رهيو.

محمّد يونس مهر، فتاح بابت لکي ٿو: ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اها روايت هوندي هئي ته جڏهن به مَڇ جيل مان آزاد ٿيندو هو، ته ٻه ٽي راتيون، محبتي ماڻهوءَ فتاح مَلڪ وٽ اچي ضرور ترسندو هو، اُهي ڏينهن فتاح جي سکر واري گهر تي ميلو مَتل هوندو هو، سڀئي ڪامريڊَ اچي گڏ ٿيندا هئا. رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، شيخ اياز، رشيد ڀٽي... پوءِ ته جتي ڪامريڊ جو آڌر ڀاءُ ٿيندو هو، اُتي مَڇ جيل جا حال احوال ۽ سختين جا قصا به پيا ٿيندا هئا ۽ انهيءَ تي فخر مان اُوچا ٿيل ڳاٽَ ۽ گلن جي ورکا سان گڏ وري نئين عزم ۽ نئين ولولي سان نئون پروگرام جوڙبو هو. انهيءَ دؤر ۾ جيڪب آباد، شڪاپور، سکر ۾ ون يونٽ مخالف محاذ جي پليٽ فارم تان زبردست جلسا ٿيا. انهن سڀني پروگرامن ۾ فتاح ملڪ، شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي گڏ هوندا هئا.“ فتاح ملڪ جو سنڌي ادبي سنگت سان به گَهِرو سنٻنڌ رهيو ۽ هُو ان جي سرگرم ڪارڪنن توڙي عهديدارن منجھان هو. خيرپور ۾ هُن سنڌي ادبي سنگت کي گھڻو مَچايو. سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي پليٽ فارم تان مَلڪ صاحب اسٽيج ڊراما به ڪيا. جن مان هڪڙو آغا حشر ڪاشميريءَ جي مزاحيه ڊرامي ”ڇَپن ڪروڙ ڪِي چوٿائي“ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڊرامو ”آچر“ جي نالي سان هو. جنهن ۾ هن پاڻ به پرفارم ڪيو. هن ڊرامي ۾ ”آچر“ جو ڪردار نامياري ڪهاڻيڪارَ جمال رند ادا ڪيو هو. اهو ڊرامو فتاح صاحب پنهنجي سٿَ سان ڳوٺ سُڌار پرگرام ۾ سڪرنڊ جي ميلي ۾ به کڻي ويو ۽ اتي به سندن ان ناٽڪ کي سٺي موٽ ملي. اهڙو هڪڙو ٻيو ڊرامو ”مومل راڻو“ جي عنوان سان فتاح صاحب خيرپور ۾ پرفارم ڪيو هو. انهن ڊرامن جي سموري آمدني سنڌي ادبي سنگت جي فنڊ ۾ جمع ٿيندي هئي.

شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ کان علاوه فتاح جي ادبي رفيقن ۾ تنوير عباسي، علي بخش ميمڻ، حبيب شيخ، سليم خواجا، ڊاڪٽر محمّد عمر جاگيراڻي، عبدالقادر صديقي، نور الدين سرڪي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، امر جليل وغيره شامل هُئا. فتاح مَلڪ، امر جليل جي افسانن مان ايڏو متاثر هو، جو هُنَ سندس ڪھاڻين جي عنوانن تي شعر به چيا، جن ۾ ”جڏهن مان نه هوندس“ ۽ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“ جهڙا سندس لکيل نظم شامل آهن. فتاح ملڪ جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”ڪنول پاڙون پاتال ۾“ (شايع: ۱۹۸۸ع) ۽ ”آڻي آونگَ چاڙھيا“ (۱۹۹۷ع) شايع ٿي چڪا آھن. جڏهن ته نثر جي حوالي سان سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو گڏيل مجموعو ”ڀينر ھن ڀنڀور ۾“ (۲۰۰۲ع) پڙهندڙن ۾ بيحد مقبول ٿيو، جنهن جا ۳ ڇاپا ڇپيا. ان کان علاوه سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”جمنا سان پنج ڏينھن“ (۲۰۱۲ع) ۽ آتم ڪٿا ”جيڪي ياد پيوم“ (۲۰۰۹ع) پڻ سندس زندگيءَ ۾ منظرِ عام تي آيا. پنهنجي همعصر قلمڪارن جيان فتاح ملڪ جِي شاعريءَ ۾ رُومان سان گڏ مزاحمت ۽ انسان دوستيءَ جي پرچار سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جو درد به جابجا ملي ٿو:

ڌرتي پنھنجي سرتِي آهي

توکان ڪھڙو لڪُ لڪاءُ

سورِي سيجَ اسانجي آهي

مُرڪي لائج ميندي ماءُ !

فتاح ملڪ کي ۳ پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس هڪ پُٽ عبدالسميع ۱۳ جون ۲۰۰۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. فتاح ملڪ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڳچ سالَ ادبي حوالي سان غيرسرگرم رهيو ۽ ادبي تقريبن ۾ به سندس شرڪت گھٽ گھٽ نظر آئي. هو اهي سال ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اولاد ۽ پوٽاڻ سان نجي زندگي گذاريندو رهيو ۽ ادبي دنيا کان پاسيرو رهيو. ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۵ع تي ۸۶ ورهن جي ڄمارَ ۾ سنڌي ساهت، ڏاهپَ ۽ قومي تحريڪَ جو هي جرڪڻو ديپ، پنهنجي جوت پکيڙي هميشه لاءِ اهو چئي وسامي ويو ته:

جي ديپ وسامِي ويو، سَڪرات هلي ويندي

۽ تيل ٻرڻ کانپو، فڪرات هلي ويندي

جيسين هي جياپو آ، تيسين ته رَڳُون رَڙنديون

تارُون جي ڇڳيُون هيڪرَ، هر لات هلِي ويندي

کيس ڪراچيءَ ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ابدي آرامي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ آگسٽ ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)



فتاح ملڪ

امن جو امين

سرور سيف

سٻاجھڙي سنڌي شاعر نثر نگار، تعليمي ماھر مشھور وڪيل اڳوڻي ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جناب فتاح ملڪ صاحب ۴ مارچ ۱۹۳۹ع تي مرحوم غلام قادر ملڪ جي گھر پنوعاقل ۾ جنم ورتو. ھن شروعاتي تعليم پنو عاقل، سيڪنڊري پنو عاقل، پير ڳوٺ ۽ ناز ھاء اسڪول خيرپور ۾ حاصل ڪئي بي اي سکر ۽ ايل ايل بي حيدراباد مان حاصل ڪري وڪالت ۾ پير پاتو ۽ نامور وڪيل طور ناماچار حاصل ڪيو سنڌي ٻولي جي ھن کري سچي ۽ امن جي پرچارڪ شاعر جا شاعري جا ٻہ مجموعا ڪنول پاڙون پاتال ۾ ۽ آڻي آونگ چاڙھيا ڇپيل آھن جڏھن تہ نثر ۾ مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو ڀينر ھن ڀنڀور ۾، آتم ڪٿا جيڪي ياد پيوم ۽ ڪھاڻين جو مجموعو جمنا سان پنج ڏينھن ڇپيل آھن.

فتاح صاحب ۱۹۶۱ع کان لکڻ شروع ڪيو سندس تعلق سنڌ جي ترقي پسند لڏي سان رھيو آھي ڪنھن وقت سکر جي ٽمورتي مشھور ھئي يعني شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ.

سندس سنڌي ادبي سنگت لاء وڏيون خدمتون آھن، تنوير عباسي حميد سنڌي سليم خواجہ رڪن الدين قاسمي حسن حميدي ۽ فتح الله عثماني سان سندس جيء جون جڙون ھيون، ھن ھميشہ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن، انھن جي ترقي تعليمي بھتري ۽ خوشحالي لاء پاڻ پتوڙيو آھي، پنو عاقل جو مھراڻ ماڊل اسڪول ۽ ڪاليج سندس محنتن جو ثمر آھي

فتاح صاحب شاعري جي تقريبن سڀني صنفن تي لکيو آھي ۽ سڀ ئي صنفون ھڪ ٻئي کان وڌ آھن فتاح جي ٻولي تمام سادي ۽ سوادي آھي ،ھن جو ھر شعر ھر گيت ھر نظم سنڌ جي دردن جو ترجمان آھي، فتاح صاحب جون تشبيھون سڀني کان نراليون ۽ خوبصورت آھن، جن کي فتاح صاحب نھايت فنائتي نموني استعمال ڪيو آھي

تنھنجون اکڙيون

ڏاڙھونء مکڙيون

مات مڃيندڙ

ويريء وڍڙيون

گھوري تنھنجو گھاء

زمانو تنھنجو آ

*جيئن جنڊي جا چٽ ڏسين ٿو

يا ڪا سھڻي سٽ ڏسين ٿو

جيئن دلي جا ڪور ڏسين ٿو

پاتالن ۾ پور ڏسين ٿو

جيئن سرنھن جا گل ڏسين ٿو

ھٻڪارن جا ھل ڏسين ٿو

* جيسين ھي جياپو آ تيسين تہ رڳون رڙنديون

تارون جي ڇڳيون ھيڪر ،ھر لات ھلي ويندي

*جڏھن ڪونج ڪرڪي قطارون پڇي ٿي

تڏھن ياد تنھنجي پراھان پڇي ٿي

*تنھنجا لڱ اگھاڙا آھن

سارا انگ ڪھاڙا آھن*

۽ سندس ڪمال جون سٽون آھن

انھن ئي اسان کي مياڻيء ۾ ماريو

انھن ئي اسان کي اروڙان اٿاريو

فتاح ملڪ نرمل نرمل ۽ ڪومل احساسن سونھن ۽ سوڀيا جو شاعر آھي سونھن جي سنڌ وطن جي بہ آھي ۽ محبوب مٺڙي جي بہ ،فتاح ملڪ انتھائي امن پسند ۽ انسان ذات سان پيار ڪندڙ آھي، ھو ھر قسم جي تعصب کان نفرت ڪندڙ آھي زندگي ھن وٽ پيار جو نالو اھي سندس نظمن ۾ آس اڳڪٿي، امن جو شھر ۽ ڪاڪ محل آفاقي ۽ لازوال نظم آھن

فتاح صاحب ڪافي سال اڳ سکر کي ڇڏي ڪراچي شفٽ ٿيو اڄ ڪلھ ڪراچي ڊفينس ۾ ارام جي زندگي گذاري رھيو آھي ۽ ڪافي عرصو پنھنجي اولاد ۽ پنھنجي پوٽن ڏوھٽن سان گذارڻ لاء آمريڪا، ڪيناڊا ۽ اسٽريليا ۾ گذاري ٿو کيس پني عاقل لاء بيحد پيار رھيو آھي پنھنجي اتم ڪٿا ۾ پني عاقل جي سون سريکي ماضي کي ڏاڍي حب سان پيش ڪيو آھي ،دعا آھي تہ سنڌ ۽ پني عاقل جو ھي فرزند دلبند صحت سلامتي سان وڏي حياتي ماڻي ۽ سڀ خوشيون حاصل ڪري آمين

 

(ڏھاڙي سڪار سکر ۾ ڇپيل)


 

فتاح ملڪ

پنوعاقل ڄائو نامور شاعر

شھاب الدين المعروف ظفر علي محمدي

(رٽائرڊ) جج

پني عاقل جي سرزمين ڪيترن ئي نامور شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جن جي ڪري شھر جي نيڪ ناميء ۾ اضافو ٿيندو رھيو آهي.

عبدالفتاح ملڪ ۴ مارچ ۱۹۳۹ع تي مرحوم غلام قادر جي گھر پني عاقل ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم سنڌي اسڪول پنوعاقل مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جي تعليم ناز ھاء اسڪول خيرپور مان مڪمل ڪئي جڏھن ته گريجوئيشن اسلاميا ڪاليج سکر مان حاصل ڪئي. ان بعد لا گريجوئيشن سال ۱۹۶۳ع ۾ لا ڪاليج حيدر آباد مان مڪمل ڪئي.

عبد الفتاح ملڪ وڪالت کان پھريان سنڌ حڪومت جي ڪنھن محڪمي ۾ بحيثيت ڪلارڪ ڀرتي ٿيو ھو ليڪن بعد ۾ سرڪاري نوڪريء کي ڇڏي ڏنو ۽ راقم جي والد صاحب مرحوم الله بخش محمدي وڪيل پنھنجي پھرين منفرد پرائيويٽ نيو ماڊل ھاء اسڪول پني عاقل ۾ کيس ماستري جو آرڊر ڏنو جتي اردو سبجيڪٽ پڙھائڻ لڳو.

ان بعد ماستري جي نوڪري ڇڏي سکر ۾ وڪالت شروع ڪيائين. سندس ادب ۽ شاعريء سان ننڍ پڻ کان شوق سبب پاڻ مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسس ۾ حصو وٺندو رھيو.

وڪالت دوران سندس تعلق نامور شاعرن مرحوم شيخ اياز ۽ مرحوم رشيد ڀٽي وڪيل سان ٿيڻ سبب سندس شاعريء جا به چار چنڊ لڳڻ شروع ٿي ويا. ان بعد وڏن وڏن مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ لاجواب مقالن پيش ڪرڻ سبب سندس نالو سنڌ ۾ ھڪ اديب ۽ شاعر طور مشهور ٿيو.

پاڻ نعپ (ڀاشاني) ۾ متحرڪ رھيو ۽ خان ولي خان ۽ سائين جي ايم سيد جي بزم صوفياء سنڌ ۾ سرگرم رھيو.

پاڻ پريڪٽس دوران تمام گھڻو ايڪٽو رھيو ۽ وڪالت ۾ سٺو نالو ڪمايو ۽ ٻه دفعا سکر بار جو صدر رھيو ۽ سال ۱۹۹۱ع ۾ سندس صدارتي ايام ڪاريء ۾ راقم پڻ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري رھيو جڏھن تي فاروق پيرزادو سکر بار جو جنرل سيڪريٽري رھيو. ان دوران بيگم نصرت ڀٽو کي بار ۾ خطاب جي دعوت ڏئي پڻ گھرايو ويو ھو.

پاڻ پني عاقل جي ناليواري اسڪول مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي جو صدر رھيو ۽ اسڪول جي باني سائين انورالدين شيخ جو با اعتماد ساٿي رھيو.

پاڻ حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪافي ملڪن جي سير و تفريح ڪئي. کيس ذھانت سبب ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي عھدن تي فائز رھيو.

پاڻ ڪيترن ڪتابن جو مصنف آھي ۽ سال ۲۰۰۹ع ۾ "جيڪي ياد پيوم" (يادگيريون) جي اشاعت ۾ پنهنجي زندگيء جي يادگيرين کي محفوظ ڪيو آهي. سندس والد صاحب روينيو کاتي ۾ پھريان ھيڊ منشي ٿرڊ ڪلاس مائجسٽريٽ ۽ بعد ۾ مختيارڪار ٿي رٽائر ڪيائين. پنوعاقل جي پنهنجي اباڻي گھر کي وڪرو ڪري سکر کي پنهنجو مسڪن بڻايو ۽ سندس اولاد جي نوڪرين سبب ھاڻي ڪراچي ۾ رھائش پذير آهي.

کيس ٽن فرزندن جو اولاد ھرھڪ عبدالقيوم، ڊاڪٽر عبدالسميع ۽ عبد الصمد ۽ ھڪ نياڻيء جو اولاد اٿن سندس نوجوان فرزند ڊاڪٽر عبد السميع ۲۰۰۷ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس نوجوان پٽ جي جدائي کيس جھوري وڌو.

رب پاڪ کان دعا آهي ته مالڪ ڪريم سندس نوجوان فرزند ڊاڪٽر عبدالسميع کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ شھر جي سرمائي محترم عبد الفتاح ملڪ کي صحت ڪاملا و عاجلا عطا فرمائي ۽ پنهنجي حفاظت ۾ رکي.


 

فتاح ملڪ

سندس يادگيريون ۽ شيخ اياز..!!

خادم رند

ڪجھ ڏينھن اڳ سنڌ جي مشھور شاعر ۽ نثر نويس فتاح ملڪ جو يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”جيڪي ياد پيوم“ پڙهي پورو ڪيو. اصل ۾ ڪتاب ۾ ڏنل يادگيريون ڪالمن جي صورت ۾ اڳ ئي شايع ٿي چڪيون آھن پر وري کين ڪٺو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آھي. ڪتاب جو اھو ٻيو ڇاپو ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيل آھي. فتاح ملڪ ۴ اپريل ۱۹۳۹ع ۾ پني عاقل ۾ جنم ورتو. اڳتي ھلي وڪالت، نوڪري ۽ ڪجھ ٻين سببن ڪري کيس سکر شھر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪرڻي پئي. سکر ۾ فتاح ملڪ جن دوستن ۽ ساٿين سان گهڻو وقت گڏ گذاريو تن ۾ سنڌ جو مھان شاعر شيخ اياز بہ شامل ھيو.

ڪتاب ۾ شيخ اياز جي ذاتي زندگي ۽ رويي جي حوالي سان فتاح ملڪ ڪجھ اھڙيون ڳالهيون لکيون آھن جيڪي ڪيترن ئي پڙھندڙن لاءِ نيون ھونديون يا ڪن لاءِ شايد حيرت جو سبب بہ بڻبيون. ڄاڻايل ڪتاب مان اھڙي قسم جي چونڊ جو مقصد شيخ اياز جهڙي شاعر جي اھميت کي گهٽائڻ يا ڪو ٻيو مقصد ھرگز نہ ورتو وڃي.

# شيخ اياز، بهترين ٿري پيس فل سوٽ اونھاري سياري ۾ پهريل، امپالا ڪار ۾ آڪڙيل اچي ڪورٽ ۾ لھندو، نہ ڪنھن کي سلام ڪبو نہ وٺبو، فقط ھڪ آڱر کي ٿوري تڪليف ڏبي ۽ ڪنھن جي سلام جو جواب ڏبو، ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ڳوري ڪنڌ کي جي ٿوري لوڏ ڏنائين تہ سمجهو وڏي عنايت ڪيائين. (ص: ۱۲۳)

# شام جو گهڻو ڪري تنوير، ڀٽي، مان ۽ اياز گڏ ھوندا ھئاسين. اياز ٻي ڪنھن جا شعر نہ ٻڌندو، پر جي ٻڌندو تہ داد اصل ڪو نہ ڏيندو ۽ پنھنجا شعر ٻڌائڻ شروع ٿي ويندو، اڌ رات تائين اياز جا بياض ٻڌي ساڻا ٿي اچي ڪرندا هئاسين. (ص: ۱۲۵)

# محترم محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي سندس ويجها دوست (شيخ اياز جا) ھيا. جن سان اڪيلائي م ڪچهريون ڪندو ھيو ۽ اھي بہ کيس منھن تي سڀ ڪجھ چئي ڏيندا ھئا. ٻہ ٻيا بہ دوست ھيس، ھڪ مرحوم جمال ابڙو ۽ بعد ۾ رسول بخش پليجو. جمال ابڙو تہ ”ھائو ھائو“ ڪرڻ وارن مان ھو، باقي پليجو اصل کان لاھي اڇليندو ھيس. (ص: ۱۲۶)

# مون وٽ (حيدرآباد وڃڻ لاءِ) ڪرائي جا پئسا ڪو نہ ھيا. سو اياز پنجاھ رپيا اوڌر ڪري ڏنا ۽ تاڪيد ڪيائين تہ اھي پئسا ستت کيس واپس ڪرڻا پوندا. انھيءَ معاملي ۾ شيخ صاحب ڏاڍو سخت گير ماڻهو ھيو، سڄي دنيا کي اھو تاثر ھوندو ھو تہ اسان اياز وٽ پلجندا آھيون، پر حقيقت ان جي ابتڙ ھئي.

# شيخ اياز جيترو ئي وڏو شاعر ھيو اوترو ئي گهڻن عملن ۾ ڪمزور بہ ھيو. عورت ھونءَ تہ مرد جي ڪمزوري رھي آھي پر شيخ صاحب ان معاملي ۾ ليڪا لتاڙي بيھندو ھو ۽ اھي حرڪتون جن کي ھو معاشقا سڏيندو ھيو وڏي فخر سان ٻڌائيندو ھيو. (ص: ۱۳۹)

# سو حميد اياز کان سواري يعني ڪار گهري جيڪا کيس خيرپور پڄائي. اياز اھو چئي جواب ڏنو تہ ڪار خراب آھي ۽ ٺھڻ وئي آھي، عين انھيءَ وقت اياز جو ڊرائيور بہ ٻارن کي اسڪول مان وٺي آيو. اسان ڳالھ سمجهي وياسون. (ص: ۱۵۹)

# اياز کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي ڪيو ويو، سندس لاڙڪاڻي جا پنڌ ڪم آيا. ھونءَ بہ بنگال جي ٽٽي وڃڻ کانپوءِ ۽ نئين ماحول ۾ بار بار جي جيلن ڪري اياز جي مون وانگر ھمت ھارجي چڪي ھئي. (ص: ۱۷۸)

# اياز کي بہ ڀُٽي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ وڏي مالي مدد ڏني. ان مان کيس يونيورسٽيءَ ۾ ايتري تہ ترقي وٺرائڻي ھئي جو سنڌ يونيورسٽي وڻن، گلن ۽ سائنس فيڪلٽيز سان ڀرجي وڃي ھا پر شايد شيخ صاحب انھن ڳالهين طرف ڌيان گهٽ ڏنو. باقي پهريون دفعو مون محسوس ڪيو تہ ھي عهدو شيخ صاحب جي ڪمزوري ٿيندو ويو. ايتري قدر جو ٽي وي تي ڀُٽي صاحب کي ”قائد عوام“ چوڻ شروع ڪيائين ۽ جڏهن ڀٽو صاحب عتاب ھيٺ آيو ۽ ضياءُ الحق صاحب اقتدار ۾ آيو تہ مون پاڻ شيخ صاحب کي ٽي وي تي ڏٺو جتي ھو مرد مومن مرد حق، ضياءُ الحق جا نعرا ھڻي رھيو ھو. منھنجو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو. اياز پنھنجي وي سي هائوس ۾ ٽيبل تي مولانا مودودي جا ”سيرت النبي“ جا ڪتاب سجائي رکيا ۽ نماز جي صندلي بہ گهرائي رکي.

# ڀٽي صاحب جي ھٽڻ ۽ مارشل لا لڳڻ سان اياز مڪمل طرح فوجين جو زيردست ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انڪري استادن ۽ شاگردن جي نظرن ۾ ڪري پيو. ھيرو مان زيرو ٿي ويو ۽ ساڍا ٽي سال يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي رھيو.

# ان کان پوءِ اياز سرڪاري خرچ تي پنھنجا ڪتاب حمايت علي شاعر ۽ احمد سليم کان ترجما ڪرائي ڇپرايا. ڪجھ ٻيا ڪم بہ اھڙا ڪيائين جن مان اھو ظاھر ٿي ويو تہ اسان مان ھر ھڪ وٽ ھڪ ذاتي ايجنڊا آھي ۽ سولائي سان وڪامي سگهون ٿا. (ص: ۱۸۹-۱۹۰)

# ٻي طرف شيخ صاحب سکر بار ۾ ويھي ظاھر ظھور ضياءُ الحق جي تعريف ڪندو ھو ۽ ان ڪوشش ۾ ھوندو ھو تہ کيس ٻيھر ڪا نوڪري ملي وڃي. (ص: ۱۹۱)

# قادر صديقي اسلام آباد ۾ ايڊيشنل لا سيڪريٽري ٿي ويو ھو. ھن ھڪ ڳالھ ٻڌائي تہ اياز جون نئين عهدي لاءِ جنرل ضياءَ ڏانھن درخواستون وينديون ٿيون رھن. (ص: ۱۹۳)

 

(ڏھاڙي عبرت اخبار ۾ ۲۶-۰۳-۲۰۲۳ تي ڇپيل)


 

فتاح ملڪ

سنڌي ساهت، ڏاهپَ جو ڏيئو

وحيد سمون

ناميارو شاعر، نثرنگار، تعليمي ماھر، قانوندان ۽ سنڌ جو اڳوڻو ايڊوڪيٽ جنرل فتاح ملڪ سنڌي ساهت، ڏاهپَ ۽ قومي تحريڪَ جو جرڪڻو ديپ، پنهنجي ڏات جي جوت پکيڙيندڙ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخصيت ھو. هن جو جنم اسٿان سنڌ جي ادبي لحاظ کان زخير زمين پنو عاقل هو، فتاح ملڪ ۴ مارچ ۱۹۳۹ع تي مرحوم غلام قادر ملڪ جي گهر پنوعاقل ۾جنم ورتو. ھن شروعاتي تعليم پنو عاقل، سيڪنڊري اسڪول تعليم پنو عاقل پير ڳوٺ ۽ ناز ھاءِ اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي. بي اي سکر ۽ ايل ايل بي حيدرآباد مان پاس ڪري وڪالت ۾پير پاتائين. پاڻ ھڪ وڪيل ۽ قانوندان طور جوڳي ناماچاري حاصل ڪيائين. فتاح ملڪ ۱۹۶۱ع کان لکڻ شروع ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي ھن کري، سچي ۽ امن جي پرچارڪ ليکڪ اديب شاعر جي ڪتابن ۾شعري مجموعو“ڪنول پاڙون پاتار ۾” (۱۹۸۸ع)،“آڻي آونگ چاڙهيا” (۱۹۹۷ع) شايع ٿي چڪا آهن، ان کان سواءِ، “ڀينر هن ڀنڀور ۾” ۲۰۰۲ع (ڪالم)، “جيڪي ياد پيوم” ۲۰۰۹ع (يادگيريون) ان جو ٻيو ڇاپو ۲۰۱۵ع ۾پڌرو ڪيو ويو ۽ “جمنا سان ٽي ڏينهن” (ڪهاڻيون ۲۰۱۲ع) ڇپيل آهن. فتاح ملڪ جو تعلق سنڌ جي ترقي پسند لڏي سان رھيو آھي. ڪنھن وقت سکر ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جي ٽمورتي مشھور ھئي. نامياري صحافي محمد يونس مھر لکيو آھي تھ “ اھو ون يونٽ جي قيام جو دور هو پر سنڌ جي امتحان جو به دور هو،۱۱ ڊسمبر ۱۹۵۴ع تي ون يونٽ جي قيام کي عمل ۾آندو ويو، انهيءَ سڄي جدوجهد ۾سکر اهم مرڪز هو، جتي سنڌ جي ترقي پسند، وطن دوست سياست جا مهندار نوجوان شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ هڪيا تڪيا ادبي، علمي ۽ سياسي محاذ سنڀاليل هئا. انهيءَ جدوجهد جو سکر مرڪزي شهر هو، جنهن جي سڄي سٿ خوب ملهايو. فتاح ملڪ جي بنيادي سياسي ۽ نظرياتي وابستگي سائين جي ايم سيد، نيشنل عوامي پارٽي، بزم صوفياءِ سنڌ، مولانا ڀاشاني، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان هئي، هي دل ۽ تڏي جو تمام گهڻو ڪشادو ۽ سخي مرد هو، هن جو گهر ئي سڄي سنڌ کان آيل علمي، ادبي ۽ تحريڪي ساٿين جو گوشهءَ عافيت هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اها روايت هوندي هئي ته جڏهن به مچ جيل مان آزاد ٿيندو هو ته ٻه ٽي راتيون، محبتي ماڻهو فتاح ملڪ وٽ ضرور ترسندو هو، اُهي ڏينهن فتاح جي گهر تي ميلو متل هوندو هو، سڀئي ڪامريڊ اچي گڏ ٿيندا، رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، شيخ اياز، رشيد ڀٽي پوءِ ته جتي ڪامريڊ جو آڌر ڀاءُ ٿيندو هو، اُتي مچ جيل جا حال احوال ۽ سختين جا قصا ۽ انهيءَ تي فخر مان اُوچا ٿيل ڳاٽ ۽ گلن جي ورکا گڏ وري نئون عزم۽ نئين ولولي سان نئون پروگرام جوڙبو هو. انهن سڀني پروگرامن ۾فتاح ملڪ، شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي گڏ هوندا هئا”. فتاح ڪمال جو سياسي ورڪر ۽ شاعر هو. ان وقت شيخ اياز، گدائي، نياز، تنوير ۽ شيام جي موجودگي ۾ پنهنجي هڪ الڳ جاءِ ٺاهي ۽ صدارتي ايوارڊ سميت ڪيترائي مڃتا ايوارڊ پڻ ماڻيا. هو هاڪاري شخصيت جو مالڪ ھوندي برجستو قانوندان ۽ هڪ سٺو مقرر پڻ هو ۽ بي خوف ڀرپور اظهار ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. فتاح ملڪ جا ڪتاب علمي، ادبي ۽ قانوني حلقن ۾وڏي دلچسپي سان پڙهيا وڃن ٿا، جڏهن ته سندس شاعريءَ ۾محبت، انساني حقن ۽ معاشرتي مسئلن جو اظهار دلڪش انداز ۾ملي ٿو. سندس سنڌي ادبي سنگت لاءِ وڏيون خدمتون آھن. ھن ھميشھ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي ترقي، تعليمي بھتري ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. پنو عاقل جو مھراڻ ماڊل اسڪول ۽ ڪاليج سندس محنتن جو ثمر آھن. فتاح ملڪ ڪافي سال اڳ سکر کي ڇڏي ڪراچي منتقل ٿيو ۽ پنھنجي اولاد ۽ پنھنجي پوٽن ڏوھٽن سان گذارڻ لاءِ آمريڪا، ڪيناڊا ۽ آسٽريليا ۾رھيو. فتاح صاحب جن پاڻ ۾ ۶ ڀائر ۽ ۶ ڀينر هئا. جن مان ٻه ڀائر ۽ سڀ ڀينرون کائنس وڏا ۽ ٽي ڀائر ننڍا هئا. فتاح ملڪ کي ۳ پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. فتاح ملڪ ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۵ع تي ڪراچيءَ ۾ ۸۶ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس تدفين ڪراچيءَ ۾ٿي. اھڙي طرح مھان ڪوي شيخ اياز، تنوير عباسي، قومي شاعر نياز همايوني، رشيد ڀٽي ۽ حميد سنڌي جي ادبي سٿ جو هڪ سگهارو اديب به سنڌي ادب ۽ قومي سٿ کان وڇڙي ويو. فتاح ملڪ جي شخصيت، عملي ڪردار ۽ جدوجھد ايندڙ ٽھي لاءِ اتساھھ جو ڪارڻ آھي، سندس علمي ادبي ۽ سماجي خدمتون تاريخ جي ورقن ۾ھميشھ ياد رکيون وينديون.

 

(ڏھاڙي ھلچل حيدرآباد ۾ ۳ آڪٽوبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)


 

فتاح ملڪ

جاکوڙ ۽ جدوجهد

ايڊيٽوريل روزاني ھلچل حيدرآباد

هڪڙو دور هو جڏهن حاڪمن اهو فرمان جاري ڪيو ته هاڻ “سنڌ سابقه” آهي، جڏهن گهر تي ٽپال جو لفافو ايندو هو ته ان تي به ٽپال کاتي پاران لکيو ويندو هو “سابقه سنڌ” هڪ سڄي جو سڄو وطن ۽ ان جي سڀيتا کي “ سابقه ” بڻايو ويو اهو دور ون يونٽ جي قيام جو دور هو، نه فقط ون يونٽ جي قيام جو دور هو پر سنڌ جي امتحان جو به دور هو، جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ جي برڪتن ۽ فائدن تي پير علي محمد شاهه راشدي تمام وڏيون پُر مغز تقريرون ڪيون ۽ ايوب کهڙي ميمبرن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري، ۱۱ ڊسمبر ۱۹۵۴ع تي ون يونٽ جي قيام کي عمل ۾ آندو، سنڌ اسيمبلي جا فقط چار ميمبر غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، عبدالحميد خان جتوئي، پير الاهي بخش ۽ شيخ خورشيد ها جن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد اڳ ئي گرفتار ٿي چڪو هو ۽ ٻي سڄي وڏيرڪي سوچ ون يونٽ جي حق ۾ بيٺي، ته سڄي سنڌ ۾ هر طرف سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ رسول بخش پليجي جي قيادت ۾ وطن ورائڻ لاءِ هر طرف جوالا مُکي ٻري اٿيو، “جيئي سنڌ, جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” اهڙو عزم هو جنهن جو درس ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شاعري ۾ للڪار بڻجي هر طرف پکڙجي ويو، سنڌ جي هر ڪنڊ اُتر هجي يا لاڙ، وچولو هجي يا ڪوهستان، ڪاڇو هجي يا ڪراچي هر طرف “جشن لطيف” “سنڌي شام” ۽ “ادبي ڪانفرنسون” ون يونٽ خلاف جاڳرتا جوت جلائينديون رهيون، جتي ادبي مقالا، شاعري ۽ راڳ رهاڻ ذريعي ون يونٽ خلاف سنڌي عوام ۾ سڄاڳي ۽ قومي ٻڌي جو سڏ ڏنو ويندو هو. انهيءَ سڄي جدوجهد ۾ سکر اهم مرڪز هو، جتي رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، اظهر گيلاني، سنڌ جي ترقي پسند، وطن دوست سياست جا مهندار هئا ته نوجوانن ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ هڪيا تڪيا ادبي، علمي ۽ سياسي محاذ سنڀاليل هئا. سکر فقط سکر نه سنڀاليو پر سڄو اُتر سنڌ سنڀاليو، خير پور هجي يا گهوٽڪي، شڪارپور هجي يا جيڪب آباد، جدوجهد جي حوالي سان سڀ هڪ مٺ هئا، خير پور کان تنوير عباسي، جيڪب آباد مان عوامي شاعر عبدالڪريم گدائي، روزاني سارنگ جو ايڊيٽر غالب لطيف، استاد عبدالطيف مهر، نارائڻ داس وڪيل، رميش لعل وڪيل، ڪاڪو گهنشام داس آزاد پرنٽنگ پريس وارو، محمد بخش سومرو وڪيل ۽ ساٿ ۾ ڪيئي نوجوان موجود هئا، انهيءَ جدوجهد جو سکر مرڪزي شهر هو، جنهن جي سڄي سٿ خوب ملهايو، انهن سڀني ساٿين مان ڪالهه اسان کان هڪ املهه ماڻڪ ساٿي فتاح ملڪ ۸۶ سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ موڪلائي ويو، هن جي ڄم جو هنڌ سنڌ جي ادبي لحاظ کان زخير زمين پنو عاقل هو، جتي هن ۴ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪيائين، ميٽرڪ ناز هاءِ اسڪول خيرپور، بي اي اسلاميه ڪاليج سکر، ۱۹۶۳ع ۾ ايل ايل بي سنڌ لاءِ ڪاليج حيدرآباد ۽ ۱۹۶۴ع کان وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين، جڏهن ته بنيادي سياسي ۽ نظرياتي وابستگي سائين جي ايم سيد، نيشنل عوامي پارٽي، بزم صوفياءِ سنڌ، مولانا ڀاشاني، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان هئي، هي دل ۽ تڏي جو تمام گهڻو ڪشادو ۽ سخي مرد هو، هن جو گهر ئي سڄي سنڌ کان آيل علمي، ادبي ۽ تحريڪي ساٿين جو گوشهءَ عافيت هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اها روايت هوندي هئي ته جڏهن به مچ جيل مان آزاد ٿيندو هو ته ٻه ٽي راتيون، محبتي ماڻهو فتاح ملڪ وٽ ضرور ترسندو هو، اُهي ڏينهن فتاح جي گهر تي ميلو متل هوندو هو، سڀئي ڪامريڊ اچي گڏ ٿيندا، رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، شيخ اياز، رشيد ڀٽي پوءِ ته جتي ڪامريڊ جو آڌر ڀاءُ ٿيندو هو، اُتي مچ جيل جا حال احوال ۽ سختين جا قصا ۽ انهيءَ تي فخر مان اُوچا ٿيل ڳاٽ ۽ گلن جي ورکا گڏ وري نئون عزم۽ نئين ولولي سان نئون پروگرام جوڙبو هو، انهيءَ دور ۾ جيڪب آباد، شڪاپور، سکر ۾ ون يونٽ مخالف محاذ جي پليٽ فارم تان زبردست جلسن جا پروگرام ٿيا، انهن سڀني پروگرامن ۾ فتاح ملڪ، شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي گڏ هوندا هئا، ڪمال جو سياسي ورڪر ۽ شاعر هو. ان وقت شيخ اياز، گدائي، نياز، تنوير ۽ شيام جي موجودگي ۾ پنهنجي هڪ الڳ جاءِ ٺاهي، هن جا ڇپيل ڪتاب “ڪنول پاڙون پاتال ۾” (شاعري) “اسان اونگ چاڙهيا” (شاعري) “ڀينر هن ڀنڀور ۾” (نثر) ۽ “جيڪي ياد پيوم” (يادگيريون)، “جمنا سان ٽي ڏينهن” (ڪهاڻيون) ۽ ڪيترائي مڃتا ايوارڊ پڻ ماڻيا. سياسي ڪارڪن لاءِ زندگي جدوجهد جو نانءَ آهي، هي اهي ماڻهو ها جن جي مٽي ۾ وطن پرستي ۽ انسان دوستي ڳوهيل هئي، هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي وڃي ٿو پر ڪي ڪي جانب جانيئڙا اهڙا ٿين ٿا جن جي جلايل جوت ٻرندي رهي ٿي.

کاهوڙي سي مون ڏٺا، جن اکين نه آرام،

 ڪو نه طلبين طعام، اوتيو پيئن اُڃ کي (ڀٽ جو شاهه )

 

(ڏھاڙي ھلچل حيدرآباد ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا