; سنڌي شخصيتون: ڪَمل سِنگهه سوڍو

07 November, 2025

ڪَمل سِنگهه سوڍو

ڪَمل سِنگهه سوڍو

آدرشِي اِنسان جي موڪلاڻي!

سردار ڀيو



ڪاڪو ڪَمل سنگهه سوڍو اسان جي خطي جو هڪڙو آدرشي انسان هو، هُن جي وڏڙن جڏهن کان ڇور جي پسگردائي ۾ اچي کُونٽو کوڙيو هو، تڏهن کان اسان جي خطي ۾ حويلي  جي نالي سان ڳوٺ سڏجڻ لڳو هو، اڄ تائين ڇور جي ڀرسان هن آباد حويلي جو تعارف سوڍا ئي آهن. سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ مٺي ضلعن ۾ ٿر وارن علائقن ۾ خاص طور تي سوڍا گهڻي تعداد ۾ رهائش پذير آهن. سوڍن جي صاحبِي جا قصا ۽ ڪهاڻيون تاريخ جو حصو آهن. ڪاڪي ڪمل سنگهه وارا حويلي ۾ صدين کان وٺي رهن پيا،  عمرڪوٽ  جي خطي ۾ ڪاڪي ڪمل سنگهه جي هَلِي چَلي رهي آهي، هو مردم شناس هو، ماڻهن کي پرکڻ هن جي انيڪ ڳڻن ۾ هڪڙو ڳُڻ هو. ڪمل سنگهه سوڍي جي اُٿاڪ پنهنجي خانداني پسمنظر جي ڪري شاندار هُئي، هن وٽن سوَن جي تعداد ۾ زمين رهي، باوجود تنهنجي هن جي ڪنڌ ۾ سريو ڪونه لڳو، تنهنڪري ڪاڪي ڪمل سنگهه جي شخصيت  ۾ نهٺائي، حليميت، پنهنجائپ، نوڙت، نيازمندي ۽ ڀاڪر ڀري کيڪار ڪرڻ جهڙيون خوبيون نمايان هونديون هيون. پنهنجي خطي ۾ وڏي زمينداري رکندڙ ڪاڪي ڪمل سنگهه وٽ  غريب ۽ امير لنگهي ايندو هو ته بنا فرق جي ٻنهي کي ساڳي مزاج سان کيڪار ڪندو هو. ڪمل سنگهه هتي جو آبادگار هو، هارين نارين سان پنهنجائپ وارو رشتو رهيو، چيٽ ڪَتيءَ ۾ فصلن جو ليکو چوکو ڪري هر هاري کي پنهنجي بچت ڏئي ڇڏيندو هو. هارين جي اوکي مهل مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ کي فريضو سمجهندو هو. ڇور شھر ڀرسان مساڻ جي لاءِ پنهنجي زمين ڏنائون، هن وقت اها زمين ڪروڙن جي ملڪيت آهي.


ڪاڪي ڪمل سنگهه جا ست پُٽ ٿيا، انهن ۾ موڀي پُٽ فتح سنگهه سوڍو، جيڪو هاڻي ۳۶ سالن کان آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي، اتي جي شهريت مليل آهي، پرائمري کان بي ايس سي تائين تعليم ڪراچي مان حاصل ڪئي، ان بعد اسڪالرشپ تي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هليو ويو، تعليم مڪمل ڪري اُتي رهڻ لڳو، آمريڪي وڌيم ڪمپنين ۾ وڏين پوزيشنن تي ڪم ڪندو رهيو آهي، هاڻي به ڪنهن وڏي ناليواري ڪمپني ۾ نوڪري ڪري ٿو، سٺ سال جي لڳ ڀڳ ڄمار هوندي، هاڻي اينٿراپالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. ٻيو پُٽ جڳمال سنگهه سوڍو آهي، جيڪو هتي رهي ٿو، زمينداري ڪرڻ سان گڏ مقامي سياست ۾ سرگرم آهي. ٽيون پُٽ رُگوِير سنگهه هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ جواني ۾ فوت ٿي ويو، هي نوجوان ڪرڪيٽر هو، جنون جي حد تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ دلچسپي رکندو هو، نوي واري ڏهاڪي ۾ اسان سان گڏ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس ۾ کيڏندو هيو. طبيعت ۽ مزاج ۾ تلخ هوندو هو، اندر ۾ انتهائي نفيس ۽ ڀورو نوجوان هو. ان کانپوءِ چوٿون پُٽ اجيت سنگهه سوڍو، جيڪو  ۱۹۹۴۱۹۹۵ع دوران گورنمينٽ هائي اسڪول ڇور ۾ مون سان گڏ نائين ۽ ڏهين درجي ۾ پڙهيو، پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي اتي پڙهيو. ڪافي سالن کان هندستاني صوبي راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ رهي پيو، اتي وڏي اسپتال جي اهم پوزيشن تي مقرر ٿيل آهي، ان سان گڏ ننڍو پنجون ڀاءُ بختاور سنگهه اسپتال سنڀالي ٿو. ڪاڪي ڪمل سنگهه جي ننڍن پُٽن سُرجيت سنگهه ۽ مهاوير سنگهه مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان سول انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي، هاڻي جوڌپور ۾ تعميراتي ڪم ڪن پيا، اتي ٻئي گڏجي ٺيڪيداري ڪري رهيا آهن. سڄي فئملي جوڌپور شفٽ ٿي ويئي ته ڪاڪي ڪمل سنگهه به اهو فيصلو ڪيو ته ضعيف العمري ۾ هتي رهڻ ڏکيو آهي، سو نيٺ ۲۰۲۳ع ۾ ڪاڪو به سنڌ ڇڏي جوڌپور هليو ويو. اتي جوڌپور شهر جي جهالامنڊ ڪالوني ۾ آشيانو آهي، جتي ڪاڪي پنهنجي حياتي جي پڇاڙي وارا ٻه سال گذاري هفتو کن اڳ هن فاني جهان مان موڪلائي هليو ويو.

گنگداس سوڍا، اصل پرمار راجپوت، اُجين  رياست مدي پرديس ايم پي، هندستان. راجسٿان کان اُتر طرف. اتان ٻاهڙمير، ٻاهڙ راءِ گهراڻو، عربن کان اڳ راءِ گهراڻو هندستان تي حڪمراني ڪئي، ان وقت سڄو سنڌ سڏبي هئي. باهڙ راءُ کان به وڏو چاهڙ راءُ، پٽ سوڍو ۽ سانکلو، سانکلو سنگهه واپس مَدي پرديش ويو، سوڍو سنگهه اتي ئي رهيو. ٻاهڙمير شهر جو نالو ٻاهڙ راءُ جي ڪري پيو هو، هن شهر اڏيو، اهو ڇهين صدي هئي. ان کانپوءِ ٻاهڙ راءُ جي پُٽ چاهڙ راءُ جي پُٽ سوڍو سنگهه ڪيراڙو ڳوٺ آباد ڪيو، اتي قلعو ٺهرايو جيڪو اڄ به کنڊر جي شڪل ۾ موجود هئي، اهو ڳوٺ ان زماني ۾ سوڍي جي راجداني  ٿي. ٻاهڙمير جي راجا باهڙ جي وڏي پُٽ سوڍي جي ۱۱۲۵ع ۾ سنڌ پرڳڻي جي طرف آيو، جنهن رتو ڪوٽ هٿ ڪيو. اتي ئي پنهنجو راڄ آباد ڪيو. سوڍي جي وفات بعد وڏو پُٽ چاچڪديو راڄ ڌڻي ٿي ذميداري سنڀالي. جيتوڻيڪ سوڍو راجپوت پنهنجي نالي جيان ارڏو ۽ پهلوان ماڻهو هو، سندس سورهيائي ۽ پهلواني جي ڪري پويان راڄن به ان نالي پُٺيان سوڍو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪيو، ائين اڄ تائين ٺڪر پنهنجي نالي جي پويان سوڍو سڏائين ٿا. تاريخ ۾ سوڍن جي حڪمراني جو وڏو تذڪرو موجود آهي.

سوڍي جو اولاد ڪيراڙو، ٻاهڙمير ڇڏي اچي رتوڪوٽ آباد ڪيو، جيڪو ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ واقعي آهي. سوڍي جا ٻه پُٽ جن ۾ هڪڙي ننگرپارڪر وسايو، اتي جو راڻو ٿيو. ٻيو نارائڻ سنگهه سوڍو رتو ڪوٽ ۾ رهيو. هي اتي راڻپ ۾ رهيو، ان جو پنهنجو راڄ هو. ان زماني ۾ راڄ ورهايا، رتو ڪوٽ ۽ ننگر جي راڄن کي سنڀاليو. رتي ڪوٽ جي راڻي  نارائڻ سنگهه جا ٽي پٽ ٿيا، پهريون رام جيڪو نارو تعلقي جي اڇڙي ٿر ۾ رهيو، اتي راڄ ڌڻي، ٻيون پُٽ بيرسي سوڍا تعلقي کپري جا ڳوٺ راڻاهو، مَهو، راٻلاهو، جيڻار، ڦُلاهو سنڀاليو. ٽيون گنگڏس سوڍا ڇور وٽ اچي راڄ ڄمايا. روايتن مطابق ان زماني ۾ ڇور واري خطي کي “ڪُسل ڪوٽ” سڏيو ويندو هو، ۱۷۵۰ع کان اڳ سنڌو درياه جو وهڪرو هتي اچي پهتو، پاڻي جي وهڪرن جي  تيز رواني سبب ڇَر ٿيندي هئي، مقامي ماڻهن ڇَر جي ڪري ڪُسل ڪوٽ کي پهرين ڇَر پوءِ اهو نالو ڦري ڇور سڏجڻ لڳو. ٻئي روايت اها به آهي ته هاڪڙي درياءُ جو پاڻي هِتي اچي ڇوڙ ڪندو هو، انهي ڪري ڇوڙ سڏيو ويو. سڻوهي، کيسنگهه، اکيراج جي آسي پاسي وارن خطن ۾ ٺڪرن جا راڄ توڙي واڻيا، سونارا ۽ سوٽهڙ اتي گڏ رهندا هئا، هِتي ان زماني ۾ ٻوڏ آئي، جنهن ڪري هي علائقو ٻڏي ويو، ان کانپوءِ اتان اوڀر اُتر نيوڇور شھر واري جاءِ تي ويا ۽ اُتي رهڻ لڳا، ٺڪرن سان گڏ سونارا، واڻيا، سوٽهڙ ساڻ هئا. گنگڏاس سوڍن جا ڳوٺ روهڙِي، سونڌرو، ٻاهڙمير، کُوهڙِي ۽ جيسلمير ضلعي ۾ آهن.

ڪاڪي ڪمل سنگهه گنگداس سوڍا آهن، “تاريخ گجو سوڍا راڻا” جي ڪتاب جي محقق ۽ مرتب محمد جمن گجو مطابق سوڍن جا پنجٽيهه پاڙا آهن، انهن ۾ گنگڏاس، ڪيلهڻ، اکا، گجو، گوئيند، گانگو، ويرسين،  تيجسي، روپسي، ساڏور، سرتان، سورجمل، سنگراسي، نرو، نبو، بِجيراءِ، جگمال، نارڻ، رام، ويرسي، ڀوجراج، بيڀا، راڻڪڏي، ٻهپارا، موڏا، مهراڻ، وگهورا، ويسر، چانپو، لاکو، باکر، مالڏيو، ڏوڏو، سينهو ۽ مانگ شامل آهن. هي پاڙا صدين کان هند ۽ سنڌ ۾ آباد آهن. هنن پنجٽيهه  مُک پاڙن مان چوئيتاليهه ٻيون ذيلي نُکون يا پاڙا ٺهيا آهن، انهي ڪري سوڍن جا راڄ اڃان وڌيڪ ذيلي پاڙن جي پٺيان سڏجن ٿا. هنن پاڙن يا نُکن ۾ مسلمان به اچيو ٿو وڃن، جن جو بڻ بُڻياد پٺيان ساڳيو آهي، بنيادي طور تي اهي مٿي ڄاڻايل سمورا پاڙا سوڍا، راجپوت ٺڪر آهن. ٺڪرائي يا راجپوتي جو پنهنجو ڌار مزاج، انداز ۽ سليقو هجي ٿو، ذهني طور تي جذباتيت sentiment سڀني پاڙن جو ساڳيو آهي، جيڪو ٺڪرائي جي شناخت پڻ آهي. سمورن سوڍن جي پاڙن جي راڻپ واري پڳ سُرتان سوڍي جي مٿي رهي آهي، سُرتان پاڙي مان هِن وقت جناب همير سنگهه سوڍو چاليهون راڻو آهي. پهريو راڻو راءِ سوڍو هو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ سيپٽمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا