; سنڌي شخصيتون: ڪَمل سِنگهه سوڍو، سردار ڀيو
Showing posts with label ڪَمل سِنگهه سوڍو، سردار ڀيو. Show all posts
Showing posts with label ڪَمل سِنگهه سوڍو، سردار ڀيو. Show all posts

07 November, 2025

ڪَمل سِنگهه سوڍو

ڪَمل سِنگهه سوڍو

آدرشِي اِنسان جي موڪلاڻي!

سردار ڀيو



ڪاڪو ڪَمل سنگهه سوڍو اسان جي خطي جو هڪڙو آدرشي انسان هو، هُن جي وڏڙن جڏهن کان ڇور جي پسگردائي ۾ اچي کُونٽو کوڙيو هو، تڏهن کان اسان جي خطي ۾ حويلي  جي نالي سان ڳوٺ سڏجڻ لڳو هو، اڄ تائين ڇور جي ڀرسان هن آباد حويلي جو تعارف سوڍا ئي آهن. سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ مٺي ضلعن ۾ ٿر وارن علائقن ۾ خاص طور تي سوڍا گهڻي تعداد ۾ رهائش پذير آهن. سوڍن جي صاحبِي جا قصا ۽ ڪهاڻيون تاريخ جو حصو آهن. ڪاڪي ڪمل سنگهه وارا حويلي ۾ صدين کان وٺي رهن پيا،  عمرڪوٽ  جي خطي ۾ ڪاڪي ڪمل سنگهه جي هَلِي چَلي رهي آهي، هو مردم شناس هو، ماڻهن کي پرکڻ هن جي انيڪ ڳڻن ۾ هڪڙو ڳُڻ هو. ڪمل سنگهه سوڍي جي اُٿاڪ پنهنجي خانداني پسمنظر جي ڪري شاندار هُئي، هن وٽن سوَن جي تعداد ۾ زمين رهي، باوجود تنهنجي هن جي ڪنڌ ۾ سريو ڪونه لڳو، تنهنڪري ڪاڪي ڪمل سنگهه جي شخصيت  ۾ نهٺائي، حليميت، پنهنجائپ، نوڙت، نيازمندي ۽ ڀاڪر ڀري کيڪار ڪرڻ جهڙيون خوبيون نمايان هونديون هيون. پنهنجي خطي ۾ وڏي زمينداري رکندڙ ڪاڪي ڪمل سنگهه وٽ  غريب ۽ امير لنگهي ايندو هو ته بنا فرق جي ٻنهي کي ساڳي مزاج سان کيڪار ڪندو هو. ڪمل سنگهه هتي جو آبادگار هو، هارين نارين سان پنهنجائپ وارو رشتو رهيو، چيٽ ڪَتيءَ ۾ فصلن جو ليکو چوکو ڪري هر هاري کي پنهنجي بچت ڏئي ڇڏيندو هو. هارين جي اوکي مهل مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ کي فريضو سمجهندو هو. ڇور شھر ڀرسان مساڻ جي لاءِ پنهنجي زمين ڏنائون، هن وقت اها زمين ڪروڙن جي ملڪيت آهي.