; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه- سيد ظفر علي شاهه

22 November, 2014

ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه- سيد ظفر علي شاهه

ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه
بي لوث ۽ پرخلوص انسان
سيد ظفر علي شاهه
هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ ته هرڪو جتن ڪري ٿو، پر ٻين ڪاڻ جيئڻ اصل انسانيت آهي، جيڪا خوبي ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه مرحوم ۾ تمام گهڻي هئي. سائين جن اسان کان تاريخ ۰۳ آڪٽوبر ۲۰۱۴ع کان وڇڙي ويو، ويندي ويندي پنهنجي دوستن، عزيزن، ڀائرن، ساٿين، مريدن ۽ خاص طور تي اولاد کي ڏکارو ڪري ويو. سائين ڊاڪٽر منور علي شاهه سبزواري سال ۱۹۵۸ع ۾ قلندر پاڪ جينگري سيوهڻ شريف ۾ جنم وٺندڙ هر دلعزيز شخصيت تحت سيوهڻ جي سبزواري خاندان مان هو. سندس والد مرحوم سيد حاجي موٽيل شاهه سبزواري پنهنجي دور جو پرهيزگار، متقي، نيڪ صفت ۽ سخي انسان هو. سيوهڻ ۾ قديم دؤر کان وٺي هر مهيني جي ۲۱هين جي رات سائين جي خيرات مشهور هئي، جيڪا سندس پونيئر اڄ تائين اها رسم باقائدگيءَ سان هلائيندا اچن. ڊاڪٽر مرحوم جو وڏو ڀاءُ سيد عزت علي شاهه مرحوم جو شمار سيوهڻ جي اهڙن ڀلارن انسانن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هڪ سحر انگيز شخصيت جا مالڪ هئا، سيد عزت علي شاهه هڪ اعليٰ شعور ۽ ذهين سماج سڌارڪ انسان هو. پنهنجي اخلاقي ۽ سياسي بسيرت جي طفيل سندس فرزند محترم سيد آصف علي شاهه سڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو، جيڪو هاڻي به علائقي جي سياسي ميدان ۾ مشهور آهي. ڊاڪٽر منور علي شاهه مرحوم پنهنجي شروعاتي تعليم سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي، ميٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ نمايان نمبر منجهان حاصل ڪئي ۽ ائين نمايان پوزيشنون ماڻيندو ڊاڪٽر بڻيو. سندس تعليم جي دوران سندس استاد ساڻس ڏاڍو پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا، جن ۾ خاص طور تي استاد مشتاق احمد سومرو نمايان هو. ڊاڪٽر صاحب تمام عزت ۽ محنت سان تمام مرحلا ماڻيندو، آخر ۾ اِي ڊي او هيلٿ ڊسٽرڪٽ ڄامشورو بڻيو. اِي ڊي او هيلٿ ڄامشورو جي دوران پاڻ سخت محنت ڪيائون، ڄامشوري کان سيوهڻ تائين غريب ماڻهن ۽ مريضن جي لاءِ ڪافي ڪم ڪيائون، جن ۾ هيلٿ يونٽ، ڊسپينسريون ۽ هاسپيٽلس کي پروموٽ ڪيائون ۽ تمام بيروزگارن کي ميرٽ تي روزگار ڏنائون ۽ ضلعي ڄامشوري جي ڪافي نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏنائون.


هميشه گهٽ ڳالهائيندڙ سنجيده مزاج رکندڙ هن سيد ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليو، مريض توڙي پنهنجي ملازمن سان هميشه محبت ڀريو رويو رکيو. سندس گفتگو وقت مريض جو اڌ مرض ختم ٿي ويندو هو. ”تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي“ جي اصولن تي هميشه ڪم ڪندو هو، سندس بنگلي تي يا سندس آفيس جي سامهون غريبن جا ميلا لڳل هوندا هئا، پنهنجي وس کان به وڌيڪ هر ماڻهوءَ جي مدد ڪندو هو. سائين جن حيدرآباد جي مشهور ميمڻ اسپتال، حاجياڻي اسپتال، بونڪيئر سينٽر هيرآباد ۾ ڪيترن ئي غريبن جا ڪامياب آپريشن ڪيا ۽ دعائون کٽيون. حضرت قلندر لعل شهباز سان سندس نهايت ئي عاجزيءَ واري عقيدت رکندڙ هن مهان انسان جي ڪارنامن ۽ سڀني ڳالهين کي ضلعي ڄامشوري ۾ گهڻو ياد رکيو ويندو. سائين پنهنجي وڏن وانگر انتهائي پرهيزگار نيڪ نمازي ۽ قلندرن سان عقيدت جي ڪري هر مهيني جي ۲۱هين جي رات لعل سائين جي لازمي حاضري ڀريندو هو، جيڪا هن پنهنجي زندگيءَ جي تاريخ ۾ ڪڏهن مس نه ڪئي. ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه مرحوم اهو به يادگار ڪم ڪيو آهي جو هن جي ڪوششن سان سيوهڻ ۾ صحت جي جديد سهولتن وارو سيد عبدالله شاهه مرحوم جي نالي سان ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي عمارت جوڙائي مڪمل ڪرائي ٽراما سينٽر جوبن سموريون سهولتون ڏياريون آهن، جنهن ۾ جديد قسم جا آپريشن ٿيٽر ۽ ضروري سامان ۽ اسٽاف مقرر ڪرايو، سندس خواب هو ته سيوهڻ ۽ سيوهڻ جي آس پاس جا سمورا رهواسي ۽ قلندر جا زائرين جيڪي دعا ۽ دوا جي آسري تي هن شهر ۾ اچن ٿا، انهن مسافرن کي جملي صحت جون سهولتون ملي سگهن.
سيوهڻ جي ڀرسان بڊي جبل جي ٿڌي علائقي ۽ نهايت پرسڪون فضا واري جاءِ تي اڳوڻي وزيراعليٰ مرحوم سيد عبدالله شاهه طرفان قائم ڪرايل اي ٽي بي سينٽر جي تعمير ۾ به سندس مشورا ۽ ڪوششون شامل هيون، پاڻ سال ۱۹۸۹ع ۾ شادي ڪيائون. سندس نهايت سعادتمند فرزند سيد معظم علي شاهه سبزواري پڻ پنهنجي نقش قدم تي هلڻ جو ارادو رکي ٿو.

سائين جن جي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ حڪومت سنڌ سيوهڻ ۾ سائين جن جي نالي ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه مرحوم ڊائلاسسز سينٽر قائم ڪيو آهي، جنهن جي لاءِ سيوهڻ جي چونڊيل نمائندي ۽ فنانس منسٽر سيد مراد علي شاهه ۵ ڪروڙ روپين جي گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن غريب ماڻهو هن سينٽر مان پنهنجي علاج جو فائدو وٺي سگهن. سائين جن جي خدمتن کي ماڻهو هميشه ياد رکندا ۽ سندس پونئيرن جي لاءِ هميشه دعاڳو رهندا.

No comments:

راءِ ڏيندا