; سنڌي شخصيتون: منير احمد ماڻڪ

24 December, 2014

منير احمد ماڻڪ

ماڻڪ

جيڪو تخليق جو ٻرندڙ جبل هو!

منور سراج



ماڻڪ بابت ڪجھه ڳالهائڻ منهن جي لاءِ ائين مشڪل ڪم آهي جيئن ڪنهن ٻار لاءِ لهرن سان ڀريل درياهه ۾ لهڻ.

ماڻڪ، جنهن خودڪشيءَ کي ڪنهن خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هو منهنجي لاءِ هن مهل تائين هڪڙو پراسرار خواب بڻيل آهي. اهڙو خواب، جيڪو ڪنهن به تعبير جو محتاج ناهي.

هو پنهنجو خواب به پاڻ هو ۽ تعبير به پاڻ هو!


هو ڪوئي سپنو هو، بلڪ اياز چواڻي ”سپني جو سپنو“ هو.

ڪجھه ماڻهن کي خودڪشي معنى بخشيندي آهي، ڪجھه ماڻهو وري خودڪشيءَ کي معنى بخشيندا آهن.

۽ ماڻڪ انهن ماڻهن انهن مان هو جيڪي زندگيءَ کي ته ڇا موت کي به ڇهندا آهن  ته اُهو حسين ٿي پوندو آهي. مان اڄ به هن جي بريف ڪيس مان مليل پنا ڇهندو آهيان ته مون کي سندس اکر اکر مان خودڪشي جي اها خوشبو ايندي آهي جنهن ۾ زندگيءَ جو اڻ ميو هڳاءُ آهي.

هو جيڪو ”لڙهندڙ نسل“ جو نمائندو هو.

هو جيڪو ”پاتال“ ۾ بغاوت هو.

هو جنهنکي سدائين ”ساهه مٺ ۾“ هو.

هو جيڪو ”پڇتاءُ“ جو پاڇولو هو.

هو جيڪو ”حويليءَ جا راز“ هو.

۽ هو جيڪو ”انام ڪهاڻيون“ هو.

هو دراصل تخليق جو ٻرندڙ جبل هو.

هن جي اندر ۾ آڳ هئي ۽ هن جي ٻاهر به چوطرف باهه هئي.

هن جي اندر ۾ تخليق جو اهو ٻرندڙ شعلو هوجيڪو ڪڏهن به نه وساڻو. جنهن شعلي ۾ جلي هن ڌڳندڙ ٽانڊن جهڙيون ڪهاڻيون لکيون ۽ باهه جهڙا ناول لکيا. ۽ هن جي ٻاهرين پاسي اهي ٻاٻرا ڪنڊا هئي جن تي هلندي هر گھڙيءَ هن جا قدم لهولهان ٿيندا رهيا.

دوزخ جهڙو سماج!

شيطاني سياست!

ٺڳيءَ جا ٺاهه!

منافقاڻي مفاهمت ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه.

۽ اهو سڀ ڪجھه ئي هو هن جي تخليقن ۾.

هن جون تخليقون بي رحم سماج جو سبتو ابتو پورٽريٽ هيون.

مون نوابشاهه جي رستن ۽ زندگيءَ جي رستن تي هلندي اڪثر ماڻڪ جي درد کي ۽ سندس ڪردارن جي اذيت کي پنهنجي ويجھو محسوس ڪيو آهي ۽ تڏهن ئي مون ان سوال جو جواب پاتو آهي ته آخر ماڻڪ ايترو جلدي زندگيءَ کي الوداع ڪري خودڪشي جو صليب ڇو ڳڄيءَ ۾ پاتو.

سچ هي آهي ته ماڻڪ اهڙو آرٽسٽ آهي جنهن پنهنجي ڪردارن کي پنهنجي داخلي تجربي/اذيت ۽ درد جي مٽيءَ مان ڳوهي تخليق ڪيو آهي.

هن جون ڪهاڻيون ۽ ناول محض خبرون چارون نه آهن. محض ذهني چسڪو نه آهن. محض لپ سروس Lip Service نه آهن.

پر زندگيءَ جو زندهه ذائقو آهن. ذائقو جيڪو وهه کان وڌيڪ ڪڙو به آهي ته ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو به آهي.

اهو ئي سبب آهي جو هو زندگيءَ جي جھوليءَ ۾ جھولندي خودڪشيءَ جي ڪناري تي پهچي ويو. ان کان وڌيڪ ڀلا ڪوئي آرٽسٽ پنهنجي تخليق سان/درد سان ڪيئن سچو ٿي سگھي ٿو؟

ماڻڪ لاءِ لکڻ محض ذهني عياشي نه هو پر هن لاءِ لکڻ پلصراط جو پنڌ هو.

جنت جي باغ کان ڌرتيءَ جي صحرا تائين ٽي موضوع هميشه کان ممنوع رهيا آهن ۽ شايد سدائين ممنوع رهندا.

اهي ٽي موضوع آهن: مذهب، سياست ۽ جنس.

جڏهن ته اهي ٽي موضوع ئي انساني زندگيءَ جا وڌ ۾ وڌ اهم موضوع ۽ معاملا آهن. ۽ جڏهن ذڪر نڪري ٿو ماڻڪ جو ته هڪڙو ممنوع موضوع جاڳي ٿو، اهو آهي جنس. جنس جي موضوع تي ماڻڪ تخليقي انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ جو ڪجھه لکيو سو سڀ غير معمولي آهي.

خاص ڪري ”لڙهندڙ نسل“. ماڻهوءَ جي جنسي گھرج ۽ ان گھرج سان لاڳاپيل مامرن کي جنهن سچائيءَ ۽ شدت سان ماڻڪ ”لڙهندڙ نسل“ ۾ سامهون آندو ايئن نه ماڻڪ کان اڳ ڪنهن لکيو نه پوءِ ڪوئي لکي سگھيو.

ماڻڪ جو ان موضوع جي حوالي سان ٻيو غيرمعمولي ناولٽ ”پڇتاءُ“ آهي جيڪو پڙهندي ماڻهو حيرت جو اهڙو درياهه بڻجي ٿو وڃي جنهنجو ڪوئي انت نه آهي.

”حويليءَ جا راز“ تي گھڻو ڳالهايو ويو آهي. پر ماڻڪ جي ڪهاڻي ”ڪاري“ ان موضوع جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ جنهن آرٽسٽڪ انداز ۾ ماڻڪ ٻن انسانن جي فطري اڇل، اُڃ ۽ جذبي کي پيش ڪيو آهي اهو غير معمولي آهي.

جنهن دور ۾ ليکڪ پارسائيءَ جو پٽڪو ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ پورا هئا ان دور ۾ ماڻڪ، ممنوع موضوع تي قلم کڻڻ جو اهو رسڪ کنيو جيڪو فقط هڪڙو جينيئس آرٽسٽ پنهنجن سمورن تخليقي طرفن (Dimensions) ۾ معصوم هوندو آهي. ماڻڪ سنڌي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جو معصوم نالو آهي. اهڙو معصوم جنهنتي انهن به فحاشيءَ جا الزام هنيا جيڪي جنس، فطرت ۽ فحاشيءَ جي فرق کان نه فقط اڻڄاڻ هئا پر پنهنجي جوهر ۾ بنيادپرست هئا. جنهن ۾ هو سچ جو اهو پروميٿس ديوتا هو جيڪو ڪنهن سرٽيفڪيٽ جو محتاج نه هوندو آهي. هو خدائن وٽان سچ جي باهه چورائي انهن ماڻهن تائين پهچائيندو آهي جيڪي سچ کي پسند ڪندا آهن.

(انيس انصاري اڪيڊمي پاران سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ صديءَ جي تقريبن جي سلسلي ۾ ۲۲ نومبر ۲۰۱۴ع تي نوابشاهه سيمينار ۾ پڙهيل)


 

منير احمد ماڻڪ

اسد ڪيريو

اڄ ۲۶- جنوريءَ تي سنڌي ٻوليءَ جي جينيس ليکڪ، عالمي سطح جي ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ناول نگار منيراحمد ماڻڪ جي ۴۱- ھين ورسيءَ جو ڏينهن آهي، ماڻڪ ۵- مارچ ۱۹۴۳ع تي ساھتي پرڳڻي جي شھر نوشھرو فيروز ۾ محمد ادريس ميمڻ جي گھر ۾ ڄائو.

منيراحمد ماڻڪ ابتدائي تعليم نوابشاھ مان حاصل ڪئي. جنھن بعد، يي اي، بي ايڊ، ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي پڻ ڪيائين. شروعات ۾ ھڪ استاد جي حيثيت سان ذميواريون نڀائيندڙ منيراحمد ماڻڪ سماجي ڀلائيءَ جي کاتي ۽ رشين ايمبيسيء ۾ پڻ ملازمت ڪئي.

پنھنجي طبيعت ۾ نرالي اھميت رکندڙ منيراحمد ماڻڪ اھي نوڪريون ڇڏي وڪالت شروع ڪئي. جتي پڻ ڪوڙ جي جھان کي ڏسندي وڪالت کي ڇڏي ميڊيڪل اسٽور کولي روزگار ڪيو.، جنھن کي پڻ ڪن شر پسند ماڻھن باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو.

منيراحمد ماڻڪ پنھنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات سنڌي ادبي سنگت نوابشاھ جي گڏجاڻين کان ڪئي ۽ شروع ۾ منير سنڌي جي نالي سان لکيو بعد ۾ ماڻڪ جي نالي سان لکيو. ماڻڪ پنھنجي اصلوب، خيال، جدت پسنديءَ ۽ تحرير ۾ حقيقت نگاريء سبب پوري سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي ھن ھڪ ئي وقت ڪھاڻين، افسانن، ناوليٽ ۽ ناول نگاريء ۾ سنڌ جي ادبي حلقن وٽان شانائتي موٽ ماڻي ۽ کيس پنھنجي افسانوي ادب ۾ حقيقت نگاريء سبب جينئيس ليک طور پذيرائي ملي، ماڻڪ پنھنجي ٽھيء جي سمورن لکارين ۾ ھڪ منفرد ليکڪ ھو جنھن وٽ سماج کي ڏسڻ لاءِ پنھنجو آئينو ۽ پنھنجو عڪس ھو اھو ئي سبب ھو جو ماڻڪ ھن ڪرڀ ڀرئي سماج ۾ مس فٽ ٿيو ۽ ھن جينئيس ليکڪ اڄ کان ايڪيتاليھ سال اڳ اڄوڪي تاريخ ۲۶- جنوري ۱۹۸۲ع تي پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو، ڇو ته ھن دقيانوسي سماجي تاڃي پيٽي ۾ ماڻڪ جھڙن جينئيس تخليقڪارن لاءِ جڳھ بنھ ناھي ھوندي، سنڌ جو ھيء عظيم ليکڪ لياقت مارڪيٽ نوابشاھ جي اترئين ڇيڙي تي موجود ميمڻن جي قبرستان ۾ آسوده خاڪ آھي..

 

(اسد ڪيريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا