; سنڌي شخصيتون: ڄام خان سندراڻي - شازيه حسن

24 December, 2014

ڄام خان سندراڻي - شازيه حسن

ڄام خان سندراڻي
سنڌ ۾ تعليم جو رابن هڊ
شازيه حسن
جڏهن ڪچي جي علائقي جي ڪنهن گهر يا ٻوڏ واري پاڻيءَ جي سرحدن تي گهوٽڪيءَ جو ڪو ٻار اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪندو هجي يا بيماريءَ جو بهانو ڪندو هُجي ته اُن کي پيءُ ماءُ اهوئي چوندا آهن ته ”اسڪول وڃ پُٽڙا نه ته ڌاڙيل ڄام خان سندراڻي ايندو ۽ توکي پاڻ وٺي ويندو.“
جيڪڏهن ٻارن کي اسڪول ۾ ڪو مسئلو آهي ته ڄام خان اُن جي حل کي يقيني بڻائيندو آهي. جيڪڏهن ٽرانسپورٽ جو مسئلو هوندو ته ڄام خان ٻارن جي گهرن ٻاهران پنهنجي موٽر سائيڪل بيهاري اُنهن جو انتظار ڪندو آهي ته جيئن اُنهن کي اسڪول پهچائي سگهي ۽ هو پاڻ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته جيئن ڪو به ٻار اسڪول کان محروم نه ٿي سگهي.


ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ جڏهن چيلهه تائين پاڻي هوندو هو ته هو ٻارن کي پنهنجي ڪُلهي تي ويهاري اسڪول کڻي ويندو هو- ۽ هو استادن جي حاضريءَ کي به يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن هفتي جا ڇهه ئي ڏينهن استاد حاضر هُجن. اها ذميداري کڻڻ وارو هيءُ شخص ايترو متاثر ڪندڙ آهي جو اوهان ساڻس ملڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندا.
پر ڄام خان فون ڪالز نٿو کڻي ۽ جڏهن اُن کي ايس ايم ايس موڪليو ويو ته جوابي پيغام ۾ هُن ملاقات جي لاءِ اسان کي ڪچي جي علائقي ۾ هڪ ڍنڍ ڀرسان گهرايو، جتي هو اڪثر نظر ايندو آهي ۽ اُن پيغام ۾ سندس چوڻ هو ”منهنجي صورتحال کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ان ڳالهه تي ناراض نه ٿجو.“
اُن پيغام ۾ تڪبر بجاءِ اُن ڌاڙيل جي انڪساريءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ اُن لاءِ هڪ جيپ جو انتظام ڪيو ويو ته جيئن ڪچي جي علائقي ۾ ٻنين، کڏن کوٻن ۽ گپ گرچڻ مان گذري سگهجي. ڍنڍ جي ٻئي ڪناري تائين جيپ کي ٻيڙيءَ ذريعي پار ڪيو ويو ۽ اُن کان اڳتي به ڪجهه سفر ڪرڻو پيو. منزل تي پهچي جڏهن جيپ ڏانهن ڏٺوسين ته اُها ڪني تلاءَ ۾ وهنتل ڪنهن مينهن جيان لڳي رهي هُئي.
اُتي هڪ عارضي اسڪول جي ڀرسان جوڙيل مسجد جي ٻاهران ڄام خان اسان جو استقبال ڪندي چيو، ”هتي اچڻ تي اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا.“
هُن ڪلاس ڏانهن هلندي پنهنجا چپل لاٿا، کيس ڏسندي اسان کي به پنهنجا چپل لاهڻا پيا ۽ پوءِ ڄام چيو؛ ”ڇا اوهان ٻارن سان ملڻ پسند ڪندؤ؟ اڄ صبح موسم ڪجهه ٿڌي هُئي، تنهن ڪري مون استاد کي درخواست ڪئي هُئي ته هو پنهنجا ڪلاسز مسجد اندر منتقل ڪري.“
هي سنڌي ميڊيم اسڪول آهي، جتي اردو ۽ انگريزي به نصاب جو حصو آهي. ننڍڙين نينگرين ۽ ڇوڪرن کي ڪلاس ۾ بليڪ بورڊ جي سامهون سبق پڙهڻ جو چيو ويو. اُنهن ۾ شامل نينگريون اُٿندي اهائي ڪوشش ڪري رهيون رهيون ته چادرن ۾ اٽڪي ڪِرڻ کان پاڻ کي بچائين جو اُنهن کي پنهنجي قد کان به وڏيون چادرون ويڙهيل هيون.
ڄام خان اُنهن کي فخريه انداز ۾ ڏسندي چئي رهيو هو ته، ”مون ڪجهه به ناهي پڙهيو، حقيقت ۾ اسان وڏن ڪجهه به ناهي پڙهيو، ايستائين جو جڏهن مون کي ڪو فون ڪندو آهي ته مان جواب ناهيان ڏيندو، ڇو ته مان لکي پڙهي نٿو سگهان ۽ پنهنجو نمبر به سيوَ ڪرڻ ناهي ايندو، نه ئي مون کي اها خبر پوندي آهي ته ڪنهنجو فون وڄي رهيو آهي. پر هي ٻار اسان جيئن نه ٿيندا.“
ڪچي جو علائقو اهڙو ناهي جتي ڪو مستقل رهائش رکڻ پسند ڪري. ڇو ته حڪومت اُتي جي آبادين کي تسليم ئي ناهي ڪندي. سياستدانن کي اُتي جي ماڻهن جا ووٽ ته گهربل هوندا آهن، پر اُهي انهن کي ڪنهن به قسم جي سهوليت فراهم ناهن ڪندا. الف اعلان مطابق ضلعي گهوٽڪي ۾ 1998 سرڪاري اسڪول آهن، جن مان 1875 پرائمري، 73 مڊل، ڏهه بنيادي تعليم، 33 سيڪنڊري ۽ ست هائر سيڪنڊري اسڪول آهن.
ڪچي جا اسڪول حڪومت وٽ رجسٽرڊ ته آهن پر اُهي هلايا نٿا وڃن. هي اُهو علائقو آهي، جتي 14 سال پهريان قانون جي عملداريءَ جو ڪو نالو نشان نه هو، ڌاڙيلن جي حڪمراني هُئي، ۽ چور- پوليس کيڏندڙ ٻئي ڌريون ان معاهدي تي پهتيون ته تعليم واري عمل کي جاري رکيو ويندو.
ڄام خان مطابق؛ ”اُهو انتها ئي ڏکيو وقت هو، هي پورو علائقو گهاٽو جهنگ هو ۽ اسان جا اڪثر قانون نافذ ڪرڻ وارن اهلڪارن سان مقابلا هلندا هيا. پوءِ هتي ايس پي غلام شبير کي مقرر ڪيو ويو، جنهن ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله راڄپر سان گڏجي ڪجهه ڌاڙيلن ۽ ڪجهه ڳوٺن جي بزرگن تي مشتمل هڪ گروپ قائم ڪيو ته جيئن ماڻهن ۾ ڏوهن جي خاتمي جي حوالي سان شعور پيدا ڪري سگهجي. اسان جهنگ کي ڪٽي هتي زمين کي پوکيءَ لائق بڻائڻ شروع ڪيو، پر جانورن مان انسان بڻجڻ جي لاءِ اسان کي تعليم جي ضرورت هُئي.“
ڄام جو اِهو به چوڻ هو ته ”ٿي سگهي ٿو ته اسان جا ڪجهه ماڻهو مون سان اتفاق نه ڪندا هجن پر مون قرآن مجيد تي قسم کنيو آهي ته هاڻ اسان جا ٻار اسڪول هر صورت ۾ ويندا.“
اُن علائقي ۾ رضاڪارانه بنيادن تي ڪچو ايجوڪيشن پروگرام هلائڻ واري ڪمپني اينگرو جي مشير ڊاڪٽر صدورو ناز کيڙو ٻڌايو، ”اسان هن علائقي جي ٻارنهن اسڪولن جو خيال رکي رهيا آهيون، جن ۾ نور لکڻ جو هڪ اسڪول به شامل آهي، جنهن ۾ هڪ ڪمپيوٽر ليب به آهي، پر اُهي سڀئي پرائمري يا مڊل اسڪول آهن، جن کي گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ تائين ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. خاص طور تي ڇوڪرين جي لاءِ، ڇو جو اعليٰ تعليم جي لاءِ ڇوڪرا ته ٻين اسڪولن ۾ وڃي سگهن ٿا، پر نينگرين لاءِ اِهو گهڻو مشڪل آهي.“
هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”اينگرو، استادن جون پگهارون، اسٽيشنري، اسپورٽس ايونٽس وغيره جو خرچ ڀري ٿي. اسان اُن مقصد لاءِ سالياني بجيٽ رکي آهي، پر ٻين ڊونرز جي امداد کي سدائين ڀليڪار چيو ويندو.“
هُن ٻڌايو ته ويجهڙ ۾ ئي هڪ اسڪول مان ڇهه سولر پينلز غائب ٿي ويا ۽ اُن موقعي تي ڄام خان هڪ ڀيرو ٻيهر اڳيان آيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي جلد کان جلد اُهي پينلز واپس ڪرڻ جي لاءِ قائل ڪيو.

ڊاڪٽر کيڙو مسڪرائيندي ٻُڌائي ٿو، ”اوهان هُن کي ڌاڙيل طور به ڏسي سگهو ٿا، ۽ پوليس به ٿي سگهي ٿو ته هُن جي ڳولا ۾ سرگرم هجي، پر مان هُن کي هڪ اهڙي انسان طور ڏسان ٿو، جيڪو هتي تعليم جي واڌاري لاءِ سرگرم آهي.“

No comments:

راءِ ڏيندا