الله بچايو کوسو
چارڻ پنهنجي چنگ کي چوري ڪاڏي گم ٿي ويو
ناصر قاضي
خالق جون اڻکٽ عطائون جيڪڏهن بارانِ رحمت جو روپ وٺي، ڪنهن به بشر مٿان
برسي پون ٿيون ته نتيجي ۾ ڪريم پنهنجي ڪريميءَ جا ڪروڙين قربائتا ڪرشما ڏيکاري ٿو
۽ امالڪَ ائين به ٿئي ٿو، جو ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ننڍڙو ٻالڪ پنهنجي گڏ ڪيل خرچيءَ مان ٻاراڻيون
بينون خريد ڪري، پنهنجي منهن سان ڦوڪون ڏيڻ کان پنهنجي عشق جو آغاز ڪري ٿو، اڳتي هلي
اهو ٻالڪ ڌرتيءَ جو اهو سريلو الغوزي جو وڄتڪار بڻجي وڃي ٿو، جو ان مٿان شهرت جي ديوي
به ديواني ٿي پوي ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهو وقت به اچي ٿو، جو اهو ئي الغوزي ڌڻي پنهنجي
ڏاڏاڻي ڏيهه کان پرڏيهه، واهڻ کان واشنگٽن توڙي ڳوٺاڻين چؤيارين کان چين تائين دنيا
جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سونهاريءَ سنڌ جو سفير بڻجي، فن جو مظاهرو ڪري، سنڌ جي خاص ثقافتي
ساز الغوزي کي روشناس ڪرائي، واهڻ ۽ وستيءَ ۾ واهه واهه کان وٺي، عالمي شهرت ماڻي ڏيکاري
ٿو.
جي ها! مٿيون بيان ڪو خيال، خواب يا ڪا ڏند ڪٿا نه، پر سچ پچ به سٻاجھڙي
سنڌي فنڪار الله بچائي کوسي جي ڪلا ۽ ڏات جي حقيقي ڪهاڻي آهي، جنهن سنڌي موسيقيءَ جي
قديم ثقافتي ساز الغوزي جي آڌار ۽ بينن جي بنياد تي سنڌ کان ملڪان ملڪ مڃتا ماڻي ورتي.
پوءِ ڇو نه اڄ سندس جيون جھلڪ تي هڪ نظر وجھي ڏسجي!
نامياري الغوزا نواز الله بچائي کوسي ضلعي ٽنڊي محمد خان، تعلقي بلڙي
شاهه ڪريم ۾ ايامن کان آباد هڪ ڳوٺ ڏاڏون ۾ محترم عبدالله کوسي جي گھر ۾ جنم ورتو.
ڪن مدلل لکتن ۾ سندس ڄمڻ جي تاريخ 09 ڊسمبر 1932ع ڄاڻايل آهي. الله بچائي کوسي کي مائٽن
پاران ٻالجتيءَ ۾ ڪتابي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سندس ڳوٺ جي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. انهن
ڏينهن ۾ مڪتب جي مصروفيت کانپوءِ واندڪائيءَ واري وقت ۾ وندر لاءِ سندس گھر ۾ ريڊيو
جو ئي واحد ذريعو ميسر هوندو هو، جنهن تي هو موسيقيءَ جا پروگرام وڏي چاهه سان ٻڌندو
هو، موسيقيءَ جي اهڙن پروگرامن ۾ خاص طور تي جڏهن سنڌي سازن جا آواز ٻڌندو هو، تڏهن
سندس من مست ٿي موهجي ويندو هو. ريڊيو تي سنڌي سازن جا اهڙا آواز ٻڌندي ٻڌندي اچانڪ
الغوزي جي انس ۾ اهڙو اڙجي ويو، جو سندس ننڍڙيءَ دل ۾ به الغوزو وڄائڻ واري خواهش جاڳي
پئي، جيڪا خواهش في الحال هڪ خواب ئي بڻيل هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪمسنيءَ ڪارڻ ڪنهن
استاد جي آڱر وٺي الغوزي جو فن سکڻ پنهنجي جڳهه تي هڪ جوکم جوڳو عمل ضرور هو، پر تنهن
هوندي به ٻالڪپڻي ۾ پنهنجي حسرت جي حاصلات خاطر پهريون قدم کڻندي، ڪنهن سنگتي ساٿيءَ
جي ڏسَ تي، پنهنجي ڳوٺ کان پنڌ ڪري ٽنڊي محمد خان ويو، جتان پهريان ٻن روپين جا الغوزا
خريد ڪرڻ بعد سنڌ جي نامياري الغوزا نواز استاد خميسي خان جھنجھيءَ وٽ پهتو، جيڪو پڻ
ٽنڊي محمد خان جو ئي رهاڪو هو ۽ کيس الغوزي سيکارڻ لاءِ ٻاراڻو انگل ڪري وڌائين. موٽ
۾ استاد خميسي خان مٿس شفقت جو هٿ رکندي چيو ته: ”ٻچڙا! تون في الحال وڃي پڙهه، وڏڙو
ٿي مون وٽ اچجانءِ ته پوءِ توکي الغوزو ضرور سيکاريندس.“
ان بعد الله بچايو کوسو پنهنجي ڳوٺ
واپس وريو ۽ پنهنجي خريد ڪيل ان ئي بينن جي جوڙيءَ کي پنهنجي منهن سان ٻاراڻي
خيال ۾ اُبتيون سبتيون ڦوڪون ڏيندو رهندو هو، جنهن مان سندس عشق جي عروج جو اندازو
لڳائي سگھجي ٿو، اهڙي عمل تي سندس اسڪول جا استاد کيس روڪڻ ۽ ٽوڪڻ سان گڏ، مٿس سختي
پڻ ڪندا هئا، پر هيءُ انهن سڀني سختين کان بي نياز بينن جي برهه ۾ ويتر قابو ٿيندو
ويو.
اڳتي هلي پاڻ تدريسي حوالي سان ست درجا تعليم حاصل ڪري، غربت سبب پڙهائي
اڌ ۾ ڇڏي، محنت مزدوريءَ کي مقدر سمجھي، حجامڪو ڪم سکڻ لڳو، حجامڪي ڪم ڪرڻ دؤران به
پاڻ الغوزي جو عاشق رهيو ۽ ٻيهر پنهنجي ڀاڳ کي آزمائڻ لاءِ ٽنڊي محمد خان وڃي، استاد
خميسي خان جھنجھيءَ جي رهائش گاهه تي رسيو ۽ انتهائي ادب سان کيس استاديءَ لاءِ عرض
ڪيائين. هن ڀيري سندس عشق جي عروج کي پرکيندي، ٻاجھاري استاد سندس سڪائتي صدا کي صد
مرحبا ڪري الغوزي وڄائڻ جي باقاعدي سکيا ڏيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ۽ سيکاريندي سيکاريندي
ڪو وقت اهو به آيو، جو سندس استاد به سندس هوشياري ۽ ڏاهپ ڏسي کيس انتهائي شفقت ۽ توجهه
سان سيکاريندو رهندو هو.
ڏينهن پڄاڻان الله بچايو کوسو الغوزي جي عشق ۾ اهڙو ته اڙجي ويو، جو حجامڪو
هنر ڇڏي آسپاس وارن علائقن ۾ منعقد ٿيندڙ شادين مرادين جي تقريبن ۽ عوامي محفلن ۾ الغوزو
وڄائڻ شروع ڪيائين، جتان سندس عملي پورهئي جي ابتدا ٿي ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ الغوزو وڄائيندي
سندس سر جو سفر کيس 1960ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو، جتي نامياري براڊڪاسٽر
۽ پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ کانئس آڊيشن وٺي سڀ کان پهريان براهه راست نشر ٿيندڙ
لوڪ موسيقيءَ جي هڪ پروگرام ۾ کيس ست منٽ پرفارم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. اهڙي طرح پاڻ ڏاڪي
به ڏاڪي فني منزلون طئه ڪندي، مقامي سطح جي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ الغوزي وڄائڻ کان وٺي
ملڪي سطح جي مانڊاڻن تائين ملهائتو مان ماڻيائين.
نه صرف ايترو، پر هن پنهنجي ادائيگيءَ سان ڏيهه جيان پرڏيهه ۾ به اهڙو
ته وارو وڄايو، جو پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه ڏاڏون کان آمريڪا، برطانيا، چين، ملائيشيا، جاپان،
ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا، دبئي، فرانس، سعودي عرب سميت دنيا جي پنجويهن کان وڌيڪ
ملڪن ۾ الغوزي جي آلاپن کي عام ڪيو، جنهنجي موٽ ۾ اتان جي عوام سان گڏوگڏ کيس اڳوڻي
آمريڪي صدر بل ڪلنٽن، جمي ڪارٽر، چيني صدر زيانگ زيمن، ملائيشيا جي وزير اعظم مهاتير
محمد سميت ٻين ڪيترن ئي بين القوامي غير معمولي ماڻهن پاران ساراهه جا سنديسا ۽ داد
جا درياهه پلئه پيا. سندس ڪيل عمر ڀر جي فني پورهئي جي موٽ ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عوام
پاران اڻمئي پيار جي پالوٽ سان گڏ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي،
شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، لال شهباز قلندر ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ
۽ اعزاز کيس مليا.
الله بچايو کوسو سنڌ جو اهو سدا سريلو الغوزا نواز هو، جنهن پنهنجي پوري
ڄمار الغوزي جي آلاپن سان سنڌي سنگيت کي سرن جون سوغاتون ارپي ڇڏيون. هن پنهنجي الغوزي
جي البيلي آواز سان پوري سنڌ ته ڇا، بلڪه پرڏيهي گورن کي پڻ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ثقافت هر دؤر ۾ شاهوڪار
رهندي آئي آهي. سندس فن صرف سندس ذات تائين محدود نه رهيو، پر الله پاڪ جي ڏني ٻني
مان الله بچائي پنهنجن ڪيترن ئي شاگردن کي سرشار ڪيو. ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي حقيقي
فني وارث پنهنجي فرزند ارباب علي کوسي جي فني تربيت ڪري کيس الغوزي جي دنيا ۾ متعارف
ڪرايو، جڏهن ته سندس ٻيو فرزند دوست علي کوسو هڪ سريلو بينجو نواز آهي.
الله بچايو کوسو پنهنجي وفات کان ڪيترو ئي عرصو اڳ ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو، جڏهن ته اڳتي هلي گردن
ٽوڙ بخار ۽ ٻين مرضن جو حملو به مٿس ٿيندو رهيو. سندس اها بيماري 2008ع ۾ شدت اختيار
ڪري وئي، جنهنڪري آخري وقت هيڻائي ۽ قسمپرسيءَ واري عالم ۾ گذاريائين. آخرڪار 06 ڊسمبر
2012ع تي ٽنڊي محمد خان جي هڪ خانگي اسپتال ۾، بين القوامي سطح جو هڪ سريلو الغوزي
ڌڻي ۽ الله لوڪ انسان، الله بچايو کوسو الله پاڪ کي وڃي پرتو، سندس جسد خاڪيءَ کي اباڻي
ڳوٺ ڏاڏون ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا