نظير
سمون
سرن جو
ساکي، رنگن جو رانديگر ۽ شاعريءَ جو شائق
ناصر قاضي
ڪنهن شاعر پنهنجي هيءَ خوبصورت سٽ سرجي ڏات کي ڪيڏي نه ڊگھي حيات بخشي
ڇڏي آهي ته ’ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ... ..‘ بيشڪ اها ڏات ئي آهي، جيڪا ڏيهن جي
ڏاتر طرفان عطا ٿيندي آهي. ڏات هڪ اهڙي شڪتي آهي، جيڪا ڪنهن به رنگ توڙي ڍنگ ۾ پنهنجو
پيام عام تائين پهچائيندي آئي آهي ۽ اها ئي ڏات يقيناً نصيبن واري جي ئي حصي ۾ ايندي
آهي.
ڏاتر جي جوڙيل هن سنسار ۾ ڪيترائي اهڙا ڏات ڌڻي آهن، جيڪي ڏات جي خيرات
سان پنهنجا پلئه پسار ڪري کڻندا آهن. رچنا، رنگ ۽ راڳ لطيف فن جي ٽن اهڙن احساسن جا
نالا آهن، جن ۾ قادر پنهنجيءَ ڪمالِ قدرت جا رنگ ڀري، حسن سان همڪنار ڪري ڇڏيو آهي
۽ پوءِ اهو احساس ڇو نه سازن ۽ سرن جي سنگم سان سرجندڙ ڪلا جي روپ ۾ هجي، قلم مان ڦٽندڙ
ڪوتا هجي، يا وري برشن سان بڻيل ڪو خوبصورت فن پارو هجي، سڀني جا پنڌ ۽ پيچرا جيتوڻيڪ
انوکا ۽ الڳ آهن. پر جڏهن به ڪلا، ڪوتا ۽ ڪينواس تي رنگيلا رنگ سلهاڙجي ۽ سميٽجي ڪنهن
هڪ ئي خوشنصيب جي دامن جو دان بڻبا هوندا ته پوءِ يقيناً رسالي جي رکوالي توڙي دنبوري
ڌڻيءَ ڀلاري ڀٽائيءَ جي روح مٿس راضي ٿيندي ’تنهن عشق کي شاباس‘ ضرور ڏني هوندي.
مٿي بيان ڪيل لطيف فن جي انهن ٽنهي صنفن سان نينهن نڀائيندڙ نظير سمون
به ڌرتيءَ جو اهو هاڪارو ڏات ڌڻي آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ۾ سنگيت جي سرن جو ساکي ۽ رنگن
جي رانديگر هئڻ سان گڏ شاعريءَ جو شائق پڻ آهي. سندس تعلق به سنڌ ڌرتيءَ جي ان شهر سان آهي، جنهن شهر جو دامن ازل کان ڪيترن
ئي ڏاهن ڏات ڌڻين جو اصلوڪو ديس رهيو آهي، جيڪو شهر پنهنجي قدامت جي ڪهاڻي صدين جي
سفر کان جاري رکيون پيو اچي. ان ئي شهر جي پاسي ۾ واقع سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت جو
اهڃاڻ ’مُهين جو دڙو‘ ان خطي جي قدامت جو واضح ثبوت آهي، جنهن شهر کي ڪنهن ’ساهه سيباڻو‘
سڏي ساهه ۾ سانڍيو ته ڪنهن وري ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ چئي چشمن تي چايو.
گھڻ رخي شخصيت جي مالڪ نظير سمي لاڙڪاڻي شهر ۾ پهرين اپريل 1965ع تي محمد
صالح سمي جي سحن تي اکيون کوليون. سندس والد صاحب هڪ روشن خيال ذهنيت جي مالڪ هئڻ سان
گڏوگڏ اخلاق اجار، عظيم استاد جي حيثيت ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري پيشي سان واڳيل هو. نظير
سمون نصابي تعليم جا ٻارنهن ڏاڪا اڪاري سگھيو. پاڻ ننڍپڻ ۾ جڏهن لاڙڪاڻي جي ڀرسان قنبر
شهر ۾ پنهنجي ناناڻڪي گھر ويندو هو ۽ جڏهن
اتي پنهنجن مامن استاد محرم علي ٻرڙي ۽ استاد اشرف علي ٻرڙي کي ڳائڻ وڄائڻ سان وندر
ڪندي، سازن سان سلهاڙيل ڏسندو هو، تڏهن سندس سرير جو سريلو سنگيتڪار به نڪري نروار
ٿيڻ لاءِ آتو ٿي ويندو هو. آهستي آهستي ٻالجتيءَ ۾ ئي نظير جڏهن ڪجھه سمجھه ڀريو ٿيو،
تڏهن پنهنجن مامن جي صحبت ۽ شفقت هيٺ گھڻو رهيو ۽ شروعات ۾ سندس راڳ ۾ بنيادي رهنمائي
به استاد محرم علي ٻرڙي ۽ استاد اشرف علي ٻرڙي جن ئي ڪئي، اهڙيءَ طرح نظير سمي سندن
ئي سرپرستيءَ ۽ شفقت ۾ رهي موسيقيءَ جي فن جي شروعات ڪئي.
تنهن بعد 1981ع ڌاري، جڏهن نظير سمي جي عمر سورنهن سال ٿي ۽ پاڻ جڏهن
ننڍپڻ کان جوانيءَ طرف وکون وڌائڻ شروع ڪيائين، تڏهن پنهنجي مامي استاد اشرف علي جي
توسط سان لاڙڪاڻي جي تمام سريلي ڪلاڪار ماسٽر ميهر عليءَ جي نگرانيءَ ۾ اچي رسمي طور
تي ڳانو ٻڌارئي، راڳ جي رمزن کي پروڙڻ لڳو. نظير سمي جي سکڻ جو سلسلو ايستائين محدود
نه رهيو، بلڪه پاڻ سنڌ جي ٻن سدا سريلن ڪلاڪارن خانصاحب استاد گلزار علي خان ۽ خانصاحب
استاد انور علي سانگي جن جي شفقتن ڀرئي سعيي هيٺ رهي به موسيقيءَ جا مڻيا سوريندو رهيو.
نظير سمي راڳ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارن مرحلن دؤران سنگيت ۾ طبلي جي حوالي سان لئي ڪاري
توڙي رڌم جي اهميت ۽ افاديت کي سمجھي ورتو ۽
سـُر کي صحيح نموني سان ڪتب آڻڻ لاءِ گر توڙي گنت ڪاريءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري عمل سمجھيائين، جنهن علم
کان روشناس ٿيڻ واسطي سنڌ جي نامياري طبلا نواز استاد علي حسن شيخ جي صحبت ۾ رهي طبلي
توڙي رڌم بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪيائين.
نظير سمي برقي ابلاغ (Electronic
Media) جي سفر جي شروعات تقريباً
سال 1984ع ڌاري ريڊيو جي دنيا کان ڪئي، پاڻ نامياري مزاحيه فنڪار نثار عباسيءَ جي معرفت
سان پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان خيرپور تي رسيو، جتي ناميارن پروڊيوسرن شوڪت خاصخيلي،
آغا محمد علي، ڪوثر ٻرڙي ۽ مختيار ملڪ سندس آواز جو آڊيشن وٺي کيس ڪامياب قرار ڏنو،
جنهن بعد سڀ کان اول هن ريڊيو خيرپور تي ٻارڙن جي پروگرام لاءِ ڳايو ۽ گڏوگڏ سندس آواز
۾ ريڊيو لاءِ نامياري شاعر نثار بزميءَ جو هڪ غزل پڻ ريڪارڊ ٿيو، جنهنجا ٻول هئا:
’ستم ياد آيو، جفا ياد آئي‘
سيپٽمبر 1995ع ۾ جڏهن ريڊيو لاڙڪاڻي جو بنياد عمل ۾ آيو هو ته ان وقت
پنهنجي Home Station جي ناتي، اسٽيشن جي ڪاميابيءَ
خاطر نظير سمي پڻ نا قابلِ فراموش خدمتون سرانجام ڏنيون، ان ڏس ۾ نئين اسٽيشن ۾ ريڪارڊنگ
اسٽوڊيو جي سهولت نه هئڻ سبب لاڙڪاڻي شهر ۾ پنهنجي مصوريءَ جي دڪان ’نظير پينٽرز‘ جي
اندرئين حصي کي عارضي آڊيو اسٽوڊيو طور ڪتب آڻيندي، موسيقيءَ جي ڪافي اسمن جي ريڪارڊنگ
ڪرڻ کان وٺي نئين ريڊيو يونٽ لاءِ موسيقيءَ جي شعبي سان لاڳاپيل ڪيترو ئي ڪارائتو ڪم
سرانجام ڏيڻ تائين ريڊيو جي ڪارڪنن سان گڏ نظير سمون پڻ پيش پيش رهيو. هڪ Home Artist جي ناتي سان ساڳئي ريڊيو اسٽيشن تان سندس آواز ۾
ڪيترائي موسيقيءَ جا اسم نشر ٿي چڪا آهن.
ميڊيا جو سفر ڪندي نظير سمي آڊيو ڪئسٽ جي دنيا ۾ به قدم رکيو، سندس آواز
۾ سڀ کان پهريون آڊيو البم اٽڪل 1988ع ڌاري ’ لوڪ فنڪار پروڊڪشن‘ پاران ’غم ڏئي وئين
غم‘ جي عنوان سان منظرِعام تي آيو، جنهن بعد هن وقت تائين سندس آواز ۾ ويهن کان وڌيڪ
آڊيو البم جاري ٿي چڪا آهن. نظير سمي جي چهري ۽ سندس آواز کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن
ڪراچي جي اسڪرين تي سڀ کان اول 91- 1990ع ڌاري نامياري پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ
لوڪ ادب تي آڌاريل جڳ مشهور سنڌي پروگرام ’ڪچهري‘ ۾ متعارف ڪرايو، هن پروگرام نظير
سمي شرڪت ڪري سڀ کان اول لطيف سائين جو ڪلام ’جيڏيون آءُ ڪا پاڻ وهيڻي‘ ڳايو، جنهن کي حاضرين توڙي ناظرين پاران بيحد پسند ڪيو
ويو.
نظير سمي موسيقيءَ جي حوالي سان ميوزڪ ڪمپوزيشن جي شعبي ۾ به پاڻ موکيو، ان حوالي سان پاڻ 2005ع ڌاري دنيا
جي پهرئين سنڌي سيٽ لائيٽ چئنل ڪي. ٽي. اين تي ڏيڍ سال تي آڌاريل تمام محدود عرصي
۾ به موسيقار طور سگھاريون خدمتون سر انجام ڏنائين. سندس سرجيل ڌنون پاڻ ۽ سنڌ جا ٻيا
به مقبول فنڪار ڳائي چڪا آهن. ڪمپوزنگ جي حوالي سان سندس بهترين تخليقن مان تعمير حسين
جي آواز ۾ ڳايل جواد جعفريءِ جو غزل ’خوبصورت خطا ٿي رهي آ‘، ’توکي چاهيوسي زندگيءَ
وانگي‘، ’ائين دلدار منهنجي دل کي محبت جي ضرورت آ‘، ’توکي چاهيو هو بندشن هوندي‘
۽ ٻيا ڪلام قابلِ ذڪر آهن.
نظير سمي موسيقيءَ جي ميدان ۾ پوري سنڌ توڙي ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن کان
علاوه 1999ع ۾ دبئيءَ جو دؤرو پڻ ڪري چڪو آهي، جتي کيس فن جي موٽ ۾ سنڌي موسيقيءَ جي
مداحن پاران ملهائتو مان، مرتبو ۽ پيار جي پالوٽ پلئه پئي. پاڻ پنهنجو فن صرف پنهنجي
ذات تائين محدود نه رکيو اٿائين، بلڪه سرن جي سخا سان ڪيترن ئي اڃارن کي سيراب ڪيو
اٿائين، سندس لائق شاگردن ۾ غزل جي سريلي ۽ نوجوان ڪلاڪار سليم رضا ڪنڀر، قيصر علي،
مرحوم شاهنواز علي ڀٽي ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا.
موسيقيءَ سان محبت هئڻ جي ناتي شاعريءَ جي مطالعي جو شغف هر ڪلاڪار توڙي
موسيقار جي اهم وندر هوندي آهي، ان حوالي سان نظير سمي جي من ۾ به مطالعي جي مام موجود
آهي، نظير سمي پاران مطالعو ڪرڻ دؤران خاص ڪري شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، عبدالغقار
تبسم ۽ ٻين شاعرن جي شاعري پڙهندي سندس اندر ۾ به هڪ شاعر جنم ورتو ۽ پنهنجي هارمونيم
تي هلندڙ انهن ئي آڱرين ۾ قلم کڻندي هڪ برجستي شاعر جي حيثيت ۾ به عام آڏو آيو. هونئن
ته شاعريءَ جي شاندار فيلڊ ۾ عملي طور تي پاڻ پنهنجي پياري دوست، سندس ئي شهر لاڙڪاڻي
واسيءَ، نامياري شاعر جواد جعفريءَ کان اصلاحي مشورا پڻ ڪندو رهيو، پر استاد بخاريءَ
جي شاعريءَ ۽ سندس شخصيت سان نظير سمي جي اندر جي انسيت ڪجھه سرس رهي، جيڪا روحاني
رغبت عشق جي درجي تائين پهتي، ان جي چٽي ثابتي ان ڳالهه مان ملي ٿي جو، پنهنجي اندر
جي عقيدت ۽ عشق سان استاد بخاريءَ جي سرجيل ڪيترن ئي اسمن تي شاندار ڌنون تخليق ڪري،
پنهنجي من جي موهه سان موسيقيءَ جو روپ ڏئي، پنهنجي آواز ۾ هڪ مڪمل آڊيو البم ’گيت
استاد بخاريءَ جا‘ جي سري سان، استاد بخاريءَ کي ارپي، سنڌي موسيقيءَ کي ڏنائين. نه
صرف ايترو، پر ماضيءَ ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ قائم ڪيل پنهنجي سنگيت ڪلب تي به ’استاد بخاري
سنگيت ڪلب‘ جو صدرو نالو رکيائين.
نظير سمي جي شخصيت جو ٻيو اهم پهلو مصوري ۽ آرٽ پڻ آهي، جيڪو مضمون شوق
جي حد اختيار ڪري ٻالڪپڻ ۾ اسڪول وارن ڏينهن کان ئي سندس وجود ۾ پيوست رهندو آيو آهي.
نظير ان محبوب مشغلي سان به ان حد تائين عشق ڪري ڏيکاريو، جو هن وقت مصوريءَ جي ميدان
۾ سندس نالو سنڌ ته ڇا، پر ملڪي سطح جي ناميارن مصورن ۾ شمار ٿئي ٿو. مصوريءَ واري
مضمون ۾ عملي طور تي پاڻ 1986ع ۾ پنهنجي وقت جي هاڪاري آرٽسٽ امداد علي لاڙڪ جي سرپرستيءَ
۾ اچي، فائن آرٽس جي مضمون جا سبق سکڻ شروع ڪيائين، جنهن دؤران پنهنجي خاندان جي هڪ
بزرگ عظيم صاحب جي ڄاڻ سڃاڻ سان ملڪي سطح جي مڃيل هڪ مصور سليم خان وٽ لاهور طرف ڪشالو
ڪري ويو، جنهن وٽان به رنگن جي سوغات سان پنهنجي قلب جي ڪشڪول کي پر ڪري ورتائين. نظير
سمون هن وقت تائين ڪئليگرافي، پورٽريٽ، پينسل ورڪ، ڊزائين، تجريدي آرٽ سان گڏوگڏ آرٽ
جي مڙني ميڊيمز ۾ ڪامياب تجربا ڪري چڪو آهي ۽ هن وقت بين الاقومي سطح تي ڪتب ايندڙ
آرٽ جي جديد ميڊيم ڪولاج تي ڪافي ڪم ڪري رهيو آهي. نظير سمي 1990ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾
’نظير پينٽرز‘ جي نالي سان پنهنجي فن پارن تي مشتمل هڪ دوڪان جو بنياد پڻ رکيو، جيڪو
دوڪان سندس ڪاروباري ڪرت هئڻ سان گڏوگڏ يقيني طور تي سندس فن پارن جي آرٽ گئلري ۽ مصوريءَ
جي حوالي سان هڪ درسگاهه جي حيثيت پڻ رکندو هو. جتان سندس سرپرستيءَ ۾ ڪيترائي سيکڙاٽ
سکيا وٺي سوڀارا پڻ ٿيا، جن مان ڪيترن ئي نوجوانن ان دوڪان ۾ ورتل فيض کي بنياد بڻائي
سنڌ جي وڏي ۾ وڏي مادرِ علمي سنڌيونيورسٽي ڄامشوري جي فائن آرٽس واري شعبي مان امتيازي
حيثيت ماڻي، نالو پڻ ڪمايو آهي. مصوريءَ جي ٻين ميڊيمز سان گڏ پاڻ ڪارٽون جي فيلڊ
۾ به پنهنجو نالو ڳڻايو اٿائين، اشاعتي ابلاغ (Print media) جي معرڪي
تي، سال 2001 – 2000ع واري عرصي دؤران حالات حاضره جي موضوع تي سندس هٿ جا ٺاهيل ڪارٽون
روزاني شام اخبار ۾ روزاني جي بنيادن تي پابنديءَ سان ڇپجندا رهيا آهن.
نظير سمي جي لاڀائتي فن جي موٽ ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت
پڄاڻان سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي، ڊسمبر 2008ع ۾ آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي پاران شهيد
راڻيءَ جي پورٽيٽس تي مشتمل نظير جي بينظير فن پارن جي نمائش جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن
کي سنڌ توڙي ملڪي سطح جي ڏاهن توڙي مصوريءَ جي پارکن پاران ساراهيو ويو.
هڪ کلمک چهري، ملنسار ۽ جاکوڙي شخصيت جو مالڪ نظير سمون هن وقت به پنهنجي
مڙني مشغولين سان تمام احسن انداز ۾ نڀائي رهيو آهي، اسين سندس ڪلا جي ڪرت، رنگن جي
راند، شاعريءَ جي شوق جي ۽ سندس عمر درازيءَ
لاءِ دعاگو آهيون.
No comments:
راءِ ڏيندا