; سنڌي شخصيتون: مير علي شير قانع ٺٽوي

24 December, 2014

مير علي شير قانع ٺٽوي

مير علي شير” قانع“ ٺٽوي

سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ

مختيار احمد ملاح



ڪلهوڙن جي دور کي سنڌ جي علم ۽ ادب جي تاريخ جي لحاظ کان ”سونهري دور“ چيو ويندو آهي. هن دور ۾ سنڌ ۾ اهڙا نامور شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن جي شهرت، ديس پرديس عام هئي. هن ئي دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي، عربي، فارسي، هندي ۽ اردو علم ۽ ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي. سنڌ ۾ لکت جو رواج عام ٿيو ۽ باقاعدي نصاب جوڙي اسڪولن ۾ نظام تحت رائج ڪيو ويو. علم جي اڪثر شاخن تي بيشمار ڪتاب عربي، فارسي، ۽ سنڌي ۾ لکيا ويا ۽ ترجمو ٿيا. سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي شاعري جي تاريخ فارسي ۾ لکي وئي. ان سلسلي ۾ وڏو نالو عظيم مورخ علي شير قانع جو اچي ٿو، جنهن سنڌ جي تاريخ تي بيشمار ۽ لازوال ڪتاب لکي ان کي اسان تائين پهچايو.


سيد حسام الدين راشدي، سوانح ۾ هن ريت لکي ٿو: ” هن بزرگ مؤرخ جو پورو نالو غلام علي شير آهي ۽ سندس نسب جو سلسلو قاضي شڪر الله تائين پهچي ٿو، جيڪو شاھ بيگ ارغون جي دور ۾ (۹۲۷-۹۲۹هه) شيراز کان سنڌ ۾ آيو ۽ سندس نسبي سلسلو هن طرح آهي. غلام علي شير بن مير عزت الله (وفات ۱۱۶۱ھ) جن مير محمد ڪاظم بن مير محمد مقيم بن مير ظهير دوم ( وفات ۱۰۸۷ھ) بن سيد شڪر الله دوم بن ظهير الدين (اول) بن قاضي سيد شڪر الله (اول) نزل سنڌ (وفات ۹۶۶هه کان اڳ)

مير علي شير قانع ۱۷۲۷ع ۾ ڄائو، هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪهلوڙو حڪومت ڪري رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ ٺٽو علم جو مرڪز هو ۽ علمي اوج جي سلسلي ۾ قرطمه، دمشق ۽ بغداد سان ڪلهو هڻي رهيو هو. بي شمار حڪمت ۽ ڪتب خانا علم جي پانڌيئڙن جو ڪشش رکندا هئا.

شروعات کان سندس وڏن جي معاشي حالت بهتر هئي. هو خوشحال ۽ فارغ البال هئا. اهڙي ماحول ۾ سندس تعليم ۽ تربيت ٿي. هن پنهنجي تحصيل علم جو تفصيل سان بيان نه ڪيو آهي. البته ڪٿي ڪٿي پنهنجي چند استادن جو احوال ڏنو اٿس، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ابتدائي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي. آخوند ابوالحسن کان بي تڪلف ٺٽوي کان فارسي پڙهيو، ۽ مير حيدر الرحمان ابو تراب ڪامل کان شعر ۽ سخن جي تعليم حاصل ڪيائين.“

مير علي شير قانع ننڍپڻ کان علم ۽ادب سان چاهه رکندڙ هو، روايتن ۾ اچي ٿو ٻارهن سالن جي عمر ۾ (۱۷۵۹ع) شاعريءَ ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ ۸ هزار شعرن تي مبني هڪ ديوان تيار ڪيائين، جيڪو بعد ۾ اڻ ڄاتل سببن جي ڪري سنڌو درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيائين.“

ڪلهوڙن جي زماني ۾ميان غلام شاھ سندس صلاحيتون پر کي، کيس پنهنجي خاندان جي تورايخ لکڻ لاءِ پاڻ وٽ خدا آباد گهرايو، مير صاحب جو تقرر تواريخ نوسيءَ جي عهدي تي سنه ۱۱۲۵هه مطابق سنه ۱۷۲۱ع ۾ ٿيو. هن فردوسيءَ جي ”شاھ نامي“ جي طرز تي فارسي نثر ۾ ڪلهوڙن جي تواريخ متعلق لکڻ شروع ڪيو، پر معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب ٿوري وقت کان پوءِ نٽي موٽي آيو ۽ هيءُ ٻئي ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهيو. افسوس جو اهي ڪتاب لکجي نه سگهيا ورنه سنڌ جي تواريخ جو هڪ اهم ماخذ اڄ اسان جي آڏو هجي ها. ميان غلام شاھ جي درٻار کان موٽي اچي مير صاحب سنه ۱۱۸۰هه مطابق سنه ۱۷۶۶ع ۾ ”تحفته الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو. ان ۾ڪلهوڙن جو ذڪر مختصر نموني ۾ ڪيو اٿس ۽ ڄاڻايو اٿس ته ڪلهوڙن جي تواريخ بابت هو جدا ڪتاب لکندو، پر معلوم ٿئي ٿو ته هو اهو ڪتاب لکي نه سگهيو.“

مير صاحب خدا آباد جي سفر کانسواءِ سنه ۱۱۶۰ع مطابق سنه ۱۷۴۷ع ۾ ”سورت“ ويو، جتي مير سعد الله سورتي ۽ ان جي فرزند مير عبدالوالي”عزلت“ سان سندس ملاقات ٿي، ”تحفته الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سورت ۾ رهندو هو. انکانسواءِ واٽ تي ٻين به ڪيترن عالمن ۽ شاعرن سان سندس ملاقات ٿي، سورت بندر کان موٽڻ وقت ”مفلس“ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ ساڻس همسفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلندر لال شهباز جي زيارت لاءِ اچي رهيو هو. انهيءَ سفر کانسواءِ مير صاحب ٻيو ڪيڏانهن به نه نڪتو، بلڪه سموريون مشغوليون ختم ڪري تصنيف ۽ تاليف جي ڪم رڌل رهيو. لکڻ سان گڏ کيس مطالعيءَ جو به تمام گهڻو شوق هو. ان زماني ۾ ٺٽي ۾ تمام وڏا ڪتب خانا هئا. جن ۾ دنيا جا سمورا مشهور ڪتاب موجود هئا. خود مير صاحب وٽ به پنهنجو وڏو علمي ذخيرو هو. مير صاحب نه فقط پنهنجي علمي ڪتب خاني جا سمورا ڪتاب پڙهيا، پر ٻين عالمن جي ڪتب خانن مان به مستفيض ٿيندو رهيو.

مير علي شير” قانع“ فارسي نثر توڙي نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ تاليف ڪيا. هو مؤرخ ۽ عالم کان علاوه فارسيءَ جو اعليٰ شاعر پڻ هو. ڪلهوڙن جو پورو دور ۽ ٽالپرن جو شروعاتي دور اکين سان ڏٺائين. سڄي عمر لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريائين. آخري عمر ۾ بيمار رهڻ لڳو، پر ان حالت ۾ به ڪتاب لکندو رهيو. مير فتح علي جي دور ۾ هن ۱۷۸۸ع ۾ وفات ڪئي. هن جي تدفين مڪلي ۾ ٿي. سيد حسام الدين راشدي جي لفظن ۾ ”مير علي نقشبندي طريقت جو طالب ۽ شيخ عبدالاحد جو موجود هو. هن خاندان جا ٻيا افراد به نقشبندي سلسلي جا مريد هئا.هن ۶۳ سالن جي عمر ۾ سن ۱۲۰۳هه ۾ وفات ڪئي ۽ پڇاڙيءَ تائين تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رهيو .

مير علي قانع ڪيترا ڪتاب لکيا، جن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. الڳ الڳ حوالن ۾ سندس هي ڪتاب آيا آهن.

ديوان علي ۱۱۵۲هه/۱۷۳۹ع ، (۲) مثنوي سمرار قدرت حق ۱۱۶۵هه/۱۷۵۱ع(۳) مثنوي قضا و قدر ۱۱۶۷هه /۱۷۵۳ع، (۴)نو آئين خيالات ۱۱۶۹هه/۱۷۵۵ع(۵) مثنوي قصه ڪامروپ ۱۱۶۹هه / ۱۷۵۵ع ، (۶) ديوان قال غم ۱۱۷۱هه/۱۷۵۷ع، (۷) ساقي نامه ۱۱۷۴هه/۱۷۶۰ع، (۸) واقعات حضرت شاھ منظوم ۱۱۷۴هه/۱۷۶۰ (۹) چهار منزله منظوم ۱۱۷۴هه/۱۷۶۰ع، (۱۰) ترويج نامه حسن و عشق ۱۱۷۴هه/۱۷۶۰ع، (۱۱) اشعار متفرقه در صايع و تاريخ ۱۱۷۴هه/۱۷۶۰ع، (۱۲) مڪلي نامه عباسيه ”بوستان بهادر“ ۱۱۷۴هه/۱۷۶۱ع، (۱۳) مقالات الشعراءِ ۱۱۷۴هه/۱۷۶۰ع (۱۴) تاريخ عباسيه (نثر) نامڪمل ۱۱۷۵هه/۱۷۶۱ع(۱۵) تاريخ عباسيه منظوم ۱۱۷۵هه/۱۷۶۱ع (۱۶) تحفته الڪرام (۳ جلد) ۱۱۸۱هه/۱۷۶۷ع (۱۷) اعلان غم ۱۱۹۲هه/۱۷۷۸ع (۱۸)ريده المناقب ۱۱۹۲هه/۱۷۷۸ع، (۱۹) مختارنامه ۱۱۹۴هه /۱۷۸۰ع (۲۰) نصاب لبلغاءِ ۱۱۹۸هه/۱۷۸۳ع، (۲۱) مثنوي ختم السلوڪ ۱۱۸۷هه/۱۷۷۳ع (۲۲) طومار سلاسل گزيده ۱۲۰۲هه/۱۷۸۷، (۲۳) شجره اطهر اهلبيت ۱۲۰۲هه/۱۷۸۷ع، (۲۴) معيار سالڪان طريقت ۱۲۰۲هه/۱۷۸۷ع، ان کانسواءِ قانع جي هنن تصنيفن جي سنن جي ڄاڻ ناهي، (۱) انساني قانع، (۲) تهذيب طباع (۳) حيدقه البلغاءِ، (۴) ديوان اشعار، (۵) رساله معمامع شرح (نثر) (نظم)، (۶) روضه الانبياءِ منظوم، (۷) زينت الاخلاق منظلوم (۸) سرفراز نامه (۹) غوثيه منظوم، (۱۰) قصاب نامه مثنوي (۱۱) قصائدو و منقبت (۱۲) ڪان جواهر مثنوي (۱۳) لب تاريخ کلهوڙه، (۱۴) محبت نامه مثنوي (۱۵) محڪ الشعراءِ (بياض)، (۱۶) ميزان الفڪار، (۱۷) ميزان فارسي ۱۱۹۹هه/۱۷۸۴ع

مير علي هڪ سنڌ شناس مؤرخ هو. هن سنڌ تاريخ، علم۽ ادب بابت انتهائي معلوماتي ۽ تحقيقي ڪتاب لکيا. جن مان اهم ڪتاب جو مختصر جائزو هيٺ وڃي ٿو.

(۱) مقالات الشعراٰءِ

”هن ڪتاب جي تاليف جو زمانو ۱۱۶۹هه (۱۷۶۰ع) کان ۱۱۷۴هه (۱۷۶۳ع) تائين آهي. انهيءَ تذڪري ۾ مير علي شير قانع گذريل پنج سئو سالن جي انهن فارسي شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي سنڌي هئا يا سنڌ ۾ رهيا هئا. هن انهن شاعرن جي ڪلام تي سڌو سنئون رايو ڪو نه ڏنو آهي، پر شاعرن جي شخصيت سان گڏوگڏ سندن شاعراڻي صلاحيت يا ڪنهن ٻي خوبي جو ذڪر اهڙي ريت ڪري ٿو جو ان جي ڪلام بابت به ٿوري گهڻي ڄاڻ ملي ٿي پوي. مثلن شاعر عطارو لاءِ لکي ٿو.

عطادو هڪ لطيف طبع نوجوان شخص، جنهن جي فڪر ۾ تازگي ۽ لذت آهي (ترجمو)

هڪ ٻئي شاعر نبي شاھ جي باري ۾ لکي ٿو.

قصيدو، غزل، رباعي ۽ مثنوي پارسي زبان ۾ چوندو هو، اغلاق جي ڪري پنهنجي بيتن جي معنيٰ پاڻ نه سمجهندوهو ۽ ٻين کان پڇندو هو، جيڪي سمجهي سگهندا هئا“ (ترجمو)

سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو هيءُ پهريون تذڪرو آهي. ان کان اڳ ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن جو ڪو به تذڪرو نه لکيو ويو هو. هي تذڪرو پير حسام الدين راشدي ايڊٽ ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو.

طومار السلاسل گزيده“ ۾ سنڌ جي بزرگن جي طريقت ۽ بيعت جو سلسلو بيان ڪيو ويو آهي ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ سنڌ جي بزرگن ۽ صوفياءِ ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو ويو آهي.

۳.”مڪلي نامه“ مڪليءَ جي نظارن، مقبرن، ميلن، ۽ ٺٽي جي رنگن جو ذڪر نظم مقفع نثر ۾ ڪيو ويو آهي. هيءَ ڪتاب به محترم پير حسان الدين شاھ راشديءَ ايڊيٽ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل بزرگن، عالمن فاضلن، حڪمرانن، ماڳن ۽ مڪانن جا جيڪي نالا آيا آهن، انهن تي حسام الدين راشديءَ مفصل حاشيا لکيا آهن. انهيءَ لحاظ کان ”حواشي مڪلي نامه“ سنڌ جي تواريخ جي سلسلي ۾ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿي. (اصل ڪتاب ۹۶ صفن تي منبي هو)

۴. تاريخ عباسيه (۱۱۷۵)

ڪلهوڙن جي حڪمران ميان غلام شاھ، مير علي شير ”قانع“ کي ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. مير صاحب ٻن جلدن ۾ هيءَ تاريخ لکڻ شروع ڪئي هئي. هڪ جلد نظم ۾ هو ۽ ٻيو نثر ۾ مير علي شير تمام گهڻو حصو لکي چڪو هو. پوءِ اڻ ڄاتل سببن جي ڪري، هو ٺٽي واپس هليو آيو ۽ ڪتاب پورا ڪري نه سگهيو. مختلف حوالن ۾ اچي ٿو ته سندس ذاتي ڪتب خاني ۾ ٻنهي ڪتابن جا نسخا موجود هئا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”افسوس آهي جو هنن ٻنهي ڪتابن جا نسخا تلف ٿي ويا ورنه انهيءَ دور جي تاريخ تي آهي ٻئي تاريخون مستند ماخذ طورڪم ڏين ها.

(۵) تحفته الڪرام:

مقالات الشعراء کان پوءِ مير علي شير هي عظيم ڪم ڪيو. مير صاحب تحفته الڪرام ڪتاب ۱۱۸۱هه/۱۷۶۷ع ۾ ٽن جلدن ۾ ورهايو. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي جلد ٽئي ۾ اچي ٿو ته حيقيت ۾ مير علي شير تحفته الڪرام لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي. جيڪڏهن هي ڪتاب نه هجي ها ته اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. تحفته الڪرام جي ٽن جلدن مان پهريون ۽ ٻيو جلد برصغير جي تاريخ بابت آهي ۽ ٽيون جلد سنڌ لاءِ مخصوص آهي. ٽنهي جلدن ۾ نه فقط بادشاهن جو ذڪر آهي. بلڪه انهن جي ڳوٺن، شهرن، جبلن، جهنگن ۽ ماڳن جو ذڪر به آهي. ان سان گڏ درويشن، مجدوبن، صوفين، خوشنوسين، شاعرن، سيدن، قاضين، شيخن، عالمن ۽ فاضلن جو به ذڪر موجود آهي.“ هن ڪتاب جا انگريزيءَ، سنڌي ۽ اردو سميت مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، هي ڪتاب فارسي ۾ ايڊٽ ڪري پير جا حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ پار ان ۱۹۵۷ع ۾ شايع ڪرايو. سنڌيءَ ۾ ان کي هدايت علي تارڪ (۱۸۹۴-۱۹۳۹ع) ترجمو ڪيو. اهم ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو، جيڪو ۱۹۷۱ ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان کي اصلاح ۽ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو.

ٽيئن جلد جي اهميت لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” ٽيون جلد حقيقت ۾ تحفته الڪرام“ جو نهايت قيمتي آهي ۽ سنڌ جي تاريخ تي گويا، انسائيڪلوپيڊيا“ جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جلد ۾ ابتدا ۾ سنڌ جي تاريخ شروع کان ڪلهوڙن جي زماني تائين بيان ڪئي وئي آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جي شهرن جو احوال ۽ ان ۾ رهندڙ مشاهيرن جو تذڪرو آهي. آخر ۾ ٺٽي ۽ ان جي مشاهيرن جو مفصل ذڪرآهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته

”تحفته الڪرام“ جلد ٽئين جا وري ٽي ڀاڱا آهن پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌ جي سياسي تواريخ مختصر طور بيان ڪئي وئي آهي هن ڀاڱي لکڻ وقت مير صاحب آڏو هي ماخذ هئا، پهريون ”فتح نامه“ ٻيو، ”منتخب التواريخ“ ٽيون. ”تواريخ معصومي“، چوٿون ”بيگلار نامه“ ۽ پنجون تواريخ طاهري“ هنن ڪتابن مان سواءِ مختلف التواريخ، جي ٻيا سمورا ڪتاب ڇپجي منظر عام تي آيا آهن، پر افسوس جو اڃا تائين ”منتخب التواريخ“ ڏانهن ڪنهن جي به ڌيان نه ويو آهي. ”منتخب التواريخ“ سنڌ، جي هڪ فاضل مؤرخ محمد يوسف جي لکيل آهي. مير معصوم هن ڪتاب تان وڏي مدد ورتي آهي.

ترخان گهراڻي جو احوال لکندي به هن ڪتاب تان مدد ورتي اٿس، شروع ۾ حوالي طور مير طاهر محمد جو نالو به کنيو اٿس. ڪن هنڌن تي جيڪڏهن انهن ٻنهي ڪتابن ۾ غلطي محسوس ڪئي اٿس ته انهن ٻنهي ڪتابن جا نالا کڻي تنقيد به ڪئي اٿس. ترخاني امير، مير ابوالقاسم سلطان جو احوال لکندي ڄاڻايو اٿس ته ”منتخب التواريخ“ ۽ ”تواريخ طاهري“ واري غلطيءَ وچان ”چنيسر نامه“ مير ابوالقاسم سلطان جي تصنيف ڄاڻايل آهي. حالانڪه اهو ڪتاب اداراڪي بيگلار جو منظوم ڪيل آهي ۽ مير ابو القاسم سلطان ڏانهن منسوب ڪيل آهي. سندس چوڻ آهي ته هن ”چنيسر نامه“ پاڻ ڏسي تصديق ڪئي ته اهو ڪتاب مير ابوالقاسم سلطان جو لکيل نه هو، پر ان ڏانهن منسوب ڪيل هو.

ان مان معلوم ٿيندو ته مير علي شير قانع تحقيق ۽ تدقيق، جستجو ۽ جدوجهد کان ڪم ورتو آهي. هن روايتن کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪيو آهي، پر انهن کي پنهنجي وس آهر روايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئس اٿس. اهو ئي سبب آهي جو مير صاحب جي بيان ڪيل سنڌ جي سياسي تواريخ جتوڻيڪ مختصر آهي، پر انجي باوجود جامع آهي ۽ گهڻي قدر غلطين کان پاڪ آهي. المختصر ته سنڌ جي تواريخ تي هيءُ ڪتاب اهم بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. خاص طرح سان ڪلهوڙن جي دور تي سندس معلومات نهايت قيمتي ۽ مستند ماخذ جي حيثيت رکي ٿي.

”تحفته الڪرام“ جي ٽئين ڀاڱي جو ٻيو حصو نهايت ئي قيمتي آهي. هن ۾ سنڌ جي مکيه شهرن ۽ انهن جي مشهور ماڻهن جو احوال آيل آهي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“ جو اهم ۽ بنيادي ماخذ تحفته اڪرام جو هيءُ ڀاڱو آهي. مير صاحب جيڪڏهن هيءَ خدمت سرانجام نه ڏئي ها ته اسان کي سنڌ جي مکيه شهرن جي تواريخ ۽ سنڌ جي مشاهيرن جي احوال متعلق معلومات ملي نه سگهي ها. هن ئي ڀاڱي ۾ پهريون ڀيرو شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو احوال، جي سلسلي ۾ قديم ترين ماخذ ” تحفته الڪرام“ ليکيو وڃي ٿو.

سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن جي احوال جي سلسلي ۾ هن ڪتاب کي انسائيڪلو پيڊيا جي حيثيت حاصل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ تي لکندڙ مورخ جڏهن به ڪجهه لکي ٿو. تڏهن هن ڪتاب جو لازمي طور مطالعو ڪري ٿو. عالمن ۽ فاضلن جي احوال سان گڏ سنڌي زبان جي ڪيترن ئي شاعرن جو احوال به هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. جي گمناميءَ جي گوشي ۾ لڪي ويا هئا ۽ انهن جو ڪو به شعر محفوظ رهي نه سگهيو آهي، جهڙوڪ، شيخ حماد جمالي، نوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر، راڄو ستيو دل، درس علاؤ الدين، سيد هارون، يوسف سهڻو وغيره. مطلب ته مير علي شير جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون بي انتها آهن. سندس خاندان جا ٻيا ڪي فرد به علم ۽ ادب جي فن سان وابسته هئا. هن خود اسان تي وڏو احساس ڪيو آهي، جو سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، علم ۽ ادب، شاعري، مشاهير ڳوٺ، شهرن بابت قيمتي مواد قلمبند ڪري اسان تائين پهچايو.


 

مير علي شير قانع

سنڌ جو هاڪارو تاريخ نويس

طارق عزيز شيخ

سنڌ جو ناميارو تاريخدان، جنهن نهايت قيمتي مواد سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو اهو مير علي شير قانع هو. هو ۱۷۲۷ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ سيد عزت الله شيرازيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي سندس قدر ڪيو ۽ هن کي جوهريءَ جيان ڳولي پنهنجي درٻار ۾ کڻي آيو. قانع صاحب نهايت خوش باش خاندان جو فرد هو ۽ پڙهڻ لکڻ جو ڪوڏيو هو، ٺٽو شهر جيڪو علم ۽ ادب جو مرڪز هوندو هو، ايجوڪيشن انڊسٽري جو درجو رکندڙ هو، قانع صاحب انهيءَ شهر جي وڏن مدرسن مان تعليم پرائي، فارسي ٻوليءَ جو مشهور شاعر آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ۽ آخوند محمد شفيع جهڙا عالم سندس استاد رهيا.

قانع صاحب کي غلام شاهه ڪلهوڙي ”تاريخ نويس“ جي عهدي تي مقرر ڪري پاڻ سان گڏ رکندو هو. ڪلهوڙن جي خاندان تي پڻ قانع صاحب کان تاريخ لکرائي. هو نهايت ڄاڻو، وسيع مطالعي وارو عربي، فارسيءَ، ترڪي ٻولين تي عبور رکندڙ هو، اهو ئي سبب آهي جو هن مختلف ملڪن ۽ ٻولين جي تاريخ مان سنڌ سان لاڳاپيل مواد کي سنڌيءَ جو ويس پهرايو ۽ تاريخ ۾ واڌارو ڪيو. هن ڪلهوڙن جي تاريخ فارسيءَ ۾ لکي اڃا پوري به ڪو نه ڪئي هئي ته سندس زندگي وفا ڪو نه ڪئي. علي شير قانع کي ” مير“ جو لقب به غلام شاهه ڪلهوڙي ڏنو.

هن جيڪو سنڌي ادب تي احسان ڪيو سو ”تحفه الڪرام“، ”مڪلي نامه“ ۽ ”مقالات الشعرا“ جي صورت ۾موجود آهي. قانع صاحب سنڌ جي تاريخ سان تمام گهڻو شوق رکندو هو. جڏهن به ۽ جيڪا به ڳالهه سنڌ جي تاريخ بابت پڙهندو يا ذڪر ٻڌندو هو ته پاڻ وٽ قلمبند ڪري ڇڏيندو هو. سندس علمي ادبي محفلن ۾ شرڪت گهٽ رهندي هئي بلڪه اهو وقت هو مطالعي کي ڏيندو هو.

قانع صاحب سياحت کان پاسو ڪندو هو بلڪه ڪتب خانن جي سياحت جو شوق رکندو هو. ٺٽي ۾ ڪثرت سان لائبريبريون هونديون هيون، ڪٿي ساڍا چار سئو ٻڌايل آهن ته ڪٿي ساڍا پنج سئو پر اها وڏي ڳالهه آهي جو ايتري وڏي انگ ۾ ڪتب خانا هڪڙي ئي شهر ۾ موجود هوندا هئا ۽ انهن جا قاري به نه فقط مقامي پر ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ ڪابل، ايران، مشهد، بغداد ۽ مديني جا عالم فاضل ۽ شاگرد هوندا هئا. مير علي شير قانع به عام طور تي ڪتب خانن ۾ ويندو هو. هن وٽ پنهنجي گهر ۾ به ذاتي ڪتب خانو پڻ هوندو هو جنهن ۾ ڪتابن جو وڏو انگ هوندو هو.

سنڌ جو هي تاريخدان شاعر به هو. هن ادبي دنيا ۾ پير به هڪ شاعر جي حيثيت سان پاتو هو. جڏهن طالب علم هو تڏهن پنهنجن استادن خاص طورتي آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ کان متاثر ٿي ٻاراڻي وهيءَ ۾ هن شعر لکڻ شروع ڪيا جيڪي اٺ هزار کن بڻجي ويا ۽ هڪ ديوان جڙي ويو پر ڪچائي ڦڪائي جي لڄ سبب اهو ديوان هن ضايع ڪري ڇڏيو. هن شاعريءَ ۾ ”مظهري“ تخلص رکيو هو ۽ ٺٽي جي مشهور شاعر مير حيدر علي ڪمال کي پنهنجو استاد قبوليو هئائين. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽيهه هزار شعر لکيا جن مان گهڻو انگ ضايع ٿي ويو ۽ باقي اڻ ڇپيل مواد ڪنهن وٽ هليو ويو يا چوري ڪيو ويو يا قانع صاحب جا شعر ڪنهن شعر پنهنجي نالي ۾ ڪري ڇڏيا اهو پتو ڪو نه پئجي سگهيو. ”مقالات الشعرا“ ۾ پڻ اهڙو پتو پوي ٿو.

مير علي شير قانع جيڪي ڪتاب لکيا، مرتب ڪيا ۽ ترجمو ڪيا تن جو انگ ٻائيتاليهه آهي پر اهو تعداد لکت ۾ آهي، ڪتاب ناهن مليا. فقط نالا هٿ آيا آهن جيڪي هي آهن، مثنوي قصئه ڪامروپ، ديوان قال غم، ساقي نامه، چهار منزله، اشعار متفرقه، در ضايع و تواريخ، مثنوي ختم السلوڪ، قصاب نامه، غوثيه، زينت الاخلاق، ميزان افڪار، مثنوي ڪان الجواهر، ديوان اشعار، قصائد و منقبت، تحفته الڪرام، مقالات الشعراءِ، بوستان بهار، تواريخ عباسيه، طومار السلاسل گزيده، شجره اطهر اهل بيت، ۽ معيار سالڪان طريقت، مختيار نامه، اعلان غم ۽ زيدته المناقبت شامل آهن.

سنڌ جو هي تاريخدان ٺٽي جي شيرازي سيدن مان هو، جنهن جا وڏا پڻ علمي طور سڃاتا ويندا هئا. سندس والده کي ميان نور محمد ڪلهوڙو وظيفا ۽ انعام وقت سر ڏيندو رهندو هو. مير علي شير قانع ۽ غلام شاهه ڪلهوڙو انهيءَ تعلق کي ڳنڍ ڏئي اڳتي وڌيا. قانع صاحب جي ڪڪرالي ۾ پنهنجي زمين ۽ وڏي جاگير هئي جتي هو سڪون سان علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪندو هو. ”تحفته الڪرام“ به هن اتي ئي لکي پورو ڪيو هو.

مير علي شير قانع ۱۷۸۸ع ۾ ۶۴ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ٺٽي ۾ آهي. سنڌ جو هيءُ عظيم مورخ پنهنجي محنت ۽ محبت سان آخري وقت تائين ڪم ڪندو رهيو. سنڌي ادبي بورڊ مير علي شير قانع جا ڪتاب شايع ڪيا جن جو درستگيون ناليواري عالم سيد حسام الدين راشدي ڪيون. هڪ ڪتاب جو خاص نسخو جيڪو علي شير قانع جو هٿ اکر لکيل آهي سو لاهور ۾ مولوي محمد شفيع جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي.

میر علی شیر قانع

مورخ ، شاعر اور تذکرہ نگار

 

میر علی شیر نام اور تخلص “ قانع “ تھا ۔ اپ ۱۷۲۸ ه بطابق ۱۱۴۰ ھہ مین سندھ کے ضلع ٹھٹہ مین سید عزت اللہ شیرازی کے گھر پیدا ھوے ۔ میر سید علی شیر قانع نسلی سندھی اور زبان فارسی تھی ۔ اپ کے باپ دادا مرزا شاہ بیگ ارغون کی حکمرانی مین افغانستان کے صوبے ہرات سے قندھار اور پھر سندھ آ کر آباد ھوے ۔

میر سید علی شاہ قانع نے دینوی علوم میان نعمت اللہ اور میان محمد صادق جو اپنے دور کے مشہور عالم تھے سے حاصل کی ۔ اس کے علاوہ اپ نے اخوند محمد شفیع ( متوفی ۱۱۵۶ ھہ ) سے بھی تعلیم حاصل کی ۔ جب مولوی مرزا جعفر شیرازی سیر و تفریح کے لیے ٹھٹہ تشریف لات تو میر سید علی شیر قانع نے کچھ علم ان سے بھی سیکھا ۔ فارسی تعلیم کے لیے اخوند ابوالحسن سے مدد لی ۔

میر سید علی شیر قانع اپنا زیادہ تر وقت تصنیف و تالیف لکھنے مین گزرا ۔ کچھ وقت کے لیے ھندوستاں کے شہر سورت اور جام نگر اور بھوج تشریف لے گے ۔ سورت مین اپ کی ملاقات اس وقت کے جلیل القدر بزرگ سید سعد اللہ شاہ سلونی قادری سے ہوئی۔ یہان اپ کی ملاقات ایک اور عالم دین شخ محمد اعظم ٹھٹوی سے بھی ہوئی۔ جام نگر عرف اسلام آباد کے دورے کے دوران ایک بزرگ محمد عاقل “البہ” جوناگھڑی سے ہوئی ۔ میر سید شکراللہ شیرازی ۹۲۷ ھہ مین ٹھٹہ تشریف لاے۔ شاہ بیگ ارغون نے میر صاحب کے لیے وظیفہ مقرر کیا ۔ شہنشاہ جھانگیر نے بھی کو دو سو خرار ( چوبیس من کے برابر) دھان سالانہ وظیفہ مقرر کیا ۔ میان نور محمد کلوڑو کے فرمان کے مطابق میر صاحب کے والد سید عزت اللہ شیرازی کو جگت پور اور آس پاس کئ گاون ان کو تحفے مین دیے ۔ اسی تالپوروں نے بھی اپنے دور حکومت مین شیرازی خاندان کو بہت نوازا ۔

میر سید علی شیر قانع نے بارہ سال کی عمر مین شعر و شاعری شروع کی ۔ اس دوران اٹھ ھزار اشعار ہر مشتمل دیوان مکمل کیا۔ لیکن نامعلوم وجوہات کی بناه پر یہ دیوان دریا برد کر دیا ۔ دو سال بعد یعنی ۱۱۵۵ھہ مین کی استاد میر حیدر ابو تراب ملاقات ہوئی۔ جن کے زیر سایہ دوبارہ شاعری کی طرف متوجہ ھوے ۔

میر سید علی شیر قانع کو مطالعہ کا بہت شوق تھا ۔ ٹھٹہ صدیوں سے علم کا مرکز رھا ھے ۔ میر صاحب اس مقصد کے لیے اس وقت کے بلند پایہ عالم مخدوم محمد ہاشم ٹھٹوی، ، مخدوم محمد معین ٹھٹوی ، مخدوم ضیاه الدین ٹھٹوی ، میان نعمت اللہ ۔ میان محمد صادق ، اخوند محمد شفیع ، اخوند ابوالحسن، غلام علی “ مداح” ٹھٹوی ، میر ابو تراب “کامل” سے دسترس حاصل کی ۔

یہ کہنا بلکل غلط ھے کہ سندھ مین اسلام محمد بن قاسم کے بعد پھیلا ۔ بلکہ اسلام تو حضور اکرم صلی اللہ علیہ وسلم کے زمانے مین سندھ مین آ چکا تھا ۔

میر سید علی شیر کی تصانیف مین مشہور تحفہ آل کرام بہت مقبول تصنیف ھے ۔ اس کے علاوہ دیگر تصانیف درج ذیل ھین۔

۱۔ مشنوی شمزہ از قدر ( ۱۱۶۵ ھ)

۲۔ مشنوی قضا و قدر ( ۱۱۶۷ ھ)

۳۔ نو آئین خیالات ( ۱۱۶۹ ھ )

۴۔ مشنوی قصہ کام روپ ( ۱۱۶۹ ھ )

۵۔ دیوان قال غم ( ۱۱۷۱ ھ )

۶۔ ساقی نامہ ( ۱۱۷۴ ھ)

۷۔ واقعات حضرت شاہ ( ۱۱۷۴ھ)

۸۔ چہار منزلہ ( ۱۱۷۴ ھ )

۹۔ ترویج نامہ حسن و عشق ( ۱۱۷۴ھ)

۱۰۔ اشعار متفرقہ در صنایع و تریج ( ۱۱۷۴ھ)

۱۱۔ مقالات آل شاعر (۱۱۷۴ھ)

۱۲۔ تریخ عباسیہ ( ۱۱۷۵ ھ)

۱۳۔ تحفتہ الحرام ( ۱۱۸۱ ھ )

۱۴۔ اعلان غم ( ۱۱۹۲ ھ)

۱۵۔ زبدتہ المناقب ( ۱۱۹۲ھ )

۱۶۔ مختار نامہ ( ۱۱۹۴ھ)

۱۷۔ نصاب البلغا ( ۱۱۹۸ھ )

۱۸۔ مشنوی ختم آل سلوک ( ۱۱۹۸ھ)

۱۹۔ طومار سلاسل گزیدہ ( ۱۲۰۲ھ )

۲۰۔ شجرہ اطہر اہل بیت۔ ( ۱۲۰۲ ھ )

۲۱۔ معیار سالکان طریقت (۱۲۰۲ ھ )

۲۲۔ بیاض محک آلشاعر

۲۳۔ ان اے قانع

جیسی کئ دیوان مرتب کیے ۔

ھم یہ کہہ سکتے ھین میر سید علی شیر قانع ایک جلیل قدر مصنف ، مورخ اور شاعر تھے جنھوں نے سندھ کے ھر طبقہ کی ترجمانی کی اور ان کے مسائل واضح کیے ۔

No comments:

راءِ ڏيندا