مير علي شير” قانع“ ٺٽوي
سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ
مختيار احمد ملاح
ڪلهوڙن جي دور کي سنڌ جي علم ۽ ادب جي تاريخ جي لحاظ کان ”سونهري دور“
چيو ويندو آهي. هن دور ۾ سنڌ ۾ اهڙا نامور شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن جي شهرت، ديس پرديس
عام هئي. هن ئي دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي، عربي، فارسي، هندي ۽ اردو علم ۽ ادب تمام گهڻي ترقي
ڪئي. سنڌ ۾ لکت جو رواج عام ٿيو ۽ باقاعدي نصاب جوڙي اسڪولن ۾ نظام تحت رائج ڪيو ويو.
علم جي اڪثر شاخن تي بيشمار ڪتاب عربي، فارسي، ۽ سنڌي ۾ لکيا ويا ۽ ترجمو ٿيا. سنڌ
جي تاريخ ۽ سنڌي شاعري جي تاريخ فارسي ۾ لکي وئي. ان سلسلي ۾ وڏو نالو عظيم مورخ علي
شير قانع جو اچي ٿو، جنهن سنڌ جي تاريخ تي بيشمار ۽ لازوال ڪتاب لکي ان کي اسان تائين
پهچايو.