; سنڌي شخصيتون: سائين جي ايم سيد - ۳

01 May, 2021

سائين جي ايم سيد - ۳

سائين جي ايم سيد - ۳

سنڌ جي صدين جي ساڃاھ

نسيم بخاري



سنڌ اڄ پنهنجي سڀ کان وڏي سڄڻ جي سالگرھ ملهائي رهي آهي. اهو سڄڻ، جنهن سنڌ سان عاشقي ڪئي، جنهن ڌرتي ۽ ديس کي محبوب سمجهيو. اهو سڄڻ، جنهن کي دنيا سائين جي ايم سيد جي نانءُ سان سڃاڻي ٿي ۽ اهو سائين جي ايم سيد، جنهن ڪتابن سان دوستي سيکاري. ڪتابن سان سندس بيپناھ دوستي ۽ ڏينهن رات مطالعي جو ئي ڪمال آهي، جو ۵۰ کان مٿي تاريخي ۽ شاندار ڪتاب لکيا. مون کي خبر ناهي ته سندس علمي ادبي پورهئي تي گهڻيون پي ايڇ ڊي ڪيون ويون آهن، پر اهو ڏک ضرور آهي ته سنڌ جي ساڃاھ واري هن روشن چنڊ جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪو سندس شخصيت ۽ خدمتن سان پورو پورو انصاف ڪندڙ ادارو اڄ ڏينهن تائين جڙي نه سگهيو آهي. سائين جي ايم سيد، سنڌ جي صدين جي ساڃاھ هو. جيستائين پاڻ حال حيات هو ته سنڌ لاءِ هماليا پهاڙ جيڏو سهارو هو. صاف سٿري شخصيت جي مالڪ ان انسان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به سنڌيءَ لاءِ سنڌ جو دشمن ٿيڻ يا ڌرتيءَ سان غداري ڪرڻ آسان نه هو. ڪو به آسانيءَ سان وڪامجڻ جو تصور نه ڪندو هو. هن جي شاندار جدوجهد ۽ مهان هستيءَ جو ئي عمل دخل هو جو پردي پويان متحرڪ قوتون پيپلز پارٽيءَ کي گهربل مقام ڏينديون هيون. ڇو ته انهن کي سدائين اهو ڊپ رهندو هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جو لحاظ نه رکيو ويو ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي ڇانوَ هيٺ قومپرستن جو اثر وڌي ويندو.


۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ سيد محمد شاھ ڪاظميءَ جي گهر جنم وٺندڙ غلام مرتضيٰ سيد (جي ايم سيد) ابتدائي پرائمري تعليم سن مان پرائي. عربي، انگريزي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي گهر ۾ ئي پرائي، ڇو ته ان وقت ساداتن ۾ خانداني جهڳڙا هوندا هئا ۽ ان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ئي جي ايم سيد جو والد ۱۹۰۵ع ۾ قتل ٿيو هو. سن جي سيد خاندان ۾ هن ٻار کان سواءِ ٻيو ڪو به مرد موجود نه هو. ان ڪري هن جي تربيت ۾ وڏي احتياط کان ڪم ورتو ويندو هو. ۱۹۰۶ع ۾ سندس خانداني ملڪيتون برطانيا سرڪار ضبط ڪيون. سائينءَ ۱۶ ورهين جي ڄمار ۾ سياست شروع ڪئي. ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌائين، جنهن جو اڳتي هلي روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بڻيو.

سائين جي ايم سيد ۱۸ مارچ ۱۹۴۰ع کان ۷ مارچ ۱۹۴۱ع تائين سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير رهيو. سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ به سائين جي ايم سيد ئي اڪثريت سان پاس ڪرايو هو. ان ڪري سائين جي ايم سيد به پاڪستان جو باني هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قرارداد پاڪستان تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۽ سنڌ سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ سبب سائين جي ايم سيد ملڪ لاءِ پنهنجي جدوجهد تي نظرثاني ڪئي ۽ هن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ سان دوکو، ٺڳي ۽ دغابازي ڪئي وئي آهي، ان ڪري مجبور ٿي پاڻ الڳ قومي شناخت لاءِ آزاديءَ جو نعرو هنيو.

سائين جي ايم سيد پاڪستان لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ اڳيان هلي اُن خلاف ٿي بيهي ته اها ڪا ننڍڙي ۽ معمولي ڳالھ نه آهي. هڪڙو ماڻهو جنهن وڏي محنت سان پنهنجي رت ست ڏئي شاندار گهر ٺاهيو هجي، اهو گهر جيڪڏهن پنهنجي جوڙ جي مخالفت ڪري ته ڇا اها ڳالھ ڪا معمولي آهي؟ اها ڳالھ رڳو ڳالھ ناهي پر پوري پيڙا آهي ۽ درد جو داستان آهي. سيد جي ان درد کي ڪنهن نه سمجهيو، ديس جي ڪنهن به دانهن نه ٻڌي ۽ نتيجي ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جي ايم سيد مُلڪ جو سڀ کان وڏي ڄمار جيل ۾ ڪاٽيندڙ سياسي قيدي بڻجي ويو ۽ اهو ئي سبب آهي ته انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمينسٽي انٽرنيشنل ۱۹۹۵ع ۾ کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو. ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي سندس وفات به سرڪاري حراست ۾ ٿي. پاڪستان جو واحد سياسي قيدي هو جيڪو پنهنجو موقف بيان ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چوندو رهيو پر کيس عدالت ۾ ان ڪري پيش نه ڪيو ويو، ڇو ته کيس گرفتار ڪندڙ ۽ ۳۰ سال جيل توڙي گهر ۾ نظربند ڪندڙن وٽ هن خلاف ڪا پڪي شاهدي، ڪو وقتائتو ثبوت موجود نه هو ۽ انهن کي خوف هو ته سيد جيڪڏهن پنهنجي دليلن سان حقيقتون عدليا آڏو نروار ڪيون ته اهو ڪيس هڪ فرد جو نه پر پوري ديس جو هوندو، جنهن سان ڪنهن به صورت ۾ حڪمرانن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه آهي. هن جو سچ سڄي دنيا آڏو سنڌ جي نمائندگي ثابت ٿيندو ۽ پوري دنيا جڏهن ان تي ردعمل ڏيکارڻ شروع ڪندي ته سندن پير کاٽ ۾ هوندا، ان ڪري کيس عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي آهي.

جي ايم سيد کي رياست جي اهڙي نيت جي خبر هئي، ان ڪري پاڻ سنڌ جو ڪيس ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ڪتاب لکي جڳ جهان آڏو نروار ڪيو. کيس خبر هئي ته نه ٻڌو ويندو، ان ڪري هن دنيا جهان آڏو سنڌ جي سچائي ۽ پنهنجي بيگناهي ڪتاب لکي بيان ڪري ڇڏي. هن کي اها به خبر هئي ته انسان فاني آهي، ان ڪري ڇو نه اهڙو ڪم ڪجي، جيڪو جڳ جهان آڏو سچائين کي سامهون آڻي. جي ايم سيد جيڪڏهن ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ڪتاب نه لکي ها ۽ ائين فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃي ها ته سندس مخالف الائي ڇا ڇا چوندا وتن ها. ان ڳالھ جو سيد کي پورو پورو احساس هو. ان ڪري هُنن جا وات بند ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ جي قوم پرستن کي سرخرو ڪرڻ لاءِ هن قلمي پورهيو ڪيو. اهو قلمي پورهيو جيڪو اڄ به سنڌ جي ڀرپور عڪاسي آهي ۽ مستقبل ۾ ته سنڌ لاءِ لاڀائتو بڻجڻو آهي.

حقيقت اها آهي ته سنڌ قوم پرستيءَ جي حوالي سان هينئر سياسي ويڳاڻپ ۽ ٻڏتر جو شڪار آهي. هن وقت ڪا به اهڙي قوم پرست پارٽي نه آهي، جنهن کي سنڌ جي عوامي اڪثريت جي پٺڀرائي يا همدردي حاصل هجي. نه ئي وري سنڌ ۾ قوم پرست سطح جو ڪو اهڙو فورم جڙيو آهي، جنهن کان سنڌ دشمن قوتون ڏڪنديون ۽ گهٻرائينديون هجن. ان ڪري سنڌ ۾ سياسي يتيميءَ وارو تاثر تقويت وٺندو پيو وڃي. هن وقت سنڌ جي سياسي افق تي نظرياتي جدوجهد وطن لاءِ حب ۽ بي لوث خدمت جو جذبو ساڀيائن کان رٺل سپنو محسوس ٿي رهيو آهي. سياسي جدوجهد جي حوالي سان هڪ وڏو خال آهي، جيڪو اڳ يا پوءِ ڀرجڻو ضرور آهي پر اها خلا ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي ڀرجي؟ ان حوالي سان هن وقت ڪا به اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي.

سنڌ ۾ ضرورت آهي ته جهڙي شاندار شخصيت ۽ عظيم ڪردار جي مالڪ انسان جو پس منظر رهيو آهي اوتري ئي حساب سان سنڌ جي سياسي افق تي فضيلت ڀري سياسي جدوجهد کي يقيني بڻايو وڃي. اسان وٽ سياست جو نانءُ ايڏو ته خراب ڪيو ويو آهي جو ماڻهو سياست کان پاسو ڪن ٿا. سياست جي اها ساک پت سماج کي وڏو نقصان ڏئي وئي آهي. ان ڪري جيترو ان مورچي تي نقصان ٿيو آهي، اوترو ئي ان جي ازالي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. اڄ سيد جي سالگرھ جو ڏينهن آهي، اهو ڏينهن رڳو هڪ عظيم انسان جي جنم جي يادگيري نه ٿو ڏياري پر اهو به احساس ڏياري ٿو ته اسان به عظيم انسانن جيان شاندار ڪردار ادا ڪريون ته جيئن قوم ۽ سماج توڙي جڳ جهان ۾ تاريخ اسان کي ڀرپور ڀيٽا ڏئي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيّد

سنڌ جو شناختي ڪارڊ!

زبيــر سومرو

عجيب ڪيفيت وارو سوڳوار ڏهاڙ هيو. باغي صوفيءَ جو جنازو تابوت ۾ پيل هو. قران پاڪ، ڀڳوت گيتا، رامائڻ، انجيل شريف، توريت شريف ۽ گرنٿ صاحب جهڙن ڪتابن جو ورد ٿي رهيو. سنڌوءَ ڪناري سَن شهر ۾ کليل ڪتاب جي شبيهه واري سنگ مرمري مرقد ۾ هڪڙو باغي صوفي ستو پيو آهي. هُو ازل جا ٿڪ کڻي ابدي ننڊ ۾ آهي. هُن جو روح مارئي بڻجي پنهنجن مارُن لاءِ اڄ به تڙپ ۾ آهي. نئين صديءَ جي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ سان غير مشروط عشق علامت بڻجي چڪو آهي. هي سنڌ جو اهو دانشور سياستدان آهي، جنهن پنهنجي تحرين ۽ تقريرن ۾ ڪيئي ڏهاڪا اڳ، ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتها پسندي جي پيشن گوئي ڪندي خطي کي خبرادر ڪيو هو. سنڌ جو هي واحد جهونڙو هو، جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا. هُو ”سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چِٽي ٿيوي ڏاڙهي“ جي مصداق جي جيئري جاڳندي تصوير هو.

آفريڪي ڪارن کان ڪو پڇي ته اوهان جو ڌڻي سائين ڪير آهي ته جواب ۾’نيلسن منڊيلا‘ کان سواءِ ٻيو ڪو به نالو نه کڻندا. هندستان جو باپو ’گانڌي جي‘ ئي سگهي ٿو. جديد ملائيشيا جو اڏيندڙ ’مهاتير محمد‘ کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو. نئون چين جي اڏاوت ’مائوزي تنگ‘ ئي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا کي عظيم بنائيندڙ ’جارج واشنگٽن‘ کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح جديد سنڌ جو روح روان جي ايم سيّد ئي ٿي سگهي ٿو. پنجاب ڏيڍ ٻن صدين کان پوءِ اڄ اگر راجا رنجيت سنگهه کي پنهنجو قومي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي ۽ بادشاهي مسجد ۾ رنجيت سنگهه جو اسڪلپچر جو سرڪاري اعزاز سان افتتاح ڪيو پيو وڃي. رنجيت سنگهه بابت اڄ سوا صديءَ کان پوءِ پنجابي قوم کي نيٺ احساس ٿيو آهي ته انهن جو قومي هيرو محمود غزنوي، احمد شاهه ابدالي يا قطب الدين ايبڪ نه بلڪه رنجيت سنگهه آهي. حالانڪه رنجيت سنگهه پڻ هڪڙو حمله آور هيو، جيڪو بي گناهه رياستن جي غريب ۽ اٻوجهه عوام تي ڪاهون ڪندو هو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به اهو بحث ٻيهر ڇڙي پيو آهي ته جي ايم سيّد پنهنجي قوم آڏو راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪرڻ غلط نه هو. سائين جي ايم سيّد جڏهن پهريون ڀيرو راجا ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو لکيو ته مذهبي ڌرين ۾ ممڻ مچي ويو. سائينءَ دليل ڏنو ته راءِ سهاسي گھراڻي جو ولي عهد راجا ڏاهر، جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي حمله آورن هٿان مارجي ويو. ڏاهر ان دؤر جي آزاد رياست جو اُهو هيڊ آف اسٽيٽ هيو، جنهن پنهنجي سنڌ جي سموري معلوم تاريخ جي سنڌي بادشاهن جي امن کي قائم رکڻ واري اصولي پرمپرا جي پاسداري ڪندي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۽ قوم تي ڪاهه نه ڪئي. هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ ۾ وڙهيو. سائين جي ايم سيّد کان اڳ سنڌين کي پنهنجن قومي هيرن جي تميز ڪٿي هئي؟

سائين جي ايم سيّد سنڌ جي تاريخ جو اهو غير معمولي شخصيت آهي، جنهن سنڌ واسين کي جديد سنڌ جو بنياد وجهي ڏنو. انهيءَ غير معمولي بنياد تي عمارت جُڙڻ جا مرحلا اڃا گھڻو پري آهي، پر جديد سنڌ جو تصور ايڏو ته مظبوط، منظم، مهذب ۽ ايڏو ته حسين آهي، جو ان جو خيال اچڻ سان ئي دل ۾ هڪ خوبصورت احساس ٿو اڀري ته اُهي سنڌ ديس جا الائي ڪهڙا باشندا هوندا جيڪا سيّد واري گھڙيل آجي ۽ سُکي ستابي سنڌ جا شهري هوندا.

سائين جي ايم سيّد جي آفاقي نظريئي کي ڪا به طاقت، ڪنهن به دؤر ۾ روڪي نه سگهي. هر دؤر جي حڪمران پنهنجي پنهنجي وسَ، وِتُ ۽ ظرف آهر، ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ريت سيّد جي فڪر کي ميسارجي، پر ڪوبه حاڪم ڪامياب ٿي نه سگهيو. سيّد جي سياسي ساٿيءَ جناح صاحب، سيّد کي قيد رکي ڪراچيءَ کي اسلام آباد جي حوالي ڪيو. هندستان جي ڪرنال شهر کان هجرت ڪري آيل پاڻ کي نواب سڏائيندڙ لياقت عليءَ، سيّد کي قيد ڪري يُو پي سي پي جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. شهيد الله بخش سومري جي قتل الزام ۾ جيل ڪاٽيندڙ ايُوب کهڙي، سيّد کي قيد ڪري سنڌ ۾ پنجابي پٺاڻ آباد ڪرايا. آمريت جي آقا جنرل ايوب، سيّد کي قيد ڪري ون يونٽ جي قهر کي قائم رکيو. شيخ مجيب جهڙي عوامي ليڊر سان دوکو ڪندڙ جنرل يحييٰ، سيّد کي قيد ڪري مظلوم بنگالين سان ويساهه گھاتي ڪئي. آمريڪا ۽ پاڪستاني وفاق جي پرائي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ قائد عوام ذوالفقار ڀُٽي، سيّد کي قيد ڪري سنڌي اديبن ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن تي قسم قسم جي ظلمن جا داستان رقم ڪيا. آمريت جي علامت بڻجي ويل جنرل ضياء، سيّد کي قيد ڪري قومي تحريڪ کي ڇيهو رسايو. اقتدارن جا مزا ماڻيدڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، سيّد کي قيد ڪري، ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي بنيادي انساني حق جي اجازت نه ڏني ۽ اسپتال ۾ دم ڏيڻ تي مجبور ڪيو. سڀ مري کپي ويا، پر سيّد پنهنجي فڪر ۾ اڄ به زنده جاويد آهي.

خان غفار کان پوءِ، سائين جي ايم سيّد، سنڌ جو اهو ’باغي‘ ۽ ’غدار‘ هيو، جنهن کي ٽي ڏهاڪا قيد ۾ رکڻ جي باوجود عدالتن ۾ پيش ڪري مقدمو نه هلايو ويو. جنهن ڏينهن حاضري هوندي هئي، ان ڏينهن جج غائب ٿي ويندا هئا. سيّد پنهنجي عدالتي بيان ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ۾ پنهنجي مٿان لڳايل الزام جو اعترافِ جرم ڪيو. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ سيّد جي خلاف بغاوت جو ڪيس هلائيندڙ انسدادِ دهشتگردي جي جج، سائينءَ کي خاص طور تي ماڻهو موڪلي گذارش ڪئي ته هُو عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇو ته اعترافِ جرم جي صورت ۾، جج لاءِ لازم آهي ته مجرم کي سزا ڏئي ۽ هُو (جج) ننڍي کنڊ جي ايڏي وڏي عظيم ليڊر کي سزا ڏيڻ جو گناهگار نه ٿو ٿيڻ چاهي. اندازو ڪيو ته ان مجرم جي تاريخي حيثيت ۽ فڪري هئيت ڇا هوندي، جنهن جي عدالت ۾ پهچندي، منصفن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿي وڃن ۽ فيصلو ڏيڻ کان قاصر ٿي پون ۽ مجرم کي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جا عرض ڪن.

ذاتي زندگيءَ ۾ صوم صلوات جو پابند، تهجد گذار سيّد جو فڪري پاسو نج سيڪيولر هو. ”جيئن ڏٺو آهي مون“ ۽ ”ديار دل داستانِ محبت“ جهڙا فڪر انگيز ڪتاب لکي، هُن سچ پچ سنڌي قوم تي نه لهڻ جهڙو احسان ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي عطائي خانگاهن جي ڪٽڙو مسند نشينن، سيّد تي فتوائن جون هلائون ڪيون، پر سيّد جو مرتبو اڃا به بلند ٿيندو ويو. خبر ناهي ته ورَ ۾ خنجر لڪائي سيّد کي قتل ڪرڻ جي نيت سان سن آيل اُهو ’گلستان خان‘ حال حيات آهي الائي نه، جنهن کي چيو ويو هو ته جي ايم سيّد واجب القتل آهي ۽ دين مان خارج آهي، پر هُن جڏهن سن ۾ سيّد کي تهجد ۽ اشراق جون نمازون پڙهندي ڏٺو ته هُن خنجر ميز تي رکيو ۽ قتل جي ارادي جو اعتراف ڪيو، پر سيّد کيس معاف ڪري ڇڏيو. اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ بنياد پرستي ((Right Wing جو راڄ آهي، ايتري قدر جو گانڌيءَ جو اهنسا وارو سيڪيولر هندستان به ان باهه کان بچي نه سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي جوهر ۾ صوفي مزاج رکي ٿو، جنهن جو گھڻي قدر ڪريڊٽ سيّد ڏانهن ئي وڃي ٿو. پياري دوست آدرش چواڻي ته ”جي ايم سيّد سنڌ جو شناختي ڪارڊ آهي“.


جي ايم سيد جي فڪر جو محور سنڌ آهي

شوڪت علي جلباڻي

“اسان جو صوبو افغانستان کان وڌيڪ امير آهي، دنيا جي ڪيترين ئي ننڍين رياستن کان پنهنجو صوبو وڌيڪ آبادي رکي ٿو، اسان پنهنجو دفاع ڇو نه ٿا ڪري سگهون جڏهن ٻيون رياستون ڪري سگهن ٿيون” اهي لفظ جي ايم سيد (غلام مرتضيٰ شاهه) ۳ مارچ ۱۹۴۳ تي سنڌ جي قانونساز اسيمبلي ۾ تڏهن چيا هئا جڏهن اسيمبلي ۾ پاڪستان  جي ٺهراءُ جي بل تي قانون ساز اسيمبلي ۾ بل تي بحث هلي رهيو هو.جي ايم سيد ان وقت به قانون ساز اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي منفرد ۽ خودمختيار شناخت ڪرائي رهيو هو. انهي ڪاروائي جي دوران جيڪي خدشا محمد عثمان سومرو ڏيکاريا هئا سي وقت سان گڏ صحيح ثابت ٿيا ۽ وطن جي آزادي کان ئي پهرئين جي ايم سيد کي آل انڊيا مسلم ليگ کان پنهنجا رستا الڳ ڪرڻا پيا ۽ پراگريسو مسلم ليگ جو بنياد رکيو ويو.

پاڪستان جي آزادي کانپوءِ عبدالغفار خان ( المعروف باچا خان ) سان گڏجي پاڪستان پيپلزپارٽي  نالي پهرئين سياسي پارٽي جو بنياد به جي ايم سيد رکيو.( نه صرف اهو پر سنڌ اتحادي جماعت جو بنياد ۱۹۳۶ ۾ شاهنواز ڀٽو سان گڏجي جي ايم سيد  رکيو جنهن کي وري بنياد سندس پوٽي سيد جلال محمود شاهه سنڌ يونائٽيڊ پارٽي( سنڌ متحد پارٽي) طور رکيو آهي.

جي ايم سيد مذهب کان وڌيڪ تصوف جي راهن جو راهي هو ان ڪري لساني بنيادن تي ورهاست کان وٺي سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ تي  جي ايم سيد کي تمام گهڻو ڏک پهتو هو جنهن جو اظهار هن پنهنجن ڪتابن سان گڏوگڏ تقريرن ۾ پڻ ڪيو هو. اهو ئي سبب هو جو ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سان شروع کان مهاڏو اٽڪائيندڙ هي واحد ئي  شخص هو جنهن جو نالو تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو. پڙهندڙن جي اڳيان واضع ڪندو هلان ته قانون ساز سنڌ اسيمبلي جا رڪن ۱۹۴۳ ۾ به مذهب ۽ قومن جي نظريي کان مٿانهين سنڌ تي يقين رکي رهيا هئا تنهن تي تفصيل سان ۲۳ مارچ تي ضرور لکبو .

غلام مرتضيٰ شاهه  درباري  مورخن کي به هميشه ننديو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌايو ته راجا ڏاهر. دولهه درياءَ، مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت ۽ دودو سومرو سنڌ جا قومي سورما آهن، نه صرف مورخن جي نفي ڪئي پر پنهنجن ڪتابن  وسيلي انهن سورمن جي ڪردارن تي روشني پڻ وڌي جيئن سنڌ جا سورما ، سنڌي ثقافت ۾ انهن ڪردارن جي انهن پاسن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن تي پهرئين ڪنهن به قومي خيال سان نظر نه وڌي هئي.

جي ايم سيد نه صرف مذهب پر روايتي پيري مريدي کي رد ڪندي پنهنجي محبت جو مرڪز پنهنجي ڌرتيءَ کي رکيو، سماجي سڌارڪ کان وٺي پاڪستان ۾ عمر جي اڌ جيترو قيد ڪاٽيندڙ هن عظيم شخص ڪڏهن به پنهنجن اصولن تي سودو نه ڪيو. غلام مرتضيٰ شاهه پاڪستان جو  واحد سياسي قيدي هو جنهن پنهنجي عمر جا ۳۲ سال قيد ۾ گذاريا،وقت جا حڪمران ايترا ته سندس آزادي کان ڊنل هئا هو  سندس ويجهي عزيز  ۽ خانداني نسبت سان تعلق رکندڙ مرحوم سيد جيندل شاهه جي وصال تي نظر بندي ٽوڙيندي ان جي تدفين تي سيوهڻ شريف جي ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ آيو ته هر طرف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجا وڏا اٽالا مقرر ڪري ڇڏيا هئا.

سيد غلام مرتضيٰ شاهه ( جي ايم سيد ) جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد رکيو پر پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به پنهنجي قوم کان علاوهه ٻين ملڪن جي مداخلت تي يقين نه رکندو هو، پير علي محمد شاهه راشدي جي فرزند عادل راشدي  هڪ انٽرويو ۾ پڻ تصديق ڪري چڪو آهي ته جي ايم سيد هندستان جي ڪهڙي به مدد وٺن کان انڪاري هو ۽ هن جو اهو خيال هو جيڪڏهن بنگال جي سانحي وقت هندستان جي حمايت ڪبي ته هندستان پڻ سنڌ تي قبضو ڪري وٺندو ۽ سنڌ وري هندستان جي غلام بڻجي ويندي.

جي ايم سيد موقعي پرست سياست ۽  سياستدانن کان  پڻ هميشه پاسيرو رهيو. تنهن باوجود اهڙا ليکڪ جن کي جي ايم سيد جي گهڻ رخي شخصيت سمجهه کان ٻاهر رهي تن پاڻ وڻائڻ لاءِ هن جي حياتي توڙي وفات کانپوءِ پنهنجن نظرين جي مطابق سندس تشريح ڪئي آهي.

جي ايم سيد جنهن مذهبي ڪٽرپڻي جي مخالفت ڪئي هئي  اڄ اهو ئي ڪٽرپڻو ملڪ جي لاءِ هڪ چيلينج بڻيو بيٺو آهي  تصوف جي هن راهي امن ۽ رواداري جو سبق ڏيندي موقف اختيار ڪيو هو  ته مسلمانن جي ڪثرت وٽ نه صحيح اسلام جو تصور باقي آهي ۽ نه ئي خدا شناسي، منهنجي نظر ۾  تنهن ڪري جي ايم سيد   خلق خدا جي خدمت جي جذبي  ئي اصل تصوف ۾  تصور ڪري پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري جي ليکڪ کيس سيڪيولر سڏين ٿا هو صوفين جي ڌرتي کي پرامن ۽ رواداري جي مڻين ۾ پوئڻ گهري پيو.

سنڌ ۾ جديد تصوف جي تشريح ڪندڙ جي ايم سيد ملڪ جو واحد اڳواڻ آهي جنهن جي بنيادي خيالن جي پرچار  سڀئي سياستدان ان وقت ڪندي نظر ايندا آهن جڏهن اهي صوبن جي خودمختياري ۽ اختيارن جي ڳالهه ڪندي مرڪز کان پنهنجا حق گهرندا آهن ،اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملڪ جي سياست ۾ هن کي پاسيرو ڪرڻ  جون هر ممڪن ڪوششون ٿينديون رهيون ۽ اڃا به جاري آهن،. سيد غلام مرتضيٰ شاهه هڪ لامحدود شخصيت جا مالڪ هئا هن جي قلم کي سندس ۶۴ شاهڪار  ڪتاب لکڻ جي سعادت حاصل ٿي جنهن ۾ هن هر هڪ مضمون کي منفرد ۽ جامع انداز سان نڀايو آهي، اڄ هن جو ۱۱۷ هون جنم ڏينهن آهي، سندس لامحدود شخصيت کي هن ازم سان ڀيٽا ڏيون ٿا ته پنهنجي سنڌ ۾ امن ۽ رواداري جي ان ٻوٽي کي پاڻي ڏيون جنهن لاءِ جي ايم سيد پنهنجي زندگي جا ۷ ڏهاڪا وقف ڪري ڇڏيا هئا ڇوته سنڌ ئي جي ايم سيد جي فڪر جو محور آهي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

جديد سنڌي قومپرستي جو باني، ليکڪ، محقق - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا

ساجد رند

غلام مرتضي سيد عرف ”جي ايم سيد“، ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع، ۲۸ شوال ۱۳۲۱ھ ڇنڇر جي رات سن ضلعو دادو (ھاڻ ڄامشورو ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين جولاءِ ۱۹۱۰ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ ويٺو جتي ڌرمداس، ريواچند ۽ وسڻ مل ماسترن وٽ پڙهيو، ٻيھر پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ۶ جنوري ۱۹۱۳ع تي داخل ٿي ماستر جان محمد وٽ پڙھيو ،۲۷ آگسٽ ۱۹۱۲ع تي پرائمري مان نڪري مدرسي ۾ قاضي فقير محمد وٽ پڙھيو،عربي مولوي الھ بخش دادوء وٽ پڙھيو، ۵ جنوري ۱۹۱۸ع کان ماستر ميان حامد علي وٽ پڙھيو.

پيشي جي لحاظ کان جي ايم سيد ۱۸ مارچ ۱۹۴۰ع کان ۷ مارچ ۱۹۴۱ع تائين سنڌ جي تعليم جو وزير به رھيو.

پاڻ ۱۵ سالن جي عمر ۾ سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين.

جي ايم سيد ۱۹۴۳ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ برطانوي سنڌ اسيمبلي (هاڻي پاڪستان جو حصو) مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو، سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ بنائڻ لاءِ تجويز پاس ڪرائي، سيڪنڊري ايجوڪيشن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سيڪنڊري بورڊ ڪاميٽي مقرر ڪيائين، سنڌ مدرسي کي ڪاليج جي حيثيت ڏياريائين، ميران محمد شاھ جي سرپرستيءَ ۾ ”سنڌي ادب جو مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيائين (جيڪو بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ سڏجڻ لڳو) ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڪم ڪرايائين.

سائين جي ايم سيد وڏو سماجي ۽ سياسي متحرڪ اڳواڻ رھيو، پاڻ ڪراچي زميندار ۽ آبادگار ايسوسيئيشن، ڳوٺ سڌار ھلچل، ڪراچي مير بحر ايسوسيئيشن، ميرپورخاص ۾ ھاري ڪميٽي، ڪراچي مالدار ايسوسيئيشن، سنڌي لغات جوڙڻ لاءِ اديبن جي ڪاميٽي، اينٽي ون يونٽ فرنٽ تنطيم، پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ قومي اتحاد، اتحاد پارٽي، بزم صوفياء سنڌ، بلوچستان متحده محاذ، پروگريسو پارٽي، سنڌ پيپلز پارٽي، خلافت ڪانفرنس، انجمن سادات، جيئي سنڌ تحريڪ، المسلمين تنطيم، ھنري بورڊ، جيئي سنڌ محاذ سميت ٻين ڪافي سماجي، ادبي ۽ سياسي تنظيمن جو بنياد رکيو.

۱۷ جنوري ۱۹۷۲ع تي پنھنجي سالگرہ جي موقعي تي سنڌو ديش جو نعرو ھنيائين تہ کيس پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو سمجھي کيس گرفتار ڪيو ويو، پوءِ جيلن ۽ نظربندين جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو، تان جو بيماري باوجود علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت نه ملڻ تي نظربندي ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو ويو.

جيلن ۽ نظربندين ۾ رھڻ دوران جي ايم سيد ڪتاب لکندو رھيو، سندس ڪتابن ”جديد سياست جا نو رتن “، ”پاڪستان ھاڻي ٽٽڻ گهرجي “، ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد “، ” موجوده سياسي مسئلا“، ”جيئن ڏٺو آھي مون “، ”ديار دل داستان محبت “، ”سنڌوءَ جي ساڃاه “۽ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ “ تي پابندي پڻ لڳي.

۶۰ کان وڌيڪ ڪتابن جو خالق، جي ايم سيد جناح اسپتال ۾ نظربندي دؤران ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ۹۱ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن بعد کيس سن جي آبائي قبرستان ۾ جنازي نماز بعد دفنايو ويو.

جي. ايم. سيد جون ڪيل، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.محــال مـانجهـنـدن جـو تعليمي ۽ تنظيمي پـروگــرام

۲.هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان (ترجمو)

۳. سنڌ جي عدالت جي انتظاميہ کان جدائي

۴.مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟

۵. نئين سنڌ لاءِ جدوجهد

۶.پيغام لطيف

۷. پاڪستان ۾ قــوميـتـن جـو مسـئـلو

۸. چونڊ ادبي مضمون

۹.چونڊ سياسي مضمون

۱۰.ســنـڌ جي بمبئــيءَ کـان آزادي

۱۱.سنڌ متـحــده مـحــاذ ۽ ونـيـونٽ

۱۲. جنب گذاريم جن سين: ۲ ڀاڱا

۱۳. جيئن ڏٺو آهه مون

۱۴.موجوده سياسي مسئلا

۱۵.جديد سياست جا نو رتن

۱۶. رهاڻ (ميران محمد شاهه جا خط)

۱۷.ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا خط)

۱۸. خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشديءَ جا خط)

۱۹. بزم صوفياء سنڌ جو آئين ۽ خطبا

۲۰. سنڌي ڪلچر

۲۱. واڄــٽ ويـراڳيـن جا (محمد امين کوسي ۽ جي. ايم. سيد جا خط) ٻه ڀاڱا

۲۲.اڄ پڻ چڪيم چاڪ (اديبن جا خط)

۲۳. ڪجهه خط (برصغير جي سياستدانن جا خط)

۲۴. خطبات سيد

۲۵. جديد عالمي سياست

۲۶. سنڌ جي ڪهاڻي، سيد جي زباني (تقريرون)

۲۷. پاڪستان جي ماضي ۽ حال تي طائرانه نظر

۲۸. ديارِ دل ۽ داستانِ محبت

۲۹.سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ

۳۰. سنڌوءَ جي ساڃاهه (ٻه ڀاڱا)

۳۱. مسلم سربراهه ڪانفرنس جو تجربو

۳۲. ههڙا هاڃا ٿين (پمـفـليـٽن جو مجموعو)

۳۳. پنهـنجـي ڪهـاڻي پنهنجــي زبـانـي (ٻه جـلـد)

۳۴. سنڌ ڳالهائي ٿي (عدالتي بيان)

۳۵.سڏ پڙاڏو (جي. ايم. سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط)

۳۶. پيام عمل

۳۷.حاصل جنين حال

(جي. ايم. سيد جا امين کوسي ڏانهن خط)

۳۸. آيو تڙ تماچي (رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جا خط)

۳۹. جي. ايم. سيد جون تحريرون (ٽي ڀاڱا)

۴۰.سنڌ جو سورما

۴۱. رھاڻ

(سيد ميران محمد شاه جي خطن جو مجموعو)

۴۲.شاھ ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون

۴۳.پاڪستان ھاڻ ٽٽڻ گهرجي ۴۴.رھبر

۴۵.جڊيشل کاتي کان ايگزيڪيوٽو کاتي کان جدا ڪرڻ جي ضرورت

۴۶.ڪينجھر

۴۷.پاڪستان تي ايم آر ٽي

۴۸.سنڌ جي ڪھاڻي

۴۹.ڏونگر سي ڏوريندين.  وغيره

انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب

۱.Sindh & Seperation of Judicial from Executive (A Complete Scheme: ۱۹۴۶)

۲.Struggle for New Sindh

۳.Six Point Formula

۴.A Case for Sindhu Desh

۵.Sindhu Desh: A Nation in Chains

۶.Religion & Reality or My Vision to Religion

۷. Sindhu Desh: A Study into Separate Identity Through the Ages

۸. Sindhu Desh: The Case Yet to Settle (Translated by: M. Ibrahim Joyo)

۹. Letters of M. A. Jinnah & G. M. Sayed

۱۰.Message of Shah

۱۱.Case of Sindh

۱۲.National Unity

اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب

۱.ميري ڪھاني، ميري زباني

۲.پيغام لطيف

۳.سندھ ڪي بمبئي سي عليحدگي

۴.سندھو ديش کل، آج اور کل

۵.سندھ ڪي آواز

۶.تصوف اور جي ايم سيد (خطبات سيد)

۷.جيسا مين مي ديکھا

۸.ميري دوست ميري ساتھي


سائين جي ايم سيد

سنڌ جو سائين

شوڪت ميمڻ

جيتوڻيڪ لکين سالن کان سنڌ جي جياپي جو ڪارڻ بڻيل عظيم سنڌو درياھه جي ساڄي ڪنڌيءَ تي آباد شهر “سن” انگريزي زبان جو اهو اکر ته ناهي جنهن جي سنڌي ۾ معنيٰ “سج” نڪري ٿي پر اناالحق جي نعري هڻڻ تي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويندڙ مخدوم بلاول جي خليفي سيد حيدر شاهه سنائي جي هن شهر ۾  سوا صدي اڳ محمد هاشم  جي حويلي ۾  پهريون ڀيرون اکيون پٽيندڙ پوپٽ جهڙي پتڪڙي ٻار غلام مرتضيٰ شاھه بابت ان وقت ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هيءَ ننڍڙوٻارڙو اڳتي هلي سن جي سرزمين تان هڪ اهڙي سج طور نڪري نروار ٿيندو جيڪو نه فقط سموري سنڌ ۾ شعور جي جوت جلائيندو ۽ سوجهرو پکيڙيندو پر سندس علم جي آڳ اڳتي هلي پوري عالم ۾ به پري پري تائين پسي سگهبي.

ڌرتيءَ جي اصلوڪن ڌڻين ڪاڪي ڌرمو ۽ وسڻ مل جهڙن پراڻن پرائمري ماسترن وٽ شروعاتي الف ب جا اکر پڙهندڙ سن جي هن ننڍڙي ٻالڪ جي اندر ۾ علم جي حاصلات لاءِ به ڪا الڳ سان ئي اڻ تڻ هئي، اهو سبب آهي جو هو ظاهري طرح وڏين وڏين علمي درسگاهن ۾ داخلائون وٺڻ بنا به اڳتي هلي پنهنجي ٻولي سان گڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن جو به وڏو ڄاڻو ٿي ويو.

امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ آفريڪي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي جيل وارن ستاويھه سالن کان به ڊگهو عرصو قيد ڪاٽيندڙ موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل سنڌ جي هن عظيم اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي عملي سياست جو سفر ۲۱ سالن جي ڄمار ۾ تڏهن کان شروع ٿئي ٿو جڏهن هو تعلقي لوڪل بورڊ جو مانجهند مان ميمبر چونڊجي ٿو.

ڪوٽڙي ۽ ڪراچي جي مختلف مڪاني ادارن جو ميمبر توڙي سربراھه ٿيڻ دوران ننڍا وڏا روڊ رستا، مسافر خانا، ڌرم شالائون ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرائڻ کان پوءِ سندس سياسي عروج جو زمانو تڏهن کان شروع ٿئي ٿو جڏهن اوڻيھه سئو ستٽيھه ۾  سائين جي ايم سيد  پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.

وري سال ڏيڍ کان پوءِ هن جڏهن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي تڏهن هو نه فقط سنڌ ۽ هند ۾ هڪ وڏي مدبر سياستدان طور پنهنجي شناخت ڪرائي چڪو هو پر پورن پنجن سالن کان پوءِ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي هن سنڌ اسيمبلي مان سڀ کان پهرين پاڪستان جي قيام جو بل پاس ڪرائي  پاڻ کي هڪ تاريخ ساز سياستدان طور  ته مڃرايو پر گڏو گڏ هن “پنهنجي پير ۾ پاڻ ڪهاڙو هڻڻ” وانگر هن پنهنجو پاڻ کي اهڙو وڍ وڌو جنهن جو اڳتي هلي ويڄ ۽ طبيب به کيس خود ئي ٿيڻو پيو.

۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد جڏهن سنڌ جو وزير تعليم ٿيو تڏهن هن “سنڌ يونيورسٽي” جي قيام لاءِ ڪميٽي جوڙڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ  سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد پڻ وڌو. اهڙي طرح جديد سنڌ جي اڏاوت لاءِ سائين جي ايم سيد ڪيترن نون ادارن جي پيڙھه جا پٿر پڻ رکيا.

سائين جي ايم سيد پهريون ڀيرو ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ون يونٽ خلاف ڪيل جدوجهد جي پاداش ۾ قيد ڪيو ويو.۴ مارچ ۱۹۷۲ع  تائين ڪڏهن “ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾” وانگر سائين جي ايم سيد اولھه پاڪستان جي اسيمبلي مان ميمبر به چونڊيو ويو ته ان عرصي دوران مارشل لا خلاف مزاحمت ڪرڻ تي جيل جون سختيون به سهندو رهيو.۽ پوءِ هن کي آهستي آهستي پنهنجي ئي هٿن سان جوڙيل جهان ۾ اوپرائپ جو احساس ٿيڻ لڳو،

“نه ڪو ئي منهنجو ماڳ آ، نڪوئي منهنجو آ مقام.

نه ڄڻ هي منهنجي ڌرتي آ، نه ڄڻ هي منهنجو آسمان.

توڙي جو تڏهن آڪاش انصاري جون اهي سٽون اڃان شاعري جي روپ ڌاري سائين جي ايم سيد جي ڪنن ۾ ڪونه پڳيون هيون پر پوءِ به هن پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ملڪ مان انصاف جون سڀ اميدون لاهي ڌرتي جي آجپي لاءِ اڻ کٽ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي. پوءِ هن پهريون ڀيرو صدين کان ستل ماڻهن جي انبوهن کي اهو احساس ڏياريو ته هو پهريون ڀيرو انسان کي  اوڇڻ آڇيندڙ ان عظيم قوم جا فرد آهن جن جي تهذيب تي تاريخ رشڪ ڪندي آهي..

۽ پوءِ سن مان ڦري هو سنڌ جو سائين ٿي ويو...۽ هن جون تحريرون ۽ تقريرون ٻڌي سنڌ جا نوجوان سن جي سرزمين تي پتنگن وانگر ڇڪجي اچڻ لڳا.

سائين جي ايم سيد ڪتابن جو عاشق هو، اڄ به سن جي پراڻي حويلي جي هڪ ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکيل سندس ناياب نسخن وارا ڪجھه ڪتاب ان شاندار ڪتبخاني جي نشاني طور موجود آهن جنهن کي هاڻ ڄامشوري واري جي ايم سيد ايڊيفس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.اٺن تي لڏڻ جيترن ڪتابن جي ڳوڙهي مطالعي ۽ وسيع تجربن واري زندگيءَ جي گوناگون مشاهدن کيس هڪ اهڙو ليکاري به بڻائي ڇڏيو جنهن جا مذهب، تصوف، سياست، تاريخ، جاگرافي توڙي شخصيات جي موضوعن سميت سٺ کان مٿي لکيل ڪتاب اڄ به علم جا اڃارا نوجوان وڏي اڪير مان نه فقط پڙهڻ ٿا پر پڙهي هينئن سان به هنڊائين ٿا.

سندس ڪتاب پڙهندڙن جو وڏو انگ انهن ڇيڳرن ڇوڪرن تي مشتمل آهي جيڪي ڪتاب پڙهڻ سان ڌرتيءَ سان عشق جي آڳ ۾ ڪڙهندا به آهن.

سن شهر ۾ پراڻي دور جي جي مٽي ۽ گاري سان اڏيل ڪچي مسجد جي جاءِ تي خوبصورت ۽ پڪي مسجد جوڙائيندڙ سائين جي ايم سيد صوفياڻي دل رکندڙ هڪ اهڙو حساس انسان هو  جنهن جي دل ۾ مذهبي تنگ نظري لاءِ ڪابه جاءِ نه هئي.

سائين جي ايم سيد نه فقط موسيقي جو وڏو ڄاڻو هو پر سرن ۽ سازن سان کيس ڄڻ ته عشق هيو. مائي عابده جي صوفياڻي ڪلامن سان گڏ هن کي “ميڏا عشق وي تو، ميڏا يار وي تو” جهڙا پٺاڻي خان جا ڪلام کيس بيحد گهڻو وڻندا هئا. اها ڳالھه مون کي ٻڌائي سن جي سيد علي حيدر شاھه.

سڄي حياتي سائين جي خدمت چاڪري ڪندڙ ۽ سندس مهمانن جي سار سنڀال لهڻ وارو سن جو پرائمري ماستر غلام قادر ملاح هاڻ حال حيات ناهي رهيو. ان ڪري سن جي  حويلي جي سار سنڀال لهڻ توڙي سيد جي آيل مهمانن جي خدمت جو سڄو بار هاڻ سيد علي حيدر شاھه پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتو آهي.

توڙي جو علي حيدر شاھه کي سائين جي ايم سيد جي قربت جا گهڻا سال ته نصيب نه ٿيا پر هن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين جي ايم سيد جي آخري ايامن ۾ هو سندس خدمت چاڪري ڪرڻ سان گڏ کيس هر روز اخبارون پڻ پڙهي ٻڌائيندو هيو.

هونئن سائين جي ايم سيد پاڻ ته پيري مريدي جي خلاف صوفياڻي سوچ رکندڙ هڪ اهڙو انسان هو جنهن وٽ امير ۽ غريب جو ڪوبه تفاوت نه هو پر سن جا ڪيئي سٻاجهڙا ماڻهو اڄ به کيس عقيدت منجهان مرشد ڪر ي مڃين ٿا ۽ ان جا انيڪ معجزا پڻ ٻڌائين ٿا.

سن شهر سنڌو درياھه جي ڪپ تي آباد آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو جيءَ به سنڌو درياھه سان جڙيل هو.

سائين جي ايم سيد سنڌو جي ڪپ تي ٻٻر جي جنهن وڻ هيٺان اچي ويهندو هو سو وڻ به ڪو وقت ٿيو جو سنڌو جيان سڪي ويو آهي...

هاڻ ساڳي جاءِ تي ٻٻر جو هڪ ٻيو وڻ بيٺل آهي جنهن جي هيٺان پيل خالي کٽ سن جي پتڻ تي رهندڙ مهاڻن جي ٻارن وانگر اداس آهي...

درياھه واري جنهن بنگلي ۾ سيد جا ڏنگا ٻار مهينن جي مسافتن جا ٿڪ لاهڻ لاءِ  اچي گهريون ننڊون ڪندا هئا تنهن بنگلي جي هر هڪ ديوار تي تاريخ جون نه ڄاڻ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ڪهاڻيون رقم ٿيل آهن جن کي نه ڄاڻ ڪڏهن ۽ ڪير پڙهي سگهندو؟

نمن جي قطارن واري سن جي قبرستان ۾ بڙ جي گهاٽي وڻ جهڙو اهو اڏول انسان ابدي ننڊ ستل آهي،

جيڪو ايڪانوي سالن جي ڊگھي ڄمار ۾ اڄ کان ڇويھه  سال اڳ سن جي مٿان بڊي جبل ۾  لهندڙ سج وانگر هميشه لاءِ هتان هليو ويو...

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

سنڌ لاءِ وڏي وٿ

فائزا پير بخش انصاري

سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھه هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندو رهيو.

سن جي سيد جي فڪر جي اها تيز بارش هئي، جنهن وستي وستي ۾ پنهنجي فڪر جا پياڪ پيدا ڪيا، هر طرف هجوم ئي هجوم هيا، وطن دوستيءَ جي ريشم ڌاڳي ۾ پوئجڻ لڳا، اهو سيد جو ئي فڪر هو، جنهن زمانن تي کيپ چاڙهي ڇڏيا ۽ ايندڙ زمانا هن جي فڪر جي گھاٽي ڇانوري ۾، نٽهڻ اُس ۾ جلندڙ جسم  سڙڻ کان بچائي سگھندا. سيد جي فڪر جي مئڪدي مان جنهن به سُرڪي ڀري، اهو انساني آزاديءَ جو متوالو بڻجي ويو ۽ ڌرتيءَ کي ڌرمن کان مقدس ڀانئين ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پنهنجو جيون ارپي ڇڏيو .

سائين جي ايم سيد انساني وجودن کي ڌرتيءَ سواءِ بي معنيٰ سمجهيو ۽ وجودن کي ڪارائتو قرار ڏيڻ لاءِ انهن کي ڌرتيءَ جي تحريڪ سان ڳنڍي ماڻهن کي تاريخ ۾ زنده رهڻ جو هنر سيکاريو، ان سان گڏ اهو به آرٽ سيکاريو ته تحريڪن اندر ٿيندڙ سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪردار جي پاڪائي ۽ استقامت جو هجڻ انتهائي لازمي آهي.

هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي. هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو. هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن. سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏٺو آهي مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذاريم جن سين“، (ٻه ڀاڱا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”چونڊ ادبي مضمون“، ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“، ”واڄٽ ويراڳين جا“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ اثاثو آهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو سبق ڏنو. سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو. اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو. ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هيو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هيو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خودداري پيدا نه ٿيندي، تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي.

جي ايم سيد  خود پنهنجي حياتيءَ بابت لکي ٿو؛ “مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿٿ ڏيندڙ رهي هُئي ته اُها هيءَ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي”.

سائين جي ايم سيد جو وصال ۲۵  اپريل ۱۹۹۵ ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو،

ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا.؟

مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو،

نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ.؟

نه ڄاڻ توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا.؟”. ذوالفقار علي ڀٽي کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

ايڪيھين صديءَ جي سنڌ، سيد ۽ امن عالم

جڳديش آھوجا

هرگز نه ميرد آنڪه دلش زنده شد به عشق

ثبت است برجويده عالم دوام ما (حافظ)

“جيڪا دل عشق جي ذريعي زنده ٿي آهي اها مري نٿي سگھي، دنيا جي دفتر تي اسان جي ابدي حياتي لکجي چڪي آهي.”

سائين جي ايم سيد جو طبعي سفر ته ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع کان شروع ٿي، ۲۴ اپريل ۱۹۹۵ع تي پورو ٿيو پر سندن فڪري سفر ۽ روح جي پرواز اڄ به جاري آهي. اڄ جڏهن اسان سندس ۱۱۷ هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ته سائين کي اسان کان موڪلائي ۲۶ سال پورا ٿي رهيا آهن. ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ جو ڪو به مؤرخ، ملڪي توڙي غير ملڪي، حامي توڙي مخالف، جي ايم سيد جي ذڪر بنا لکي نٿو سگھي پر ڇا ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۾ به سائين جي ايم سيد جو اهو رتبو برقرار رهندو؟

عشق ۽ عقيدت پنهنجي جاءِ تي پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دنيا ۾ ڪو به بين الاقوامي معيار جو مؤرخ ته دنيا جي هر شخصيت کي چاهي اها سياسي هجي يا مذهبي، اصلاحي هجي يا انقلابي، تعميري هجي يا تخريبي، هر ڪنهن کي تاريخ جي مخصوص معيار تحت ئي پرکيندو ۽ اسان کي به ڏسڻو پوندو ته ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۽ دنيا ڪٿي بيٺي آهي ۽ ان ۾ سائين جي ايم سيد جي سوچ، فڪر ۽ راهه عمل جي وقعت ڪيتري رهي آهي؟

سائين جي ايم سيد جي اولين سڃاڻپ جديد سنڌي قوم جي تصور جي بانيڪار طور ٿئي ٿي، جيڪا سڃاڻپ سائين جي ايم سيد کي جديد سنڌ جي تاريخ جو ابدي ڪردار بڻائي ٿي. سندس عملي سياست جو ڪير ڪيڏو به نقاد ڇو نه هجي پر اهو به ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھي ته ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ سنڌي قوم کي قومي شعور سان آراسته ڪرڻ ۽ پيڙهه جو پٿر جو ڪم سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل ادا ڪيو آهي.

اڄ سنڌي ثقافتي ڏينهن تي جڏهن سڄي عالم منجھان سنڌي قوم کي مبارڪن جا محبت ڀريا پيغام ملن ٿا ته اهي به سيد جي ئي فڪر ۽ عمل جي مرهون منت آهن. بلاشڪ ان ۾ اسان جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ قومي ورڪرن وغيره جون بي بها محنتون ۽ قربانيون شامل آهن پر ان راهه جي رهبريءَ جو تاج تاريخ سائين جي ايم سيد جي سِر تي ئي سجايو آهي.

سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ جو تخليقڪار به آهي ته تاريخ نويس به. سيد سنڌ جي تاريخ جو انقلابي ايماندار مورخ آهي. “سنڌوءَ جي ساڃاهه” کان “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ۽ “سنڌ جو ڪيس” پيش ڪرڻ تائين جيڪا به سنڌ جي تاريخ لکي آهي سا سموري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکي آهي. دنيا جي تاريخ جا اڪثر ڪتاب طرفداريءَ جا نمونا هوندا آهن پر جي ايم سيد ڪمال همت سان پنهنجي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ جو داستان انتهائي ايمانداريءَ سان لکيو آهي. اهڙي ئي جھلڪ اوهان کي گانڌيءَ جي آتم ڪٿا “منهنجو سچ” ۾ به ملندي. پنهنجي تجربن جي سربستي اُپٽار ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجي غلطين جو اعتراف سائين جي ايم سيد کي “عالمِ سياست جو سدا روشن ستارو” بڻائي ٿي. جيئن تارن کي سج جيان پنهنجي روشني هوندي آهي تيئن سائين جي ايم سيد به سنڌ جي تاريخ جو اهو سج آهي جيڪو اڄ ته قريب آهي پر جڏهن سڀاڻي ڏُور ٿي ويندو ته به سنڌ جي آسمان تي هڪ تاري جيان سدا روشن رهندو ۽ ايندڙ زمانن جي به هر مؤرخ کي سائين جي ايم سيد پنهنجي حصي جي مڪمل سچائي بيان ڪندڙ تاريخ نويس طور نظر ايندو.

ايڪيهين صديءَ جي هن ٽئين ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل جي صداقت جو وڏو امتحان ٿيڻو آهي. سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل جا ٻه باب اڄ به ڪڏهن دٻيل ڪڏهن وڏي واڪي تنقيدن جي زد هيٺ آهن. پهريون ۱۹۴۰ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تحريڪ ۾ ادا ڪيل سندس ڪردار ۽ ٻيو ۱۹۶۰ع  جي ڏهاڪي ۾ پيش ڪيل سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس جيڪو سائين ۱۹۷۳ع ۾ باضابطه هڪ ڪتاب “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ذريعي پيش ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجهد جون راهون هموار ڪيون. دلچسپ حقيقت اها به آهي ته هن ڪتاب کي شايع ٿئي اڌ صدي اچي پوري ٿي ٿئي پر اڄ تائين ڪنهن به نقاد هن ڪتاب جو تنقيد جائزو پيش نه ڪيو آهي. هن حوالي سان مٿس غداريءَ جا الزام به لڳا، ملڪ دشمنيءَ جا ڪيس به داخل ٿيا، مخالفن ان کي “وقت کان اڳ ڪپڙا لاهڻ” سان به ڀيٽيو پر اڄ تائين دليلن ۽ انگرن اکرن سان ڪنهن اهو نه لکيو آهي ته ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد آخر ڪهڙي ڳالهه غلط لکي آهي؟ سائين جي ايم سيد جڏهن “جيئن ڏٺو آهي مون” لکيو ته مذهبي ٺيڪيدارن ان ڪتاب مان حوالا ڏئي ڏئي پئي سائين جي ايم سيد کي ڪافر قرار ڏنو.

جڏهن ته جنهن به اهو ڪتاب پڙهيو هوندو يا پڙهندو ته ان ۾ سائين ڪٿي به ڪفر جي حمايت نه ڪئي آهي بلڪه ان ڪتاب منجھان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سائين سچو وحدت الوجودي آهي. پوءِ به هن ڪتاب مان مخالفن کي وري به ڪي دليل ڪي حوالا اهڙا هٿ آيا جن کي هنن مٿس تنقيد جا تير هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو پر منهنجي نظر مان اڄ تائين ساڄي توڻي کاٻي ڌر جي نقادن طرفان لکيل اهڙو ڪو هڪ مضمون به نه گذريو آهي جنهن ۾ هنن “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ۽ “سنڌوءَ جي ساڃاهه” مان ڪو حوالو ڏئي مٿس تنقيد ڪئي هجي يا سنڌ جي آجپي جي حق کي رد ڪيو هجي. دراصل اهو ئي اهم سوال آهي جنهن جو جواب سائين جي ايم سيد جي ايڪهين صديءَ جي ڪردار جو تعين ڪندو.

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙهندي پئي اچي جنهن ۾اسان کي خاطر خواهه ڪاميابيون مليون آهن ۽ اڄ پاڪستان ۱۹۷۱ع کان پوءِ هڪ ڀيرو وري پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ لڙي رهيو آهي. هن سوال جو جواب توهان جي اسان جي خواهشن تي منحصر ناهي پر ان جو جواب آهي ارتقا جي سفر جو رخ جانچڻ ۾ ۽ اڄ جي نئين بين الاقوامي بيهڪ ۾. جيڪڏهن هيءَ رياست پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ پنهنجي فريم ورڪ اندر ئي سڀني قومن کي پنهنجا قومي حق ۽ خود اختياري ملي ٿي وڃي ته مستقبل جو مؤرخ لکندو ته جي ايم سيد جو سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ۾ پيش ڪيل فڪر غلط ثابت ٿيو ۽ پوءِ ان جي اها افاديت نه رهندي جيڪا اڄ آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن به ملڪي توڙي بين الاقوامي بحران سبب هيءَ رياست پنهنجو وجود بچائي نٿي سگھي ۽ سنڌ ڪهڙي به نانءُ سان پنهنجي وڃايل تاريخي رياستي حيثيت بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته تاريخ سيد جي فڪر ۽ عمل جي راهه تي تصديق جي مهر هڻي ڇڏيندي. پوءِ جڏهن ڪو به مؤرخ سيد جي ڪاميابين ۽ ناڪامين، غلطين ۽ ڪارنامن کي تارازيءَ جي ٻن پڙن ۾ توريندو ته ڪاميابين ۽ ڪارنامن جو پلڙو گھڻو ڀاري هوندو.

اڄ به سائين جي ايم سيد جو سڄو  ذڪر سنڌ جي حوالي سان ٿئي ٿو پر تاريخ جي ڪُک ۾ هن جو بين الاقوامي ڪردار به آهي جيڪو هن صديءَ ۾ نکري نروار ٿيندو. سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ڪئنواس ڪائنات جيان وشال آهي پر سندس عمل جو ميدان فقط ۽ فقط سنڌ رهي جنهن ڪري سندس شفافيت به سنڌ سان ئي جڙيل رهي آهي پر هن صديءَ ۾ جڏهن سنڌ ۽ سنڌو واس جو سج اڀرندو ته سائين جي ايم سيد جو اهو عالمگير فڪر به سڄي دنيا جي منظرنامي تي اُڀري ايندو جنهن جو بنياد هن ٽن نقطن اتحاد انساني، امن عالم ۽ پرامن بقاءِ باهم تي رکيو آهي. هي هڪ عالمگير منشور آهي جنهن جي عملدرآمد لاءِ سائين چوي ٿو ته سنڌ کي هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، سنڌ کي اوڀر ۽ اولهه کي هلائڻ لاءِ پل جو ڪم ڪرڻو آهي. ظاهر آهي ته اهو ڪردار سنڌ تڏهن ئي ادا ڪري سگھندي جڏهن اها پاڻ  خودمختيار هوندي. ته سنڌ جي آزادي به سائين جي ايم سيد لاءِ منزل جو پهريون ڏاڪو آهي.  اصل منزل ته سموري عالم جو امن، سموري انسانيت جي آزادي، خوشحالي ۽ برابري آهي.

سائين جي ايم سيد جڏهن سچائيءَ جي تلاش ۾ نڪري ٿو ۽ سائين جي بقول هڪ مرحلي تي سندس دوست جمشيد مهتا چوي ٿو ته “جي ايم سيد اونداهيءَ جي طاقت (Dark Faces) جي ور چڙهي ويو آهي” تڏهن به هو عالم انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪائنات جا ڳُجھه معلوم ڪرڻ نڪتو هيو ۽ جڏهن سندس روشنين جو سفر شروع ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد پيغام لطيف کي ئي سنڌ توڙي سموري عالم جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي منشور طور پيش ڪري ٿو. سنڌ جي عاشق طور ته سائين جي ايم سيد جي شناخت پراڻي آهي پر ايڪهين صديءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي هڪ نئين شخصيت به نکري نروار ٿيندي، هڪ عالمگير شخصيت مستقبل جو مؤرخ لکندو ته “سنڌ جو سيد رڳو سنڌ جو عاشق ناهي پر گڏوگڏ لطيفي روح سان سرشار آفاقي عشق جو به علمبردار آهي.”

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

سنڌ مرڪي به پئي، سنڌ روئي به پئي

ايڊيٽوريل پنھنجي اخبار

هرگز نه ميرد آنڪه دلش زنده شد به عشق

ثبت است برجويده عالم دوام ما (حافظ)

“جيڪا دل عشق جي ذريعي زنده ٿي آهي اها مري نٿي سگھي، دنيا جي دفتر تي اسان جي ابدي حياتي لکجي چڪي آهي.”

سائين جي ايم سيد جو طبعي سفر ته ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع کان شروع ٿي، ۲۴ اپريل ۱۹۹۵ع تي پورو ٿيو پر سندن فڪري سفر ۽ روح جي پرواز اڄ به جاري آهي. اڄ جڏهن اسان سندس ۱۱۷ هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ته سائين کي اسان کان موڪلائي ۲۶ سال پورا ٿي رهيا آهن. ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ جو ڪو به مؤرخ، ملڪي توڙي غير ملڪي، حامي توڙي مخالف، جي ايم سيد جي ذڪر بنا لکي نٿو سگھي پر ڇا ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۾ به سائين جي ايم سيد جو اهو رتبو برقرار رهندو؟

عشق ۽ عقيدت پنهنجي جاءِ تي پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دنيا ۾ ڪو به بين الاقوامي معيار جو مؤرخ ته دنيا جي هر شخصيت کي چاهي اها سياسي هجي يا مذهبي، اصلاحي هجي يا انقلابي، تعميري هجي يا تخريبي، هر ڪنهن کي تاريخ جي مخصوص معيار تحت ئي پرکيندو ۽ اسان کي به ڏسڻو پوندو ته ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۽ دنيا ڪٿي بيٺي آهي ۽ ان ۾ سائين جي ايم سيد جي سوچ، فڪر ۽ راهه عمل جي وقعت ڪيتري رهي آهي؟

سائين جي ايم سيد جي اولين سڃاڻپ جديد سنڌي قوم جي تصور جي بانيڪار طور ٿئي ٿي، جيڪا سڃاڻپ سائين جي ايم سيد کي جديد سنڌ جي تاريخ جو ابدي ڪردار بڻائي ٿي. سندس عملي سياست جو ڪير ڪيڏو به نقاد ڇو نه هجي پر اهو به ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھي ته ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ سنڌي قوم کي قومي شعور سان آراسته ڪرڻ ۽ پيڙهه جو پٿر جو ڪم سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل ادا ڪيو آهي.

اڄ سنڌي ثقافتي ڏينهن تي جڏهن سڄي عالم منجھان سنڌي قوم کي مبارڪن جا محبت ڀريا پيغام ملن ٿا ته اهي به سيد جي ئي فڪر ۽ عمل جي مرهون منت آهن. بلاشڪ ان ۾ اسان جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ قومي ورڪرن وغيره جون بي بها محنتون ۽ قربانيون شامل آهن پر ان راهه جي رهبريءَ جو تاج تاريخ سائين جي ايم سيد جي سِر تي ئي سجايو آهي.

سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ جو تخليقڪار به آهي ته تاريخ نويس به. سيد سنڌ جي تاريخ جو انقلابي ايماندار مورخ آهي. “سنڌوءَ جي ساڃاهه” کان “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ۽ “سنڌ جو ڪيس” پيش ڪرڻ تائين جيڪا به سنڌ جي تاريخ لکي آهي سا سموري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکي آهي. دنيا جي تاريخ جا اڪثر ڪتاب طرفداريءَ جا نمونا هوندا آهن پر جي ايم سيد ڪمال همت سان پنهنجي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ جو داستان انتهائي ايمانداريءَ سان لکيو آهي. اهڙي ئي جھلڪ اوهان کي گانڌيءَ جي آتم ڪٿا “منهنجو سچ” ۾ به ملندي. پنهنجي تجربن جي سربستي اُپٽار ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجي غلطين جو اعتراف سائين جي ايم سيد کي “عالمِ سياست جو سدا روشن ستارو” بڻائي ٿي. جيئن تارن کي سج جيان پنهنجي روشني هوندي آهي تيئن سائين جي ايم سيد به سنڌ جي تاريخ جو اهو سج آهي جيڪو اڄ ته قريب آهي پر جڏهن سڀاڻي ڏُور ٿي ويندو ته به سنڌ جي آسمان تي هڪ تاري جيان سدا روشن رهندو ۽ ايندڙ زمانن جي به هر مؤرخ کي سائين جي ايم سيد پنهنجي حصي جي مڪمل سچائي بيان ڪندڙ تاريخ نويس طور نظر ايندو.

ايڪيهين صديءَ جي هن ٽئين ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل جي صداقت جو وڏو امتحان ٿيڻو آهي. سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل جا ٻه باب اڄ به ڪڏهن دٻيل ڪڏهن وڏي واڪي تنقيدن جي زد هيٺ آهن. پهريون ۱۹۴۰ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تحريڪ ۾ ادا ڪيل سندس ڪردار ۽ ٻيو ۱۹۶۰ع  جي ڏهاڪي ۾ پيش ڪيل سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس جيڪو سائين ۱۹۷۳ع ۾ باضابطه هڪ ڪتاب “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ذريعي پيش ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجهد جون راهون هموار ڪيون. دلچسپ حقيقت اها به آهي ته هن ڪتاب کي شايع ٿئي اڌ صدي اچي پوري ٿي ٿئي پر اڄ تائين ڪنهن به نقاد هن ڪتاب جو تنقيد جائزو پيش نه ڪيو آهي. هن حوالي سان مٿس غداريءَ جا الزام به لڳا، ملڪ دشمنيءَ جا ڪيس به داخل ٿيا، مخالفن ان کي “وقت کان اڳ ڪپڙا لاهڻ” سان به ڀيٽيو پر اڄ تائين دليلن ۽ انگرن اکرن سان ڪنهن اهو نه لکيو آهي ته ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد آخر ڪهڙي ڳالهه غلط لکي آهي؟ سائين جي ايم سيد جڏهن “جيئن ڏٺو آهي مون” لکيو ته مذهبي ٺيڪيدارن ان ڪتاب مان حوالا ڏئي ڏئي پئي سائين جي ايم سيد کي ڪافر قرار ڏنو.

جڏهن ته جنهن به اهو ڪتاب پڙهيو هوندو يا پڙهندو ته ان ۾ سائين ڪٿي به ڪفر جي حمايت نه ڪئي آهي بلڪه ان ڪتاب منجھان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سائين سچو وحدت الوجودي آهي. پوءِ به هن ڪتاب مان مخالفن کي وري به ڪي دليل ڪي حوالا اهڙا هٿ آيا جن کي هنن مٿس تنقيد جا تير هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو پر منهنجي نظر مان اڄ تائين ساڄي توڻي کاٻي ڌر جي نقادن طرفان لکيل اهڙو ڪو هڪ مضمون به نه گذريو آهي جنهن ۾ هنن “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ۽ “سنڌوءَ جي ساڃاهه” مان ڪو حوالو ڏئي مٿس تنقيد ڪئي هجي يا سنڌ جي آجپي جي حق کي رد ڪيو هجي. دراصل اهو ئي اهم سوال آهي جنهن جو جواب سائين جي ايم سيد جي ايڪهين صديءَ جي ڪردار جو تعين ڪندو.

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙهندي پئي اچي جنهن ۾اسان کي خاطر خواهه ڪاميابيون مليون آهن ۽ اڄ پاڪستان ۱۹۷۱ع کان پوءِ هڪ ڀيرو وري پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ لڙي رهيو آهي. هن سوال جو جواب توهان جي اسان جي خواهشن تي منحصر ناهي پر ان جو جواب آهي ارتقا جي سفر جو رخ جانچڻ ۾ ۽ اڄ جي نئين بين الاقوامي بيهڪ ۾. جيڪڏهن هيءَ رياست پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ پنهنجي فريم ورڪ اندر ئي سڀني قومن کي پنهنجا قومي حق ۽ خود اختياري ملي ٿي وڃي ته مستقبل جو مؤرخ لکندو ته جي ايم سيد جو سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ۾ پيش ڪيل فڪر غلط ثابت ٿيو ۽ پوءِ ان جي اها افاديت نه رهندي جيڪا اڄ آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن به ملڪي توڙي بين الاقوامي بحران سبب هيءَ رياست پنهنجو وجود بچائي نٿي سگھي ۽ سنڌ ڪهڙي به نانءُ سان پنهنجي وڃايل تاريخي رياستي حيثيت بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته تاريخ سيد جي فڪر ۽ عمل جي راهه تي تصديق جي مهر هڻي ڇڏيندي. پوءِ جڏهن ڪو به مؤرخ سيد جي ڪاميابين ۽ ناڪامين، غلطين ۽ ڪارنامن کي تارازيءَ جي ٻن پڙن ۾ توريندو ته ڪاميابين ۽ ڪارنامن جو پلڙو گھڻو ڀاري هوندو.

اڄ به سائين جي ايم سيد جو سڄو  ذڪر سنڌ جي حوالي سان ٿئي ٿو پر تاريخ جي ڪُک ۾ هن جو بين الاقوامي ڪردار به آهي جيڪو هن صديءَ ۾ نکري نروار ٿيندو. سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ڪئنواس ڪائنات جيان وشال آهي پر سندس عمل جو ميدان فقط ۽ فقط سنڌ رهي جنهن ڪري سندس شفافيت به سنڌ سان ئي جڙيل رهي آهي پر هن صديءَ ۾ جڏهن سنڌ ۽ سنڌو واس جو سج اڀرندو ته سائين جي ايم سيد جو اهو عالمگير فڪر به سڄي دنيا جي منظرنامي تي اُڀري ايندو جنهن جو بنياد هن ٽن نقطن اتحاد انساني، امن عالم ۽ پرامن بقاءِ باهم تي رکيو آهي. هي هڪ عالمگير منشور آهي جنهن جي عملدرآمد لاءِ سائين چوي ٿو ته سنڌ کي هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، سنڌ کي اوڀر ۽ اولهه کي هلائڻ لاءِ پل جو ڪم ڪرڻو آهي. ظاهر آهي ته اهو ڪردار سنڌ تڏهن ئي ادا ڪري سگھندي جڏهن اها پاڻ  خودمختيار هوندي. ته سنڌ جي آزادي به سائين جي ايم سيد لاءِ منزل جو پهريون ڏاڪو آهي. اصل منزل ته سموري عالم جو امن، سموري انسانيت جي آزادي، خوشحالي ۽ برابري آهي.

سائين جي ايم سيد جڏهن سچائيءَ جي تلاش ۾ نڪري ٿو ۽ سائين جي بقول هڪ مرحلي تي سندس دوست جمشيد مهتا چوي ٿو ته “جي ايم سيد اونداهيءَ جي طاقت (Dark Faces) جي ور چڙهي ويو آهي” تڏهن به هو عالم انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪائنات جا ڳُجھه معلوم ڪرڻ نڪتو هيو ۽ جڏهن سندس روشنين جو سفر شروع ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد پيغام لطيف کي ئي سنڌ توڙي سموري عالم جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي منشور طور پيش ڪري ٿو. سنڌ جي عاشق طور ته سائين جي ايم سيد جي شناخت پراڻي آهي پر ايڪهين صديءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي هڪ نئين شخصيت به نکري نروار ٿيندي، هڪ عالمگير شخصيت مستقبل جو مؤرخ لکندو ته “سنڌ جو سيد رڳو سنڌ جو عاشق ناهي پر گڏوگڏ لطيفي روح سان سرشار آفاقي عشق جو به علمبردار آهي.”

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

اصول پرستيءَ جي عملي تصوير

آزاد انور مھر

منهنجي نظر ۾ تاريخي تهذيبي پسمنظر ۾ سنڌ اندر گذريل هڪ صديءَ دوران سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش سومرو، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد سورهيه بادشاهه سنڌ جا تمام وڏا نالا ۽ تاريخ ساز شخصيتون آهن. جيتوڻيڪ سورهيه بادشاهه ۽ شهيد الله بخش سومرو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شهيد ڪيا ويا. تنهنڪري قومي تشخص ۽ فڪري اعتبار کان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يا پوءِ سنڌ جي قومي تصور جي حساب سان ٻه تمام وڏا نالا رهيا هڪ مولانا سنڌي ٻيو سائين جي ايم سيد. اھا ڳالھه به تاريخ جو حصو آھي ته بر صغير جي ورهاڱي کان اڳ انگريز سرڪار پاران مزاحمت ڪندڙ باغين جي سزا لاءِ ٺاهيل رولٽ ايڪٽ نالي انگريز سرڪار جي قانون ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ انگريز دشمن جيڪڏهن نالو ھو ته اھو “مولانا عبيدالله سنڌي” ھو. پر ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد سنڌ جي سموري تاريخ جو اهو نرالو نانءُ آهي جنهن جي ٻُڌڻ سان سنڌ جي صالح فرزندن آڏو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سَهيڙي سامهون اچي بيهندي آهي. سيد جي سياست فڪري پهلوءَ جي ڪهڙي ڪهڙي پاسي تي لکجي ڇاڪاڻ ته هن روايتي انسانن واري خوف لالچ جي ٻن پڙن ۾ چيڀاٽجندڙ حياتي نه گذاري، هن اڄوڪي سياست وانگر پنهنجي سياست کي شخصي محرومين ڪوڙي شهرت جو ذريعو نه بڻايو نه ئي هن پنهنجي حياتيءَ کي برپٽ ۾ ڦٽندڙ ان ٻوٽي وانگر بڻايو جنهن جي ڇانوءَ ڪنهن جي ڪم نه اچي سگهي. ڇاڪاڻ ته کيس ڀليءَ ڀت  خبر هئي انسان جي سڀ کان اهم ميراث هن جي زندگي آهي. اها زندگي ايئن گذارڻ گهرجي، جو مرڻ وقت هو سڪون سان اکيون ٻوٽي اهو اطمينان محسوس ڪري سگهي ته هن پنهنجي حياتي عظيم ترين مقصد يعني انساني آزاديءَ جي لاءِ جاکوڙ ڪندي گذاري. سائين جي ايم سيد جي زندگي اهڙي انساني آدرش جي حاصلات جي حسين ترين ڪهاڻي آهي. جنهن زماني جي بي انتها لاهن چاڙهن بي وفائين تڪليفن باوجود ننڍي وهيءَ ۾ وڏن تجربن جي آڌار تي“فنا في السنڌ” جي رازن کي پرکي ۽ پروڙي ورتو. اهو ٻار جنهن جديد سنڌ جي جوڙ جڪ لاءِ پنهنجي سياسي وک صرف ۱۵ سالن جي عمر ۾ پنهنجي علائقي کان کنئي. اهو ٻارڙو جيڪو نه صرف سن اسڪول بورڊ جو چيئرمين بڻجي وڃي ٿو پر فقط ۲۵ سالن جي عمر ۾ پهچي ڊسٽرڪٽ جو صدر ۽ عمر جي ۳۳هين سال ۾ هو سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به بنجي ٿو. ۳۴ سالن جي عمر ۾ پير پائيندي “آل انڊيا مسلم ليگ” جي پليٽ فارم تان باقائده سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندي سنڌ جو وزير تعليم بڻجي ٿو. ان وقت سنڌ جا اڪثر سياسي اڳواڻ ۽ وڏا نالا برطانيا اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوءَ ۾ رهندي نه صرف سياست ڪندا هئا پر سندن راضپي خاطر ها ۾ ها ملائي گورنر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اصولي موقف کي به ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا هئا. ان وقت به سائين جي ايم سيد نتيجي جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو اصولي موقف چٽي نموني رکڻَ جو عادي هو. انڪري سائين جي ايم سيد برطانيا اسٽيبلشمينٽ کي چڙ ڏياري ڇڏيندو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به سيد سنڌ جي حقن جي حوالي سان وڏن نالي وارن اڳواڻن سان به اختلاف رکڻ ۾ دير نه ڪندو هو انڪري ئي ان وقت جديد خيالن وارا ڪامريڊ مٿس کلندي چوندا هئا ته سيد پوڙهو ٿي ويو آهي پر سيد ته تاريخ مان توانايون حاصل ڪندو هو. جڏهن ڳالهائيندو هو ته  محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ تاريخ پنهنجو اظهار ڪندي هجي. هن جي گفتگو ڪنهن تيز رفتار پهاڙي نديءَ وانگر ڪيتريون ئي ڇپون پاڻ سان گڏ لوڙهيندي ويندي هئي. هو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري سمورين سياسي حالتن جو اکين ڏٺو شاهد هو جنهن ڪري سندس ڪچهرين توڙي لکڻين ۾ پوري دنيا جي سياسي اٿل پٿل جو منظر اڀري ايندو هو.

اڄ جڏهن ملڪي سياست اندر سرگرم ۽ وڏا وڏا سياسي کلاڙي  موقعي ملڻ تي مخالف کي مات ڏيڻ لاءِ نه رڳو ڪوڙي پروپئگينڊه جو حصو ٿين ٿا پر مفادن خاطر مخالفن سان ملي ڪيرائڻ جون ڪوششون ڪن ٿا پر سيد اهڙي سطحي سوچ کان گهڻو بالاتر هو جيڪو سخت نظرياتي اختلافن هوندي پنهنجي سياسي مخالفن جي عزت ڪندو ۽ ڏکين حالتن ۾ سندن بچاءُ ڪندو هو.سائين جي ايم سيد جيڪو اصول پرست هجڻ سان گڏ انڪار جو قلندر ھو، جيڪو جرئت جو جبل ھو. جنهن ڪڏهن ڪنهن سياسي ڪاميابيءَ لاءِ ڪنهن جي سهاري شارٽ ڪٽ وارو رستو نه ورتو ڪڏهن به ذاتي مفاد لاءِ موقف نه مٽايو. تڪليفن جي خبر هوندي به جنهن سان بيٺو سچائين سان بيٺو ڪڏهن به دوستن سان دوکو نه ڪيو اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن. جئين ڪتاب “منهنجون يادگيريون ۽ جي ايم سيد” جو ليکڪ ايم ايڇ پنهور لکي ٿو، ۱۹۷۰ع جي چونڊن وارو زمانو هو مان سائين جي ايم سيد سان ويٺو هئس ته هڪ ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ سن اچي سائين جي ايم سيد سان مليو ۽ کيس ذوالفقار علي ڀٽو جو نياپو ڏنائين ته اوهان ٺٽي واري سيٽ اين اي ۱۲۷ وٺو پر پير علي محمد شاهه راشدي جي مدد نه ڪيو، ٺٽي واري سيٽ تان اسين اوهان کي بنا مقابلي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سائين جي ايم سيد مخدوم طالب الموليٰ کي چيو راشدي منهنجو دوست آھي مان پنهنجي دوست سان ڌوڪو نه ڪندس. مخدوم طالب الموليٰ واپس هليو ويو ۽ معاملا نه ٺھيا. اهڙي طرح سائين جي ايم سيد دادو جي تڪ  اين اي ۱۲۵ دادو ۲ تان ملڪ سڪندر سان چونڊ وڙھي سائين جي ايم سيد اليڪشن ۾ يارهن هزار ووٽ کنيا ۽ ملڪ سڪندر اڻونجاهه هزار ووٽ کنيا ۽ سائين جي ايم سيد هارائي ويو پر اصول خاطر دوست سان ڌوڪو نه ڪيائين. سائين جي ايم سيد جي انڪار بعد ٺٽي واري ان سيٽ تان ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ بيٺو ۽ اليڪشن کٽيائين، شيخ مجيب الرحمان کي سائين جي ايم سيد جي هارائڻ جو ڏاڍو ڏک پهتو. شيخ مجيب الرحمان مشرقي پاڪستان۾ ٽن تڪن تان چونڊ کٽي هئي شيخ مجيب سائين جي ايم سيد کي نياپو ڪيو ته هو پنهنجي ڍاڪا واري سيٽ سندس لاءِ خالي ٿو ڪري اوهان ڍاڪا مان رڳو فارم ڀريو اوهان کي کٽرائڻ اسان جو ڪم آھي. سائين جي ايم سيد ڍاڪا مان اهو چئي بيھڻ کان انڪار ڪيو ته جڏهن مون کي سنڌين ناهي سڃاتو ته ٻئي جي سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ وڃان اهو مناسب ناهي.

استقامت، ثابت قدمي ۽ اصول پرستيءَ اوچي منزل تي پهتل اهو شخص سنڌ جو سائين جسماني طور هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي جنهن سموري زندگي لطيف سائين جي ڏنل پيغام

سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

معرفت اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جو فڪر ڏئي دنيا کي تبديل ڪرڻ جي اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ جڏهن سنڌ جو هاڻوڪو نئون نسل علم ۽ عمل جي راهه تي هلندي ٿڪجي پوندو ته کليل ڪتابي صورت واري سائين جي ايم سيد جي مزار سندن رهنمائي ڪندي رهندي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

سندس جدوجهد، تاريخ جي آئيني ۾

تحرير: آزاد گھلو

جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي اباڻي ڳوٺ سن ان وقت جي ضلعي دادو ۾ ٿيو سندس خاندان جو سلسلو حيدر شاھ سنائي سان ملي ٿو جيڪو سورھين صدي ۾ ارغونن جي خلاف جدوجھد ڪندڙ سنڌ جي سمون خاندان سان تعلق رکندڙ مخدوم بلاول جو خليفو ھيو اھا ھڪ غير معمولي ڳالهھ آھي ته سماٽ قبيلي سان تعلق رکندڙ شخص جو خليفو سيد گھراڻي جو فرد ھيو.

سائين جي ايم سيد اڃان سال جو به نه ٿيو ته سندس والد محترم ۱ نومبر ۱۹۰۵ تي قتل ٿي ويو جڏھن ته پاڻ ابتدائي تعليم پنھجي ڳوٺ سن مان ئي حاصل ڪيائين. فيبروري ۱۹۲۰ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪيل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين جڏھن ته پاڻ مارچ ۱۹۲۰ ۾ سن شھر ۾ خلافت ڪانفرنس گھرايائين سال ۱۹۲۰ جي اپريل مھيني ۾ ئي سندس شادي ٿي.

۱۹۲۵ جي نومبر مھيني ۾ تعلقي مانجھند لوڪلبورڊ جو صدر چونڊيو ويو جتي پاڻ ترقياتي ۽ ٻين اھم سماجي مسئلن ڏانھن ڌيان ڏنائين. ان کان اڳ ڊسمبر ۱۹۲۴ ۾ سنڌ تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ پڻ ڀرپور حصو وتائين جنوري ۱۹۲۶ ۾ ڪراچي ضلع لوڪلبورڊ جي اسڪول بورڊ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ ان ئي سال ڊاڪٽر ايني بيسينت جي قائم ڪيل ٿاسافيڪل سوسائٽي جو ميمبر ٿيو ۱۹۲۸ ۾ ڪراچي ضلع لوڪلبورڊ جو پھريون وائس پريزيڊينٽ ۽ کانپوءِ صدر چونڊيو ان عرصي ۾ ڪراچي ۾ ترقياتي ۽ سماجي جا ڪافي ڪم ڪرايائين جنھن ۾ شھر ۽ ڳوٺن جي ترقي لا۽ ڪم شھر جي مرڪز کي ڳوٺن سان ملائڻ لا۽ رستن جي تعمير ريڊيو پاڪستان جي موجوده عمارت جي تعمير،ڪراچي ضلعي ڳوٺ سڌار ايسوسي ايشن ماھيگيرن جي حقن جي تنظيم ،ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ جھڙا ادارا ۽ ٻيا ڪافي سارا ڪم ڪرايائين.

۱۹۳۰ ۾ ميرپورخاص ۾ ھاري ڪانفرنس گھرائي جمشيد مھتا، ڄيٺمل پرسرام شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام قادر بلوچ سان گڏجي سنڌ ھاري ڪميٽي جو بنياد وڌائين ان ئي سال ڪانگريس جي ملڪي آزادي واري جدوجھد کان متاثر ٿي ان کي ويجھو ٿيو ۽ کانڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائين ۽ سن ۾ کانڌي جو ڪپڙو ٺاھڻ لا۽ ڪارخانو کولرايائين

سيد ۱۹۳۰ جي ڏھاڪي جي ۾ سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ۱۹۳۵ جي انڊين ايڪٽ تحت ۱ اپريل ۱۹۳۶ ۾ سنڌ جي الڳ صوبائي حيثيت بحال ٿي۔

۱۹۳۰ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني ميلي ۾ ادبي ۽ ثقاتي ڪانفرنس ڪرائڻ جي شروعات ڪيائين.

۱۹۳۴ ۾ الله بخش سومري ميران محمد شاھ ۽ شاھنواز ڀٽو سان گڏجي سنڌ پيپلز پارٽي ٺاھي.

حاجي عبدالله ھارون ۽ الله بخش سومري سان گڏ ۱۹۳۶ سنڌ اتحاد پارٽي جو بنياد رکائين.

۱۹۳۷ جي اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو

۱۹۳۸ ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ان ئي سال مسلم ليگ ڪراچي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائين.

۱۹۴۰ ۾ تعليم ليبر ۽ انڊسٽريز جو وزير مقرر ٿيو سنڌ يونيرسٽي جي قيام ،سنڌي ادبي بورڊ جي قيام  ۽ تعليم ادب ۽ مزدورن جي ڀلائي جي لا۽ اھم قدم کنياين اسڪولن جي نصاب جي تعليم ۾ رقص موسيقي جي تعليم کي شامل ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي ڪم  ڪائين.

جواھر لعل نھرو جي صدارت ۾  قائم ڪيل انڊين نيشنل پلاننگ ڪميشن جو ميمبر پڻ رھيو گڏوگڏ ان ئي سال مسلم ليگ سنڌ جو نائب صدر منتخب ٿيو ان ئي سال صوبائي انتظامي ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو.

۱۹۴۱ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر منتخب ٿيو.

۱۹۴۲ ۾ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جو صوبائي صدر بڻيو سيد مسلم ليگ کي ھڪ عوامي جماعت طور متعارف ڪرائي سڄي سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ مسلم ليگ ۾ ماڻھن جي ميمبر شپ ڪرائي نه ته ان کان اڳ مسلم ليگ ڪجهه ماڻھن تي ٻڌل جاگيردار ڪلاس طبقي سان گڏ بند ڪمرن ۾ ٺهراءُ  پاس ڪندي ھئي جاگيردارن سان ڀريل مسلم ليگ ۾ واحد جي ايم سيد ئي اھڙو شخص ھيو جيڪو مڊل ڪلاس جي آواز سمجھيو ويندو ھيو.

۱۹۴۳ ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرايائين.

جناح پاران جاگيردار طبقي جي حمايت ۽ سمورا تنظيمي ۽ صوبائي مسئلا پنھنجي ھٿ ھيٺ رکڻ واري ڳالھ تان سيد جا جناح سان  اختلاف ٿيا جڏھن ته سيد مڊل ڪلاس جي سياست جو حامي ھيو نتيجي طور سيد مسلم ليگ کان عليحدگي اختيار ڪئي.

۱۹۴۶ جي عام چونڊن ۾ حصو ورتائين جنھن ۾ مسلم ليگ جي اميدوار سان مقابلو ٿيس جيڪا اليڪشن ڌانڌلي جي زور تي ھارائي ويو. اليڪشن نتيجن جي خلاف سيد پٽيشن داخل ڪئي پاڪستان ٺھڻ کان بعد اليڪشن ٽربيونل سائين جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جڏھن ته سندس مخالف اميدوار کي نااھل قرار ڏنو ويو.

سيد ۱۹۴۸ ۾ خان عبدالغفار خان عبدالصمد خان اچڪزئي  ۽ ٻين سيڪيولر روشن خيال جمھوريت پسند اڳواڻن سان گڏجي پاڪستان پيپلز آرگنائزيشن ٺاھي.

۱۹۴۸ ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌي مسلمانن جون زمينون واپس ڪرائڻ لا۽ بل پاس ڪرايائين پر محمد علي جناح بطور گورنر جنرل ان بل تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

مئي ۱۹۴۸ ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارو منصوبو جڏھن آڏو آيو ته سيد ان جي شديد مخالفت ڪندي احتجاج ڪيو جنھن جي بنياد تي کيس ۱۸ جون ۱۹۴۸ تي گرفتار ڪيو ويو.

۽ جڏھن ۱۹۵۴ ۾ سنڌ سميت پاڪستان ٺاھڻ وارن ٻين صوبن بلوچستان سرحد ۽ بھاولپور جي الڳ سڃاڻپ ختم ڪري پنجاب سان ملائي ون يونٽ قائم قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته سنڌ جي سڃاڻ ڌرين سان گڏجي جي ايم سيد ان عمل خلاف مزاحمت ڪئي ته ۳ نومبر ۱۹۵۴ تي سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو آڪٽوبر ۱۹۵۵ کان اولهه پاڪستان جو ھٿرادو غير  آئيني صوبو ٺايو ويو ۽ سيد ڊسمبر ۱۹۵۷ تائين قيد ۾ رھيو .

ايوب خان ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ تي جڏھن ملڪ ۾  مارشل لاءِ جو اعلان ڪيو ته ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۵۸ تي سيد کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو جتان کيس اٺن سالن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ فيبروري ۱۹۶۷ ۾ آزادي ملي.

۱۹۶۷ ۾ سيد بزم صوفياءِ سنڌ جي نالي سان سماجي تنظيم جوڙيائين جنھن جو جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو ھو،ان تنظيم وسيلي سيد مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي امن، رواداري، ڀائچارو، حب الوطني ۽ شعور جي روشني ڦھلائڻ لا۽ سڄي سنڌ ۾ سفر ڪيو پر حڪومت وقت کان اھو به برداشت نه ٿيو ۽ نيٺ ۲۲ جون ۱۹۶۷ سائين کي وري گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته اتان تڏھن آزادي ملي جڏھن ۲۶ جنوري ۱۹۶۹ تي سڄي ملڪ ۾ ھلايل تحريڪ کان تنگ ٿي ايوب خان سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سيد ۱۹۶۹ ۾ آزادي کانپو۽ صوبائي خودمختياري واري شيخ مجيب الرحمان جي ۶ نقاطي ايجنڊا جي حمايت ڪري شيخ مجيب جي اعزاز ۾  ڪراچي ۾ شاندار اسقباليه دعوت پيش ڪيائين.

۱۹۷۰ جي اليڪشن ۾ سيد سنڌ متحده محاذ جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو ورتو سندس پارٽي کي اليڪشن ۾ شڪست ملي سندس اتحاد عوامي ليگ سان ھيو .

مارچ ۱۹۷۱ ۾ جڏھن بنگال ۾ فوجي چڙھائي ڪئي وئي ته ان وقت حڪومت پاران سڀني قومپرست،ترقي پسند ۽ محب وطن ليڊرن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو جي ايم سيد به انھن گرفتار ٿيلن ۾ شامل ھيو. سيد کي جيل مان تڏھن ڪڍيو ويو جڏھن پاڪستان ٽٽي چڪو ھيو ۽ بنگلاديش وجود ۾ اچي چڪو ھيو ۽ باقي بچيل پاڪستان ڪنھن کٽيل جواري جيان ڀٽي کي ملي ويو.

۷۰ جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کان جي ايم سيد کي شڪست ملي ھئي ۽ بنگلاديش معاملي تي سيد ذوالفقار ڀٽي جي ڪردار جو شديد مخالف ھوندي به باقي بچيل پاڪستان ۾ ڀٽو کي حڪومت ملي ته سيد ھڪ کليل خط ڀٽي کي لکيو جنھن ۾ ھن شرط تحت تعاون جي پيشڪش ڪئي وئي ھئي ته جمھوري ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي قومي حقن جي بحالي لا۽ قدم کنيا وڃن.

سنڌ اسيمبلي جڏھن ۱۹۷۲ سنڌي ٻولي جي حق ۾ بل پاس ڪيو ته ان وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لساني فساد ڪرايا ويا ۽ وفاقي حڪومت آرڊيننس ذريعي ھن بل کي تبديل ڪيو۔جنھن لا۽ سيد سنڌي ماڻھن جي قومي سجاڳي لاءِ سڄي سنڌ جو دورو شروع ڪيو ۽ آگسٽ ۱۹۷۲ ۾ سيد کي گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو جتان جنوري ۱۹۷۳ ۾ آزادي مليس.

۽ جڏھن جي ايم سيد ڏٺو ته چونڊن ۾ واضح اڪثريت ھجڻ جي باوجود بنگالين جي نمائندا جماعت عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ بدران انھن تي فوجي چڙھائي ڪئي وئي ۽ انھن جي عورتن سان غير انساني ورتاءُ ڪيو ويو ۽ نئين جڙيل پاڪستان جي حاڪم اڃان ساڳيون پاليسيون جاري رکندو ٿو اچي ته سيد آزاد،خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ جو ڏنو ۽ ان جي حصول لا۽ جيئي سنڌ محاذ جو بنياد وڌو.

۱۹۷۳ ۾ جڏھن آئين ٺاھيو ويو ته جي ايم سيد ۽ سندس سياسي جماعت جيئي سنڌ محاذ ۽ ان سان لاڳاپيل جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ان کي "قومن جو قاتل ” آئين چئي رد ڪيو ۽ ان جي خلاف احتجاج ڪيو جنھن تان ۲۸ اپريل ۱۹۷۳ تي حڪومت سيد کي نظر بند ڪري ڇڏيو ۽ ھي طويل نظربندي ۱۹۸۷ تائين ھلي۔جنرل ضياالحق پاران مارشل لاء لاڳو ڪرڻ کانپو۽ ڀٽو حڪومت جا سڀ قدم رد ڪري ڇڏيا ھيا ۽ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ويو ھيو پر سيد جي نظربندي کي پوئين حڪومت جو ورثو قرار ڏئي جاري رکيو ويو.

نظربندي ختم ڪرڻ کانپو۽ سيد سنڌ جي دوري تي اپر سنڌ لا۽ نڪتو ته ڊسمبر ۱۹۸۷ ۾ سيد کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ ۱۹۸۸ ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.

سکر کان جڏھن پنھنجو اڻ مڪمل دورو ڪرڻ لا۽ ۱۹۸۹ ۾ سکر کان دورو شروع پيو ڪري ته وري مشھور زمانه جھنڊو ڪيس ٺاھي سيد کي وري  نظربند ڪيو ويو جڏھن ته ان وقت حڪومت بينظير ڀٽو جي ھئي، بعد ۾ ۹۰ ۾ عبوري حڪومت کيس آزاد ڪيو.

۱۷ جنوري ۱۹۹۲ تي سيد پنھنجي سالگرھ جو جلسو نشتر پارڪ ڪراچي ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جلسي ۾ سيد گڏيل قومن جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ ھڪ خاڪو دنيا اڳيان پيش ڪيو. ٻئي ڏينھن تي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي معاون خصوصي چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي سيد کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو غداري ڪيس داخل ته ٿيو پر ڪڏھن ھليو نه۔نواز شريف کانپو۽ بينظير ڀٽو به ھن قيد کي برقرار رکيو .

جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي باري ۾ ڪميشن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيرقانون منافقت ظاھر ڪندي اقبال حيدر به جي ايم سيد جي قيد کان انڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به سياسي قيدي ناھي.

۲۵ اپريل ۱۹۹۵ ۾ جناح اسپتال جي ھڪ وارڊ ۾ سپاھين جي گھيري ۾ سنڌ جي تاريخ جو ھي عظيم شخص حالت قيد ۾  سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

لاهوتي لڏي ويا

محمد خان ابڙو

تاريخ ته ياد ناهي پر اهو ۱۹۷۴ع جو سال هو جڏهن منهنجي سائين جي ايم سيد سان پهرين ملاقات ٿي هئي. ان وقت آئون حيدرآباد جي هڪ مل ۾ پوڻن ٻن سون کان به گهٽ پگهار تي مزدوري ڪندو هئس. ڌرتيءَ سان عشق جي جذبي سان سرشار هڪ نوجوان قومي ڪارڪن جي سائين جي ايم سيد سان پهرين ملاقات جي ڪيفيت فقط اهي ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا جيڪي ان ڪيفيت مان پاڻ گذريا هوندا. انڊس هاءِ وي جي سن اسٽاپ تان لهي شهر جي چوڪ تائين ٽانگي واري سفر جي يادگيري مون کي اڄ به انڊين آرٽ مووي جي ڪنهن سين وانگر لڳي ٿي. ٽانگا اسٽينڊ تي لهي سن شهر جي گهٽين مان گذري سيد جي بنگلي جي وچ واري رستي جو سفر اڻ ڌٺي عشق جي رستي تي پيار جو هڪ اهڙو پنڌ هو جتي محبوب سان ملڻ جي آس به هئي ته دل ۾ سوين وهم ۽ وسوسا به هئا. پر اها عمر اهڙي هئي جڏهن اکيون عشق ۾ انڌيون ٿي وينديون آهن.

سن اسهڻ کان اڳ منهنجي هڪ ڳوٺائي دوست مون کي تمام گهڻو ڊيڄاريو به هو پر پوءِ به منهنجي دل ۾ هڪ لمحي لاءِ به سائين جي ايم سيد سان روبرو ملڻ جي خواهش جهڪي ڪانه ٿي. سن پهچندي سج لهي ويو هو، شهر ۾ اهڙي اوندھ هئي جهڙي اڄ ڪلھ قومي سياست ۾ آهي. ماحول ۾ ماٺار هئي، ان وقت شايد سن ۾ اڃا  لائٽ نه لڳي هئي. سيد جي بنگلي تي موجود نوڪرن هيٺ وڇايل گلم تي اچي ويهاريو. سانجهيءَ ٽاڻي ٻهراڙيءَ ۾ رات ٿي ويندي آهي وري جنهن شهر ۾ لائٽ نه هجي اتي ته سانجهيءَ ويلي ڄڻ ته اڌ رات لڳندي آهي. اوطاق جي گلم تي ويٺي سائين جي ايم سيد کي پهريون ڀيرو روبرو ڏسڻ جو انتظار ڊگهو ٿيندو پئي ويو. پوءِ اوچتو حويلي واري پاسي کان ڏيڍيءَ مان هٿ ۾ ٽارچ جهليل هڪ شخص نمودار ٿيو، هو ٽارچ جي روشنيءَ ۾ اسان طرف وڌي آيو، وچولو قد، بت ۾ هلڪو ۽ جسماني طور ڪمزورڙو! کيس پهرين نظر سان ڏسندي ئي هڪدم  ٻهراڙيء جي ماڻهن جو پهاڪو دل تي تري آيو، “مڙسن جا قد نه ماپبا آهن.”

سائينءَ جي نگاھ ڪمال جي هئي، منهنجي منهن ۾ ٽارچ هڻي چوڻ لڳو:

“ابا، هي همراھ ته نئون ٿو لڳي.”

پوءِ سائينءَ سيوهڻ جي ماڻهن جا ڪيئي قصا ٻڌايا. دراصل سيوهڻ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن جو تڪ به هو جيڪو ٿاڻي بولا خان، ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ تائين هوندو هو ان ڪري کيس سندس تڪ جي ماڻهن جي چڱي پروڙ هئي. اها ڪچهري ڪنهن ڪتابي ڪهاڻيء جهڙي هئي. سائين به ساڳي گلم تي اسان جي سامهون هڪ ننڍي پٿراڻيء تي ويٺل هو. زندگي جي سفر ۾ مهانگا مشروب پيئڻ کان پوءِ به اڄ تائين مون کي سيد جي اوطاق تي ڪٽلي ۾ آيل اها چانھه وسري نه سگهي آهي جنهن جون سرڪيون ڀري سفر جا سمورا ٿڪ لهي پيا هئا.

ان ملاقات کان پوءِ برصغير جي هن مدبر سياستدان،  عالم، اديب، تاريخدان ۽ صوفي منش ماڻهوء سان منهنجيون ڪيئي ملاقاتون رهيون ۽ ڪچهريون پڻ ٿيون. ان ڳالھه ۾ ڪوبه شق ناهي ته سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي سنڌ توڙي هند جي انهن سياستدانن جي قطار ۾ بيٺل آهي جيڪي تاريخ جو اڻ مٽ حصو بڻجي ويا آهن. اڄ کان ڪيئي صديون پوءِ به جڏهن ڪوبه مورخ سنڌ جي تاريخ کي اٿلائيندو ته ان کي سائين جي ايم سيد سڀ کان مٿاهون بيٺل نظر ايندو.

سائين جي ايم سيد جو والد پڻ انگريز دور جو هڪ ارڏو ڪردار هو، جنهن جي ارڏائي جو اندازو ان مان لڳايو ته انگريز سرڪار سندس هر چرپر تي نظر رکڻ لاءِ مٿس پوليس جو پهرو لڳائي ڇڏيو هو. اڄوڪي تاريخ تي هڪ سئو ارڙهن سال اڳ سن شهر ۾ جنم وٺندڙ سائين جي ايم سيد ڏيڍ سال جي عمر ۾ يتيم بڻجي ويو هو، سگهو ئي سندس وڏي ڀاءُ جي وفات کان پوءِ سندس خاندان ۾ ڪوبه مرد نه هجڻ ڪري سائين جي ايم سيد جي پالنا سندس ماء، پُڦين ۽ خاندان جي ٻين عورتن ڪئي. گهر جي اهڙي صورتحال جي ڪري سندس شادي به بنھه ننڍڙي عمر ۾ ٿي وئي. سائين جي ايم سيد بلدياتي اليڪشن مان سياست جي شروعات ڪري سنڌ اسميبليء ۾ هڪ سگهاري ميمبر طور شامل ٿيو ۽ پاڪستان ٺاهڻ جهڙا ٺهراءُ پاس ڪرائي پاڻ کي هڪ غير معمولي سياستدان طور پنهنجو تعارف ڪرائي تاريخ ۾ وڏي جاءِ والاري. اڳتي هلي سائين جي ايم سيد جڏهن پنهنجن هٿن سان جوڙيل ملڪ ۾ پاڻ کي اوپرو محسوس ڪيو ته هن تاريخ جي آئيني اڳيان بيهي پنهنجي هڪ تمام وڏي غلطي جو اعتراف ڪندي سياسي سفر جو پنڌ جاري رکيو ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو.

توڙي جو ڪنڊن جي سيج جهڙي سندس پڇاڙڪي سياست ۾ جڏهن هو آخري ڀيرو اليڪشن ۾ بيٺو هو تڏهن هو تمام ٿورا ووٽ کڻي هڪ جاگيردار هٿان وڏي شڪست کائي ويو هو پر هن وقت جڏهن اسين تاريخ جي شاگرد جي حيثيت ۾ ويهي حساب ڪتاب ڪريون ٿا ته جنهن وڏيري کيس اليڪشن ۾ هارايو هو سو ته هن وقت ڪنهن کي به ياد ناهي پر جنهن جي ايم سيد هڪ وڏيري هٿان وڏي شڪست کاڌي سو اڄ به لکين دلين ۾ نه فقط جيئرو آهي پر هو اڄ به ڪيترن ئي نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي. سائين جي ايم سيد مون کي هڪ خط تڏهن موڪليو هو جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ سيوهڻ ۾ اسان پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي ملهائي پئي وئي، جنهن تي پوليس اسان جي ساٿين کي گرفتار ڪيو هو ۽ اسان ٿاڻي تي سڄي رات ڌرڻو هڻي ويهي رهيا هئاسين، صبح جو ڪاڪو علڻ ٿيٻو، سائينءَ جو خط کڻي آيو ته:

“منهنجي ضلعي انتظاميه سان ڳالهه ٿي ويئي آهي اوهان جا اڳواڻ آزاد پيا ڪن اوهان پوليس اسٽيشن تان ڌرڻو ختم ڪري سن اچو ۽ منجهند جي ماني اچي هتي کائو.” سائين جي ايم سيد مون کي ٻيو خط تڏهن لکيو جڏهن سندس پوٽو جلال محمود شاهه سيوهڻ ۾ ايليمينٽريءَ جو امتحان ڏيڻ لاءِ پئي آيو، اها شايد ۱۹۷۷ع جي ڳالهه آهي. سائينءَ لکيو، “جلال محمود سيوهڻ اچي پيو، سندس اتي ڪو امتحان آهي، سندس رهائش لاءِ عزت علي شاهه جن وٽ انتظام ٿيل آهي، ان باري ۾ منهنجي انهن سان ڳالهه ٿيل آهي، باقي تون رڳو جلال محمود سان گڏ هججان، جيڪي ٻه ٽي ڏينهن سيوهڻ ۾ آهي.” سائين پاران سيد جلال محمود شاھ جي سار سنڀال لهڻ لاءِ مون کي ڪيل هدايت تي مون ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي هئي. ۽ سيوهڻ جي سيدن جي سائين کي ڏنل دانهن جي جواب ۾ سائين جي ايم سيد پاران لکيل هڪ خط ۾ هن جون اهي سٽون به اڃا سوڌو ياد اٿم ته:

“تون سن اچ، اچي پنهنجا مون وٽ رکيل پئسا جيڪي آراضيءَ وارن سيدن لاءِ جاءِ جي معاملي ۾ ڏنا هيئي، سي اچي کڻي وڃ، هي سدائين واعدا ڪري نه آيا آهن، زبان ڪري ڦري ويا آهن ۽ لالچ ڪونه ٿا ڇڏين.”

سائين جي ايم سيد سان گڏ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪرڻ جو اعزاز هجڻ ناتي اڄ سترهين جنوريء تي سندس سالگرھ جي موقعي تي پاڻ کي خوشنصيب به سمجهي رهيو آهيان پر جڏهن پٺتي ورائي ڏسان ٿو ۽ اسان جي ڏٺل انهن سپنن کي ساريان ٿو جيڪي ساڀيان ٿي نه سگهيا ته پوء اٻاڻڪو به ٿي وڃان ٿو.  سائينءَ کان پوءِ مون جهڙا نه ڄاڻ ڪيترا ٻيا سيد جا عاشق وقت جي واءُ ۾ وکري ڪڻو ڪڻو ٿي ويا ۽ سن جو اڱڻ اڄ ان اوطاق وانگر لڳي رهيو آهي جنهن لاءِ لطيف چيو:

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب طنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءُ جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا”

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

لطيفي لات ۾ پيغامِ سنڌ سرجيندڙ

انعام ڀٽي

لطيف جي سرن مان ڪنهن ڪهڙو سبق ورتو ته ڪنهن ڪهڙو. ڪن لاءِ سندس شعر صوفياڻي رمز هئي ته ڪن لاءِ سنڌي ۾ آيتون. ڪن لاءِ فقيري جي چوغي ۾ گذر سفر جو ذريعو هو ته ڪن لاءِ راڳ جي رنگ ۾ مستي ۽ موج، پر سن جو هڪ سيد، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو سائين جي ايم سيد بڻيو، انهيءَ لاءِ لطيف جو ڪلام وطن aسان محبت، ويڙهيچن سان وچن ۽ سر جي بدلي سنڌ جي آزادي جي صدا هيو. “سرجيس تان سور، ساماڻيس تان سک ويا” جون سٽون به جهڙو سندس جيون سان جڙيل هيون ته “چُڪي تنَهن چَري ڪئي، جا ڏِنَس ڏَم ڏُهي” جو درس به کيس ئي سمجهه ۾ آيو هو.

جنهن طرح جو نينهن سائين جي ايم سيد جو سنڌ سان جڙيو ، اهڙو صدين ۾ ڪنهن جو ڪو شايد ئي سنڌ سان جڙيو هجي!؟ سندس سنڌ سان نينهن ڇا لڳو هو فنا في السنڌ ٿي ويو. سنڌ جي عشق ۾ هن ڇا ڇا نه سٺو؟ قيد ۽ بند ته هن لاءِ ڪو ڪٺن ڪم نه هو، پر پنهنجن جي بيوفاين ۽ قوم جي ڪوتاهين به هن کي ڪڏهن مايوس نه ڪيو. “جيها ڪي تيها مارو مون مڃيا” جي موٽ ڏيندي هو هو هر حال ۾ قوم جي هر فرد کي قبول ڪندو رهيو. هن کي ڪير ڪڏهن سياسي سفر جي اڻانگي پنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڇو ڇڏي ويو انهي تي به هو ڪڏهن ڪوسو نه ٿيو. بس زندگي جي هڪ اڻکٽ سفر ۾ هو سور پريان جا ساڻ ڪري “هيڪليائي هيل پورينديس پنهونءَ ڏي” جو سبق سيني ۾ سانڍي هلندو رهيو.

سائين جي ايم سيد جي سنڌ سان اهڙي جند ڪيئن ۽ ڇو جڙي انهي جو سمورو سبب لطيفي لات آهي. هن لطيف کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ بعد جڏهن سنڌ جي سماج تي نظر وڌي کيس نظر آيو ته صدين جي صدا جيڪا لطيف بلند ڪئي هئي انهي کي ڪو شارح نه مليو آهي، اهڙو شارح جيڪو نه رڳو انهن سٽن کي سمجهي ٻين کي سمجهائي، پر انهن کي سمجهي پاڻ انهي تي عمل پيرا ٿي قوم لاءِ هڪ مثال بڻجي وڃي.

نئين سنڌ جو سرجيندڙ جڏهن سنڌي قوم جي تاڃي پيٽي کي اڻڻ لڳو ته هن کي تاريخ جي ورقن ۾ صدين جا خال نظر آيا. هن کي نظر آيو ته سنڌ جي ماڻهن منجهان سنڌي قوم هجڻ جو تصور ناپيد بڻجي چڪو آهي. سنڌ جي سرزمين تي ڌارين حملي آورن جيڪي به ڪاهون ڪيون ۽ فاتح بڻيا انهي ۾ هو تاريخ جي قومي تسلسل کي ته ميساري سگهيا، پر سنڌ جي وجود کي ميساري نه سگهيا هئا، تنهنڪري سنڌ جي ماڻهن جڏهن به قومي غلامي کي محسوس ڪيو ته هو انهي مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿا. اهڙي قوم جنهن طويل غلامي بعد انگريزن جي غلامي ۾ پير پاتو ته کانئن قومي تشخص ۽ قومي ڪردار جي ويسر وڌي وئي ۽ اهڙي حالت ۾ سائين جي ايم سيد لطيف جي ڪردارن مان سمجهي ورتو ته هن جي وجود جو ڪارڻ ۽ هن جو سنڌ ڌرتي تي جنم وٺڻ جو سبب ڪهڙو آهي! قدرت واري کيس ڪوخاص ڪم سونپيو آهي جيڪو هن کي ڪرڻو آهي. هن پنهنجي اندر سان روح رهاڻ ڪري جتي جتي به ليئا پاتا ته کيس هر هنڌ هڪ ئي سڄڻ سامهون مقصد بڻجي اڀريو ته هو سنڌ جي غلامي جي نجات جو ذريعو ڪيئن بڻجي سگهي ٿو! انهي نينهن جي نشي ۾ هن پنهجو پاڻ کي اهڙو ته محو ڪري ڇڏيو جو هن جي جيئڻ ۽ مرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف سنڌ هئي. هن کي خبر هئي ته منزل اڻانگي ۽ سفر ڏکيو ڪا خبر ڪونهي ته پنهنجي حياتي ۾ انهي منزل کي ماڻي سگهندو يا نه، پر “جي قيام مڙن ته پڻ اوڏا سپرين” جي مصداق هن منزل طرف هلڻ شروع ڪيو.

جڏهن قومي تصور ختم ٿي ويندو آهي قومي غلامي ڪنهن به طرح غلامي محسوس ڪونه ٿيندي آهي ته اهڙي قوم جي روح کي جنجهوڙڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. جنهن سنڌي قوم کان پنهنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر وسري ويو هو انهي کي سائين جي ايم سيد نئين سر “سنڌ جا سورما” ۽ “سنڌي ڪلچر” ياد ڏياري ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ جو پيغام ڏنو. هن کي سمجهه ۾ اچي ويو هو ته کيس هڪ اهڙو آڏاڻو اڏڻو آهي جنهن جي تاڃي پيٽي ۾ خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ جي سرجڻ جا خواب پيوست ٿي وڃن. اهڙا خواب جن جي ساڀيان ٿيڻ بنا قوم کي ڪڏهن به سڪون جي ننڊ نه اچي. سائين جي ايم سيد کي سمجهه ۾ اچي ويو ته جڏهن غلامي طويل هجي ته نجات جا پنڌ به ڊگها ٿي پوندا آهن.

سائين جي ايم سيد سنڌ جي اهڙي فڪري رهنمائي ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. سن ريلوي اسٽيشن تي گانڌي سان گهڙي پل جي ملاقات بعد خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جو معاملو هجي توڙي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، ڪراچي لوڪل بورڊ هجي توڙي دادو ضلعي ڪائونسل، خاڪسار تحريڪ ۾ شرڪت هجي توڙي ڪانگريس ۾، مسلم ليگ ۾ شموليت هجي توڙي پروگريسو مسلم ليگ جو قيام، سنڌ متحده محاذ جو بنياد هجي توڙي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو، سنڌ هاري ڪميٽي جو قيام هجي توڙي سنڌ پيپلز پارٽي جو، نيشنل عوامي پارٽي جو وجود هجي توڙي جيئي سنڌ محاذ جو سيد جي سموري سياسي سفر جو محور سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اهنجن جو خاتمو هو.

پاڪستان جي سياسي سفر ۾ جتي اڪثريت سياستدان پنهنجي سياسي طاقت کي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ استعمال ڪندا آهن، اتي سائين جي ايم سيد اهو واحد سياستدان هيو جنهن پنهنجي عملي سياست جي عروج واري زماني ۾ به ڪڏهن ڪا ذاتي مراد يا حاصلات پوري ڪرڻ جي ڪوشش ته ڇا ڪڏهن ڪا خواهش به نه ڪئي. هڪ زماني ۾ سائين جي ايم سيد دادو ضلعي ڪائونسل جو نائب صدر هو، انهي ڪائونسل جي صدر سان مالي ۽ انتظامي بيقاعدگين سبب سندس اختلاف ٿي پيا پاڻ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ ٿي چاهيائون، پر انهي رٿ جي پاس ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ صدر جي معزول ٿيڻ سان نائب صدر کي قاعدي تحت قائم مقام صدر ٿيڻو پئجي وڃي ها. انهي ڪري سائين جي ايم سيد پهرين پنهنجو نائب صدر وارو عهدو خالي ڪري ٻئي ڪنهن ميمبر کي نائب صدر چونڊرايو انهيءَ بعد ان صدر جي خلاف پاڻ عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪيائون.

انهي زماني ۾ يا اڄ ۾ ايتري اعليٰ ظرفي ڪهڙي سياستدان ۾ آهي جيڪو ائين ڪري ڏيکاري. جڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ جي سياست جو هڪ اهڙو ڪردار هو جيڪو اسيمبلي اندر جيئن ڪرڻ چاهيندو هو  ڪري پئي سگهيو پر ان دور ۾ به سيد ڪڏهن سياست جي نشي ۾ يا شخصي غرور ۽ تڪبر ۾ گرفتار ڪونه ٿيو. هن جنهن سان به سياسي اختلاف ڪيو اهو سياست ۽ سياسي سوچ يا نڪته نظر تائين رهيو هن سياسي مخالف کي نه پنهنجو دشمن سمجهيو نه ان خلاف ڪا ذاتي نفرت رکي، پر بغضِ جي ايم سيد ۾ مبتلا ماضي ۾ توڙي اڄ به سائين جي ايم سيد مٿان نفرتن جا تير وسائيندا رهن ٿا. سائين جي ايم سيد هن خطي اندر جنهن سياسي سوچ جي چڻنگ دکائي ويو آهي اها هڪ نه هڪ ڏينهن تمام وڏو بڀڙ ٿي ڀڙڪندي ۽ غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙي اتحاد امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي راهه ڏانهن گامزن ٿيندي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

غلام ديس جو آزاد انسان

اعجاز منگي

يونان جو عظيم ناول نگار ۽ شاعر ڪازانت زاڪس پنهنجي قبر لاءِ اهو ڪتبو تحرير ڪري ويو هو ته:

“مون ۾ ڪا لالچ ناهي

مون ۾ ڪوخوف ناهي

مان آزاد آهيان”

اهي لفظ هن جي آخري آرام گاهه تي اڄ به لکيل آهن.

اها حقيقت پوري عالمي ادب، فڪر ۽ فلسفي ۾ تسليم ٿيل آهي ته زندان ۽ زنجير انسان کي قيد ڪري نه ٿا سگهن. جيل جسم کي باندي بڻائي سگهن ٿا پر انسان جي خيالن، خوابن ۽ احساسن کي اسير نه ٿا ڪري سگهن.

ماڻهوءَ جي مٿان ٻه حملا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ٿين ٿا. هو لالچ جو حملو. ٻيو خوف جو حملو. جيڪو انسان انهن ٻنهي حملن ۾ نه ڊهي سگهيو، ان انسان کي مفتوح ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو انسان زنجير پائي به آزاد رهي ٿو. اهو انسان جيلن ۾ جالي به پنهنجي آزادي مڪمل طور ماڻي ٿو. اهڙا انسان تمام گهٽ رهيا آهن. خوف ۽ لالچ کان بچڻ تمام مشڪل هجي ٿو. جيڪو انسان انهن ٻنهي رڪاوٽن سبب نه رڪيو، اهو انسان آزدايءَ جي آسمان جوستارو بڻجي چمڪي ٿو. ان انسان جي روءِ مان ئي اڀرندڙ سج جي روشني ڦٽي نڪري ٿي. اسان اهڙي انسان جي خيالن سان ته اختلاف رکي سگهون ٿا پر هن جي ڪردار تي آڱر کڻڻ جي اجازت ڪنهن کي به ملي نه ٿي سگهي.

سنڌ جي تاريخ ۾اهڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. انهن ماڻهن ۾هڪ ماڻهوءَ جو اڄ جنم ڏينهن آهي. هو هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو سياست جو سمنڊ ڪراس ڪري “سن جي ساحل” تي واپس وري آيو. ان مهل هو پوڙهو ٿي چڪو هو. پر آمريڪي اديب ارنيسٽ هيمنگوي جي هيرو “سنتياگو” وانگر هو نوجوانن کي فڪر، فهم۽ پنهنجي جيون جي سفر جون سبق آموز ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳو. هن کي به معلوم نه هو ته هن جي ننڍي ڳوٺ مان هڪ وڏي تحريڪ جنم وٺندي.

ماڻهو هن سان ملي حيران ٿيندا هئا. انهن کي سمجهه ۾ نه ايندو ته سياسي ڳالهيون ڪرڻ وارو هي انسان آخر ڪنهن به خوف ۽ لالچ جو شڪار ٿي ڇو نه ٿو سگهي؟ هن کي اهو ڊپ ڇو ڪونهي ته هن مٿان غداريءَ جو مقدمو هلي سگهي ٿو ۽ هو سوريءَ سزاوار ٿي سگهي ٿو. پر هن جي دل ۾ اهي بيت ۽ اهي شعر گهر ڪري ويهي رهيا، جن ۾ منصور هو. جن ۾ سرمد هو. هو افسانن کي حقيقت سمجهي بيان ڪندو رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ کي جنهن مقصد سان ملائي ڇڏيو، اهو مقصد اهڙو هو، جنهن ۾خوف ۽ لالچ جو ڪو عمل دخل ٿي به نه ٿو سگهي.

اهو انسان جيڪڏهن خوف ۽ لالچ جو شڪار ٿئي ها ته هو پنهنجن روحاني تجربن ۽ علمي سفر کي ميڙي سهيڙي “جيئن ڏٺو آه مون” جهڙو ڪتاب هرگز نه لکي ها. هن اهو ليکو چوکو نه ڪيو هو ته عقيدن جي ارتقاءَ تي هن جو لکيل اهو ڪتاب ڪيترن تبرن، تبصرن ۽ بحث مباحثن جو ڪارڻ بنجي سنڌ ۾ سيڪيولر سوچ کي ڪيترو سگهارو ڪندو؟ هن گهڻي ڳڻ ڳوت ئي نه ڪئي. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ هو گهڻو سوچي ويچاري ها ته اهڙو ڪتاب لکي نه سگهي ها. هن جي دل تي اهو ڪتاب تري آيو ۽ هن اهڙو ڪتاب سنڌ جي سامهون پيش ڪيو. هن جو اهو ڪتاب حيرت جو جزيرو بڻجي ويو. ڪيترن ئي ماڻهن سنجيدگيءَ سان سوچيو ته هو ڪهڙي سياست ڪري رهيو آهي؟ سياست ڪرڻ وارا ڪي اهڙا ڪتاب لکندا آهن ڇا؟ سياست ڪرڻ وارا ته تمام گهڻو احتياط ڪندا آهن. هن ڪڏهن به احتياط نه ڪيو. هن کي جيڪو چوڻو هو، هو چوندو رهيو. هن کي جيڪو لکڻو هو، هو لکندو رهيو. اهڙي طرح سياست جو عجيب ڪاروان هلندو رهيو. ان ڪاروان جي ڪهڙي منزل هئي؟

هن جي جيون ۾ هڪ موڙ اهڙو به آيو، جڏهن هن جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوال اڀريو ته هو سياستدان آهي يا صوفي؟ هو جنهن صرف “جيئن ڏٺو آه مون” جهڙو ڪتاب نه لکيو پر هن پنهنجي دور جي فڪري محاذ مٿان ٻيو بم ان ڪتاب جي صورت ۾ اڇلايو، جنهن ڪتاب جو نالو هو “سنڌ جا سورما” هو تاريخ جو پهريون طالب هو، جنهن معلم بڻجي اهو اعلان ڪيو ته راجا ڏاهر سنڌ جوسورمو هو. هن جي اهڙي اظهار تي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. هن دور ان قسم جي ڳالهه ڪرڻ جو اسپيس تمام گهڻي تڪليف کان پوءِ ڏنو آهي. جنهن وقت هن ان قسم جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مذهبي سياست ۾ تمام گهڻو ردعمل پيدا ٿيو پر هن ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي.

هن جي پوري زندگي سياسي هئي پر پوءِ به اها عجيب ڳالهه آهي ته هن سياست کان وڌيڪ ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تصوف جي موضوعن تي پنهنجا ڪتاب تحرير ڪيا. ڪهڙو سياستدان “ديار دل داستان محبت”جهڙو ڪتاب لکي سگهي ٿو؟ ڪهڙو سياستدان پنهنجن ذاتي رومانوي تجربن جون لڪل حقيقتون دنيا جي سامهون کولي رکي سگهي ٿو؟ ڇا ڪو اهڙو سياستدان ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو هجي؟ هو خاموش ٿي ويندو هو پر ڪوڙو جواب نه ڏيندو هو. انسان جي روحاني ارتقاءَ جي نازڪ ۽ حساس موضوع تي هن ماڻهوءَ جيڪو ڪجهه به لکيو، اهو ڪجهه هو ئي لکي ٿي سگهيو.

هو پنهنجي سوچ جي انداز ۾ گهڻي حد تائين گانڌي وادي به هو پر هن جي ڪتابن ۽ گانڌيءَ جي ڪتابن ۾ تمام وڏو تفاوت آهي. هو گانڌيءَ وانگر پنهنجي گرد ڪا عالمي علامت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نه هو. گانڌي تمام گهڻو ٿڌو ۽ ماٺار ڀريل ماڻهو هو. پر هو آخري پل تائين جذباتي ۽ پنهنجي اندر ۾ طوفان کڻي هلندڙ انسان هو. هن جي جيون ۾ جيڪي به موڙ آيا، هن انهن جو تذڪرو تمام گهڻي ڌيرج ۽ شيشي جهڙي شفافيت سان ڪيو آهي. هن پنهنجي سوچ سان هڪ الڳ ساڻيهه سرجڻ جي ڪوشش ڪئي. هن صرف سنڌي قوم جو نعرو نه هنيو پر هن “سنڌوءَ جي ساڃاهه” جهڙو عظيم ڪتاب به لکيو. هر انسان کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي مزاج مطابق ڪنهن شيءَ کي پسند ڪري. مون کي هن جي ڪتابن جي حوالي سان سنڌ جي سياسي تاريخ جي اسڪالر ڊاڪٽر حميده کهڙو ٻڌايو هو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙوڪتاب نه پڙهيو آهي، جهڙو “جنب گهاريم جن سين” آهي. هن ڪيتري نه سادگيءَ سان خاڪن جي صورت ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي سمنڊ کي ڪتاب جي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن جو احسان فراموش نه ڪيو. جيڪڏهن هن کي ڪنهن خط به لکيا ته هن اهي خط ڪتابي صورت ۾ آندا ۽ “اڄ پڻ چڪيم چاڪ” جهڙو ڪتاب منظرعام تي آندو.

هن کان اڳ ۾ شاهه لطيف کي صرف هڪ الهه لوڪ درويش سمجهيو ويندو هو. هن پنهنجي قلمي پورهئي سان لطيف جي عوام دوست ۽ وطن پرست شاعر جي طور تي سندس جيڪو تعارف ڪرايو، اهو سنڌ ۾ هن مهل تائين زير ذڪر آهي. هن لطيف جي شاعريءَ کي جدوجهد ۽ انساني عظمت جي سفر جوگائيڊ بڪ بڻائي پيش ڪيو. هن جي حوالي سان بنيادي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته هن شين جا نوان بنياد رکيا. سنڌ هن جي ذات سان لاڳاپيل ڪيترن ئي سوالن تي سوچيندي رهندي. ڇا هو مشڪل سوالن جو مجموعو هو؟ ڇا هو آسان ۽ انتهائي مشڪل جوابن سان ڀريل ڪتاب هو؟ ڇا هو سڀ ڪجهه پنهنجي وندر جي طور تي ڪندو رهيو؟ يا هو وندر جي واٽ تي ويندڙ ان سسئيءَ سمان هو، جيڪا ديس جهڙي دلبر لاءِ “پنهون پنهون” پڪاريندي پئي وئي!! هن جي جنم ڏينهن تي سوچيندي ڪيترن ئي خيالن جا پکي پنهنجا پر سوئيندا محسوس ٿي رهيا آهن.

هو جيڪو تمام گهڻن ۽ مشڪل سوالن جا جواب ڏئي ويو، ڇا هو پنهنجي ذات ۾ هڪ فڪري مسافر نه هو؟ هو پنهنجي منزل ماڻي يا نه ماڻي؟ ان باري ۾ ٻه جواب ٿي سگهن ٿا پر هن جي باري ۾ اها حقيقت هر ڪوئي تسليم ڪندو ته هن تمام وڏو سفر ڪيو هو. هو ايترو طويل ۽ ايترو مشڪل سفر هرگز نه ڪري سگهي ها، جيڪڏهن هو خوف ۽ لالچ کان پاڻ کي آزاد نه ڪري ها. انسان جي هڪ پير ۾ لالچ جي ڪڙي آهي ۽ انسان جي ٻي پير ۾ خوف جي زنجير ڇمڪي رهي آهي. جيڪو انسان پاڻ کي انهن قيدن مان آزاد نه ٿو ڪري، اهو نجات حاصل ڪري نه ٿو سگهي. انسان جي اصل نجات خوف ۽ لالچ مان نڪرڻ آهي. جڏهن ڪو به انسان ان سطح تائين پهچي وڃي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ذات جي سفر جي اصل تڪميل کي ماڻي ٿو وٺي. ان صورت ۾ هو اهڙي آزاديءَ کي رسي ٿو، جيڪا آزادي ڪو به کسي نه ٿو سگهي.

اڄ ان انسان جو جنم ڏينهن آهي. جنهن انسان خوف کي ختم ڪيو ۽ جنهن لالچ جي ڄار مان پاڻ کي بچايو. ان لاءِ هن تمام وڏو سفر ڪيو. تمام گهڻو سٺو. جڏهن جبلتن جا جبل چڙهي هو شعور جي ان چوٽيءَ تائين پهتو، تڏهن هن کي “پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هيا”واري ڪفيت محسوس ٿي ۽ ان پل هن جي مٿان نجات جا سمورا پرنور دروازا کلي ويا. ان مهل هو  غلام ديس جي آزاد انسان جي صورت نظر آيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

قومي ۽ جمهوري آزادين جو رهنما

عبدالخالق جوڻيجو

جي ايم سيد بيشڪ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان تڪراري شخص هو، اهو به سچ آهي ته هو هڪ غير معمولي انسان هو ته پوءِ اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته انساني تاريخ جا اڪثر غير معمولي ماڻهو پنهنجي وقت ۾ تڪراري هئا جهڙوڪ سقراط، عيسيٰ، گيليليو وغيره انهن سڀني جي سڀ کان وڏي خاصيت ۽ سڃاڻپ اها هئي ته انهن سچ ڳالهايو. کرو سچ. اهڙو سچ جيڪو ڪوڙ جي ديوارن تي ٺهيل حڪمرانن جي محلن کي لوڏي پيو ڇڏي. جيئن شيخ اياز چيو:

مون ڏات انوکي آندي آ ٿي تند وڙهي تلوارن سان

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن، ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان

پاڪستان جا سمورا حڪمران جي ايم سيد کان، سندس سچ کان ڊڄندا هئا، پوءِ اهي وردي سان هجن يا بنا وردي جي. انتهاپسند هجن يا لبرل. ان ڪر ئي انهن سڀني سيد کي قيد ۾ رکيو، پاڪستان ۾ گذاريل پنهنجي زندگي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو سيد جيل ۽ نظربندي ۾گذاريو. مزي جي ڳالهه ته جيڪي حڪمران هڪ ٻئي جا جاني دشمن هئا سي به جي ايم سيد جي مخالف ۾ هڪ پيج تي هئا. جي ايم سيد جي قيد ۽ بند جو سڀ کان وڌيڪ نقصان هن خطي جي عام ماڻهن کي ٿيو ته هتان جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ماڻهن جو. حڪمرانن هڪ طرف سيد کي لڳاتار قيد ۾ رکيو ته ٻئي پاسي سندس خلاف ملڪ دشمني، اسلام دشمني، عوام دشمني ۽ جمهوريت دشمني جي پروپئگنڊا ڪئي جڏهن ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. حڪمران پاڻ جمهوريت دشمن، عوام دشمن ۽ ايستائين ته ملڪ دشمن ٿابت ٿي چڪا آهن، جنهن جي شاهدي ۷۴ سالن جي تاريخ ڏئي ٿي. ملڪ جي اڪثر ٻئي حصي جي الڳ ٿي وڃڻ، وري وري مارشل جو لڳڻ، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو عروج تي اچڻ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو وڌڻ، غريب ماڻهن جو تعليم جي تباهي، ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪول کان محرومي وغيره.

جي ايم سيد خلاف منصوبن  ۽ مهم ۾ رجعت پسند ۽ کاٻي ڌر جون قوتون ته شريڪ هيون ئي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ترقي پسند سياستدان، دانشور ۽ صحافي به سنڌ جي سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏيارڻ واري مهم ۾ ليڪ جي هن پاسي بيٺل نظر آيا. حق، انصاف، عوام ۽ انقلاب جو جهنڊو جهليندي اهي همراهه جي ايم سيد خلاف اها ئي ٻولي ڳالهائيندا جيڪا رجعت پسندن ۽ ڊڪٽيٽرن جي هئي. سمورين سازشن، ڪوششن ۽ پابندين باوجود جي ايم سيد جو سنڌ جي قومي حقن بابت فڪر ۽ پروگرام سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي سرحدون ٽپي دنيا تائين پهچي رهيو آهي پر هن خطي ۾ امن، انساني حقن، سيڪيولزم، جمهوريت ۽ ترقي بابت سندس ڪردار ۽ جدوجهد کان هتان جي عوام کي ٿلهي ليکي بيخبر رکڻ ۾ حڪمران ڪامياب ويا آهن. ان حوالي سان جي ايم سيد جي جدوجهد جا ٻه پاسا آهن، هڪڙو نطرياتي، ٻيو عملي.

اڄ جي اصولن جي بنياد تي پاڪستان هڪ قومي رياست هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو (حقيقت ۾ اهو گهڻ قومي ملڪ آهي) انهن جو جنم (مغربي) يورپ ۾ سترهين کان ارڙهين صدي تائين ٿيو، يورپ جي تاريخ جا اٽڪل هڪ هزار سال (پنجين صدي کان چوڏهين صدي تائين) اونداهون دور سمجهيا وڃن ٿا. ان عرصي دوران يورپ تي ٽن عنصرن جي بالادستي هئي، هڪ چرچ، ٻيو جاگيردار ۽ ٽيون (بندوق جي زور تي قائم) سلطنتون. پوءِ وري نئين سجاڳي جو دور آيو ۽ ٽن نون عنصرن پراڻن کي شڪست ڏني. اهي هئا سيڪيولزرم، سرمائيدار ۽ قومي رياستون. ان ئي عرصي دوران ان شي جنم ورتو جيڪا جمهوريت جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. پاڪستان تي پهرئين ڏينهن کان انهن ٽن عنصرن جي بالادستي ۽ حاڪميت رهي آهي جن جي ڪري يورپ کي اونداهين دور مان لنگهڻو پيو. نتيجي طور جمهوريت اڄ تائين پير پختا ڪري نه سگهي آهي، يورپ کي جمهورت جو منهن ڏيکاريندڙ عنصرن لاءِ هن خطي ۾ جي ايم سيد جي جدوجهد بي مثال آهي. هڪ مضمون جي محدود تقاضائن مطابق اختصار سان انهن جو ذڪر ڪريون ٿا.

سيڪيولرزم جي حوالي سان جي ايم سيد جي ۱۹۵۲ع ۾ ويانا (آسٽريا) ۾ ٿيل عالمي امن ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪيل تقرير مدبري جو هڪڙو نمونو آهي. هڪ هنڌ هو چوي ٿو: “حڪومت جي واڳ نام نهاد مذهبي ليڊرن جي هٿ ۾ هوندي ۽ اهي ان کي پنهنجي مخصوص مذهبي عقيدن جي تشريح مطابق هلائيندا، اهڙي مذهبي حڪومت ۾ جمهوريت ۽ آزادي جي اظهار لاءِ ڪا جڳهه نه هوندي، پنهنجي تشريح مطابق اهي اڳ ۾ ئي قومي دولت جي غير مساوي ورهاست ۽ طبقاتي تفريق کي جائز ۽ قانوني قرار ڏئي چڪا آهن. اهي چاهين ٿا ته موجوده عدالتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ انصاف جو ڪليسائي نظام نافذ ڪيو وڃي. هڪ ٻئي هنڌ آهي ته جناب چيئرمين! هي ڪانفرنس امن جي عظيم مقصد  کي اڳتي وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، مان هن ڪانفرنس جي عيوضين ۽ خاص ڪري برطانيا ۽ آمريڪا جي عيوضين تي هي ڳالهه چٽي ڪرڻ چاهيندس ته برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتون جيڪي مسلمانن کي انهن جي مذهبي عقيدن  جي بنياد تي متحد ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن انهن جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، “ان ئي ڏس ۾ سندس شاهڪار ڪتاب، جيئن ڏٺو آه مون” مون نهايت اهم ۽ نمايان حيثيت رکندڙ آهي.

قومي وحدتن جي خودمختياري ۽ ان سان ڳنڍيل عملي جمهوري جدوجهد ۾ به سيد جو رول بنيادي حيثيت جو رهيو آهي. هن ۱۹۴۸ ۾ آزادي ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ ليڊرن عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي، قصور گرديزي ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز  آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو. جنهن جي پروگرام ۾ چيو ويو ته اندروني جهڳڙن ۽ مختلف وحدتن جي ٽڪراءُ کي روڪڻ جو جمهوري طريقو اهو آهي ته پاڪستان کي آزاد ۽ خودمختاري جمهوريائن جو اتحاد coalition of free socialist republics ٺاهيو وڃي.

جمهوريت لاءِ جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڊگهي ڪهاڻي آهي هتي صرف چند جهلڪيون ئي پيش ڪري سگهجن ٿيون. سال ۱۹۵۷ع ۾ سنڌ، پختونخوا، بنگال، بلوچستان ۽ پنجاب جي جمهوريت پسندن سان گڏجي نيشنل عوامي پارٽي ٺاهيائين جنهن جي جدوجهد صوبائي خود مختاري ۽ جمهوريت لاءِ هئي. مک ليڊرن ۾ سيد کان سواءِ مولانا عبدالحميد ڀاشاني، خان عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي، غوث بخش بزنجو، ميان افتخارالدين ۽ حيدر بخش جتوئي شامل هئا. ۱۹۵۸ ۾ مارشلا لڳڻ پويان هڪڙو مقصد نعپ جي جدوجهد روڪڻ هو. پاڪستان ۾ جمهوري اصولن مطابق بالغ راءِ دهي جي بنياد تي پهرين ۽ اڄ تائين جي واحد آزاد ۽ غير جانبدار اليڪشن ٿي ته جي ايم سيد جي جماعت سنڌ متحده محاذ سان اتحاد ڪيو جيڪا پارٽي انهن ٽنهي جمهوريت مخالف قوتن ملا، ملٽري، جاگيردارن جي اتحاد کي چيئلنج ڪري رهي هئي، اهو پاڪستان ۾ جمهوريت اچڻ جو شاندار پر آخري موقعو هو پر انهن بالادست جمهوريت مخالف قوتن جي ڳٺ جوڙ عوامي ليگ جي حق ۾ عوام جي واضح فيصلي کي تسليم نه ڪيو، نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي ويو. اهڙي طرح پاڪستان ۾ جمهوريت جي سمورن امڪانن مان مايوس ٿي سيد پنهنجي جدوجهد جو مرڪز ۽ مقصد پنهنجي وطن سنڌ کي بڻايو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

سنڌ جو محسن

ماجد حيدري

سيد ۽ سنڌ حرف مڙئي هيڪڙو،

جي ڪرين ٿو فرق ته سيد کي سنڌ چئو.

ڀاڳوند آهي سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتي جنهنجي زرخيز  گود ۾ لڪي جي چشمن ويجهو بلاولي تحريڪ جي اهم رڪن، دريائي جنگ وسيلي جونپوري جا ٻيڙا ساڙائي ارغوني ڌاري يلغار کي ناڪام بڻائيندڙ حيدر شاهه سنائي جي خاندان ۾ سندس ئي مقصد اڳيان وڌائيندڙ سيد غلام مرتضيٰ شاهه جنهن کي سنڌ جي عشق ۾ “سنڌ جو سائين سن جو سائين جي ايم سيد” ڪري سڏيو ٿي ويو جو جنم مبارڪ ١٧ جنوري ١٩۰٤ ۾ ٿيو. پاڻ اڃان ٻندڻن ۾ هي هئا ته سندس والد محترم کي خانداني جهيڙي ۾ قتل ڪيو ويو ۽ جنهن بعد سندس بنيادي تعليم جو بندوبست گهر ۾ ڪيو ويو.سائين جي ايم سيد برصغير جي پهرين شخصيت هوندي جنهن اعليٰ تعليم ڪنهن يونيورسٽي مان ناهي پرائي پر ان باوجود کيس سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي تي عبور حاصل هو. دنيا جو ادب، فلسفو،سياست،تاريخ،شاعري ۽ معاشيات سندس پسندديده موضوع رهيا ۽ اهو سبب آهي ته پوري ڄمار ۾ وسيع مطالعي جي بنياد سنڌ کي ٦٥ کان مٿي ڪتاب ڏنا جيڪي انمول خزاني جي حيثيت رکن ٿا.

اڄ پوري دنيا  جنهن شدت پسندي جو شڪار آهي پاڻ چار ڏهاڪا اڳ “جيئن ڏٺو آهي مون” لکي ان کي نديو ۽ خاص طور سنڌ ۽ عام طور تي دنيا کي دليلن جي بنياد تي خبردار ڪيو، “پيغام لطيف” جهڙو خوبصورت ڪتاب لکي قوم کي لطيف شناس ڪرايو ته لطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي جيڪو وطن پرستي ۽ انقلابي فڪر جو پرچارڪ آهي، “سنڌو جي ساڃاه” جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي عالمي فڪرن کي گڏائي جديد قومپرستي جي بنياد تي سنڌين کي جداگانه قومي تشخص جو احساس ڏياريو ۽ “سنڌ ڳالهائي ٿي” لکي انگن اکرن جي بنياد تي  تاريخ جي روشني ۾ سنڌ جو مضبوط ڪيس  دنيا آڏو رکيو.

پاڻ ١٩١٩ کان ١٩٩٥ دوران خلافت موومينٽ کان وٺي ڪانگريس، مسلم ليگ، پروگريس مسلم ليگ، سنڌ پيپلز پارٽي، بزم صوفيا سنڌ، سنڌ قومي اتحاد ۽ جيئي سنڌ محاذ تائين سياسي طور متحرڪ رهي سنڌ جي واهڻ وستي ۽ نگر نگر سنڌ کي سجاڳي ۽ ڪردار لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهيا. سال ١٩٤٣ع ۾ سنڌ  اسيمبلي ۾ مسلم ليگ جي نمائندي جي حيثيت ۾ پاڪستان جي قراداد پيش ڪئي جيڪا قرداد شير بنگال مولوي اي ڪي فضل حق پاران پيش ڪيل ١٩٤۰ جي قراداد لاهور جوئي عڪس آهي.

جنهن بنياد تي پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ رياستون آزاد ۽ خودمختيار رهنديون ۽ ان ۾ مضبوط مرڪز جي نفي ٿيل هئي پر تاريخ جي ستم ظريفي ڏسو ٻئي اهم شخصيتون شير بنگال مولوي اي ڪي فضل الحق ۽ سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام بعد سياسي قيدي بڻيا. ١٩٤٦ع ۾ مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت سان اختلاف رکي مرڪز جي بيجا مداخلت خلاف احتجاجن  الڳ جماعت جوڙايائون ۽ سائين جي ايم سيد کي ڌانڌلي ڪري کين اليڪشن ۾ هارايو ويوجيڪو پاڪستان ٺھڻ بعد پڻ ثابت ٿيو. ان وقت جي مرڪز جي بيجا مداخلت کي اگر موجوده وقت جي اک سان ڏسجي ته سو سيڪڙو سنڌ ۽ اسلام آباد وچ ۾ خراب ٿيل معاملا چٽو سائين جي ايم سيد جي صداقت کي ظاهر ڪن ٿا سو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي نئين مملڪت جي بنيادي روح ۽ اصل واعدن تي لت رکي غير فطري عمارت جو بنياد وڌو ويو جنهن جو نتيجو دنيا ١٩٧١ ۾ بنگلاديش جي صورت ۾ ڏسي چڪي جنهن کي قرارداد مقاصد،ون يونٽ، فوجي آمريت ۽ مارشلا به روڪي نه سگهيا.

سال ١٩٧٣ ۾ پنهنجي ڊگهي سياسي زندگي جي تجربي جي آڌار تي سنڌ کي آجپي جو سڏ ڏنو ۽ پوري ڄمار ان سڏ جو پڙاڏو بڻجي گونجندا رهيا ۽  انهي عشق جي پاداش جيڪي به سختيون سندس حصي ۾ آيون انهي تي کيس فخر رهيو ۽ اقرار جرم ۾ تاريخي ڪتاب “عدالت نامو” لکيائون.تاريخ ۾ ملي ٿو ته هميشه عيد وانگي تيار ٿي ويهندا هئا ته عدالت ۾ سندس خلاف لڳل تعزيرن تي کيس گهرائي ٻڌو ويندو پر عدالت سڳوري جي ججن ۾ ڪڏهن ايتري اخلاقي جرئت نه هئي جو کين ٻڌي سگهن نيٺ پاڻ سنڌ جو ڪيس ڪتابن وسيلي سنڌي قوم آڏو رکيائون.

سائين جي ايم سيد روايت شڪن شخصيت رهيا آهن نه ته پيراڻي گاديون هميشه ڪمائي جو ذريعو رهيا پر پاڻ ڪارڪن کي چوندا هئا نه مان اوهان جو مرشد نه اوهان منهنجا مريد آيوپر اوهان سڀ آزاد آھيواسان سڀ پاڻ برابر آهيون.نياڻين جي تعليم جي حوالي سان کين ايترو اونو هوندو جو پنهنجي نياڻي بيبي درشهوار کي اعليٰ تعليم لاءِ پرڏيهه به موڪليائون جيڪا سندس ڪميونٽي جي پهرين اعليٰ  تعليم يافتا نياڻي هئي جنهن  شاه عبدالطيف ڀٽائي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگردي حاصل ڪئي ۽ عورتن جي سجاڳي لاءِ ڪافي ڪم ڪيو.

حسن مجتبيٰ لکيو آهي ته برصغير جو پهريون صوفي رهنما سائين جي ايم سيد آهي جنهن جا اڪثر پيروڪار نوجوان آهن. هر سال سندس گهڻ پاسائي شخصيت جا مختلف رنگ دنيا آڏو نروار پيا ٿين، شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته سن کان سڊني ، نئون ديرو کان نيويارڪ تائين هن محسن شخصيت کي سندس علمي ، ادبي ، سياسي ۽ سماجي پورهئي کي ياد ڪندي لکين ماڻهو خراج پيش ڪن ٿا ۽ سنڌ سان تجديد عهد وفا جو وچن ورجائين ٿا ته اي منهنجي تخيل جا مهجبين ، اي ڀٽائي و سچل جي شاعري جي انساني مورت تنهنجي ڪردار کي مشعل راه بڻائي پورو سال صالح بڻجي، پيغام سنڌ کي سچائي ۽ خلوص سان پهچائينداسين جيئن سنڌ ڌرتي جو فرض ۽ قرض ادا ٿي سگهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

“بزم صوفياءِ سنڌ” وارو پھلو

ولي ناريجو

سائين جي ايم سيد جي سياسي ڪارنامن ۽ سندس قومي آجپي واري نظريي تي سنڌ ۾ هڪ راءِ اها جڙيل رهي آهي ته هن جو نظريو ۽ جدوجهد پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌي قوم جي قومي تشخص جي سڃاڻپ، بقا ۽ ڀلائي واري گهڻ طرفي جدوجهد آهي. ڪن سياسي دانشورن پاران اهو چيو وڃي ٿو ته سندس سموري سياسي جدوجهد، طريقي ۽ نظريي سنڌي قوم کي تباھ ڪري ڇڏيو. اڄ  سنڌ جيڪو عذاب ڀوڳي رهي آهي اهو سائين جي ايم سيد جي غلط حڪمت عملين جوئي نتيجو آهي.

بهرحال دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ تي اها به هڪ اٽل حقيقت عيان آهي ته دنيا جو هر وڏو ۽ غير معمولي ماڻهو “تڪراري هوندو آهي. جتي هڪ طرف سندن مخالف پيدا ٿيندا آهن ۽  راھ ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪيون وينديون آهن ته ٻئي طرف وري سندن حامي ۽ پوئلڳ به وڏي تعداد ۾ موجود هوندا آهن. جيڪي سندن فڪر، جدوجهد ۽ ڪردار کي پنهنجو نصب العين بڻائي اڳتي وڌڻ جو عزم ورجائيندا آهن. شايد اهو هن ملڪ جي تاريخ جو وڏو الميو آهي ته جنهن شخص هن ملڪ جي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. ان شخص کي ان ملڪ ۾  مسلسل جيل جي سلاخن ۾ قيد ۽ بند رکيو ويو . کيس سموري عمران ملڪ جي عدالتن مان  انصاف پلئه پئجي نه سگهيو.

اڄ ۷3 سال هن ملڪ جي تاريخ کي ٿي ويا آهن پر اڄ به هن ملڪ کي انصاف، آئين ۽ قانون کان سواءِ ساڳي ئي انداز سان هلايو پيو وڃي. هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هر ان شخص کي قيد ڪيو ويو يا قتل ڪيو ويو جنهن هن ملڪ جا بنياد وجهڻ ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو . سائين جي ايم سيد، غفار خان، اڪبر بگٽي، عطاءُ الله مينگل، ذوالفقار علي ڀٽو شيخ مجيب الرحمان صرف ان ڪري غدار هئا جو انهن هن ملڪ جي تعمير، بقا ۽ سلامتي لاءِ پئي سوچيو ۽ لوچيو.

سائين جي ايم سيد جتي هڪ سياستدان هو اتي هڪ مفڪر، اديب، تاريخدان، سماجي ورڪر ۽ وڏي ڳالھه هڪ انسان دوست صوفي پڻ هو.

سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد ۽ ان جي طريقي سان اختلاف رکڻ هر ڪنهن جو حق ٿي سگهي ٿو يا ان سان اختلاف به ڪري سگهجي ٿو، پر سندس ادبي، تاريخي ۽ انسانيت واري نظريي سان اختلاف رکڻ بلڪل ٻه اکيائي ٿيندي. سائين جي ايم سيد هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو جنهن جي هر پھلو تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي هن ايڏي وڏي شخصيت جي باري ۾ نئين نسل کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي

سائين جي ايم سيد ادبي ڪارنامي ۾ اهم ڪم اهو آهي ته هن ڀٽائيءَ جي شاعري کي پيرن، مولوين، مدرسن مان ڪڍي هڪ سڄاڻ ترقي پسنديءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو. “پيغام لطيف” جهڙو شاندار ڪتاب لکي ڏنو جنهن سنڌي  ادب جي تاريخ ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. سنڌي ادب کي عالمي ڌارا ۾ آڻي بيهاريو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ترقي پسند ادب سرجڻ لڳو. انهيءَ حوالي سان ڀٽائيءَ کي نئين انداز متعارف ڪرائڻ ۾ رسول بخش پليجي، انور پيرزادي ۽ تنوير عباسي جو به وڏو اهم ڪردار رهيو . سائين جي ايم سيد  “ديار دل داستان محبت” ۽ “جئين ڏٺو آهي مون” جهڙا شاهڪار ڪتاب لکي سنڌ ۾ رجعت پسند قوتن کي چيڙائي وڌو. جنهن ڪري سائين جي ايم سيد تي رجعت پسندن طرفان “ڪافر” ۽ “دهريو” جا الزام هنيا ويا پر سائين جي ايم سيد  انتهائي اورچائي ۽ همت سان انهن جو مقابلو ڪندو رهيو.

هن پنهنجي زندگيءَ جو جيڪو مقصد بڻايو هو. ان تي هو اٽل بيٺو رهيو. جي ايم سيد پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جيڪا تات هئي ان کان هو هڪڙو انچ به هٽڻ لاءِ تيار نه هو. هن ڪڏهن به پنهنجي فائدي، پنهنجي مرتبي، پنهنجي سک لاءِ ڪجھ طلب نه ڪيو. جي ايم سيد جي سڄي زندگيءَ جو مقصد انسان ذات جي ڀلائي، خوشحالي، ڀائيچارو ۽ عالمي امن جو قيام هو. ان کان علاوه سنڌ جو آجپو ۽ ان ۾ سنڌي قوم لاءِ سکي ستابي ۽ آبروءَ واري زندگي هئڻ وارو خواب هو.

سائين ان خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ، عالمي امن ۽ سنڌ جي آزاديءَ واري فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڳوٺن، شهرن جا دورا ڪري پنهنجي پيغام کي سنڌي ماڻهن وٽ کڻي ويو.

ان مقصد جي حاصلات لاءِ  ۱۸ اپريل ۱۹۶۶ع ۾ سائين جي ايم سيد پاران باقاعده “بزم صوفياءِ سنڌ” جو بنياد رکيو ويو جنهن جو هو پاڻ صدر ۽ رسول بخش پليجو کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو. ان “غير سياسي تنظيم” ذريعي سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ واهڻ وستيءَ ۾ “جشن لطيف” جا ڏينهن ملهايان ويا. ان جي ذريعي سنڌي ماڻهن کي مذهبن کان مٿانهون انسانيت وارو فلسفو ۽ فڪر سمجهايو ويو. جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان ڪجھه وقت اڳ مذهبي تفريق جو شڪار ٿي ويو هو. جڏهن ته هن کان اڳ مسلمان صوفين هن ملڪ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سرڪردگيءَ هيٺ مذهبن جي جي بنيادي وحدت جو پرچار ڪري مختلف مذهبن جي پوئلڳن ۾ محبت ۽ رواداري پيدا ڪئي جنهن جو عملي ثبوت هتي جي هندو-مسلم رهاڪن جي مذهبي خوشگوار تعلقات مان ملي سگهندو. هندوستان ۽ پاڪستان جي ٻين حصن وانگر ڇوت ڇات ۽ فرقيواريت وارو ڪو مرض سنڌ ۾ ڳوليو به نه لڀندو هو.

جڏهن سائين جي ايم سيد نسلي، مذهبي نظرين جي اختلاف کي مٽائڻ لاءِ سنڌ جي دوري تي نڪتو ۽ سڄي دنيا کي اڻ مذهبي انتها پسندي ۽ تفريق مان جند ڇڏائڻ لاءِ لطيف ۽ سنڌ جي صوفي مت واري فڪر واري پيغام کي عام ڪرڻ چاهيو ته مذهبي ڌريون ۽ وقت جا رجعت پسند حڪمران سندس ويري بڻجي ويا. سندس خلاف ڪفر جون فتوائون ڏنيون ويون ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو، پر سائين پنهنجي صوفياڻي خيالن جي پرچار جاري رکي. چيو ته جيستائين مختلف سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي نظرين جا اختلاف مٽائن جو حل ڳولي نه ڪڍيو ويو آهي . دنيا ۾ دائمي اتحاد ۽ امن قائم ٿيڻ مشڪل آهي انهيءَ حل ڳولي لهڻ لاءِ خاص ماحول ۽ تاريخي روايتن هيٺ عوام جي ذهني تربيت جي حاصلات لازمي شرط آهي.

اڄ سموري دنيا جڏهن مذهبي اختلافن جو شڪار آهي. دنيا جي لکين انسانن جو مذهبي تفريق جي بنياد تي رت پاڻيءَ جيان وهايو پيو وڃي. مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي انتهاپسند ڪهي رهيا آهن جيڪو خدا جي تمام آفاقي مذهبن جي مطابق انسان دشمن عمل آهي. ان جو ڪيئن خاتمو آڻجي. هيءُ دنيا سمورن انسانن لاءِ هڪ جنت آهي جنهن کي عالمي انساني فڪر واري نظريي تحت جاهل مذهبي ۽ سياسي انتها پسنديءَ کان هر قيمت تي بچائڻ گهرجي.

ان لاءِ جي ايم سيد چئي ٿو ته انهيءَ مشن جي سرانجامي لاءِ سرزمين سنڌ جا رهاڪو وڌيڪ موزون آهن. قديم تاريخ جا ورق ان جا شاهد آهن ته ڪئين نه هتي مختلف نسل، تهذيبون مذهبي فلسفا ۽ سياسي طريقا ملي جلي يڪرنگي اختيار ڪري سگهيا آهن. دنيا جي تعمير لاءِ جنهن ۾ مشرق ۽ مغرب جا ويڇا ميٽجي هڪ وحدت ۾ گڏجڻا آهن. سرزمين سنڌ کي هڪ خاص پيغام پيش ڪرڻو آهي. مون کي هن انڌوڪار زماني ۾ ڪي روشنيءَ جا ترورا نظر اچي رهيا آهن. هن جسماني ولوڙ بعد مکڻ هتان ئي نڪرڻو آهي “

تڏهن ته انور پيرزادي اهو چيو آهي ته” منهجي وس ۾ هجي ته سڄي دنيا کي سنڌ بڻائي ڇڏيان “ اهائي ته اصل سنڌ آھي جنهن جو پيغام شاھ لطيف، جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ انور پيرزادي ڏنو آهي ته :

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

يعني اي منهنجا سائين مرشد سنڌ کي هميشه سرسبز ۽ خوشحال رکجانءِ. ان سان گڏ منهنجا دلبر مٺا هن سڄي جهان کي به آباد رک. ڪٿي به ڪو بکيو، انگ اگهاڙو، ٻوساٽيل، لوڻاٺيل ۽ اڃايل نه هجي. ڪنهن سان ڪٿي ڪو ظلم ۽ انياءُ نه ٿئي. ڪوبه ڪنهن کي مذهبي اختلاف ۽ انتها پسنديءَ جي ڪري قتل نه ڪري پر هن سڄي جهان ۾ محبت، پيار، امن ۽ آشتي وارو خوبصورت، سهڻو جهان اڏيل هجي. هت سڀ برابر هجن، ڪابه اوچ نيچ، ننڍ وڏائي، اميري غريبيءَ وارو جھان نه هجي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

هڪڙو سيد آ، جنهن جي ڪا پُڄاڻي نه آ!

صبغت الله رند

سنڌ ڌرتيءَ هميشه پنهنجي ڪَک مان ڪيترن ئي اَمُلهُه ماڻِڪن کي جَنَمُ ڏنو آهي، اهڙن اڻ ملهه اِنسانن مان جي ايم سيد به هڪ اَهم ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق ڪِردارُ آهي، جي ايم سيد سِنڌُ جو اهڙو ڪِردارُ آهي جنهن جي عِشق تي مُخالِف به ڪَنڌُ ڌوڏي هن جي عِشق جو اِقرارُ ڪندا آهن. سيد سنڌ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌ سيد لاءِ هئي، هي ٻئي هڪ ئي سڪي جا ساڳيا پاسا آهن، هن جي ذاتِ ۾ ڪڏهن به جهول ۾ ٿڪاوَٽ محسوس نه ڪئي وئي، سيد کي سنڌ سان چَڪورَ جهڙو عشق هو، ان جي باري ۾ شيخ اياز چوي ٿو ته:

هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ،

۽ ڪو به چڪور انڌاري ۾،

جي اُڏري ٿو ته دروهي آ،

هي ڏوھه نه آهي ماڻهوءَ جو،

مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ! (شيخ اياز)

جي ايم سيد دُنِيَا جي سڀني روحانِي نظرين ۽ مَذهَبَن جو نه فقط اِحِتِرامُ ڪندو هو، پر پِيارُ پڻ ڪندو هو، جي ايم سيد جي شَخصيت جو اِحَاطو ڪرڻ اِنتهائي مشڪل آهي. هو هڪ اعليٰ ڪِردار جو مالِڪ، سَچو ۽ وَفادارُ اِنسان هو، سندس عِلمِي حَيثِيتَ سنڌ جي سمورن ماڻهن تي حَاوِي آهي، بُردِبارُ ۽ سچ تي سِر ڏيڻ وارو اِنسان هو، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ کيس عِشق هو، جنهن پاداشِ ۽ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ ڏُک بَرداشت ڪرڻ پيا هئا، مَهمان نَوازي ۾ ٻين کي مان ڏيڻ واري جذبي سان سَرِشار، کلڻ ۽ کلائڻ، ٻين کي خوش ڏسي پيو پاڻ گَدِ گَدِ ٿيندو هو، سندس شَخصيت جون خَاصُ خُوبيون هُيون.

شيخ اياز انهن خُوبين کي نظر ۾ رکندي چوي ٿو ته:

“هي وحدت الوجودي، هي صوفي لاڪوفي، هي اَڌو گابرو سماجوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪَڙو ماڻهون مون کي هڪ جهونِي بَڙ وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامِڻِي هڻي ويندو آهي، تڏهن هن جي ڇانوَ وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي. مون ان ڇانوَ ۾ ڪيئي پکيئڙا پَنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان ان وقت جي اِنتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيءَ بَڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن سان گهوري ڏسندا.” (شيخ اياز)

سائين جي ايم سيد جي شخصيت تي وڌيڪ لکڻ لاءِ ان پائِي جو ڪو ليکڪ ئي لکي سگهي ٿو، ڇو ته قلم مون سان ساٿ ڪو نه ٿو ڏي، سيد تي لکڻ سچ سان اکيون ملائڻ جي بَرابَر آهي. اهو سيد جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان پيار سمايل هو، سائين جي ايم سيد جي فِڪر ۾ سنڌ سميت سموري دنيا لاءِ اََمَن ۽ اُخُوت سمايل آهي ۽ سندس لکڻيون عَالمِ اِنسانِيت کي جهيڙا جهٽا ڇڏي، قُرب ۽ محبت سان رهڻ جو درس ڏين ٿيون. اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو نوجوان نَسلُ سائين جي ايم سيد جي فِڪر تي عمل ڪندي سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اَمَن جي قِيامَ لاءِ جاکوڙَ ڪندو، سائين جي ايم سيد ۶0 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪُ هجڻ سان گڏ صُوفي ازم جو وڏو عالم پڻ هو، سندس جو هر ڪتاب فِڪر سان ٽِمٽار آهي، پر هتي سندس چَند قولَ وَنڊ ڪري رهيو آهيان.

جي ايم سيد جا قول:

“قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن. “

“ڪمزور، بزدل، بيوقوف ۽ غدار ۾ تميز هئڻ ضروري آهي.”

“جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي، اها پائيدار نه هوندي آهي.”

“اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو.”

“بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ پڇتائڻ ڪو نه ٿا.”

“آئون اهڙي فتح جو منتظر آهيان، جيڪا صدين جي شڪستن جا داغ ڌوئي ڇڏي.”

سَچُ پَچُ ته سنڌ جي سيد ۽ سَن جي سيد ڪا پڄاڻي نه آهي. سندس ۱۱۸ هين سالگرهه جي موقعي تي تَهدِل سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙهه،

ٻي شهيد جي رت جي ڪهاڻي نه آ.

هڪڙو بلاول هيو، جيڪو گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو،

هڪڙو سيد آ، جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آ.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


سائين جي ايم سيد

صدين جي صدا - ۲۵ اپريل ورسي جي مناسبت سان

اعظم ڀٽي

قومون جڏهن فڪري حوالي سان خالي ٿانءُ بڻجي وينديو آهن ته انهن ۾ سالن ۽ صدين جي تجربي واري فڪر جا موتي وجهڻ لاءِ ۽ انهن قومن کي خودشناسيءَ جي پاڻيءَ سان وهنجارڻ لاءِ عظيم ۽ تاريخ ساز انسان بادلن جيان برسي پوندا آهن، جن جي عظمت، بزرگيءَ ۽ لازوال جدوجهد، آزاديءَ ۽ خوشحالي جي کيتيءَ ڪرڻ لڳندي آهي، اڄ اهڙي ئي عظيم رهبر جي ورسي آهي، جنهنکي ساري دُنيا سائين جي ايم سيد جي نانءُ سان ساري ٿي، هُن سنڌ جي فڪري سياست جي نه رڳو امامت ڪئي پر هو سنڌ جي فڪري ۽ قومي سياست جو روشنيءَ ونڊيندڙ اهڙو سج هو، جنهن لاءِ مايوسي جهڙي اونداھ بي عُذر هئي، سنڌ جي قومي سياست جي اُڀ تي جرڪندڙ ستارا سندس ئي پوکيل کيتيءَ ۽ ٻاريل جوت مان روشن ٿيا. ان جوت مان پيدا ٿيل روشني سندس فڪر جو ڀرم ڪيترو رکيو اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اڄ جي ايم سيد جو وجود صديءَ جي صدا بڻجي حيرت ۽ ماٺار جي منارن مان پنهنجي فڪري پوئلڳن ڏانهن نهاري رهيو آهي، جيڪي اڄ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجا گناھ ڌوئڻ ۽ سيد جي فڪر ۽ نظريي کي پايه تڪميل تي پهچائڻ جو وچن ورجائڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن. علي بابا هڪ ڀيري پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته : “ سيد تون جڏهن به ياد آئين، اسانکي پنهنجا گناھ ياد آيا.” يقينن اڄ جڏهن سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ سيد جا پوئلڳ سندس آخري آرامگاھ تي بيهي سيد کي ياد ڪندا ته کين پنهنجا گناھ ۽ ثواب ضرور سڀ ياد ايندا. ثوابن جي سٿ ۽ گناهن جي غار ۾ گهاريندڙ اهي ڪارڪن سيد جي مزار تان ڪهڙو هدايت نامون وصول ڪندا. ان جو تعين ايندڙ وقت ڪندو پر بنيادي شرط اهو آهي ته سيد جي ورسي تي سيد سان وچن جي ورجاءَ جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي. سن جو سفر قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ذهنن ۾ ڪهڙي حڪمتِ عملي جو تعين ڪندو، ان جو انتظار ڌرتيءَ کي به آهي ته ايندڙ وقت کي به! سيد ته پنهنجي ڏکن ۽ دردن کي به پنهنجي قوم جي سڃاڻپ جو ويس پارائي ڇڏيو هو. هُن ته پنهنجو نُور نِچوڙي اسانکي پنهنجي تاريخي حيثيت کان روشناس ڪرايو هو، پنهنجي وطن ۽ قوم جا ڏک ۽ سُور سندس ذهن تي هميشه ڪارونڀار جيان چڙهيل هئا ۽ هُو ڪنهن به ردِ عمل کان بيپرواھ ٿي پرينءَ جهڙي ديس جي دل جا درد ونڊيندو رهيو، بانسري جي سۡرن ۽ يڪتاري جي تند تي مست ٿي هُن جڏهن به جهان جي جهنجهٽ کي ڏٺو ته آسمان به کيس پنهنجو همراز لڳو. سندس رولاڪيون ۽ جيل جي زندگيءَ به ته سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ واري کيتيءَ سان آباد هئي، هيترين سارين قربانين جي باوجود به مجموعي طور اسان کيس سُڃاڻي نه سگهياسين. خوف ۽ لالچ جا جهِير به کيس ڪڏهن به تلاش ۽ کوجنا جي سفر تان موٽائي نه سگهيا، جهُڪڻ واري جهلڪ ته سندس وجود کان ڪوهين ڏُور هئي، فتوائن جي صليب تي چڙهندڙ سندس فڪر جي مڻيادار موتين سنڌي قوم ۾ آزاديءَ ۽ غلامي، بدحاليءَ ۽ خوشحاليءَ، ڪوڙ ۽ سچ، حق ۽ باطن جي وچ ۾ تميز جون سرحدون کڙيون ڪري سنڌ جي جديد تعمير واري خُواب جا بنياد وڌا. هُن هميشه سنڌي قوم کي آزاد ۽ باوقار قومن جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جون راهون ڏَسيون هۡيون، هُن سنڌ کي نئين انداز، نئين رنگ ۽ رُوپ، نئين جوش ۽ جذبي، نئين ساز ۽ آواز سان، دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيڻ جا خواب ڏٺا، سندس اهو ئي سبق سنڌ جي نوجوانن جي زبانن تي مڌُر گيت جيان رقص ڪندي لکين دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. هُن آزاديءَ جي متوالن جي نَڪ ۾ حدبندين جون ناڪيليون وجهڻ، سوچن، فڪر ۽ آزاديءَ جي راھ تي پهرا بيهاري بنيادي انساني حقن کي گهُٽي مارڻ واري حرڪت کي فطرت جي تخليقي عمل سان هٿ چراند قرار ڏنو هو. صدين پُڄاڻان درد جي گهايل ڌرتيءَ ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن جي دردن جون پيڙائون سندس من ۾ مانڌاڻ مچائينديون رهيون. سنڌ جي وجود، تهذيب ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ هُو جدوجهد جي ميدان ۾ هميشه آزاديءَ ۽ خوشحالي ءَ جا سُر آلاپيندو رهيو. اخلاقي قدرن جي پاسباني ۽ محبت جي مامري ۾ ڪشالا ڪڍڻ واريون عبارتون سندس وجود جو حصو بڻجي ويون هُيون. عظمت ۽ بزرگيءَ جو ان کان وڏو مثال ڪهڙو آهي ته کيس خُود کان وڌيڪ پنهنجي قوم تي ڀروسو هو. جڏهن قوم سندس ڀروسي جو ڀرم نه رکي سگهي تڏهن به هُن قوم سان نفرت ڪرڻ واري عمل کي گناھ سمجهيو، ان سڄي صورتحال ۾ جي ايم سيد کي اسان ڇا سمجهيو، ڪيئن ڄاتو، هُن اسانکي ڇا ڏنو، اسان هُن کي ڇا ڏنو، ۽ ان کان علاوه اهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي اسان هميشه مصلحت پسندي جي چادر وجهندا رهيا آهيون، خبر ناهي ساڃاھ ۽ سچائيءَ جو سڳو اسانجي ڳچين مان ڪيئن لهي ويو آهي، جو اسان سندس فڪر جون ليڙون ليڙون کڻي وري به درزيءَ ڏانهن وڃڻ بجاءِ موچيءَ کي ڳوليندا وتون. درگُذر، برداشت، سهپ ۽ رواداريءَ جا مادا موڪلائي چڪا آهن، اسان مان ڪوبه خود احتسابي جي سانچي مان گذرڻ لاءِ تيار ناهي، گهاڻي ۾ پيڙهجڻ جون دعوائون ته هرڪو ٿو ڪري پر گهاڻي کي ڏسڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. باقي سڄي سال ۾ هڪ سالگرھ، هڪ ورسي، هڪ مظاهرو ۽ هڪڙي بُک هڙتال، جي ايم سد جي فڪر جو قطعي به پُورائو ڪونهي، سيد جي فڪر جو پُورائو ته پَري پر اسان سندس فڪر جي هڪ اکر جي معيار تي به پُورا نه لهي سگهيا آهيون، هيڏي ساري ويڌن جو حساب آخر ڪير ڪندو. ان کان وڏي بدقسمتيءَ ڪهڙي آهي جو هڪڙي ڪٽنب جا ڀاتي ساڳيو طعام کائڻ لاءِ تيار هُجن پر اهو طعام ڪير ڦُرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي بچائي ڪير به نه ! هاڻي اها ڪوشش جي ايم سيد جي انهن پوئلڳن کي ڪرڻي پوندي جن هميشه بورچي جي حيثيت ۾ طعام تيار ڪيا آهن، کين مصلحتن جا تاڪ کولڻا پوندا، عقيدت ۽ احترام جي آڙ ۾ سچ جو گلو گهُٽجي سوڙهو ٿي چڪو آهي، انهيءَ ڪري اڄ وقت آهي ته سيد جا سچا پيروڪار سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي، سيد جي فڪري ڌارا جي اوٽ ۾ حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪري پنهنجي اڳواڻن کي مجبور ڪن ته اهي ننڍڙيون ننڍڙيون هڙون کولي سيد جي مزار جي مختصر اڱڻ تي هڪ اهڙي تاريخي طعام جي ديڳ چاڙهين جيڪا سيد جي رُوح کي تسڪين پهچائڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي وجود کي اُجاري اڇو ڪري !!

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


سائين جي ايم سيد

سنڌو سڀيتا جو فڪري وارث

عامر انصاري

جنھن جي مٽيءَ ۾ پنج هزار سالن جي تاريخ سمايل ھئي، ھن جو سنڌو درياھ جي قديمي تھذيب سان پراڻو ناتو جڙيل ھو، پاڻ سدائين سنڌو تھذيب جي قديمي خالق درياھ شينھن سان ھم ڪلامي ٿيڻ کي پنهنجي حقيقي عبادت سمجھندي قضا ڪرڻ کي ڪفر سمجھندو ھو، پاڻ ھميشه سنڌوءَ جي لھرن کي پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سمائي قديم سنڌو سڀيتا جي ميساريل تاريخ کي پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي سان تخليق ڪري ھزارين ورھين جي سنڌو تھذيب کي وجود ۾ آڻي تهذيبن جي ڀيٽ ۾ منفرد مقام بخشيو، سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپ تي ويھي سانوڻي جي پن ڇڻ جي موسم ۾ کليل آڪاش ھيٺ ٻٻر جي وڻ ھيٺيان کٽ تي ٽيڪ ڏئي ويهندڙ صوفي منش انسان سائين جي ايم سيد جنھن جي دلڪش روح ۾ مخدوم بلاول جي گيڙو پڳ جي عظمت پوشيده ھئي ته تھذيب جي خالق درياھ خان جي رت ڦڙن جي رنگت به سمايل ھئي، سيد جڏهن ڄائو تڏهن ڌرتي پورب ديوتا کي نمي پرنام ڪيو ھوندو، سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُھو عاشق ھو جنھن جو ھِن پاڪ پويتر ڌرتيءَ سان ننڍپڻ ۾ نينھن جو ناتو جُڙي ويو، پاڻ سنڌوءَ درياھ جي ڪپ تي ويھي سنڌ ڌرتيءَ جي ڌنڌلي تاريخ جيڪا حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ سنڌي ماڻهن جي ھٿن مان ڏاڍ ۽ جبر تحت ھٿن مان کسي ورتي، پنهنجي اکين جي روشني سان تھذيب جي بادشاھ درياھ شينھن سان مخاطب ٿيندي ميساريل تاريخ کي ٻيهر زنده ڪري سنڌي قوم جي ماڻهن جي ھنج ۾ امانت طور ڏني ۽ چيائين ته مون کان پوءِ سنڌ جي پارت اَٿوَ، پاڻ سنڌ ڌرتيءَ جي عشق ۾ سمورين صلاحيتن کي گڏي محبتن جو ھڪڙو اھڙو ڳوٺ آباد ڪرڻ پئي چاهيو، جيڪو تاحيات تاريخ ۾ زنده رھي. جنھن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:

“محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو،

تني جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاھ.”

اھڙن محب وطن انسانن کي تاريخ ھميشه پنھنجي لفظن ۾ ياد ڪندي آهي، سائين جي ايم سيد نه صرف ھڪ فرد ھو پر ھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ جي تاريخ ايتري ته سمايل ھئي، جنھن کي پاڻ دنيا آڏو آشڪار ڪرڻ ھن عظيم صوفي منش انسان لاءِ ضرورت بڻجي وئي، جنھن کي مختلف مذهبن جي ڪثرت پٺيان وحدت جو پسمنظر شاھ عنايت صوفي شھيد جي تعليمات ۽ شاھ لطيف جي شاعري جي فڪري آبياري حاصل ھُئي، اُن کي وڌيڪ پڪو پختو مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۽ تعليمات ڪيو ھو، اُن ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ جي پنج ھزار سالن جي قديم سنڌو سڀيتا جو اُھو فڪري وارث ھو، جنهن جي نظر ۾ انسانيت سڀ کان اُتم ھُئي، ھو تھذيبن جي ٽڪراءَ واري نقطئه نظر بدران انسانيت ۽ مذھب جي پرامن بقا ۽ باھمي جو پرچارڪ هو، سائين جي ايم سيد جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ نھايت بي نظير رھي آھي، اُھا ئي قديم تھذيبن جو آشيانو رهي، جيڪا سنڌي قوم ھزارين ورھين کان ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ تاريخ ۾ پاڻ مڃرائي ھڪ اعليٰ مقام حاصل ڪيو، اُن آزاد سنڌ وطن کي حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ ھلائون ڪري سنڌ جي وسيلن ڦرلٽ ڪرڻ ھزارن جي تعداد ۾ وطن پرست سنڌي ماڻھن جو قتلِ عام ڪرڻ ۽ سنڌ جي نياڻين تي ڪوڙن جا وسڪارا ڪيا ويا. اڄ به تاريخ جا ورق سرخ رَتَ ڦُڙن جي شاھدي ڏين ٿا جن جي سفيد امن جھڙي پھراڻ پوشاڪ کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو، اُن وقت سائين جي ايم سيد درياھ شينھن جي ڪاوڙيل لھرن کي جھٽ پل سمجهي ورتو، جيڪي صدين کان ھن ڌرتيءَ تي مخدوم بلاول جي ڀٽڪيل روح جيان ڀٽڪنديون پيون رھن، جنھن کي فتويٰ فروشن گھاڻي ۾ پيڙھڻ جي فتويٰ جاري ڪئي، تڏهن هن موت سان اکيون اکين ۾ ملائيندي مرڪندي چيو ته “مون کي اوھان جي سزا قبول آهي ۽ مون کي پيرن کان پيڙهڻ شروع ڪيو ته جيئن منهنجا ڪن منهنجي هڏن جي پيڙجڻ جو آواز ٻڌي سگهن.”

سائين جي ايم سيد اُن وقت سنڌ جي قھري دور کي “اتحاد انساني، امن ترقي، بني آدم” جھڙي سوچ سان وقت جي غاصب ۽ رھزن مھاڏو اٽڪائي پنهنجي گھري مطالعو ۽ فڪر جي سوچ سان سنڌي قوم کي بيدار ڪري حق سچ جي راھ تي ھلڻ جي ھدايت ڪئي، جيڪو فڪر سندس ڏاڏي شاھ حيدر سنائي کان مليل ھو، جيڪو پاڻ بلاولي تحريڪ جو اھم اڳواڻ ۽ روح روان ھو، جنھن سنڌ اندر ڌارين جي خلاف سراپا مزاحمت ڪندي تحريڪ ھلائي، سائين جي ايم سيد اُن دور جي پيدائش آهي، جنهن وقت سنڌ مٿان سامراجيت جو قھري راڄ قائم ھو، جنهن دور ۾ حملي آور لشڪر سنڌ تي ڪاھ ڪري سنڌي ماڻهن جو قتلِ عام ڪندا ھئا ۽ ماتر ڀومي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ تي پابنديون مڙهي اُنھن جون زبانون ڪٽيون وينديون هيون، اُن وقت سائين جي ايم سيد سامراجي قوتن کي للڪاري ڌارين جي لشڪرن جي ھوائن جو رخ موڙي ڇڏيا ۽ پنهنجي ماتر ڀومي کي زنده رکڻ لاءِ سامراجيت خلاف اڏول ٿي بيٺو.

سائين جي ايم سيد اوندھ ۾ شمع جي اُھا روشني ھو، جنهن تيز طوفان جي فضا ۾ پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪڏهن به لچڪ ڪونه آندي، ڇو جو اُن جو محور سنڌ ۽ سنڌي قوم ھئي، جنھن قوم کي سيد محبوب سڏي وڏي اُڪير مان ڏسي سئو سئو بار قربان ٿيڻ پئي چاهيو، سائين جي ايم سيد اُھو صوفي منش عظيم انسان ھو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار محبوب سنڌ کي ارپي ڇڏي، سنڌ جي عشق جي ڏوھ ۾ سائين جي ايم سيد تي الزام لڳا، تڏهن پاڻ سمورن الزامن کي ھڪ طرف رکي ڪري سنڌي قوم جي ماڻهن لاءِ حقيقي نجات وارو رستو ڳولي مذھبي انتھاپسندي جي پٿرن کي پنھنجي ھٿن ۽ پيرن سان ھٽائي ڏيکاريو ۽ اصل حقيقتن جي کوجنا ڪري سنڌي قوم آڏو آشڪار ڪري ڏيکاريو، جيڪي عنصر انسانن کي ھڪٻئي سان ويڙهائڻ ۾ پورا ھوندا ھئا اُن وقت پاڻ “جيئن ڏٺو آهي مون” جھڙا ڪتاب لکي مذهب جي اصل حقيقتن کان ظاھر ڪري ڏيکاريو سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُھو عاشق ھو جنھن پنھنجي پوري ڄمار سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ جدوجھد ڪئي ھزارين تڪليفون ملڻ باوجود به سيد کي ڪابه فرعوني طاقت ۽ لالچون پنهنجي نظريي تان هٽائي ڪونه سگھيون. پاڻ ھميشه سنڌ جي ماروئڙن جي ڳالھ ڪندي اڪيلو رھجي ويو، تنھن باوجود به ھن عظيم انسان سنڌي قوم کان ڪڏهن به شڪايت ڪو نه ڪئي، ھميشه چپن تي لطيف سائين جي بيت جو سٽون ھونديون ھيس ته:

“جيھا سي تھيا، مارون مون مڃيا.”

سائين جي ايم سيد کي اِھا مڪمل طور خبر ھئي ته جنھن سنڌ جي نظريي تي آئون بيٺو آھيان، اُھو خواب منھنجو نيٺ ساڀيان ٿيندو ۽ سنڌي قوم کي غلاميءَ مان ڪڍڻ ۽ پرامن طريقي سان جدوجھد ڪري پنهنجي منزل حاصل ڪجيم، جيڪو ھر ھڪ قوم ۽ فرد جو بنيادي حق آهي، سندس ڪيل وچن سنڌي قوم جو خواب ھر وقت پنھنجي اکين ۾ سانڍي آڪاش ڏانھن نيھاريندو رھي ٿو، سائين جي ايم سيد ھن رياست جو اُھو واحد ضمير جو قيدي ھو، جنھن سائوٿ آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا کان به وڌيڪ سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ زندگي جا خوبصورت ڏينھن جيل ۽ نظربندي ۾ ڪاٽيا ۽ پنهنجي سموري زندگي سنڌ ڌرتيءَ سان وفا ڪندي گذاري ڇڏي، سنڌ جو محبوب عاشق سنڌين کي غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ دنيا جي سمورين آسائشن تان ھٿ کڻي سنڌ ڌرتي جي عشق کي ترجيح ڏئي سموري جوڀن جواني ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، پاڻ پنهنجي سچائي ۽ ثابت قدمي ۽ مضبوطي سان پنهنجي نظريي تي بيٺو رهيو. سنڌ جي حقيقي عاشق سائين جي ايم کي ماڻھن مٿس ڪوڙا الزام ۽ بھتان ھڻي سندس جي ڪردار ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سائين جي ايم سيد جي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سچائي ۽ وفائي اُنھن ماڻھن کي غلط ثابت ڪيو، جن سنڌ ڌرتي جو سودو ڪرڻ لاءِ ڌارين جا سهولتڪار بڻجي سڄي عمر غلامي ڪندا رھيا. سائين جي ايم سيد جو جيءُ سنڌو درياھ سان جڙيل ھو، جيڪو ۹۱ ورھين جي ڊگھي ڄمار ۾ ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي سن جي مٿان بڊي جبل ۾ لھندڙ سج وانگر ھٿان ھليو ويو. اڄ ۲۵ھين اپريل اصولن جي پابند اڏول انسان جنھن پنھنجي سڄي ڄمار سنڌ جي عشق ۽ حق سچ خاطر قربان ڪري ڇڏي، اسين اڄ ۲۷ھين ورسي جي موقعي کيس نمي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، جنھن سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري، سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو امر ڪردار آهي، جنھن کي سنڌ ھميشه پنھنجي نالي سان گڏ جوڙي ڇڏيو جڏهن به سنڌ جو ذڪر ٿيندو ته اُتي ضرور سيد جو به ذڪر ٿيندو رهندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

تاريخ جي صفحن تي نقش ٿي ويل

انعام ڀٽي

علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کان وٺي سهيل ميمڻ تائين ۽ شيخ اياز کان وٺي بلبل کورواهي تائين شايد ئي سنڌ جو ڪو اهڙو اديب ۽ شاعر هجي جنهن سائين جي ايم سيد تي ڪا سِٽ نثر جي يا نظم جي نه لکي هجي. سائين جي ايم سيد جا پرستار به گهڻا ته ڪوتاھ نظر ٻولڙين جا مٿس ڪيل وار به گهڻا، پر ڪو هڪڙو به اهڙو وار ڪونهي جيڪو سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۽ ڪردار کي زخمي ڪري سگهيو هجي. جيڪو به تير دشمن جي تُرڪش مان، پنهنجن توڙي پراون جي هٿان،ڪمان مان نڪتو انهي ۾ اها طاقت ئي نه هئي جو اهو سائين جي ايم سيد جي شخصيت، سوچ ۽ فڪر کي جهڪائي سگهي يا ماري سگهي. ها پر انهي تير جي هر پهتل زخم مان وهندڙ رت سنڌ جي جهر جهنگ، ٿر بر، واهڻ وستي ۾ ڦهلجندڙسائين جي ايم سيد جي فڪر کي ريٽو ريج ڏيندو رهيو. اهڙو ريج جنهن جو ڪو انت ته ڪونهي، پر هر ايندڙ ڏينهن انهي سوچ جي فڪر جي فصل ۾ ويتر واڌارو آهي. هونئن ته هر انسان جي حياتي جي ڪا خبر ئي ڪونهي، جيئندو ته ڪيترا سال، پر جي ڪي سال جيئندو به ته مرڻ بعد سندس ڪو ذڪر رهيو ته وڌ ۾ وڌ ڪي ڏهاڪا، پر جيڪي شخص حق جي راھ تي هلندي انسانيت ۽ آزادي جو علم هٿ ۾ کڻي تاريخ جي صفحن تي پنهنجي فڪر جي ڇاپ ڇڏي وڃن ٿا انهن جي وجود کي ميسارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪونهي.

ننڍي کنڊ جي تمام وڏين سياسي سماجي شخصيتن جي پاڇي ۾ پلجندڙ سائين جي ايم سيد جڏهن سياسي سفر جي ابتدا ڪئي ته انهي جو پهريون ڏاڪو سن اسٽيشن تي مهاتما گانڌي جي ساڻس ملاقات هو. گانڌي وادي سوچ سان ڪانگريس جي ڪشتي ۾ سوار ٿي عدم تشدد جي تعليم پرائڻ بعد جڏهن کيس نظر آيو ته ولڀ ڀائي پٽيل جي اکنڊ ڀارت وادي سوچ رکندڙ سنڌ توڙي هند جو ڪانگريسي هندو، سنڌ ۽ سنڌي مسلمان جي آزادي ۽ خوشحالي آڏو رڪاوٽ آهي ته پاڻ انهيءَ دور ۾ دهلي جي مضبوط مرڪز واري سوچ کي رد ڪندڙ ۽ ننڍي کنڊ جي ننڍين قومن جي آزادي جي واٽ تي هلندڙ مسلم ليگ کي سنڌ جي مستقبل لاءِ بهتر سمجهندي انهي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس اميد هئي ته۱۹۴۰ع واري قراردادِ لاهور تحت انگريزن جي غلامي مان نجات بعد سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار قومي وحدت بڻجندي. پر اهو سياسي سفر کيس مهانگو پئجي ويوجنهن پاڪستان جو خواب سائين جي ايم سيد ۱۹۴۳ع جي سنڌ اسيمبلي جي قراداد ۾ ڏٺو هو انهي کي۱۹۴۶ع ۾ جناح صاحب دفن ڪري ڇڏيو. جنهن شخص جي زندگي جو مقصد سنڌ ۽ سنڌي مارو ماڻهو هجن انهي لاءِ ممڪن ئي نه هو ته هو پنهنجي سياسي عهدي يا اقتداري منصب کي عزيز ڪري. سائين جي ايم سيد هر ذاتي خواهش جي قرباني ڏئي انهي وقت ئي جناح صاحب جي سوچ سان اختلاف ڪندي مسلم ليگ کان رستا الڳ ڪيا. انهي وقت جي اقتداري مشينري توڙي مسلم ليگ ۽ انهي بعد هر دور جي سرڪاري ليکارين جناح صاحب سان سائين جي ايم سيد جي اختلافن کي صرف چند ميمبرن جي چونڊ ٽڪيٽن تي اختلاف ڄاڻائيندي تاريخ کي مسخ پئي ڪيو آهي، پر انهن اختلافن جو سمورو سبب سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خودمختياري ۽ خوشحالي هو. جنهن جو ثبوت سائين جي ايم سيد جا جناح ڏانهن اهي خط آهن جيڪي اڄ به سائين جي ايم سيد جي لائبرري ۾ پيل آهن.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين توڙي بعد ۾ جيڪا سياسي سوچ ۽ واٽ سائين جي ايم سيد جي رهي اها ننڍي کنڊ جي اڪثريت سياستدانن کان بنھ مختلف رهي. ننڍي کنڊ ۾ سياست ڪوئلي جي ڪاروبار مثل رهي، جنهن به انهي ۾ پير پاتو سندس هٿ يا پير ڪارا ضرور ٿيا، ۽ اڄ جي دور ۾ ته اڪثريت جا منهن ئي ڪارا لڳا پيا آهن، پر سائين جي ايم سيد انهي ساڳي دور ۾ سياست کي عبادت سمجهي خدمت خلق جي سوچ سان اعليٰ آدرشي اصولن تحت نباھ ڪيو. جنهن جو سبب آهي جو سندس سياسي زندگي جي پوري سفر ۾ مٿس ڪو داغ ڪونهي. سائين جي ايم سيد شايد ئي واحد سياسي صوفي هجي جنهن سياست جي ميدان ۾ به صوفياڻي اصولن کي اپنايو. اختلافن جي باوجود به ڪنهن کي پنهجو ذاتي دشمن نه سمجهيو ۽ مخالف جي راءِ کي به احترام جي نظر سان ڏٺو. سندس ڪيترو به وڏو سياسي مخالف هجي سائين جي ايم سيد انهي سان پنهنجو سماجي تعلق نه ٽوڙيو. ظلم ڏاڍ جبر ۽ ناانصافي خلاف هر وقت جي حاڪم سان ٽڪرکاڌو ۽ هميشه بي پهچ لاچار ڪمزور ماڻهن جو رهنما رهيو. سائين جي ايم سيد جي انهي سياسي صوفياڻي ڪردار ئي سنڌ جي ماڻهن سان زندگي جي آخري گهڙي تائين بيهڻ لاءِ مدد ڪئي. لطيف جي فڪر مان جيها ڪي تيها مون مارو مڃيا جو درس دل ۾ رکي جنهن در ويهي رهيو اهو در ڪڏهن نه مٽايائين. سنڌ سندس محبوب بڻجي وئي ۽ پاڻ سنڌ جي عشق ۾ فنافي السنڌ ٿي ويو.

جڏهن ڪو صوفي عشق الاهي ۾ فنا ٿيندو آهي ته کيس اصل منزل ملي ويندي آهي. اها منزل سندس ازلي بقا بڻجي ويندي آهي، عشق الاهي به راھ حق آهي ته پنهنجي وطن سان محبت ۽ انهن جي ماڻهن جي خوشحالي بقا ۽ آزادي پڻ راھ حق آهي. سائين جي ايم سيد خالق جي صورت خلق ۾ ڏسندي محبت جو محور سنڌ کي بڻايو انهي ڪري سندس وجود تاابد قائم رهندو. جيئن جيئن وقت گذرندو هن خطي جون ملڪ جون سياسي حالتون جيڪي به جڙنديون انهي ۾ سائين جي ايم سيد جي سوچ سگهاري ٿيندي ۽ هڪ ڏينهن سندس فڪر جي فتح ٿيندي. ڪو وقت هو جڏهن مذهبي انتهاپسندي تي راءِ رکڻ ڪفر سمجهيو ويندو هو انهي دور ۾ به سائين جي ايم سيد مذهبي انتها پسندي کي دنيا جي امن لاءِ تباهي جو سامان سمجهندي انهي کي لکت ۾ رد ڪيو. ان وقت جن به سائين جي ايم سيد جي انهي سوچ کي ملڪ دشمن ۽ اسلام دشمن قرار ڏنو اڄ اهي ڏسي وٺن ته سموري دنيا انهي تي هم خيال آهي ته علاقائي توڙي عالمي امن لاءِ مذهبي انتهاپسندي نقصانڪار آهي. پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي ان ڪري سائين جي ايم سيد جي ڪوشش اها رهي ته ان کي آزاد ۽ خودمختيار قومن جو وطن تسليم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اهو گهڻو وقت متحد رهي نه سگهندو. سياست جي اندر موقعي پرستي، لالچ خودغرضي ۽ ڪرپشن جي سبب ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي.

هن وقت سموري ملڪ جي صورتحال اها آهي ته موقعي پرستي، لالچ خودغرضي ۽ ڪرپشن جي ڪري رياستي بحران جو شڪار ملڪ هر ايندڙ ڏينهن نون مسئلن ۾ گهيرجندو پيو وڃي. سائين جي ايم سيد جنهن وقت ۾ اهو پئي چيو ته پاڙيسري ملڪ سان پر امن بقاءِ باهمي جي بنياد تي بهتر لاڳاپا هجڻ گهرجن ته کيس غدار ڪوٺيو پئي ويو، اڄ ملڪ جا عسڪري ادارا پڻ اها ڳالھ ڪري رهيا آهن ته پاڙيسري ملڪ سان پر امن تعلقات چاهيون ٿا. ڪالھ سائين جي ايم سيد هڪڙو واحد غدار هو جيڪو پنهنجي انهي غداري جي ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪورٽ ۾ ضعيف حالت ۾ پاڻ کڻائي به پهتو، پر اڄ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جون فئڪٽريون ايتريون وڌي ويون آهن جوجيڪا به سياسي جماعت اقتدار کان ٻاهر ٿي ٿئي انهي لاءِ سندس مخالف پارٽي توڙي ملڪ جا ادارا سڀ غدار آهن. انهن سڀني غداري جي سرٽيفيڪٽن جي فيڪٽرين کلڻ بعد اهو يقين مضبوط پيو ٿئي ته سائين جي ايم سيد محب وطن هو هن سنڌ وطن جي محبت لاءِ هر اهو جتن ڪيو جيڪو ڪنهن عاشق کي پنهنجي محبوب لاءِ ڪرڻ گهرجي. طعنن تنڪن مهڻن الزامن بعد موت به قبوليو پر هن پنهنجي عشق جي سفر ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

گهڻ طرفي جدوجهد

عبدالخالق جوڻيجو

جي ايم سيد بيشڪ پاڪستان جي تاريخ جوسڀ کان گهڻو متنازعه شخص هو، اهو به سچ آهي ته هو هڪ غير معمولي انسان هو ته پوءِ اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته انساني تاريخ جا اڪثر غير معمولي ماڻهو پنهنجي وقت ۾ متنازعه هئا جهڙوڪ سقراط، عيسيٰ،گئليلو وغيره. انهن سڀني جي سڀ کان وڏي خاصيت ۽ سڃاڻپ اها هئي ته انهن سچ ڳالهايو کرو سچ،جيڪو ڪوڙ جي ديوارن تي ٺهيل حڪمرانن جي محلن کي لوڏي پيو ڇڏي، ڪوڙ جي اوندھ جا هيراڪ حڪمران انهن غير معمولي انسانن جي سچ جي روشني کان ڊڄندا هئا، انهن کي خوف هو ته جيڪڏهن هنن جو سچ عوام تائين پهچي ويو ته انهن جا اونچا محل خاڪ جو ڍير بڻجي ويندا، جيئن شيخ اياز چيو

مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تندوڙهي تلوارن سان،

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن، ٿو آءُ سندءِ ديوارن سان،

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان،

پاڪستان جا سمورا حڪمران جي ايم سيد کان سندس سچ کان ڊڄندا هئا پوءِ اهي وردي سان هجن يا بنا وردي جي انتهاپسند هجن يا لبرل ان ڪري ئي انهن سڀني سيد کي قيد ۾ رکيو، پاڪستان ۾ گذريل پنهنجي زندگي جو ۲/۳حصو سيد جيل ۽ نظربندي ۾ گذاريو مزي جي ڳالھ ته جيڪي حڪمران هڪ ٻئي جا جاني دشمن هئاسي به جي ايم سيد جي مخالفت ۾ هڪ پيج تي هئا.

جيئن چيو ويو ته حڪمران غير معمولي انسانن جي سچ کي عوام تائين پهچڻ کان ڊڄندا هئا ته جي ايم سيد جي قيد ۽ بند جو سڀ کان وڌيڪ نقصان هن خطي جي عام ماڻهن کي ٿيو،هتان جي روشن خيال ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ماڻهن جو. حڪمران هڪ طرف سيد کي لڳاتار قيد ۾ رکيو ته ٻئي پاسي سندس خلاف ملڪ دشمني، اسلام دشمني، عوام دشمني ۽ جمهوريت دشمني جي پروپئگينڊا ڪئي جڏهن ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. حڪمران پاڻ جمهوريت دشمن عوام دشمن ۽ ايستائين ته ملڪ دشمن ثابت ٿي چڪا آهن جنهنجي شاهدي ۷۴ سالن جي تاريخ ڏئي ٿي، ملڪ جي اڪثريتي حصي جو الڳ ٿي وڃڻ، وري وري مارشل لا جو لڳڻ، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي عروج تي اچڻ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو وڌڻ غريب ماڻهن جي تعليم جي تباهي ۽ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪول کان محرومي وغيره.

ان صورتحال ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڪو فرد، گروھ يا پارٽي نه پر رياست جي ايم سيد جي خلاف رهي آهي، ان ڳالھ کي مان ملڪ جي مشهور دانشور ڊاڪٽر پروفيسر سيد جعفر احمد جي لفظن ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪندس ته “هي رياست مسلسل ۽ مستقل جي ايم سيد جي خلاف ان ڪري رهي آهي ته تنگ نظر رياست سيد جهڙي وڏي شخصيت کي پاڻ ۾ سمائڻ جي صلاحيت نٿي رکي”.

رياست جي جي ايم سيد مخالف منصوبن ۽ مهم ۾ رجعت پسند ۽ کاٻي ڌر جون قوتون شريڪ هيون ئي پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته ڪيترا ترقي پسند سياستدان، دانشور ۽ صحافي به سنڌ جي سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏيارڻ واري مهم ۾ ليڪ جي هن پاسي بيٺل نظر آيا، حق، انصاف، عوام ۽ انقلاب جو جهنڊو جلهيندي اهي همراھ جي ايم سيد جي خلاف اها ئي ٻولي ڳالهائيندا هئا جيڪا رجعت پسندن ۽ ڊڪٽيٽرن جي هئي.

رياست ۽ ان جي ساٿارين جي سمورين سازشن، ڪوششن ۽ پابندين جي باوجود جي ايم سيد جو سنڌ جي قومي حقن بابت فڪر ۽ پروگرام سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي ملڪي سرحدون ٽپي دنيا تائين پهچي رهيو آهي پر هن خطي ۾ امن، انساني حقن، سيڪيولرزم جمهوريت ۽ ترقي بابت سندس ڪردار ۽ جدوجهد کان هتان جي عوام کي ٿلهي ليکي بي خبر رکڻ ۾ حڪمران ڪامياب ويا آهن،

ان حوالي سان جي ايم سيد جي جدوجهد جا ٻه پاسا آهن، هڪڙو نظرياتي ٻيو عملي. اڄ جن اصولن جي بنياد تي پاڪستان هڪ قومي رياست(Nation-state) هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، (حقيقت ۾ اهو گهڻ قومي ملڪ آهي،) انهن جو جنم (مغربي) يورپ ۾ سترهين کان ارڙهين صدي تائين ٿيو، يورپ جي تاريخ جا اٽڪل هڪ هزار سال (پنجين صدي کان چوڏهين صدي تائين) اونداهون دور (Daek ages) سمجهيا وڃن ٿا ان عرصي دوران يورپ تي ٽن عنصرن جي بالادستي هئي. هڪ چرچ، ٻيو جاگيردار ۽ ٽيون (بندوق جي زور تي قائم) سلطنتون. پوءِ وري نئين سجاڳي (Renaissance) جو دور آيو ۽ ٽن نون عنصرن پراڻن کي شڪست ڏني، اهي هئا سيڪيولرزم سرمائيداري ۽ قومي رياستون ان ئي عرصي دوران ان شيءِ جنم ورتو جيڪا جمهوريت جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.

پاڪستان تي پهرئين ڏينهن کان انهن ٽن عنصرن جي بالادستي ۽ حاڪميت رهي آهي جن جي ڪري يورپ کي اونداهين دور مان لنگهڻو پيو، نتيجي طور جمهوريت اڄ تائين پير پختا ڪري نه سگهي آهي، يورپ کي جمهوريت جو منهن ڏيکاريندڙ عنصرن لاءِ هن خطي ۾ جي ايم سيد جي جدوجهد بي مثال آهي هڪ مضمون جي محدود تقاضائن مطابق اختصار سان انهن جو ذڪر ڪريون ٿا.

سيڪيولرزم جي حوالي سان جي ايم سيد جي ۱۹۵۹ع ۾ ويانا (آسٽريا) ۾ ٿيل عالمي امن ڪانفرنس ۾ پاڪستان وفد جي سربراھ جي حيثيت ۾ ڪيل تقرير مدبري جو هڪڙو نمونو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو “حڪومت جي واڳ نام نهاد مذهبي ليڊرن جي هٿ ۾ هوندي ۽ اهي ان کي پنهنجي مخصوص مذهبي عقيدن جي تشريح مطابق هلائيندا. اهڙي مذهبي حڪومت ۾ جمهوريت ۽ آزادي جي اظهار لاءِ ڪا جڳھ نه هوندي. پنهنجي تشريح مطابق اهي اڳ ئي قومي دولت جي غير مساوي ورهاست ۽ طبقاتي تفريق کي جائز ۽ قانوني قرار ڏيئي چڪا آهن، اهي چاهين ٿا ته موجوده عدالتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ انصاف جو ڪليسائي نظام نافذ ڪيو وڃي.” هڪ ٻئي هنڌ آهي ته “جناب چيئرمين هي ڪانفرنس امن جي عظيم مقصد کي اڳتي وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، مان هن ڪانفرنس جي عيوضين ۽ خاص ڪري برطانيا ۽ آمريڪا جي عيوضين تي هي ڳالھ چٽي ڪرڻ چاهيندس ته برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتون جيڪو مسلمانن کي انهن جي مذهبي عقيدن جي بنياد تي متحد ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن انهن جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا” ان ئي ڏس ۾ سندس شاهڪار ڪتاب جيئن ڏٺو آهي مون نهايت اهم ۽ نمايان حيثيت رکندڙ آهي.

قومي وحدتن جي خودمختاري ان سان ڳنڍيل عملي جمهوري جهد ۾ به سيد جو هن ملڪ جي قيام جي ابتدا کان وٺي رول بنيادي حيثيت جو رهيو آهي. مسلم ليگ جي هڪ جماعتي نظام جي آمريت ڏانهن وڌندڙ رجحانن کي آڏو رکندي هن مئي ۱۹۴۸ع ۾ آزادي ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ ليڊرن عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي، قصور گرديزي ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز آرگنائيزيشن نالي تنظيم جو بنياد وڌو جنهن جر پروگرام ۾ چيو ويو ته “اندرين جهڳڙن ۽ مختلف وحڊتن جي ٽڪراءُ کي روڪڻ جو جمهوري طريقو اهو آهي ته پاڪستان کي آزادي ۽ خودمختاري جمهوريائن جو اتحاد (Union of socialist republics) ٺاهيو وڃي” (تفصيل لاءِ منهنجو ترتيب ڏنل ڪتاب، فڪر جي ايم سيد اور آج ڪا پاڪستان پڙهي سگهجي ٿو).

جاگيرداري جي حوالي سان ان ئي تنظيم جي بنيادي اجلاس ۾ پنهنجي استقبالي خطبي ۾ چيائين ته “سوشلزم واحد معاشي نظام آهي جيڪو ڪمزور طبقن کي مڪمل انصاف فراهم ڪري سگهي ٿو” وري ۱۹۷۲ع ۾ پنهنجي زندگي جي آخري سياسي پارٽي جيئي سنڌ محاذ جا بنيادي نقطا نيشنلزم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ جمهوريت رکيا. ايستائين ته مسلم ليگ ۾ به سندس سياست جي باري ۾ نواءِ وقت لکيو ته “سنڌ مسلم ليگ ۾ جاگيردارن جي ڌڙي جي قيادت سر غلام حسين هدايت الله ڪري رهيو آهي جڏهن ته مڊل ڪلاس گروپ جو ليڊر جي ايم سيد آهي”.

جمهوريت لاءِ جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڊگهي ڪهاڻي آهي، هتي صرف چند جهلڪيون ئي پيش ڪري سگهجن ٿيون. ۱۹۵۷ع ۾ سنڌ پختونخوا، بنگال، بلوچستان ۽ پنجاب جي جمهوريت پسندن سان گڏجي نيشنل عوامي پارٽي ٺاهيائين جنهن جي جدوجهد صوبائي خودمختاري ۽ جمهوريت لاءِ هئي. ان پارٽي جي مکيه ليڊرن ۾ سيد کانسواءِ مولانا عبدالمجيد ڀاشاني،خان عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي، غوث بخش بزنجو، ميان افتخارالدين، حيدر بخش جتوئي شامل هئا. ۱۹۵۸ ع ۾ مارشل لاءِ لڳڻ جي پويان هڪڙو مقصد نعپ جي جدوجهد کي روڪڻ هو. جنرل ايوب خان جي ۱۰ ساله اقتدار مان ئي ۸ سال سيد جيل ۽ نظربندي ۾ گذاريا. اهو اتفاق آهي يا اتفاق چئجي ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو اهي ئي ۸ سال ايوب خان جو پيارو وزير رهيو، وري جنرل يحيٰ خان جي مارشل لاءِ حڪومت ۾ سيد قيد ۾ رهيو جڏهن ته “جمهوريت جو چيمپئن”ڀٽو ان حڪومت ۾ نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه رهيو.

پاڪستان ۾ جمهوري اصولن مطابق بالغ راءِ دهي جي بنياد تي پهرين ۽ اڄ تائين جي واحد آزاد ۽ غير جانبدار اليڪشن ٿي ته جي ايم سيد جي جماعت سنڌ متحده محاذ عوامي ليگ سان اتحاد ڪيو جيڪا پارٽي انهن ٽنهي جمهوريت مخالفن قوتن ملا، ملٽري جاگيردارن جي اتحاد کي چئلينج ڪري رهي هئي. اهو پاڪستان ۾ جمهوريت اچڻ جو شاندار پر آخري موقعو هو، پر انهن بالادست جمهوريت مخالف قوتن جي ڳٺ جوڙ عوامي ليگ جي حق ۾ عوام جي واضح فيصلي کي تسليم نه ڪيو، نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي ويو. اهڙي طرح پاڪستان ۾ جمهوريت تي سمورن امڪانن مان مايوس ٿي سيد پنهنجي جدوجهد جو مرڪز ۽ مقصد پنهنجي وطن سنڌ جي آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال حيثيت جي حصول کي بڻايو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي

عبدالستار سومرو

جڏھن قومن جي مٿان ڏکيا ۽ تڪليف وارا ڏھاڙا ايندا آھن، جڏھن قومون احسا محرومي ۽ مشڪلات جو شڪار ٿي وينديون آھن، تڏھن قومون زوال، ۽ تباھئَ جي طرف ڌڪجي ويندويون آھن. ته اھڙن حالاتن ۽ مصيبت وارن ڏينھن ۾ انھن قومن ۾ رھبر، مسيحا ۽ اڳواڻ به پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي علم، عقل ۽ فھم و فڪر، ڏاھپ دانائي ۽ ڪمٽمينٽ سان پنهنجين قومن جو ڦٽل نصيب ۽ قسمت سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ سڄي عمر مسلسل جدو جھد ۽ جستجو ڪندا آھن.

اھڙي طرح سنڌ ملڪ ۾ به ھڪ عظيم رھبر، برصغير جو مفڪر، ڏاھو، تاريخدان، سچو محب وطن، انقلابي سيڪيولر صوفي، سماجي ورڪر ۽ عظيم ساستدان سائين جي ايم سيد جي جديد سياست، قومپرستئَ کي نوان موڙ ۽ رُخ ڏنا پر علم و ادب تاريخ، سماج، ڪلچر ڌرتي ۽ تھذيب تي به پنهنجا نه مٽجندڙ ۽ گھرا اثر ڇڏيا آھن، جنهن جي سمورين سچائين، محبتن ۽ عشق جو محور ۽ مرڪز سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو آھن، جنهن ڀٽائي جي “جيھا ڪي تيھا مون مارو مڃيا.” واري واٽ ورتي ۽ جنهن چيو ته محبت وڌو آ مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪري. جنهن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو سان ڪو ازلي عشق ھو:

الست بربکم، جڏھن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سينِ، تڏھن تت چيومِ،

تنھين وير ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.

سيد، سنڌ جي تارخ جو اھو واحد ۽ عظيم فرد آھي، جنهن سنڌ جي ماڻھن کي سنڌ ۽ وطن شناس ڪيو، جنهن اسان کي سنڌ جي تاريخي شعور جو سڏ ڏنو، جنهن اسان کي پنهنجي قومي شعور جي سڃاڻپ ۽ شناخت کان واقف ڪيو ۽ جنهن اھو به چيو ته “ سنڌي ھڪ قوم آھن، جنهن جو شاندار ماضي آھي. اوھين صدين پراڻي تھذيب جا خالق ۽ مالڪ آھيو، جنهن اھو به احساس ڏياريو ته سنڌ غلام آھي. غلامي سڀ کان وڏي لعنت آھي. آزادي توھان جو حق آھي ۽ آزادي ممڪن آھي.

جوڳي جاڳايوس، ستو ھوس ننڊ ۾،

تھان پوءِ ٿيوس سنڌي پريان پيچري.

سيد، سنڌ جي آزادي واري پيچري ۽ اڻانگي پنڌ ۾ سڀني کان الڳ ۽ مختلف رھيو، سيد اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين واري نصيحت ۽ ھدايت تي عمل ڪري آزادي جي راھ ۾ پنهنجا پير پٿون ڪيا. سيد طعنا ۽ مھڻا سٺا، تڪليفن ۽ مصيبتن سان منهن ڏنو. وک وک تي سامراج سان بھادري، حوالي، ھمت، ثابت قدمي ۽ سچائي سان مھاڏو اٽڪايو، سيد اڪيلي سر ايڏو بار ڪلھن تي کنيو، پر پوءِ به سيد ڪڏھن ٿڪو نه ۽ نه ئي ھمت ھاري، پر سيد جو حوصلو ۽ اميد آڏو ٽڪر ٽرُ متان روھ رتيون ٿيئن وارو هئو سيد اھو ڄاتو ته آزادئَ جي پنڌ ۾ ئي ته وڻڪار آھي ۽ نه ڪوئي ساٿي آھي،

ڇو ته:

اوجھڙ وتان آءٌ، ٻيو سڀ سڳر ساٿ جي،

جا نينھن ڳنھندي نانءُ، سامون جئين پوندي مامري.

سيد جو عشق هڪ فرد کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڌرتي ۽ قوم تي پھچي ٿو. قوم کان پوءِ پوري انسانيت تائين اهو اعليٰ ترين مرحلو طئي ڪري ٿو. اهوئي سبب آھي جو سيد جي فڪر ۽ پيغام جو پڻ بنياد به ترقي پسندي ۽ سيڪيولر ازم آھي. سيد چاھيو ته سنڌ ڌرتيءَ کي آزاد ڪري دنيا جي سمورن ملڪن، قومن ۽ تھذيبن جو ترجمان ۽ مرڪز بڻايان ۽ امن، عالم، اتحاد انساني، ترقي بنوع نوع آدم ۽ آزاد قومن جي اڳواڻي سنڌ ڪري، سيد جو اھو خواب ۽ عظيم مقصد جنهن لاءِ سيد پنهنجي سموري زندگي ارپي ڇڏي پر سيد جي ان عظيم فڪر، نظريي ۽ پيغام رياست جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون ۽ رياست کان اھو ڪڏھن به برداشت نه ٿيو ته سيد پنهنجي عشق جي حاصلات ۾ ڪامياب ٿئي، جنهن ڪري سيد کي نظر بند رکيو ويندو ھو ۽ ائين سيد پنهنجي زندگي جا سونھري ڏينهن، زندگيءَ جو حسين ۽ خوبصورت عرصو نظر بندئَ ۾ گذاريو ۽ جنهن جي سيد ڪڏھن پرواھ به نه ڪئي، بلڪه نظر بندي وارن ڏينهن کي سک جا ڏينهن تصور ٿو ڪري ته:

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾،

وسايم وڏ ڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،

نيئر منهنجو نينھن اجاري اڇو ڪيو.

سيد نظر بند رھڻ جي باوجود سنڌ سان عشق جو وچن ۽ قول نڀائيندو پئي آيو.

قول اهو پاڙيج، جو ڪيڙي ئي ھوت سين.

سيد نظر بندي ۾ به “جو دم غافل، سو دم ڪافر جيان رھيو، سيد اتي به سنڌ سان عشق جا داستان پئي لکيا. “ سنڌ ڳالھائي ٿي” جھڙو عظيم ڪتاب لکيو، سنڌ جي تاريخي آواز کي عالمي عدالتن تائين پھچايو، سيد حياتئَ ۾ سٺ کن ڪتاب لکي زندان کي شڪست ڏئي ڇڏي ھئي. سيد جي تاريخي فتح اُھا ھئي. ته ھن پوڙھي شينهن کي ڪڏھن به عدالتن ۾ سنڌ جو تاريخي دستاويز پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو پر پوءِ به:

جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءَ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

سيد جيل يا نظر بندئَ ۾ جيڪي به عذاب، ٽارچر ۽ عقوبتون سٺيون، جن مان سيد پچي راس ٿيو، زندگي تلخ تجربن ۽ گھرن مشاھدن ۽ سنڌ جي تھذيبي شعور ۽ سماجي اوسر جي ادراڪ مان ئي سيد عشق ۽ سياست جي مٿاھين منزل تي پھچي ٿو ۽ اھڙي عظيم پروگرام ئي سيد کي سڌوءَ جي ساڃاھ سنڌي ڪلچر، سنڌ جا سورما ۽ سنڌ ڳالھائي ٿي جھڙا عظيم ۽ لازوال ڪتاب لکرايا، سيد ھند ۽ سنڌ جا سفر ڪري دنيا جي وڏن سياستدانن سان ڪچھريون ڪري جيڪي سياسي بصيرت حاصل ڪئي، ان مان سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ، پاڪستان جو حال، ماضي ۽ مستقبل،. نئين سنڌ لاءِ جدوجھد، جديد عالمي سياست ۽ جديد سياست جا نوَ رتن جھڙا يادگار ۽ سياسي ڪتاب لکڻ تي مجبور ٿيو.

اھا سيد جي عاشقانه ۽ عالمانه نظر ھئي، جنهن سيد جي نئين نسل جي پالنا، تربيت ۽ اصلاح ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو، بقول شاھ لطيف ته:

جت نه پکئَ پير، تت ٽمڪي باھڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاھوڙڪي کير ريءَ.

سيد سراپا عشق، محبت، شفقت، نوڙت، رياضت، عنايت، حق جھد، جاکوڙ، حب الوطني، انسان دوستي ۽ استقامت جو علمبردار ۽ سچو پيڪر نظر ٿو اچي. سيد جنهن عشق جي منزل تي پھتل آھي، اتي سنڌ ۽ سيد ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي اھا منزل ۽ اھو ادراڪ تمام گھٽ ماڻھن کي نصيب ٿيندو آھي پر سيد ائين آھي جئين شاھ لطيف چيو ته:

ھئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا،

وري نياز ھمايوني سيد جي عشق جو اظھار ھنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:

تنهنجو ڪنڌ جھڪڻو ناھي، ڪنهن به لات منات اڳيان.

سيد، سنڌ جي عشق ۾ ائين گم ٿيل آھي، جئين برسات جا پھريان ڦڙا ٿر جي سڪل ۽ سڪايل وارئَ ۾ پئجي ويندا آھن، سيد سنڌ جو عاشق آھي. عاشق به اھو جيڪو محبوب جي عشق ۾ خود محبوب بڻجي ويندو آھي، پوءِ خبر ناھي پوندي ته عاشق ڪير آھي؟ ۽ معشوق ڪير آھي. حافظ شيرازيءَ جي ھن شعر جيان ته:

منهنجو من تنهنجو من آھي، ۽ تنهنجو تن منهنجو تن آھي، ھاڻي ڪو ائين نه چوي ته غير آھين، يا مان غير آھيان.

سيد اھڙي عشق جي ڏوھ ۾ سزائون ڪاٽيون، عذاب ڀوڳيا، جوانئَ جا خوبصورت ڏينهن سيد قربانئَ ۾ گذاري ڇڏيا.

سيد ان عشق ۾ تڙپيو، لڇيو، پچيو، پڄريو، بي قرار ۽ بي چين ٿيو پر پوءِ به جي سمونڊ منهن ڪيان، توءِ سرڪيائي نه ٿئي واري حالت ھئي، اھڙي حالت ۽ ڪيفيت ٿئي به ڇو نه، جنهن عشق ۾ ڪمٽمينٽ مرڻ گھڙي تائين ھجي ته ان عشق ۾ اھي ڳالھيون ڏاج مثل ھونديو آھن، سيد جو عشق به اھڙوئِي آھي، جيئن شاھ چيو ته:

چڙن چوري آھيان، سک ٿي سمھان ڪئين،

ساريان ساھڙ ڄام کي، ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن،

ميھار مرڻ سين، نيئر پاتم نينهن جو،

نينهن جو نيئر، پائڻ کان پوءِ.

موڪ جي پرواھ يا خوف نه هوندو آھي، اھوئي سبب آھي جو سيد به مھڻو نه پر مشاھدو قبول ڪيو ۽ سر عام اھو چيو ته:

مونکي تنهنجي عشق ۾ ڪھن ٿا، نينهن جو وڏو غوغاءُ آھي،

تون به پنهنجي ڪوٺيءَ تي چڙھي ڏس ته ڪيڏو نه خوبصورت نظارو آھي.

پشتو ادب جي قومي شاعر خوشحال خان خٽڪ جا لفظ آھن ته:

غيرتمند ماڻهن جا ٻه ڪمَ ٿيندا آھن، يا ڪامياب ٿيندا آھن يا قربان ٿي ويندا آھن.

سيد به ائين پنهنجي ڌرتيءَ جي عشق جي ڏوھَه ۾ قربان ٿي ڪامياب ٿيو،

عمر سڀ عشق ٿي پنھون جي پڇن،

ريس ريزاليون تن سين، ڪڄاڙئَ لئه ڪن،

مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا.

سيد سياست کي عبادت جو درجو ڏنو ۽ اھا سياست ڪرڻ جي لاءِ سيد سڀ کان پھريان اھو شرط رکيو ته پنهنجو اخلاق ۽ ڪردار سڌاريو،سيد سياست کي اخلاقيات جي تابع رکيو ۽ چيو ته صالح ۽ باڪردار ٿيو، ڊپ نه ڪريو، پنهنجي ڳالهھ تان ھٿ نه کڻو، بي خوف ٿي جدو جھد ڪندا رھو.

ھونئن به سيد جو سچو پوئلڳ ۽ پيرو ڪار اھو آھي، جيڪو قول ۽ فعل جو سچو آھي جيڪو ڳالھ تان ڦري نٿو، سيد آزادي پسندن لاءِ چيو ته “پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو، مڙي مٺ ٿيو. تڏھن ئي آزادي حاصل ڪري سگھندو.” ۽ پنهنجو ڪردار اخلاق سڌاريو.

سيد چيو ته توھان قوم کي ڪردار ڏيو ته قوم توھان کي تاريخ ڏيندي.

ڇڄ مَ قطاران، ساث چڙھندو لڪئين،

مڇڻ تنهن پئان، وڳ واٽ ئي لھين.

سيد سنڌ جي تاريخ جي گھڻ پاسائين شخصيت آھي. سيد جو تعارف رڳو عظيم ۽ قومپرست سياستدان ناھي، پر سيد سنڌ جي تاريخ جو عالم، فاضل، محقق، ۽ تاريخدان به نظر اچي ٿو، جنهن جي لکڻ جا موضوع جديد سياست، مذھب، فلسفو، تاريخ، ادب، اينٿرايالوجي ۽ ثقافت وغيره آھي، پر انهن سمورن پاسن کان ھٽي ڪري سيد جو ھڪڙو اھڙو پاسو به آھي، جنهن ۾ به سيد عظيم ۽ ڪمال نظر اچي. اھو آھي. “لطفيات جو پاسو.”

سنڌ جيان ئي لطيف جو عاشق آھي، سيد جي عظيم شخصيت ۽ لافاني ڪردار تي شاھ لطيف جو پورو پورو گھرو اٽر نظر اچي. شاھ لطيف کي جتي پيرُ ۽ ڪرامتي بزرگ جي اھميت ڏني ويندي ھئي. لطيف جيڪو پڙن ۽ سکائن جي دنيا ۾ بند ھيو، جنهن جي درگاھ تي مايون جھومندي نظر اينديون ھيون ۽ ٻارن جون جھنڊون لھرايون وينديون ھيون، اھڙي عقيدي پرستي ۽ وھمن جي دنيا مان سيد لطيف کي ڪڍي “پيغام لطيف” جھڙو شاندار ۽ شاھڪار ڪتاب لکي قوم کي ٻڌايو ته “شاھ ھڪ وطن دوست، انقلابي ۽ قومي شاعر ھجڻ سان گڏو گڏ اسان جو رھبر ۽ فڪري اڳواڻ به آھي.” اھو سيد جو اسان جي مٿان وڏو احسان ۽ وڙ آھي، جنهن اسانکي شاھ جي شاعري جي اصل شناخت ۽ تعارف ڪرايو. سيد جا ھونئن ته گھڻائي عظيم ڪارناما آھن، انهن مان ھڪ اھو به آھي ته ھن شاھ جي شيدائي پنهنجي ڌيءَ سانئڻ در شھوار سيد کي شاھ لطيف تي برطانيا يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرائي، سانئڻ سنڌ جي پھرين عورتن مان هڪ آهي، جنهن شاھ لطيف تي ڊاڪٽريٽ ڪئي. سيد جون سنڌي ادب ۾ به کوڙ ساريون خدمتون آھن، جڏھن سنڌي ادب ۾ اھو پيچيده ۽ منجھائيندڙ بحث شروع ٿيو ته ادب برائي ادب، يا ادب برائي زندگي ته ان بحث ۾ به سيد حصو وٺي ککر ۾ کڙو ھيو، ۽ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ته ادب برائي ادب نه، بلڪ ادب برائي زندگي ٿيندو آھي، جنهن ڪري ان مسئلي ۽ بحث کي سلجھائڻ لاءِ سيد سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ تي ڪافي مقالا لکيا ۽ ان کان سواءَ سيد سنڌي ادب ۾ چونڊ ادبي مضمون پڻ کنيا.

سيد پنهنجي عالمي ادبي ۽ سياسي سفر ۾ جن ماڻهن سان ميل ملاقاتون ڪيون، انھن کي به “ جنم گذاريم جن سين” جھڙي تاريخي دستاويز ۾ قلمبند ڪيو، سيد زماني جي لاھن چاڙھن، ننڍ پڻ ۽ جواني جون يادون، عشق محبت جون ڳالھڙيون، جيڪي بقول سيد جي ته “ عشق سيکاريون ڳالھڙيون ڪرڻ نه جھڙيون، سلڻ نه جھڙيون” انهن کي به پنهنجي انمول ۽ يادگار ڪتاب “ديار دل داستان محبت” ۾ زندگي جو ڄڻ ته خوبصورت دستاويز ٺاھي ڇڏيو ۽ انهن سان گڏ پنهنجي ڪھاڻي پنهنجي زباني، خطن جو مجمعو “ساھڙ جا سينگار تصوف ۽ جديد مذھب تي مبني ڪتاب “ جئين ڏٺو آھي مون” وغيره، جھڙا ناياب ۽ شاھڪار ڪتاب ڏئي سيد سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي مالا مال ۽ شاھوڪار ڪري ڇڏيو. اھڙي نموني سيد سنڌ جي چوٽئَ جي اديبن ۽ تاريخدانن ۾ شامل ٿيو. سيد کي زندگي جي آخري گھڙين ۾ به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي وڏي ڳڻتي ۽ فڪر رھيو، اھوئي سبب آھي جو اھڙي گھڙي ۽ ان ڪيفيت ۾ سيد آخري نصيحت ۽ وصيحت ڪئي ته “ سنڌيو، سنڌ جي پارت اٿوَ.” ھي جي پوڙھو جھور، وڙھندي ٿيو ويڙ ۾،

اڃان به ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مور،

ڏسي ويٺو ڏور،ايندڙ آرڻ ڏينھڙا (اياز)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد!

سنڌ ڌرتيءَ جي تھذيب جو قديمي آشيانو

عامر انصاري

هو هڪ شخص نه پر هزارين ورهين جي سنڌو سڀيتا جي تاريخ ھو، جنھن جي مٽيءَ ۾ پنج هزار سالن جي ڌنڌلي تاريخ سمايل ھئي ھن جو سنڌو درياءَ جي قديمي تھذيب سان پراڻو ناتو جڙيل ھو پاڻ سدائين سنڌو تھذيب جي قديمي خالق درياءَ شينھن سان ھم ڪلامي ٿيڻ کي پنهنجي حقيقي عبادت سمجھندي قضا ڪرڻ کي ڪفر سمجھندو ھو، پاڻ ھميشه سنڌوءَ جي لھرن کي پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سمائي قديم سنڌو سڀيتا جي ميساريل تاريخ کي پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي سان تخليق ڪري ھزارين ورھين جي سنڌو تھذيب کي وجود ۾ آڻي تهذيبن جي ڀيٽ ۾ منفرد مقام بخشيو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي ويھي سانوڻي جي پن ڇڻ جي موسم ۾ کليل آڪاش ھيٺ ٻٻر جي وڻ ھيٺيان کٽ تي ٽيڪ ڏئي ويهندڙ صوفي منش انسان سائين جي ايم سيد جنھن جي دلڪش روح ۾ مخدوم بلاول جي گيڙو پڳ جي عظمت پوشيده ھئي ته درياھ خان جي رت ڦڙن جي رنگت به سمايل ھئي سيد جڏهن ڄائو تڏهن ڌرتي پورب ديوتا کي نمي پرنام ڪيو ھوندو سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُھو عاشق ھو جنھن جو ھِن پاڪ پويتر ڌرتيءَ سان ننڍپڻ ۾ نينھن جو ناتو جڙي ويو پاڻ سنڌوءَ درياءَ جي ڪپ تي ويھي سنڌ ڌرتيءَ جي ڌنڌلي تاريخ جيڪا حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ سنڌي ماڻهن جي ھٿن مان ڏاڍ ۽ جبر تحت کسي ورتي پنهنجي اکين جي روشني سان تھذيب جي بادشاھ درياءَ شينھن سان چپ چپن ۾ ملھائي مخاطب ٿيندي ميساريل تاريخ کي ٻيهر زنده ڪري سنڌي قوم جي ماڻهن جي ھنج ۾ امانت طور ڏني ۽ چيائين ته مونکان پوءِ سنڌ جي پارٽ اَٿوَ هن سنڌ ڌرتيءَ جي عشق ۾ سمورين صلاحيتن کي گڏي محبتن جو ھڪڙو اھڙو ڳوٺ آباد ڪرڻ پئي چاهيو جيڪو تاحيات تاريخ ۾ زنده رھي.

جنھن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته

“محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو،

تني جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاھ.”

اھڙن محب وطن انسانن کي تاريخ ھميشه پنھنجي لفظن ۾ ياد ڪندي آهي سائين جي ايم سيد نه صرف ھڪ فرد ھو پر ھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ جي تاريخ ايتري ته سمايل ھئي جنھن کي پاڻ دنيا آڏو آشڪار ڪرڻ ھن عظيم صوفي منش انسان لاءِ ضرورت بڻجي وئي جنھن کي مختلف مذهبن جي ڪثرت پٺيان وحدت جو پس منظر شاھ عنايت صوفي شھيد جي تعليمات ۽ شاھ لطيف جي شاعري جي فڪري آبياري حاصل ھُئي اُن کي وڌيڪ پڪو پختو مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۽ تعليمات ڪيو ھو، اُن ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ جي پنج ھزار سالن جي قديم سنڌو سڀيتا جو اُھو فڪري وارث ھو جنهن جي نظر ۾ انسانيت سڀ کان اُتم ھُئي ھو تھذيبن جي ٽڪراءَ واري نقطئه نظر بدران انسانيت ۽ مذھب جي پرامن بقا ۽ باھمي جو پرچارڪ هو.

سائين جي ايم سيد جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ نھايت بي نظير رھي آھي اُھا ئي قديم تھذيبن جو آشيانو رهي جيڪا سنڌي قوم ھزارين ورھين کان ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ تاريخ ۾ پاڻ مڃرائي ھڪ اعليٰ مقام حاصل ڪيو اُن آزاد سنڌ وطن کي حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ ھلائون ڪري سنڌ جي وسيلن ڦرلٽ ڪرڻ ھزارن جي تعداد ۾ وطن پرست سنڌي ماڻھن جو قتلِ عام ڪرڻ ۽ سنڌ جي نياڻين جون چيھاڙيل چوليون نرم ڪومل بدن تي ڪوڙن جا وسڪارا ڪيا ويا نه صرف ايترو پر اُنھن نياڻين جي عزتن کي نيلام ڪري سرِعام بازارن ۾ وڪيو ويو اڄ به تاريخ جا ورق سرخ رَتَ ڦُڙن جي شاھدي ڏين ٿا جن جي سفيد امن جھڙي پھراڻ پوشاڪ کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو اُن وقت سائين جي ايم سيد درياءَ شينھن جي ڪاوڙيل لھرن کي جھٽ پل سمجهي ورتو جيڪي صدين کان ھن ڌرتيءَ تي مخدوم بلاول جي ڀٽڪيل روح جيان ڀٽڪنديون پيون رھن جنھن کي فتوا فروشن گھاڻي ۾ پيڙڻ جي فتوا جاري ڪئي تڏهن هن موت سان اکيون اکين ۾ ملائيندي مرڪندي چيو ته” مون کي اوھان جي سزا قبول آهي، ۽ مون کي پيرن کان پيڙڻ شروع ڪيو ته جيئن منهنجا ڪن منهنجي هڏن جي پيڙجڻ جو آواز ٻڌي سگهن” پاڻ اُن وقت سنڌ جي قھري دور کي “اتحاد انساني، امن ترقي، بني آدم” جھڙي سوچ سان وقت جي غاضب ۽ رھزن سان مھاڏو اٽڪائي پنهنجي گھري مطالعي ۽ فڪر جي سوچ سان سنڌي قوم کي بيدار ڪري حق سچ جي راھ تي ھلڻ جي ھدايت ڪئي جيڪو فڪر سندس ڏاڏي شاھ حيدر سنائي کان مليل ھو جيڪو پاڻ بلاولي تحريڪ جو اھم اڳواڻ ۽ روح روان ھو جنھن سنڌ اندر ڌارين جي خلاف سراپا مزاحمت ڪندي تحريڪ ھلائي.

سائين جي ايم سيد اُن دور جي پيدائش آهي جنهن وقت سنڌ مٿان سامراجيت جو قھري راڄ قائم ھو جنهن دور ۾ حملي آور لشڪر سنڌ تي ڪاھ ڪري سنڌي ماڻهن جو قتلِ عام ڪندا ھئا ۽ ماتر ڀومي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن تي پابنديون مڙهي اُنھن جون زبانون ڪٽيون وينديون هيون اُن وقت سائين جي ايم سيد گھري ننڊ اُٿي پنھنجي جادو واري ڇڙي کي ضعيف ھٿڙن سان زمين تي کڙڪائي سامراجي قوتن کي للڪاري ڌارين جي لشڪرن جي ھوائن جا رخ موڙي ڇڏيا ۽ پنهنجي ماتر ڀومي کي زنده رکڻ لاءِ سامراجيت خلاف اڏول ٿي بيٺو.

سائين جي ايم سيد اوندھ ۾ شمع جي اُھا روشني ھو جيڪا تيز طوفان جي فضا ۾ به پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪڏهن به لچڪ ڪونه آندي ڇو جو اُن جو محور سنڌ ۽ سنڌي قوم ھئي جنھن قوم کي سيد محبوب سڏي وڏي اڪير مان ڏسي سئو سئو بار قربان ٿيڻ پئي چاهيو سائين جي ايم سيد اُھو صوفي منش عظيم انسان ھو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار محبوبه سنڌ کي ارپي ڇڏي سنڌ جي عشق جي ڏوھ ۾ سائين جي ايم سيد کي ڪن مذهبي مُلن ۽ قتوا فروشن ڪافر ۽ دھريو ڪوٺيو تڏهن پاڻ سمورن الزامن کي ھڪ طرف رکي ڪري سنڌي قوم جي ماڻهن لاءِ حقيقي نجات وارو رستو ڳولي مذھبي انتھاپسندي جي پٿرن کي پنھنجي ھٿن ۽ پيرن سان ھٽائي ڏيکاريو ۽ اصل حقيقتن جي کوجنا ڪري سنڌي قوم آڏو آشڪار ڪري ڏيکاريو جيڪي مُلان، پنڊت ۽ پادري مذهبن جي غلط تشريح ڪري انسانن کي ھڪٻئي سان ويڙهائڻ ۾ پورا ھوندا ھئا اُن وقت پاڻ “جيئن ڏٺو آهي مون” جھڙا ڪتاب لکي مذهب جي اصل حقيقتن کان ظاھر ڪري ڏيکاريو سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُھو عاشق ھو جنھن پنھنجي پوري ڄمار سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ جدوجھد ڪئي ھزارين تڪليفون ملڻ باوجود سيد کي ڪابه فرعوني طاقت ۽ لالچون پنهنجي نظريي تان هٽائي ڪونه سگھيون

جنھن لاءِ اڪثر سائين جي ايم سيد چوندو هو ته

“پئسو اھڙو رنگين بسترو آهي، جنهن تي غيرتون نظريا ۽ آدرش ڪپڙا لاھي سمھي رھندا آهن، پر باضمير ماڻهو اُنهن نظرين ۽ آدرشن تان سر گھوري ڇڏيندا آهن.”

پاڻ ھميشه سنڌ جي ماروئڙن جي ڳالھ ڪندي اڪيلو رھجي ويو تنھن باوجود به ھن عظيم انسان سنڌي قوم کان ڪڏهن به شڪايت ڪونه ڪئي.

سائين جي ايم سيد کي اِھا مڪمل طور خبر ھئي ته جنھن آزاد سنڌ جي نظريي تي آئون بيٺو آھيان اُھو خواب منھنجو نيٺ ساڀيان ٿيندو ۽ سنڌي قوم کي غلاميءَ مان ڪڍي ۽ پرامن طريقي سان جدوجھد ڪري وطن جي آزاديءَ حاصل ڪجي جيڪو ھر ھڪ قوم ۽ فرد جو بنيادي حق آهي سندس ڪيل وچن سنڌي قوم جي آزادي جو خواب ھر وقت پنھنجي اکين سانڊي آڪاش ڏانھن ڪر کڻي نھاريندو رھي ٿو سائين جي ايم سيد ھن رياست جو اُھو واحد ضمير جو قيدي ھو جنھن سائوٿ آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا کان به وڌيڪ سنڌ جي عشق جي ڏوھ ۾ زندگي جا خوبصورت ڏينھن جيل ۽ نظربندي ۾ ڪاٽيا ۽ پنهنجي سموري زندگي سنڌ ڌرتيءَ سان وفا ڪندي گذاري ڇڏي سنڌ جو محبوب عاشق سنڌ کي غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ دنيا جي سمورين آسائشن تان ھٿ کڻي سنڌ ڌرتي جي عشق کي ترجيح ڏئي سموري جوڀن جواني ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي پاڻ پنهنجي سچائي ۽ ثابت قدمي ۽ مضبوطي سان پنهنجي نظريي تي بيٺو رهيو

عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته

“نوجواني جي وقت جڏهن ننڍي کنڊ جا نوجوان پنهنجون راتيون “نائيٽ ڪلبن” ۾ چانديءَ جهڙن جسمن سان پنهنجون اکيون روشن ڪرڻ ۽ رقاصائن جي وارن ۾ پيل ربن کي نانگ جي وات ۾ پيل موتيءَ سان تشبيھ ڏيڻ ۾ گذاريندا هئا، اُن وقت نوجوان جي ايم سيد افلاطون، ابن رشد، ڪارل مارڪس ۽ ٽائن بي جي ڪتابن جي آرسين ۾ سنڌ جو شاندار مستقبل ڏسڻ ۾ گذاريندو هو”

اُن وقت سنڌ جي حقيقي عاشق سائين جي ايم تي ماڻھن مٿس ڪوڙا الزام ۽ بھتان ھڻي سندس ڪردار ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سائين جي ايم سيد جي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سچائي ۽ وفائي اُنھن ماڻھن جي منھن تي چماٽ آهي جي سنڌ ڌرتي جو سودو ڪرڻ لاءِ ڌارين جا پٺو بڻجي سڄي عمر غلامي ڪندا رھيا پر اڄ به تاريخ اُنھن جي مٿان ڦٽڪار ڪندي رھي ٿي جڏهن به ڪنھن جاءِ تي سنڌ جو ذڪر ٿيندو آهي ته ازخود سائين جي ايم سيد جو ذڪر ۽ نالو چپن تي اچي ويندو جيڪي سيد جي پاڪ ڪردار کي الزام ھڻندا ھئا جڏھن به دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻن جي پيدائش ۽ وفات جو ڏينهن ايندو آهي ته ماڻھو اُنھن تي روشني وجهندا آهن پر سچ پچ ته سائين جي ايم سيد اھڙي شخصيت آهي جنهن تي تي ماڻهو سنڌ تي روشني وجهندا آهن سائين جي ايم سيد ھن رياست جو اُھو واحد ضمير جو قيد ھو جنھن ھن حڪومت جا جج سزا ٻڌائڻ کان پھريان پنھنجون ڪورٽون ڇڏي ھليا ويندا هئا. جڏهن به پاڻ آڪاش ڏانھن نھاري حضرت موسيٰ جي لٺ جيان پنھنجي لٺ کي کڙڪائيندو ھو ته اُن وقت سامراجي قوتن جون ننڊون حرام ٿي وينديون ھيون ايوانن جا دروازا تيز کڙڪڻ لڳندا هئا انصاف جي ديوي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد کي سنڌ سان وفائي جي ڏوھ جي سزا ڏيڻ کان پنھنجي اکين تي پٽي ٻڌي شرمائڻ شروع ڪري ڏيندي ھئي جنھن پنھنجي وطن سان ساھ جي آخري گهڙين تائين پنھنجي قلم ۽ سنڌ جو توڙ نڀايو سائين جي ايم سيد جي سچائي ۽ جدوجھد سنڌي قوم لاءِ ھڪ مثال آهي جنھن ھر محاذ تي بيھي ڪري وقت جي ظالم حڪمرانن کي للڪاري سنڌ جي آزاديءَ جي چٽي واضح گُھر ڪئي.

ھڪڙا ماڻھو عام رواجي زندگي گذاري ڌرتي تان مٽجي ويندا ته ٻيا وري وطن ۽ آزادي جي لاءِ تاريخ ۾ امر بڻجي ويندا آهن سائين جي ايم سيد لاءِ مرحوم چوڻ تاريخ سان ويساھ گهاتي ھوندي ڇو جو سائين جي ايم سيد جي سموري زندگي سنڌي قوم کي ھڪ وڏو مثال آهي جنھن سنڌ سان وفائي ڪندي زندگيءَ جو ڊگھو عرصو ڌرتيءَ کي ارپي ڇڏيو سن شھر سنڌو درياءَ جي ڪپ تي آباد آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو جيءُ به سنڌو درياءَ سان جڙيل ھو سائين جي ايم سيد سنڌو درياءَ جي ڪپ ٻٻر جي وڻ ھيٺيان اچي ويهندو هو سو وڻ به سنڌو جيان سُڪي ويو آهي ھاڻي ساڳي جاءِ تي ٻٻر جو ھڪ ٻيو وڻ بيٺل آهي جنهن جي ھيٺيان پيل خالي کٽ مھاڻن جي ٻار وانگر اداس آهي نمن جي قطارن واري قبرستان ۾ بڙ جي گهاٽي وڻ جھڙو اُھو اڏول انسان کليل آڪاش ھيٺ ڪتاب جي تشبيھ واري سنگ مرمري مرقد ۾ ھڪڙو باغي شخص ابدي ننڊ ستل آھي جيڪو ۹۱ ورھين جي ڊگھي ڄمار ۾ ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي سن جي مٿان بڊي جبل ۾ لھندڙ سج وانگر ھليو ويو اڄ ۲۵ھين اپريل اصولن جي پابند اڏول انسان جنھن پنھنجي سڄي ڄمار سنڌ جي عشق ۽ حق سچ خاطر قربان ڪري ڇڏي اسين اڄ سندس ۲۷ھين ورسي جي موقعي کيس نمي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا جنھن سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري، سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو امر ڪردار آهي جنھن کي سنڌ ھميشه پنھنجي نالي سان گڏ جوڙي ڇڏيو جڏهن به سنڌ جو ذڪر ٿيندو ته اُتي ضرور سيد جو به ذڪر ٿيندو جيڪو ڪيترن ئي سنڌ جي عاشقن جي دل ۽ چپن تي زنده آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

سنڌ جو عاشق

عبدالستار لغاري

۱۷جنوري ۱۹۰۴ع تي برصغير جي ھڪ اھم سياسي اڳواڻ جو جنم ڏينهن آهي. ھن تاريخ تي پيدا ٿيندڙ سائين جي ايم سيد، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياست تي پنھنجي غير معمولي شخصيت جا اثر ڇڏيا آهن، ھو سنڌ جو عاشق هو، ھن جي دوستي ۽ دشمني سنڌ جي ڪارڻ ھوندي ھئي. تاريخ جو ھي املھ ڪردار ۽ سنڌ جو يگانو عاشق سائين جي ايم سيد شايد سنڌ جو پھريون ماڻھو ھو، جنهن جي عاشقن ۾ نوجوانن جي گھڻائي ھئي، ھن جي ذڪر کانسواءِ سنڌ جي تاريخ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. سائين جي ايم سيد بنيادي طور ھڪ صوفي ھيو، عظيم صوفي بزرگ مخدوم بلاول جو مريد ۽ حيدر شاھ سنائي درگاھ جو سجاده نشين به ھو. سائين جي ايم سيد جڏھن ننڍڙو ھو ته سندس پيءُ گذاري ويو، سندس تعليم خانگي طور گھر ۾ ئي ٿي.

سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت ۽ سياست تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن ۾ جنب گذاريم جن سين، سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، جيئن ڏٺو آ مون، سنڌ جا سورما، سنڌ جو ڪلچر، پيغامِ لطيف، ديار دل داستان محبت، سنڌ ڳالھائي ٿي، سنڌو جي ساڃاھ، قابل ذڪر آهن. ڪتاب “جيئن ڏٺو آ مون” ۾ مذھبن جي تاريخ جي بھترين نموني اپٽار ڪيل آهي ۽ ھن ڪتاب جو انگريزي ترجمو مصر جي قاھره يونيورسٽي ۾ ڪمپلسري طور پڙھايو وڃي ٿو. سائين پنهنجا عشقيه داستان ڪتاب ديار دل داستان محبت ۾ انتھائي شاندار نموني لکيا آهن.

سائين جي ايم سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري کي سمجهڻ لاءِ پيغام لطيف نالي ڪتاب لکيو، ھن ڪتاب کي به مختلف يونيورسٽين ڪورس ۾ شامل ڪيو. سائين جي ايم سيد جي ڪيترن ئي ڪتابن تي پابندي به لڳائي وئي ۽ مختلف قسمن جون فتوائون به جاري ڪيون ويون.سائين جي ايم سيد پاڪستان جي سياست ۾ تمام گھڻو اثرانداز رھيو، ھي پاڪستان جو پھريون سياستدان ھيو جنھن سڀ کان پھرئين پنھنجي لکڻين ۽ تقريرن ذريعي مذهبي انتهاپسندي کي ننديو ۽ ان جي خطرن کان آگاھ ڪيو. سائين جي ايم سيد پنھنجي زندگي جو گھڻو حصو جيلن ۾ گذاريو، ۲۸ سالن جي قيد ۽ نظربندي دوران ھن کي ڪڏھن به ڪنهن عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. بينظير ڀٽو شھيد جي پھرين دؤر حڪومت ۾ جڏھن بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو تڏھن دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خانگي طور سائين کي پيش نه ٿيڻ جو پيغام ڏياري موڪليو. سائين جي ايم سيد لڳل الزامن تي فارسي جو مشهور شعر پڙھندو ھو جنھن جو ترجمو آهي ته: “ ھو مونکي قتل ڪرڻ لاءِ وٺي وڃن پيا منھنجا محبوب تون به ڏس ڇا ته نظارو آھي.”

سنڌ جا سيد جڏھن گھوڙن تي چڙھي مريدن کان ڏن وٺڻ ويندا ھئا تڏھن ھي سيد سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر ايندو هو. سائين جي ايم سيد ھڪ سياسي اڳواڻ کانسواءِ فلاسافر، ڏاھو ۽ سماجي سائنسدان به هو. مشھور ليکڪ غلام رباني آگري پنھنجي ڪنھن ڪتاب ۾ لکيو آهي:

“سائين جي ايم سيد جي ھر معاملي ۾ دلچسپي ھوندي ھئي، اوھان کي خبر آهي ته اڄڪلھ گورک تي روڊ پيا ٺاھين، اڳ ۾ چيو ويندو هو ته سنڌ ۾ سڀئي نعمتون آهن پر برف ڪانھي ھاڻ خبر پئي آهي ته گورک تي برف به آهي، اھا گورک هل واري جاءِ جي دريافت به سائين جي ايم سيد جي ڪيل آهي، پاڻ ۽ سائين علي محمد راشدي گورک تي ويا ھئا، رستو ڪونه هو خچرن تي چڙھيا ھئا، گورک جو اصلي نالو گورغ آهي گورغ جي معني آهي وسڪاري جو ھنڌ، اتي کنڊ جي داڻن جھڙي سنھي برف پوي ٿي، ھينئر ان کي ڊولپ پيا ڪن پر دريافت سيد جي ھئي.”

پنھنجي زندگي جي آخري گھڙي تائين سنڌ جي آجپي لاءِ جاکوڙيندڙ ھي عظيم شخص پنھنجن فيصلن ۽ ارادن ۾ ھميشه اٽل رهيو، سنڌي ماڻھن جي معيار زندگي کي ڏسي سائين اڪثر روئي پوندو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪنھن ڪتاب ۾ لکيو آهي:

“ھڪ محفل ۾عابده پروين جي ڪلام تي سائين روئي پيو تڏھن چيومانس ته سائين سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون لڙڪ نه ڳاڙينديون آهن، سائين ماٺ ڪئي.”

سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪارڪنن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي:

“ماتلي ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي بنگلي تي موسيقي جو پروگرام هو ڪنھن ماڻھوءَ عابده پروين کي ڪنھن گيت جي فرمائش ڪئي ۽ ڪارڪنن وري ٻي گيت جي فرمائش ڪئي، تڏھن سائين ڪارڪنن جي فرمائش ڪيل گيت ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريو ۽ چيو ته جڏهن مون کي سنڌ جا وڏيرا، دانشور، سياستدان ۽ ساٿي ڇڏي ويا تڏهن اھي ڪارڪن ئي ھئا جيڪي ڏکن سکن ۾ گڏ رھيا.”

سائين جي ايم سيد عملي ڪم کي ترجيح ڏيندو هو، ڪارڪنن کي اولاد وانگر ڀائيندو هو، ڪنھن چيس ته سائين دعا ڪيو ته سنڌ آزاد ٿئي تڏھن سائين جواب ڏنو ته جيڪي ملڪ دعائن سان ٺھندا آھن اھي بدعائن سان ٽٽي به پوندا آهن، اٽل ارادا بھترين ھٿيارن کي شڪست ڏئي سگھن ٿا.سائين جي ايم سيد جي شخصيت گھڻ رخي آھي ان تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي ٿو، سندس نالو اسان جي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ ھميشه امر رھندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

سيد سَراپَا سنڌ ھو..!!

عامر خان مهيسر

ڌرتي جو وڏو ڪارنامو اھو آھي ته جتي ھن پنهنجي وشال سيني مان وڻ، جبل جوالان ۽ جزيرا پيدا ڪيا آھن اتي فطرت جي پرنور تخليق انسان کي به آباد ڪيو اٿس جيڪو پنهنجي جوھر ۾ ڪائنات جو محور ٿو ڏسجي. سنسار جي سجاوٽ ۽ ان جي رنگن ۾ ازل کان اڄ تائين اھڙا ڪيترا ئي دور آيا آھن جن ۾ ڌرتي جي املھ ۽ ارڏن فرزندن پاڻ ڳولهي ڪائنات جو ازلي حسن پوڄيو آھي جنهن ۾ محبت آھي, امن آھي, اتحاد آھي ۽ ترقي بني آدم جو بنياد آھي. اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي قدر دان اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجهو آھن، ڪن مختصر جيون گهاريو ۽ ڪن ڊگهي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانهن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجهيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙيندي پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انهن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي, پر ياد اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مثبت ھوندو آھي. سونهاري سنڌ به اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي, جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ رھندي پنهنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلي کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجهي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونهاري سنڌ مٿان پنهنجي جند گهوريندڙ عاشق ھجن.

اھڙن ئي ارڏن ۽ عاشقن ۾ مٿانهون نانءُ سن جي سيد “جي ايم سيد” جو به آھي. سيد ھڪ اداري ساز شخصيت ھو جنهن سنڌ کي سنڌ يونيورسٽي ڏني، ادبي بورڊ ڏنو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پڻ ڏني، نه صرف ايترو پر ھن سنڌ کي هڪ فڪر پڻ ڏنو جنهن کي جيئم ازم ۽ پيغام سنڌ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جي ڏوھ ۾ هن کي ۳۲ سال ۱۰ مهينا ۽ ۲۱ ڏينهن قيد ۽ نظربندي ھيٺ رهڻو پيو، ايترين سخت ترين تڪليفن، مشڪلاتن ۽ سختين جي باوجود ھن سنڌ کي موضوع بڻائي بي انتها لکندو رهيو ۽ لوچيندو رهيو، گهڙي پل لاءِ به هن وٽ سنڌ جي عشق ۾ ڪمي ڪانه آئي، سِنڌ ھميشه انسانيت جو پيغام ڏِنو آهي ۽ سائين جي ايم سيد به سَراپا سِنڌ ھو ۽ تاقيامت تائين رھندو، ھن پنهنجي تاريخي وَطن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ لازوال جُدوجهد ڪئي آھي. جنهن جي نتيجي ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان به سائين جي ايم سيد کي “ضمير جي قيدي” جو اعزاز پڻ ڏِنو ويو. امن جي پيغام جي ڦهلاءُ لاءِ سائين جي ايم سيد سموري حياتي اُن پيغام کي ساھ جي آخري تند تائين ڦهلايو، نه صرف ڦهلايو، پر پاڻ به عملي طرح سان مڪمل اتحاد امن، پيار، رواداري، ڀائيچاري ۽ اظهار جي آزاديءَ جو عملي پيغام هو.

سائين جي ايم سيد سڄي ڄمار سنڌين کي سُجاڳ ڪرڻ لاءِ ۶۵ کان وڌيڪ ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن کي ھر ان سازشن کان آگاھ ڪندو رهيو جيڪا سنڌ جي وحدانيت ۽ ماروئڙن جي خلاف ھئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ھن وسريل سنڌ ياد ڏياري، سائين جي ايم سَيد ٻالڪپڻ کان وٺي ساھ جي آخري پساھ تائين مختلف پليٽ فارمن تان جُدوجَهد ڪئي آھي جيڪا فَقط ۽ فَقط سِنڌ لاءِ ئي هُئي ۽ پنهنجي اصول ۽ ڳالھ تان ڪڏھن ڪين ھٿ کنيو يا ڦريو. سنڌي قوم کي سيد شعور بخشيو آھي نه صرف ايترو پر ھن ستل قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪري عقل، دانائي، ڏاھپ ۽ وڏي ذميواري سان قوم جي جذبن، احساسن کي سمجهندي ۽ اڳيان رکي ڪري “عدم تشدد” جي واٽ کي چونڊي سنڌ ۽ قوم لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ زندگيءَ جي آخري ساھ تائين عدم تشدد جي واٽ کي ڪين ڇڏيو ھو. موجوده دورو ۾ سائين جي ايم سيد جي تعليمات کي عام ڪري سنڌ جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي تڏھن ئي سنڌ بچائي سگهنداسين. ڇو جو سنڌ جنهن صورتحال مان گذري رھي آھي اھو وقت انتهائي سنگين ھلي رھيو آھي.

ھڪ طرف سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڀڳڙن جي مٺ تي حوالي ڪيون پيون وڃن ته ٻئي پاسي ڌارين جي لوڌن کي سنڌ ۾ تيزيءَ سان آباد ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل ھن وقت تائين رڪجي ناھي سگهيو. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سميت ڌرتيءَ ڌڻين جي لاءِ نوڪرين تي مڪمل پابندي آھي نه صرف ايترو پر سنڌ جي ڪارخانن ۾ پڻ سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن ۽ جيڪي سنڌي انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن ته انهن کي سنڌيت جي نالي تي ڪنهن نه ڪنهن بهاني نيڪالي ڏني ٿي وڃي انهيءَ سموري عمل کي روڪڻ لاءِ ھاڻي پنهنجن ماڻهن ۽ ادارن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي اھو تڏھن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏھن سنڌ جا نوجوان سموري سنڌ اندر ڳوٺ ڳوٺ واھڻ وستي شهر شهر وڃي سنڌ جي خطرن بابت خطبا ڏئي سنڌ واسين کي آگاھي ڏيڻ سان گڏوگڏ ھر ھڪ شيءِ تي ليڪچر، قومي ڪچهريون، وطن خاطر شهادت ماڻيندڙ قومي ڪارڪنن جا ڏھاڙا ملهائي سيد جي فڪر جي مطابق انهن جي ڏھاڙن تي گڏ ٿيندڙ ماڻهن کي سموريون سازشن کان واقف ڪندا تڏھن ئي اسان سنڌ کي بچائي سگهون ٿا نه ته ڏينهون ڏينهن اھا صورتحال انتهائي نه صرف ڏکي ٿي ويندي پر ان سموري صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ به ناممڪن بڻجي ويندو.

سائين جي ايم سيد سنڌ سان اھڙو عشق ڪيو جو ھن سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جدوجهد ڪري زندگيءَ جي آخري پساهن تائين سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ شهادت ماڻي. سائين جي ايم سيد جي جدوجهد جو مرڪز ھن ملڪ اندر رهي ڪري قومن جي وجود کي مڃرائي ۽ قومن جا حق حاصل ڪرڻ هو. سنڌ جي موجود صورتحال ۾ سيد جي ڏنگن ٻارن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو ۽ لوچڻو پوندو ۽ سيد جي فڪر جي پرچار ۽ ھٿ ۾ ڪهاڙيءَ واري ڳاڙھي جهنڊي کي مضبوطيءَ سان پڪڙي سنڌ وطن لاءِ ڏينهن رات ھڪ ڪري لازوال جدوجهد ڪري نه صرف ڌرتي بچائڻي پوندي پر سيد جي فڪري اولاد قومي ڪارڪنن جي به مالڪي ۽ وارثي ڪري انهن کي سهيڙي گڏ کڻي ھلڻو پوندو ڇو جو چوندا آھن “ٻه ته ٻارھن” انهيءَ ڪري ھيءَ وقت اڪيلي رھڻ جو ناھي ۽ نه ئي ھڪ ھڪ ٿي ڪري جدوجهد ڪرڻ جو آھي.

گذريل سالن ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڪري سيد جي ورسي ڏھاڙو يا جنم ڏھاڙو سادگيءَ سان ملهايو ويو ھو ھن دفعي سيد جي ورسيءَ ڏھاڙي تي سندس جي مزار تي گل نڇاور ڪري ساڻس وچن ورجائي سنڌ خاطر لازوال جدوجهد لاءِ نه صرف قومي ڪارڪنن وچن ڪن پر ڌرتيءَ جو ھڪ انچ به ڌاريي سامراج کي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪين ڇڏين پوءِ ڀلي ڇو نه ۶ جون بحريا ٽائون خلاف لڳندڙ پرامن ڌرڻي کي پرتشدد جو رنگ ڏئي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف آپريشن ڪري انهن کي ٽارچر ڪري جيلن جي سيخن جي پويان بند ڪيو ويو ھجي انهيءَ سخت مشڪلاتن بعد به اڄ سن جي سيد جي مزار اڳيان اھو عهد ڪرڻو پوندو ته پر بحريا ٽائون نامنظور، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ نامنظور، ڌرتيءَ تي ڌارين جي لوڌ نامنظور، سنڌ خلاف ھر ٿيندڙ معاھدو جيڪو ٺڳيءَ ۽ ڍونگ تي ٻڌل ھجي اھو نامنظور، ھر اھا اسڪيم جيڪا سنڌ جي ترقيءَ جي نالي ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ نقصانڪار آھي اھا نامنظور چئي، سيد جي عدم تشدد واري راھ جدوجهد تي ھلي سنڌ ۽ سنڌين جي مالڪيءَ ۽ وارثيءَ جو پڪو پھ ڪري پوءِ ئي سن جي نگري مان سيد جا ڏنگا ٻار پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن واپس ورندا ۽ جدوجهد جو مرڪز سنڌ کي بڻائيندا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

سيد، جنهن لاءِ سنڌ “سياست” نه پر “عشق” هُئي...!!

لطيف جمال

جيڪي انسان سياست جي سينواريل ڍنڍ ۾ وطن سان وفائن جي ڳالھ ڪندا آهن ۽ ڌرتيءَ ۽ قوم جي ماڻهن سان پنهنجي رِشتي کي سنهي سُئيءَ سان سبي ڇڌيندا آهن. سي آدرشي انسان الزامن جي پرواھ ناهن ڪندا. اُنهن جي “انڪار” جي عظمت اڳيان ڪانئر قُوتن جا ڪوٽ به ڀُرندڙ ڀتيون بڻجي پوندا آهن. اهڙا انسان تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي ڪُلهن تي سختين جا صليب کڻي زندھ رهندا آهن. جن جي پُرامن سياسي جدوجهد کان ڪانئر قوتون ايترو ئي ڪنبيل هونديون آهن. جيترو “چي گويرا” جي گوريلا ويڙھ کان، اُهي قُوتون پُرامن سياست کان ايترو ئي خائف هونديون آهن. جيترو سُرخ سپاهين جي سرواڻ “لين پيائو” کان. اُهي طاقتون پُرامن سياست کان ايترو ئي هيسيل هونديون آهن. جيترو آفريڪي حقن جي ويڙھ وڙهندڙ “ڪبرال” کان. پُرامن سياسي جدوجهد جي طاقت کي اُهي سمجهي سگهن ٿا، جيڪي گوتم ٻُڌ جي بُک، انتظار ۽ سفر جي سختين کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هُجن. جيتوڻيڪ پُرامن سياسي جدوجهد وارو رستو تشدد ۽ ويڙھ جي رستي کان مُختلف آهي. ليڪن اُن جو اِهو مطلب هرگز ناهي ته دُنيا ۾ سياسي ۽ انقلابي تبديلين خاطر وڙهندڙ انسانن جي اهميت ۽ عظمت کان ڪو انڪار ڪري سگهي ٿو. ويٽنام ۾ “جنرل گياپ” جي ڪمان هيٺ وڙهندڙ سُرخ سپاهين جي کستوري ٿيل خُون کان وٺي، “روپلي” جي رت تائين ۽ “سڀاش بابو” کان “سورهيه بادشاھ” تائين وطن خاطر ويڙھ وِڙهندڙ سرويچن ۽ سورهين جي جدوجهد جا رستا ۽ طريقا ته مُختلف هُئا. ليڪن وطن جي حقن جي حاصلات واري منزل ساڳي هُئي. جيڪا منزل اهنسا جي اُصولن تي جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن جي هُئي. انڪري منزل تائين رستا مُختلف ٿي سگهن ٿا، عشق جا انداز ۽ نينهن جي نشي جون ڪيفيتون مُختلف ٿي سگهن ٿيون. ليڪن سامراج مخالف جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن جي عظمتن جا گيت قومن جي چپن جا تا حيات ترانا بڻجي ويندا آهن. “گانڌي” هٿين خالي، هڏڙين جي مُٺ هو، ليڪن پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ اهڙو پهاڙ هو، جنهن کان برطانوي سامراج هميشه خوفزدھ بڻيل رهيو. اسرائيل جا ڪيميائي هٿيار “ياسر عرفات” جي هٿن ۾ جهليل زيتون جي ٽاريءَ اڳيان رانديڪا لڳندا هُئا. اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا جي اڳواڻ “نيلسن منڊيلا” جي ۲۷ سالن جي قيد گوري سامراج جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هُيون ۽ منڊيلا جي قيد گورن جي غرور جا بُت ڊاهي ڇڏيا هُئا. تنهن ڪري تاريخ اِهو ثابت ڪيو آهي ته وطن ۽ قومن جي خوشحال آئيندي خاطر، جن ماڻهن ذاتي مُفادن واريون آسائشون قُربان ڪيون آهن، سي تاريخ جا تاج محل بڻجي ويا آهن.

سنڌ جي سياست ۾ جديد قومپرست ۽ وطن دوست فِڪر جون ڏياٽيون ٻارڻ ۽ سنڌ جي سياسي پِڙ ۾ ليڪو ڪڍي بيهڻ ۾ اهم ڪردار سائين جي ايم سيد جو آهي. جنهن پنهنجي پُوري سياسي ڄمار سنڌ وطن جي خوشحالي ۽ وارثيءَ واري واٽ تي گُذاري. اُهو سيد جنهن سنڌين جي جُداگانه قوميت وارو واضع ۽ چٽو تصور ڏنو. جنهن سنڌ جي هزارين سالن جي پُراڻي تهذيب، ثقافت، رهڻي ڪهڻي، جاگرافيائي وحدت ۽ ٻوليءَ جي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. سائين جي ايم سيد ڪڏهن به سنڌ کي فقط سياستدان جي اک سان نه ڏٺو. جيڪڏهن هُو سنڌ کي فقط هڪ سياستدان جي اک سان ڏسي ها ته اڄ اُن جي ڪتاب جهڙي قبر مٿان مُحبتن جا ميڙ نظر نه اچن ها ۽ ائين سن جي فڪري ڏيئي جي روشنيءَ مٿان سڄي سنڌ جا پروانا اُڏامندي نظر نه اچن ها. پر هُو هڪ عاشق هو. هُو سِرُ ڏئي سَرهو ٿيڻ وارن مان هو. هُن وٽ “سنڌ” سياست نه پر عشق جو امتحان هُئي. سياست ۾ سوديبازيون ٿينديون آهن. عشق ۾ رُڳو ڏِبو آهي. سياست ۾ حاصلات هوندي آهي. عشق لاحاصل جو معراج بڻجي ويندو آهي. سيد وٺڻ وارن واپارين مان نه هو. هُو ڏيڻ ۽ رُڳو ڏيڻ وارن عاشقن مان هو. هُو سرمد به هو.... منصور به هو..... عاشق به هو.... ته محبوب به هُو... اياز ڪٿي لکيو آهي ته: “نجد جي صحرا ته هڪ مجنونءَ کي جنم ڏنو. پر سنڌ جي صحرا ڪيئي مجنون پئدا ڪيا.” سيد جيڪا سياست ڪئي اُها عبادت هُئي. عبادت عيبن کان آجو ٿيڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. ليڪن سيد جيڪا سياست ڪئي اُها عيبن کان آجي ۽ سفيد ڪپڙي وانگر بي داغ هُئي. اُها اهڙي معصوم مُحبت هُئي. جنهن مُحبت ۾ اڪثر ٽين ايج ۾ عاشق پنهنجي محبوبائن کي رت جي مَسُ سان خط ئي لکي سگهندا آهن. هُن جي سياست سنڌ سان نسورو نينهن هُئي. اُهو نينهن جيڪو اڻکٽ هو. جنهن جو ڪو انت ۽ ڪو ڪنارو ئي نه هو. لطيف جي سُورمين کي پڙهون ٿا ته عقلي دليلن جي دُنيا خالي کوھ وانگر لڳي ٿي. ڪنهن ۾ ايترو دم آهي جو چئي سگهي ته درياھ جي دهشت ۾ گَهڙو کڻي گِهڙڻ ۽ ميهار سان مِلڻ سُهڻيءَ جي سياڻپ نه پر چريائپ هُئي؟؟ ڪو چئي سگهندو ته پُنهونءَ لاءِ رِڻن ۾ رُلندڙ سسئيءَ کي ڪهڙي ضرورت هُئي ته ائين پٿرن جي پنڌ تي ڪاهي پئي؟ ڪنهن کان صلاح ئي نه پُڇيائين!! سرتين کي به ساڻ نه کنيائين!!! پنهنجي لِيڙون ٿيل لِباس سان نِڪري پئي؟ اِهو ڇا هو؟ هتي سائنس دليلن جي دنيا ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ۽ عشق اڳيان عاجز آهي. عشق دماغن سان نه پر دلين سان ڪيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دلين جا فيصلا دماغي دُنيا کي مفلوج ڪري ڇڏيندا آهن.

“محبت وِڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري ...” (لطيف رح)

سيد جو عشق به هڪ ڪشالو هو نه ته ڪير ٿو پنهنجي دامن کي الزامن جي مٽيءَ سان ميرو ڪري.؟ سيد کان جيڪي به سياسي غلطيون سرزد ٿيون. هُن اُنهن جو نه رُڳو اظهار ڪيو پر لکت ۾ ڪيو. مون دُنيا جي سياستدانن پاران ڪيل غلطين جا اعتراف ناهن پڙهيا. پر پاڪستان ۽ سنڌ جي حوالي سان ئي ڏسبو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ پنهنجي غلطين جا اعتراف لکت ۾ ناهن ڪيا. پر سائين جي ايم سيد جي اها خُصوصيت آهي ته هُن پنهنجي ڪيل سمورين غلطين جا اعتراف لکت ۾ ڪيا آهن. ۱۹۷۱ع ۾ ئي، پاڪستان جي جن سياسي اڳواڻن اوڀر پاڪستان واري واقعي وقت غلطيون ڪري مُلڪ کي ٽوڙي وِڌو تن جا به غلطين وارا اعترافي بيان ڪنهن جي نظر مان گُذري ناهن سگهيا. ليڪن سائين جي ايم سيد پنهنجي سمورين غلطين جو اعتراف ڪيو آهي. مسجد منزل گاھ واري واقعي کان وٺي شهيد الله بخش سان ساٿ نه نڀائي سگهڻ تائين، هر غلطيءَ کي هُن کُليل طريقي سان قبول ڪيو ۽ اُن جو اعتراف ڪيو آهي. جيڪا ڳالھ سيد جي سنڌ سان سياسي سچائيءَ جو وڏو دليل آهي. هُن نه رُڳو جديد قومپرست سياسي فڪر کي سنڌي عوام ۾ ڦهلائڻ وارو ڪم پنهنجي علمي ۽ ادبي پورهيي رستي ڪيو. پر هُن اوهام پرستيءَ جو شڪار هِن قوم کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ کين تاريخي دليلن ۽ سائنسي نظرين جي ذريعي سمجهاڻيون ڏنيون ۽ کين بار بار ان ڳالھ کان آگاھ ڪيو ته عقيدن، وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل قومون نئين دُنيا ۽ نون معاشرن سان مُقابلي ڪرڻ جي سگھ ساري نٿيون سگهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم لاءِ نئين دُنيا ۾ داخل ٿيڻ جو خُواب ڏٺو هو. اُن جو خاڪو “سنڌوءَ جي ساڃاھ” ۾ به پيش ڪيو هُئائين. اڄ جڏهن اُن معصوم عاشق جي سياست تي ويچارجي ٿو ته ائين لڳي رهيو آهي. ڄڻ سنڌ جي سياست سيد جي وڇوڙي کان پوءِ يتيم ٻار بڻيل آهي.

اُهو سيد جنهن ننڍي کنڊ جي سياست ۾ ڪانگريس جي ڪردار کي اُن وقت ئي پرکي ورتو هو. جڏهن گڏيل هندستان جي ايجنڊا تي سنڌ جا سياسي مُفاد ثانوي حيثيت اختيار ڪري چُڪا هُئا ۽ “سردار ولڀ ڀائي پٽيل” جهڙي ذهنيت رکندڙ سوچ، ڪانگريس اندر سيڪيولر سياسي مُفادن مٿان مُڏيون ڪاتيون ڦيرڻ لڳي هُئي. اُها ڪانگريس جيڪا گڏيل هندستان جي اندر سنڌ جي اجتماعي سياسي مُفادن کي اوليت تي رکڻ بجاءِ “ولڀ ڀائي پٽيل” جي انتهاپسند ذهنيت جي عڪاسي ڪرڻ لڳي هُئي. تڏهن سائين جي ايم سيد اُن ڪانگريس کي الوداع چئي مُسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هُئي. اُها مُسلم ليگ جيڪا سنڌ اندر پنهنجي سياسي ساک ۾ ڪمزور بڻيل هُئي، تنهن کي سيد سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ نه رُڳو سياسي طور پٽ تان کڻي آسمانن تائين پُهچايو. پر مسلم ليگ سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾، مرڪزي قيادت اڳيان قرارداد به پيش ڪيائين ته سنڌ جي سياسي ۽ قومي مُفادن خاطر کين اهي اختيار ڏنا وڃن ته: “سنڌ جي حوالي سان فيصلا سازيءَ ۾ مرڪز جي مُداخلت نه ڪئي ويندي.” جنهن کي اُن وقت ئي مُسلم ليگي اڳواڻن مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو هو. اِها سيد مٿان سراسر تُهمت چئبي جو اڪثر دوست ائين چوندا آهن ته سيد ۽ جناح جا اختلاف سيٽن جي ورهاست تي شروع ٿيا هُئا. جڏهن ته سائين جي ايم سيد اُن وقت اِهو محسوس ڪرڻ لڳو هو ته، مسلم ليگ وٽ به ڪانگريس وانگر سنڌ جا اجتماعي سياسي مُفاد ترجيع تي نه آهن. تڏهن سيد سمجهڻ لڳو هو، ته هُو آسمان مان ڪِري کجيءَ ۾ اٽڪي پيو آهي. تڏهن هُو ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ کان ڌار ٿي ويو. سائين جي ايم سيد ڪانگريس کان الڳ ٿي جڏهن مُسلم ليگ ۾ شامل ٿيو هو ته آخري وقت تائين برطانوي اسٽيبلشمينٽ ۽ مُسلم ليگ جي گڏيل سازشن سان سيد کي سياست جي سوڙهي گهٽيءَ تائين محدود ڪرڻ ۾ جيتري طاقت استعمال ٿي اُن جوچِٽو ثبوت پاڪستان جي سڄي سياسي تاريخ آهي. سيد کي سياسي طور سازشن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ برطانوي اسٽيبلشمينٽ ڪيترا معاملا اُٿاري ۽ قانون پاس ڪرائي سيد کي سياست کان پري رکڻ جا طريقا اختيار ڪيا هُئا. جيئن سيد اُها سنڌ اڏي نه سگهي جنهن جي خُوابن جي تعبير خاطر هُو هميشه تڙپندو رهندو هو. ۱۹۴۸ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق حوالي ڪيو ويو هو ته جيئن هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ آسانيءَ سان، ڪُوڙن ڪليمن سان داخل ٿيندڙ ڌاري آباديءَ جي ذريعي ڪراچيءَ مٿان قبضو ڪرائي سگهي. تڏهن اُن جي مُخالفت ڪندڙن کي مسلم ليگ ۾ هُجڻ جي باوجود به پنهنجي عُهدن تان هٿ ڌوئڻا پيا هُئا ۽ سيد کي قيد ڪيو ويو هو. اُهو قيد سائين جي ايم سيد جي پُوري حياتيءَ تائين اُن جو پاڇو بڻيل رهيو. هن مُلڪ ۾ ۲۸ سالن جو عرصو قيد ڪاٽيندڙ سيد کي ڪورٽن ۾ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. سيد جي خواب واري سنڌ لاءِ اياز جون اهي سِٽون ياد اچن ٿيون ته:

“مُهنجا نيڻ هرڻ، تو پويان ڊوڙيا پرين! ٻيهر اُڃ مرڻ...”

اُها اُڃ، اُها سِڪ ۽ ڇِڪ واري ڪيفيت سيد جي ساھ جي آخري تند ٽُٽڻ تائين جاري رهي.

هاڻ جڏهن به سج رني ڪوٽ جي پهاڙن پويان لنگھ لتاڙي لهي ويندو آهي ۽ چانڊوڪي “پَرين جي تڙ” کي چُميون ڏيڻ لڳندي آهي. تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته: سيد، سنڌ، عشق ۽ سياست چار ئي هڪ ئي وجود جو گڏيل مُرڪب هُجن.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جي ايم سيد

(ڄم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع)

ليکڪ: ڊاڪٽر شاھ محمد مري

ترجمو: ننگر چنا

انهيءَ زماني ۾ سوڀي صاحب جي ملاقات جي ايم سيد (غلام مرتضيٰ سيد) سان ٿي. سوڀو زندگيءَ جي پڇاڙڪن پھرن تائين هن جي وڏي عزت ڪندو هو. هن کي جي ايم سيد جو اهو سڀ کان پھريون جملو ياد هو، جيڪو هن سوڀي سان پھرين ملاقات ۾ کيس چيو هو، “توهان ڪميونسٽ ماڻهو عوام جي دماغ کي اپيل ڪندا آهيو، پر مان سدائين عوام جي جذبن کي.” ۽ سوڀي بيٺي پيرِ وراڻيو هئس، “اسان نه رڳو عوام جي دماغ کي اپيل ڪندا آهيون پر انهن جي پيٽ کي به اپيل ڪندا آهيون. ڇو ته سماجي جيون ۾ گهڻا تڻا انسان پيٽ جي مامرن جي حوالي سان ئي سوچ ويچار ڪندا آهن.”

جي ايم سيد سنڌ جي تاريخي شھر “سن” ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سيد محمد شاھ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جي ايم سيد پنھنجي سياسي سفر جي شروعات خلافت تحريڪ کان ڪئي.

جنھن سنڌ هاري ڪانفرنس جي ڳالهه اسان ڪري رهيا آهيون، تنھن جو بنياد ۱۹۳۰ع ۾ رکيو ويو . ڪامريڊ عبدالقادر انهيءَ ڪانفرنس جو (جنھن پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جو روپ ورتو) هڪ اهم ۽ بنيادي رڪن هو. هُو مرڻ گهڙيءَ تائين هاري ڪاميٽيءَ جو صدر يا جنرل سيڪريٽري چُونڊبو رهيو. انهيءَ دور ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو بنياد رکڻ وارن ۾ جمشيد نسروانجي، ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ۽ ڪيئي ٻيا ڪارڪن شامل هئا. باقي جي ايم سيد هاري ڪاميٽيءَ کان تڏهن ڌار ٿيو جڏهن قادر بخش نظاماڻي ۽ نور محمد پليجي هاري جاکوڙ کي طبقاتي جدوجھد واري ڏسا ڏئي ڇڏي.

هُنَ ممبئي کان سنڌ جي آزادي واري تحريڪ ۾ وڏو قائداڻو ڪردار ادا ڪيو. عوام جي زبردست جدوجھد جي نتيجي ۾ اپريل ۱۹۳۵ع ۾ برطانيا سرڪار سنڌي کي ممبئي کان ڌار ڪري ڇڏيو. پر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته جي ايم سيد مارچ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پيش ڪرڻ وارو پھريون شخص هو.

جي ايم سيد جي “نئين سنڌ” جي نانءَ سان هڪڙي روزاني اخبار هئي. سيد جي چوڻ تي سوڀو صاحب انهيءَ جي ايڊيٽري ڪرڻ لاءِ سنبري پيو، سو سوڀو ڪراچي لڏي ويو. هُو جنوري ۱۹۵۷ع کان سيپٽيمبر ۱۹۵۸ تائين پوڻا ٻه ورهيه انهيءَ اخبار جي ايڊيٽري ڪندو رهيو. اها اخبار روشن فڪري، عقل پسندي ۽ انسانيت جي سربلندي جي پرچارڪ رهي. انهيءَ اخبار طبقاتي ۽ قومي سوال تي سائنسي موقف اختيار ڪري رکيو ۽ عوام کي باشعور ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو. ايوب خان “نئين سنڌ” ۽ ان جي ايڊيٽر جو اهوئي حشر ڪيو جيڪو ۱۹۵۸ع جي مارشل لا هيٺ انهيءَ قسم جي ٻين ماڻهن جو مقدر بڻيو.

جڏهن سڪندر مرزا ون يونٽ لاڳو ڪري صوبن جي تاريخي حيثيت ختم ڪري ڇڏي ته انهيءَ تاريخي ظالم جي خلاف جي ايم اسيد بغاوت جو علم بلند ڪري ڇڏيو ۽ هن جون ۳۲ سالن جون قيد ۽ بند واريون مصيبتون شروع ٿي ويون (جڏهن ته پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ سائين جي ايم سيد جون قيد ۾ بند جون مصيبتون شروع ٿي چڪيون هيون. مترجم). اسان بلوچ ڏاڍا ڀاڳن وارا آهيون جو اسان جي تحريڪ جي بزرگ جناب امين کوسي جي ايم سيد جي ان زماني ۾ مدد ڪئي، ساٿ ڏنو جڏهن ڪير سيد سان ملڻ لاءِ به تيار نه هو. جيتوڻيڪ سنڌ جي سياست ۾ هڪ ڀيري ٻئي ڄڻا سخت مخالف ڪيمپن سان لاڳاپيل هئا. پر انهن ماڻهن جو ڪمال اهو هو ته اهي لاڳاپا برقرار رکندا هئا ۽ پوءِ جڏهن سيد مٿان مصيبتون آيون (ڊگهيون مصيبتون) تڏهن امين کوسو هڪ وڏي جمهوري انسان جيئن هن سان گڏ بيهي رهيو. انهن ٻنهين جي وچ ۾ هڪ ڊگهي خط ڪتابت موجود آهي. اهي خط امين رڳو هن نيت سان لکندو رهيو ته ڊگهي نظربنديءَ ۾ سيد صاحب جي وندر به رهي، بحث مباحثو به هلي ۽ هُو هلندڙ حالتن کان به واقف رهي.

جي ايم سيد پنھنجي سياسي عمل ۽ ڪتابن جي وسيلي پنھنجي نظريي جي پرچار ڪندو رهيو. هن جو ايمان هو ته سنڌ هڪ الڳ ملڪ رهيو آهي ۽ سنڌ جي ڌار ٻولي آهي، سنڌين کي پنھنجو الڳ ڪلچر آهي، جنھن جي پنجن هزارن سالن جي تاريخ آهي. جي ايم سيد، يحيٰ ۽ ڀٽي کي پنجاب جو شو بواءِ چوندو هو. هُو ڀٽي جي ڀيٽ ۾ شيخ مجيب الرحمان جو پرجوش حامي هو. هُو بلوچن جي باري ۾ چوندو هو، “بلوچ اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان وانگر ئي مظلوم آهن، ان ڪري بلوچن جي ڳالهه ئي ٻي آهي.”

جي ايم سيد هڪ تمام ڀلو لکاري هو. هن جون تحريرون سچ به متاثر ڪن ٿيون. سوڀي صاحب هن جي انهن تحريرن جي هڪ هڪ لفظ مان سکيو.

(ڪتاب “موهن جي دڙي جو جوڳي_ سوڀو گيانچنداڻي صفحا: ۹۹، ۱۰۰، ۱۰۱.)


سائين جي ايم سيد

سندس فڪر، سچ ۽ سنڌ جو فلسفو!

الطاف ملڪاڻي

هن ڪائنات ۾ انسان اهو ساھ وارو آهي، جنهن وٽ سوچ ۽ عقل آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو انسان ڪائنات جي مڙني شين کان اعلي' ۽ افضل آهي، ۽ هن دنيا تي حاوي آهي، جيئن ته انسان جي ارتقا هڪ مقصد ۽ رٿا تحت ٿي آهي. ان ڪري انساني سماج اندر ڪي ڪي فرد ۽ ڪي ڪي شخصيتون پنهنجي خاص سوچ، فڪر ۽ فلسفي جي ڪري تاريخ جا پير ثابت ٿيون آهن. ۽ انهن پنهنجي خاص فڪر، سوچ ۽ عمل ڪري انساني تاريخ جا رخ تبديل ڪري ڇڏيا آهن.۽ سچ ته انساني سماج اندر اهي فرد ئي عزت لائق آهن، جيڪي پنهنجي زندگي ڪنهن فڪر، فلسفي ۽ مقصد هيٺ عملي جدوجهد ڪندي گذارين ٿا. سنڌ جي عظيم مذهبي عالم ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو قول آهي ته:

”انساني زندگيءَ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته ماڻهو ڪو نظريو رکي ۽ ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ لڳاتار جهاد(جستجو ۽ ويڙھ) ڪندو رهي. انسان پاڻ سان جهاد ڪري، پنهنجي گهر وارن سان جهاد ڪري، رسمن ۽ رواجن خلاف جهاد ڪري، قوم سندس نظريي جي حساب سان غلط آهي ته هو ان جي خلاف جهاد ڪري ۽ جيڪڏهن سڄي دنيا هن جي مقصد جي خلاف آهي ته هو ان خلاف ٻه ويڙھ ڪري، پر جيڪڏهن نظريو صرف نظريو رهي ٿو ۽ ظاهر ۾ ان جو ڪو اثر نه ٿو پوي ته ائين سمجهڻ گهرجي ته نظريو پختو ناهي، اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو ماڻهو رکڻ کان سواءِ جهاد ڪري ٿو ته ان جو اهو جهاد به ناقص آهي، ۽ ان مان ٻه ڪجھ حاصل نه ٿيندو.“

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي مٿئين قول مان اها ڳالھ ثابت ٿي ته انسان لاءِ زندگيءَ ۾ ڪنهن مقصد يا نظريي جو هئڻ لازمي آهي ته جيئن ماڻهو نه رڳو پاڻ ڪارائتي زندگي گذاري سگهي، پر ڪائنات ۽ هن زندگيءَ لاءِ ڪو لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهي. يعني ته بهتر زندگي اها آهي، جيڪا ڪنهن اعلي' فڪر ۽ فلسفي جي هيٺ عملي جدوجهد ڪندي گذري ٿي.

هن صديءَ کي جيڪڏهن انقلابن جي صدي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، هن صديءَ ۾ ڪيترائي فڪر ۽ فلسفا پنهنجو وجود وڃائي ويٺا ته ڪيترن ئي نون انقلابي فلسفن پوري انساني سماج کي لوڏي ڇڏيو. مطلب ته هيءَ صدي سمورو وقت اٿل پٿل ۽ تبديليءَ جو شڪار رهي ۽ دنيا جي ڪنڊ ۾ آيل تبديليون يقيني طور تي دنيا جي ڪنڊ تي اثر انداز ٿيون. هن صديءَ ۾ اسان جي سنڌي سماج به ڪيتريون ئي اٿلون پٿلون ڏٺيون. پر اڄ جي سنڌ تي جيڪڏهن ڪو فڪر ۽ فلسفو حاوي آهي ته اهو "پيغامِ سنڌ " جو فڪر آهي. جنهن لاءِ سنڌ جي هڪ دانشور جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اندر ڀٽائيءَ جي شاعري سنڌ جي اعلي' ثقافتي شڪل جو اهڃاڻ آهي، ۽ جديد سنڌ ۾، جي ايم سيد جو فڪر "پيغامِ سنڌ " سنڌ جي جديد سياسي تڪميل جو فڪر ۽ فلسفو آهي. پر جيڪڏهن ڏسجي ته سائين جي ايم سيد جو فڪر" پيغامِ سنڌ" پيغامِ لطيف جو ئي هڪ تسلسل آهي. ۽ ڀٽائي پنهنجي فلسفي ۽ فڪر ذريعي جيڪو ڪجھ سنڌي ماڻهن کي ڏيڻ چاهيو پئي، ان جي تشريح سائين جي ايم سيد پنهنجي فڪر ۽ فلسفي ۾ ڪئي آهي، سو جيڪڏهن ڏسجي ته پيغام لطيف پيغام سنڌ ڳالھ مڙئي ساڳي آهي، جيئن لطيف سائين جو بيت آهي ته،

پڙاڏو سو ئي سڏ، جي ور وائيءَ جو لهين،

هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

سو جيڪڏهن پيغامِ سنڌ کي مختلف پاسن کان ڏسبو ته ان ۾ اسان کي هيٺيان رنگ نظر ايندا.

روحانيت، سياست، بين الاقواميت، انساني نفسيا، .سماجي ڪردار. سائين جي ايم سيد جو فڪر "پيغامِ سنڌ" روحانيت جي حساب سان لاڪوفيت، مذهبي رواداري ۽ وحدت الوجودي جي صوفياڻي تصور تي ٻڌل آهي، مطلب ته "پيغامِ سنڌ " روحانيت جي حساب سان مڪمل سيڪيولر فڪر آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن پيغامِ سنڌ جو اسان سماجي پهلوءَ کان جائزو وٺندا سين ته انهيءَ جا بنياد اسان کي هيٺين نقطن تي ٻڌل ملندا.

محبت، عدم تشدد ۽ رواداري.

پيغامِ سنڌ ۾ سونهن، سچ، سنڌ ۽ انسانيت سان محبت جو درس ڏنو ويو آهي. عدم تشدد جي نقطي هيٺ اڳرائيءَ کان پاسو ڪرڻ، بزدليءَ کان نفرت ڪرڻ ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد جو سبق مليل آهي. ته رواداريءَ جي نقطي هيٺ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جو سبق سيکاريو ويو آهي. اهڙي طرح وري سنڌ جي قومي نفسيات جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سنڌين جي قومي نفسيات کي "سنڌي ڪلچر " جهڙو ڪتاب لکي ظاهر ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سائين جي ايم سيد، سنڌين جو قومي ڪردار ڇا هو ۽ ڇا هئڻ گهرجي بابت لکيو آهي، سنڌ جي قومي ڪردار ۾ هيٺيان اعلي' گڻ شامل رهيا آهن. حب الوطني : وطن سان ۽ وطن واسين سان محبت جو اظهار. شاھ سائين جي هن بيت مان ئي ظاهر آهي ته

سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنھن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.

حب الوطنيءَ کانپوءِ ٻيو وطن جي خاطر، وطن واسين ۽ مارن جي لوئي لڄ جي بقا ۽ بچاءَ خاطر سنڌ جي قومي ڪلچر ۾ ايثار پسندي، قرباني ۽ بهادريءَ جو مادو به موجود آهي. جو مارئي جهڙي ڪمزور نياڻي به عمر جهڙي زور آور بادشاھ جي ڪوٽن ۾ قيد ٿيڻ باوجود بهادريءَ ۽ ايثار پسندي جا اعلي' مثال قائم ڪيا. هن خوف ۽ لالچ جي ڪوٽن جا ڪنگرا ڪيرائي ڇڏيا، جيئن لطيف چيو آهي ته،

ايءَ نه مارن ريت، جي سيڻ مٽائن سون تي،

اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪريت،

پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان

سو سائين جي ايم سيد جي ذاتي زندگي به انهيءَ ايثار پسنديءَ جي گڻ جو اعلي' مثال هئي. هن ڪڏهن ٻه رياستي ڏاڍ ۽ لالچ آڏو پاڻ نه جهڪايو، اهڙي طرح سنڌي ماڻهن ۾ قومي غيرت ۽ جرئت جو گڻ به آهي، جنهن کي سائينءَ پنهنجي فڪر پيغامِ سنڌ ۾ پڌرو ڪيو آهي. ۽ ڀٽائيءَ جي حوالي سان لکيل ڪتاب پيغامِ لطيف ۾ وطن سان محبت ۽ قومي غيرت جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پر قومي غيرت ۽ حب الوطنيءَ جا جذبا جاڳائڻ سان گڏ وفاداري ۽ محبت جي مام سمجهائڻ لاءِ "ديارِ دل داستانِ محبت " لکيو، جنهن ۾ هن انفرادي عشق کان وٺي اجتماعي عشق نڀائڻ تائين جا درس ڏنا آهن.

سو ڏسجي ته اڄ جي دور ۾ سيد جو پيغام نه رڳو سنڌ جو پيغام آهي، پر اهو عالمي امن ۽ پوري انساني برادريءَ لاءِ به سونهن، سچ ۽ امن جو پيغام آهي، سو جيڪڏهن ڏسجي ته سيد جي پيغام کي سونهن، سچ ۽ سنڌ جو پيغام چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جيئن ڀٽائي چيو آهي ته:

نئون نياپو آيو، راڻي ملان رات،

لڌيسون لطيف چئي، ڏاتر ڪنان ڏات،

ڪا نه پڇي ذات، جي آئيا سي اگهيا.

سو اچو ته سنڌ جي سيد جي هن پيغام کي، جيڪو پيغامِ لطيف جو تسلسُل ۽ سنڌ جي وجود جي تڪميل جو جديد فلسفو، نئين سنڌ ۽ نئين دنيا جي تعمير جو فڪر آهي. انهيءَ تي نه رڳو غور فڪر ڪيون، پر انهيءَ فڪر ۽ فلسفي جو تڪميل ۽ مادي شڪل لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

جي ايم سيد

ادب، ثقافت ۽ تاريخ سان محبت ڪندڙ محقق

ڊاڪٽر موسيٰ پروين ميمڻ

پيغام لطيف سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب آهي، سيد صاحب سياسي رهنما هئڻ سان گڏ هڪ وڏو مفڪر عالم ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ وڏي وٿ قرار ڏنو وڃي ٿو، پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ “سن” ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو، سيد غلام مرتضيٰ شاهه سورهن سالن جي عمر ۾ سياست ۾ پير پاتو، سندن سياسي خدمتن جو تفصيل تمام طويل آهي، هتي سندن ادبي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏجي ٿو، پاڻ سنڌي ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ سان محبت رکندڙ هڪ وڏو محنتي محقق هو، جنهن ايڏي وڏي سياسي مشغوليءَ واري زندگيءَ ۾ به سنڌي ادب لاءِ ضخيم ڪتاب لکيا. جن ۾ “جنب گذاريم جن سين” (ٻه جلد) “نئين سنڌ لاءِ جدوجهد”، “اڄ پڻ چڪيم چاڪ”، “جيئن ڏٺو آهه مون”، “موجوده سنڌ جا سياسي مسئلا”، “سنڌ ڪلچر” ۽ “پيغام لطيف”، شاهه جون وايون ۽ ڪافيون” ۽ ٻيا ڪتاب آهن، سندن ڪتابن جو سنڌي نثر، عام فهم، اثرائتو ۽ شانائتو آهي، هتي “پيغام لطيف” جو تفصيلي احوال پيش ڪجي ٿو.

”پيغام لطيف” جي ايم سيد صاحب جو، نظر بنديءَ جي چار سالن ۾ لطيفيات جي مطالعي جو نچوڙ آهي، جنهن کي محمد عثمان ڏيپلائيءَ اسلاميه دار الاشاعت مان شايع ڪيو، “سلسلئه انسانيت” جي ڇپائيءَ جي سلسلي جو هي ڇهون نمبر ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب تعارف ۾ هن ڪتاب کي ماکيءَ جهڙو مٺو ۽ هڪ عزم ڪامل شخص جو پيغام ڄاڻايو آهي. پيغام لطيف جي ڪل ۱۲ فصلن ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال، سندن زماني جو ماحول، سنڌ جون سياسي ۽ مذهبي حالتون، شاهه جون پنهنجي دور جي بزرگن سان ملاقاتون ڏنل آهن، سيد صاحب شاهه صاحب کي سنڌ جو قومي شاعر ڄاڻائيندي سندن ڪلام ۾ قوميت جو تخيل ۽ شاهه ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظرين تي هڪ نظر وڌي آهي. سندن موجب شاهه جو پيغام، حب الوطني، پاڻ سڃاڻڻ، بي خوفي، همت، قرباني ۽ ستايلن جي حمايت آهي.شاهه جي سياسي نظرين کي سندن ڪلام مان بيتن جي حوالي سان سمجهائيندي ليکڪ کين جمهوريت جو طرفدار، ڊڪٽيٽر شپ ۽ شاهوڪاري نظام جو مخالف ڪري بيان ڪيو آهي. سيد صاحب اسان کي ڄاڻايو آهي ته شاهه صاحب اسان جو قومي شاعر آهي، انهيءَ لحاظ کان سنڌي قوم تي جوابداري آهي ته هو هيٺين ڇهن (۶) نقطن تي عمل ڪن، جن مان ۳ نقطا درگاهه شاهه عبداللطيف ۽ ڀٽ جي ڳوٺ جي ترقي ۽ تعمير ۽ وسعت جي باري ۾ آهن ۽ باقي ۳ نقطا سندن ڪلام جي مستند نمونن ۽ شرح جي ڇپائي، لطيف چيئر جي قيام ۽ شاهه جي شاعريءَ جي کوجنا جي باري ۾ صلاحون آهن. جن کي سيد صاحب سنڌي قوم تي قرض ۽ فرض ڄاڻايو آهي.

آخري ۾ ۷۵ بيتن جو چونڊو ڏنل آهي، جن کي سيد سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تحت عنوان ڏناآهن.

اوپرا اُٺ؛

اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺيئي اٺ،

ڏايئي نه ڏاگهن کي اوڳي ساڻ اڳٺ،

ته هوند نه تنهنجي هٺ، سور پرايا سسئي.

(غير سنڌي اقتدار)

سمنڊ جا ٻوٽا؛

ايءَ گت غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون،

پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، هيرو لعل هٿن سين.

(مفڪر ملڪ ۽ قوم)

۲۵۴ صفحن جي هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي سوانح جو مختصر احوال ڏنل آهي، ليکڪ موجب کانئن اڳ اهو احوال سانگي، قليچ، ليلا رام وطڻ مل، گربخشاڻي، ڄيٺمل، ڊاڪٽر سورلي، دين محمد وفائي ۽ ڪجهه ٻيا بزرگ ڏئي چڪا آهن. هن ڪتاب جو مقصد صرف ۽ صرف سندس پيغام کي سياسي مقصد ۽ مرادن جي سمجهڻ تحت آهي. انهيءَ لاءِ سيد صاحب سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي حالتن جو ذڪر ڪندي سنڌ کان ٻاهر جي سياسي حالتن جا سنڌ تي اثر ڄاڻايا آهن، جن ۾ خاص مغل حڪومت جو ڪمزور ٿيڻ. اڪبر بادشاهه جو دين الاهي قائم ڪرڻ، شاهجان جو ملڪ جي اڏاوت ۽ سينگارڻ تي توجهه ڏيڻ. اورنگزيب جي دور ۾ ملڪ جي سياست جو مذهبي رنگ ۾ رنڱجڻ ۽ مختلف تحريڪن جيئن مهدي تحريڪ، وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي نظرين جا اثرات، اهلِ طريقت جا اثر بيان ڪيا آهن. قادري، چشتي، نقشبندي ۽ سهرووردي طريقن جا سنڌ تي اثر ڄاڻايل آهن، شاهه جي سياسي پيغام کي سمجهائڻ لاءِ سيد صاحب جن بزرگن سان شاهه صاحب جون ملاقاتون ٿيون يا مٿن جن جو اثر ٿيو، انهن جو تفصيلي تعارف ڏنو آهي، تن ۾ شاهه عنايت صوفي شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه عنايت الله رضوي، مخدوم محمدي کهڙن وارو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو، صاحبڏنو فقير درازن وارو، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي، مدن ڀڳت، مخدوم بلاول رحه، مخدوم نوح رحه، شاهه عبدالڪريم (سندن پڙ ڏاڏو). سيد شهمير شاهه، مخدوم صابر و لهاري، سيد محمد بقا لڪياري، مخدوم دين محمد سيوهاڻي ۽ ٻيا ذڪر ڪيل آهن.هيٺ سيد صاحب جي ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا ڏجن ٿا ته جيئن موضوع سمجهڻ ۽ پرکڻ ۾ مدد ملي سگهي.“

منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي. سندس شعر جي تصوفي ۽ اخلاقي ڪمالات جو بيان ڪرڻ تصوف جي ماهرن ۽ فلسفه جي عالمن لاءِ ڇڏي آئون صرف سندس قومي شاعر جي پهلوءَ کي بيان ڪندس”.“شاهه جي ڪلام مان جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سان “سنڌ ديس” جي رهاڪن جي اُڪير ۽ محبت آهي. “هن وٽ هندن ۽ مسلمانن جي تميز وطن ۽ قوم جي لحاظ کان ڪابه ڪانه آهي. مسلمانن جي موجوده مصنوعي تفاوتن تي بي اختيار چوي ٿو ته،

“ان پر نه ايمان، جي ڪلمي گو ڪوٺائين”

ته هندوءَ کي مخاطب ٿي چوي ٿو؛

“ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر نه ڪوٺاءِ”

ملن ۽ پنڊتن جي انسان ذات جي وچ ۾ پيدا ڪيل بي معنيٰ فرقن ۽ تفاوتن کي هو حق جي سامهون پردا ۽ حجاب ٿو سمجهي. هو ملڪ جي آزادي خوشحالي ۽ ترقيءَ جو خواهان آهي. تڏهن مارئيءَ جي واتان ڏاڍ خلاف چورائي ٿو ته؛

منهنجي آس اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.سنڌين جي خانه جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي ته غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري. (ص-۸۱، ۸۳، ۸۹) ٻي خوبي شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي سا هئي ديس واسين ۽ مارن جي پياس. هنن تي وحدت الوجود جو اثر قديم وقت کان مختلف درويشن ذريعي پئي پيو آهي، تنهن ڪري هنن تي اورنگزيبي سياست ۽ مسلمانن جي جداگانه قوميت جي نظريي جو ڪوبه اثر ڪونه پيو. سندن انهيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي واتان هيٺين طرح بيان ڪري ٿو.

“الست برکم” جڏهن ڪن پيوم،

 قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،

تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

هو سسئيءَ جي واتان سرويچيءَ جا سبق ٿو ڏئي؛

وريتيو ورو! آئون نه ورندي ور ريءَ

شاهه صاحب ديس ۾ انقلاب جي مينهن وسڻ، غلاميءَ جي زنجيرن ٽٽڻ، ترقي ۽ خوشحاليءَ جي گل ڦل ٿيڻ جا خواب ڏٺا آهن، غلاميءَ جي عيد لاءِ حڪمران کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته؛

جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا.

“شاهه جي ڪلام ۾ وطن جي معنيٰ “سنڌ ديس” ڪڍڻ بي جا نه ٿيندو. هو ٺلهو راهب نه هو پر سياست ۾ حب الوطني جي نظريي جو حامي ۽ سنڌ جو خاص تخيل رکندڙ هو. (ص۹۰، ۱۰۰، ۱۰۱)“ هن کي معلوم هو ته سنڌي دنيا جي ٻين قومن جي بنسبت پٺتي پيل هئا، هنن جي سڀ حاصلات بدويانه نموني جي هئي، ليڪن ان جي باوجود هن هر پنهنجي شيءَ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو. کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خود داري پيدا نه ڪئي ويندي تيستائين منجهن پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت نه پيدا ٿيندي. (ص-۱۰۲) ڊاڪٽر اقبال ۽ شاهه صاحب جي نظرين تي بحث ڪندي سيد صاحب هڪ نڪتي تي سندن هڪجهڙائي ڏسي آهي، جي ايم صاحب موجب ٻنهي تي رسول عربي، قرآن شريف ۽ مثنوي رومي جي تعليمات جو گهرو اثر آهي، ٻنهي جي سامهون انسان ذات جي ترقي ۽ اصلاح جا مقصد هئا پر ٻنهي انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدا جدا رستا ۽ راهون ڏسيون آهن شاهه صاحب نيشنلزم، جمهوريت ۽ سوشلزم جو حامي ۽ ڊڪٽيٽر شپ ۽ شاهوڪاري نظام جو مخالف هو.لطيفيات ۾ “پيغام لطيف” ڪتاب هڪ خاص موضوع تي خاص انداز سان آهي، پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هن ڪتاب لطيفيات ۾ترقي پسندانه رويي کي جنم ڏنو آهي، پيغام لطيف، کي هن صديءَ جي هڪ وڏي سياستدان، مدبر ۽ ڏاهي جي دل جو آواز ۽ پيغام ڪري شمار ڪرڻ گهرجي. جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه، صاحب، جي ڪلام جو سياسي مفهوم ڄاڻائيندي سنڌي عوام کي حب الوطني، پاڻ سڃاڻڻ، بي خوفي، قرباني ۽ صرف سنڌين جي سنگت ۽ حمايت جا سبق ڏنا آهن، هيءُ ڪتاب ذاتي نظرين ۽ سوچن جي گرد گهمي ٿو، جن کي ليکڪ سنڌ جي مختلف دورن جي سياسي، سماجي، علمي ۽ مذهبي حالتن جي پس منظرن جي حوالي سان چٽو ڪري پيش ڪيو آهي، موضوع مطابق مؤقف کي واضح ڪرڻ لاءِ ليکڪ شاهه جي ڪلام مان بيتن جو انتخاب بر جستو ۽ موقائتو پيش ڪيو آهي، خاص طور سرمارئيءَ جا بيت اثرائتا آهن.ڊاڪٽر فهميده حسين موجب، “جديد تناظر ۾ شاهه صاحب کي پرکڻ وارن ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب پيغام لطيف به اهميت رکي ٿو، هن ڪتاب ذريعي سيد صاحب قومي تحريڪ جي پس منظر ۾ سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي عوام لاءِ نوان پيغام شاهه جي معرفت ڏيڻ چاهي ٿو”.سيد مظهر جميل هن حوالي سان لکيو آهي ته “جي ايم سيد شاهه جي پيغام کي سمجهائڻ لاءِ موجوده دور ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ مطابقت پيدا ڪندي مارئيءَ جي ڪردار جي ذريعي وطن پرستيءَ جا ويچار ڏيڻ سان سنڌي قوميت جي تحريڪ کي ترقي ڏني آهي”.

حوالا:

فهميده حسين ڊاڪٽر “ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ”، سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي، ۱۹۹۷ع، ص-۱۶۲.

مظهر جميل سيد، “جديد سنڌي ادب، اڪيڊمي” بازيافت ڪراچي، ۲۰۰۷ع، ص-۱۰۷۹.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

سج جي تپش ۽ چنڊ جي چانڊوڪي جهڙو

انعام ڀٽي

سياست ننڍي کنڊ ۾ انگريز سامراج جي خلاف جڏهن شروع ٿي ته انهي جا قدر اصول ۽ اخلاقيات جا ضابطا تمام بلند هيا. اختلاف راءِ سياست جو حسن هيو ۽ ڪردار سياستدان جو ڏاج. سياست جي اندر جن به انهي دور ۾ پنهنجي اخلاقن ۽ اصولن کان منهن ڦيريو اهي سماج جي اندر پنهنجو ڪو وزن پيدا نه ڪري سگهيا. انهي دور جي سياست جي فڪري گهرائي ۽ ڪردار جي بلندي تي جن فردن رسائي حاصل ڪئي انهن ۾ سائين جي ايم سيد پوري ننڍي کنڊ جي سياستدانن ۾ هڪ بلند مقام رکي ٿو. سائين جي ايم سيد پنهنجي دور جو اهو گوتم هو جنهن خانداني منصب جي خوشحالي ۽ وقت جي تخت کي پٺي ڏئي اڪثريت جي اهنج جي خاتمي، عوامي خوشحالي ڏک کي ڏيهان نيڪالي ڏيڻ لاءِ پنهنجي جيون کي ڏکن ڏاکڙن ۾ وجهي ڇڏيو. سرجيس تان سور جو سفر سندس جنم کان شروع ٿيو، پر جواني جا ڏينهن مارن جي محبت ۾ پاڻ چونڊي کنيائين. جڏهن مير پير سيد ۽ سرڪاري خوشامدڙيا انگريز سرڪار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي توڙي انفرادي غيرت کان آجا ٿي وطن فروشي ڪندا رهيا تڏهن سيد سن ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائڻ کان وٺي ڪراچي لوڪل بورڊ جي چيئرمني تائين سرڪار جي جي حضوري ڪرڻ جي بجاءِ عوام جي خوشحالي ۽ وطن جي آزادي جي راه ورتي. صدين جي غلامي جي سفر ۾ گهاريندڙ سنڌي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ آزادي جو خواب ڏسندڙ سائين جي ايم سيد کي اهو سمجهه ۾ اچي ويو ته قومن جي تباهي جو سبب انهن جي ڪردار عمل ۽ اهليت جي پسپائي جي ڪري هوندو آهي تنهن ڪري جيڪڏهن سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻو آهي ته انهن کي قومي ڪردار به ڏيڻا آهن ته انهن کي سنڌ جي ساڃاه به ڏيڻي آهي ۽ اهو اتساھ به ڏيڻو آهي ته ڪا به قوم ننڍي ۽ هيڻي ڪونه ٿيندي آهي، پر جڏهن قوم ۾ قومي غيرت بيدار ٿيندي آهي ته وقت جي فرعون سان به اهي جهيڙي وجهنديون آهن ۽ انهي سڀ ڪرڻ جي لاءِ جڏهن قومون لالچ ۽ خوف جو دڳ ڇڏي لطيف جي لات وانگر ننگيون ٿي نڪرنديون ته انهن جي آڏو ايندڙ روه به رتيون ٿي پوندا آهن.

جڏهن سنڌ جي اڪثريت، صاحبِ حيثيت سياسيت جي ميدان ۾ مسند تي ويٺلن ۽ بااثر ماڻهو، قومي غيرت کان آجا هجن تڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي فڪر جي ڦرهي نئين نسل جي ڪچي پٽي تي اهڙي ته اڪيري ڇڏي آهي جو جيئن جيئن وقت جي تپش وڌندي ٿي رهي تئين تئين انهي ڦرهي تي لکيل ريٽالفظ نئين سج نئون نياپو کڻي سنڌ جو آواز بڻجي،هر جبر ۽ ڏاڍ جي آڏو ڪر کڻي بيهي ٿا رهن.سائين جي ايم سيد لطيف جي سرن مان جيڪو وطن جي حب ۽ مارن جي محبت جو سبق حاصل ڪيو انهي کي پيغام سنڌ سمجهي نئين نسل جي لاءِ نئين انداز ۾ جهڙي طرح پيش ڪيو اهو ايندڙ صدين تائين سنڌ جي صدا بڻجي گونجندو رهندو. وقت جي حاڪمن کي اڄ به اهو اصول پرستي صاف ڪردار ۽ سچائي وارو سياسي ڪردار نه ٿو گهرجي انهن کي گهرجن ٿا ذهن ۽ ضمير کان خالي وطن فروش ڪردار جن کي پنهنجي بوٽ جي نوڪ تي رکي هلائي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ جي اندر نه ادارا مضبوط آهن نه ملڪ جي معيشت. سائين جي ايم سيد سياست کي عبادت سمجهي خلق خدا جي ڀلائي، بهبود ۽ ترقي لاءِ هڪ جديد ذريعو ٿي سجمهيو جنهن کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، پر ساڳئي دور ۾ سياست جي برطانوي راڄ واري روايتن تي هلندڙ جن ڪردارن سياست کي ذاتي حاڪميت، سندي ۽ سندن نسلن جي حرام خوري وسيلي ترقي جو رستو ٿي سمجهيو انهن جي لاءِ هر قسم جا رستا کولي ڇڏيا. حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪرڻ سياست ۾ اختلاف راءِ رکڻ ۽ پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جي عمل واري سياست کي شجرِ ممنوعا سمجهي پابنديون مڙهيون ويون ۽ جن به اهو حق سچ چوڻ جي جرئت ڪئي انهن کي غدار سڏيو ويو. غدار جا سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ واري فئڪٽري جي انهن سرٽيفيڪيٽن تي هاڻي انهن جا پنهنجا نالاجڏهن لکجڻ شروع ٿيا آهن تڏهن سڀني کي سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي ته هن ملڪ ۾ غدار ڪير آهي ۽ محب وطن ڪير.

سائين جي ايم سيد چاهيو ٿي فردن جي بجاءِ هن ملڪ جي اندر سياسي ادارا مضبوط هجن، سياست وطن جي محبت ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ هجي رياست جو مذهب سان ڪو تعلق نه هجڻ گهرجي مذهب هر فرد جو انفرادي عمل هجڻ گهرجي، وفاق ۾ شامل صدين کان پنهنجي قومي شناخت رکندڙ قومن جي خودمختيار آزاد حيثيت هجڻ گهرجي، پر هن ملڪ جي اندر مذهب کي ڍال بڻائي، تاريخي قومن جي تشخص کي مٽائي اسلام جي نالي تي هڪ قوم بنائڻ جي جيڪا ڪوشش برپا آهي انهي ملڪ جي حادثاتي طور رکيل بنيادن کي اڃا وڌيڪ کوکلو ڪري رکيو آهي.

سنڌ جو اهو نوجوان نسل جن سائين جي ايم سيد کي ڪڏهن اکين ڪونه ڏٺو اهي اڄ سندس ڪتاب پڙهي ان جي فڪر مان سکي رهيا آهن ته وطن سان محبت ڪئين ڪبي آهي. سندس فڪر سج جي تپش جيئن هر ايندڙ نسل کي هڪ توانائي بخشي ٿو ۽ چنڊ جي روشني بڻجي اونداهي رات ۾ رهنمائي ڪري ٿو. جڏهن قومن جا رهبر انهن جي رهنمائي لاءِ ڪا راه ڏئي ويندا آهن انهي راه تي هڪ نه هڪ ڏينهن هلندي ڪو منزل ماڻي وٺندو آهي. اڄ سنڌ جي صدين جي صدائن کي هڪ آواز ملي ويو آهي، جنهن لطيف جي تنبوري جي تندن کي سيد تپائي ويو آهي انهي تند جي تنوار هڪ ڏينهن جبر ۽ ڏاڍ تي جوڙيل محلن کي جهوري وجهندي. سچ جي راهه اوکي ضرور هجي ٿي پر انهي کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي اهو ئي سبب آهي ته اڄ به جيترو انهي آواز جي آڏو رڪاوٽ وڍي وڃي ٿي اهو آواز اڳي کا اڳڀرو ٿي رهيو آهي. هن ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اڃا تائين اهو سمجهه ۾ ڪونه اچي رهيو آهي ته سج جي آڏو ڪو عرش نه ٿو اڏي سگهجي جيڪو انهي جي روشني کي ڌرتي تائين پهچڻ کان روڪي سگهي. امن عالم، اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم تي مشتمل سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ اهڙو آفاقي پيغام آهي جنهن کي سنڌ جي آجپي بعد سموري عالم ۾ عام ڪري سگهجي ٿو. شاھ لطيف، علاما آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جي سوچن مان جنم وٺندڙ انهي پيغام سنڌ کي جيڪڏهن صحي طرح ڪير سمجهي وٺي ته هوند انهي جي آڏو رڪاوٽ بڻجڻ جي بجاءِ انهي کي عام ڪرڻ جو اعلان ڪري. پر افسوس جو هي ابن الوقت بي ايمان ۽ ڪرپٽ حڪمران انهي پيغام کي بنا سمجهڻ جي ذاتي مفاد خاطر انهي آڏو رڪاوٽون وجهندا رهن ٿا. سائين جي ايم سيد جي هوندي انهي جي پنهنجي چر پر تي بندش، سندس تحريرن ۽ تقريرن تي بندش ۽ جڏهن انهي جي عشق ۾ سندس عقيدتمند سن جي سفر تي نڪرن ٿا ته انهن جي محبت جي اظهار لاءِ سن اچڻ تي بندش. هي موجوده حڪمران جنهن خوف ۾ ورتل آهن اهو ڪنهن به طرف ملڪ جي سلامتي استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ ڪونهي پر سندن قومي غيرت کان آجي اقتدار جي حوس خاطر ۽ عوام جي پئسي تي ڌاڙا هڻڻ جي لاءِ آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


سنڌ ۽ سيد

ٻئي نالا نينهن جا

عامر انصاري

صدين جي ھِن تاريخ ۾سنڌ وطن مٿان جيڪي به ھزارين ٻاھريان حملا ۽ يلغارون ٿينديون رهيون آهن ۽ پنج هزار سالن جي تھذيب سنڌ ڌرتي تي ناانصافيون ڏسي موھن جي دڙي جي بادشاهه ڪنگ پريسٽ جو ڀٽڪندڙ روح ڌرتيءَ تي اُن باغي شخص جي ڳولا ۾ مشغول ھو ان کي اهو شخص ويهين صدي ۾ ملي ويو، جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ لاءِ محبت سمايل ھئي، جنھن جو جنم ھِن سرزمين سنڌ تي سنڌوءَ ڪناري جي اولهه پاسي سن نالي ھڪ ننڍڙي شهر ٿيو جيڪو غلام مرتضيٰ مان سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور معروف ٿيو، جنھن کي سن جو سائين ۽ سنڌ جو سائين به سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ھِن ڌرتي جي اچڻ وقت سنڌ جي عشق رمزن کي سمجهي ويو شايد فطرت ھِن کي اِن عشق لاءِ پيدا ڪيو ھو، جنھن پنھنجي محبوبا سنڌ ڌرتيءَ سان وفا جا وچن ورجائيندي دنيا جي سموريون آسائشون، سڪون جو سبب بڻجندڙ دنياوي سموريون لذتون ۽ سامان جائيداد وغيره کي پاسيرو رکي سنڌ سان عشق ڪيو، جيڪو دنيا جي سمورين لذتن کان مٿانهون ھيو، ھِن سنڌ جي عاشق، اُھو عشق ڪيو جنھن ۾ سسئي جي پهاڙن جھڙا اوکا پنڌ ۽ پير پٿون به ٿيل ھئا ته وري پنهنجي ماروئڙن، ٻوليءَ ۽ ثقافت جا رنگ به ڀريل ھئا، جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌوءَ جون لھرون شامل ھيون، جنھن جي وسيع سوچ ۾ ڏاھر جي ڏاھپ، ھوشوءَ جي حشمت، دولھه جي دليري ته وري درياهه خان جي رت ڦڙن جي رنگت سمايل ھئي، جنھن سن جي سيد کي عشق کي اَڃا به اُتم بڻائي ڇڏيو اھڙو باغي مھان عاشق جنھن جي خمير ۾ بيوفائي جو تصور ئي ڪونه ھو.

ھِن شخص ننڍپڻ ۾ ئي ھِن ڌرتيءَ سان عھد وفا جو وچن ڪيو، سن جي سيد جڏهن ھِن ڌرتيءَ تي شعور جي اک کولي، اُن وقت ئي ھِن باغي شخص جي لبن تي پھريان سنڌ نالو اچي ويو جيڪو ھِن شخص لاءِ ماکيءَ کان وڌ مٺو ھو جنھن جي مٺاس ھڪ عاشق ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، سن جي سيد جو اُن دور ۾ جنم ٿيو جڏهن سنڌ ڌرتيءَ مٿان غلاميءَ جو راڄ قائم ٿي چُڪو ھو پاڻ اُن کي پنھنجي فڪر ۽ سوچ سان سنڌ جي ماڻهن کي ھِن سج گرهڻ واري غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ حق سچ جي راھه تي ھلندي سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌي قومپرستي واري نظرياتي فڪر سان روشناس ڪرايو جيڪا سنڌ ڌرتيءَ حملي آورن جي ھٿان پَنھنجي حقيقي وجود کان آھستي آھستي محروم ٿيندي پئي وڃي جيڪي ورھين کان سنڌي ماڻهو غلاميءَ واري زندگي گذاريندا هئا ۽ غلامي جي زنجيرن کي پنھنجو نصيب سمجهي ويٺا هئا ذات پات قبائلي سوچ سان سلھاڙيل نسلن، ذاتين ۽ قبيلن ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ھئا ذاتين قبيلن کي ئي قوم جو تصور سمجهندا هئا زمين جي ٽڪرن تان ھڪٻئي جا ڪونڌر پٽ ماري ڇڏيندا هئا اُن وقت رھبر سائين جي ايم سيد پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي جي آڌار تي سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايو ته توهان ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورھايل ماڻهو قوم ناھيو پر قبيلا آھيو، قوم اُھا ھوندي آھي جنھن جي تھذيب، ڪلچر، جاگرافي حدون ۽ ھزارين ورھين جي تاريخ ھوندي آھي، تنھن کي قوم چئبو آهي جڏهن سنڌ اندر مذهبي انتهاپسنديءَ جي باھه ڀڙڪي چڪي ھئي اُن وقت سائين جي ايم سيد انتھاپسندي جي باھه ڀڙڪائيندڙ خلاف ”جيئن ڏٺو آهي مون“ جھڙا ڪتاب لکي مُلان، پنڊت ۽ پادرين، جي منھن تي چماٽ ھنئي جيڪي ماڻهو مذھبن جي آڙ ۾ عقيدن جون غلط تشريحون ڪندا ھئا عقيدن، وھمن، وسوسن، نفرتن، ڪدورتن ۾ ماڻهن کي جڪڙي ڇڏيو هو جيڪي ماڻهو مذھبي ٺيڪيدار بڻجي ھميشه اٻوجھه ماڻهن کي لٽيندا ڦريندا ھئا جن وٽ حقيقتن جي ڪابه پرک ڪونه ھئي اُن ماڻهن کي پنھنجن حقن کان لاتعلق بڻائي مذھبي انتھاپسندي جو ٻڄ ڇٽي ڌرتيءَ تي فساد ڪرائي رَتُ جون ھوليون کيڏندا هئا پاڻ حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي سنڌ جي ماڻهن کي غلامي مان ڪڍڻ لاءِ تاريخي حقيقتن کان روشناس ڪرايو ۽ مذهبي انتھاپسنديءَ جي پٿرن کي رستي تان ھٽائي ڇڏيو، هن مختلف مذهبن جي ڪثرت پٺيان وحدت جو پس منظر شاهه عنايت صوفي شھيد جي تعليمات ۽ شاهه لطيف جي شاعري جي فڪر جي آبياري ڪئي ھُئي، اُن خيال کي وڌيڪ پڪو پختو مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۽ تعليمات ڪيو، اُھو ڪم وحدت فڪر ۽ وحدت عمل جي پڪي پختي آڌار تي هو، وحدت فڪر اڳتي ھلي پيغام سنڌ جو روپ ڌاري سنڌي قوم لاءِ ”اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني نوع انسان“ جي صورت اختيار ڪري سنڌي قوم ۾ آجپي جي فڪر کي سنڌي ماڻهن تائين پهچايو سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو ته فڪري وارث ھو جنهن جي نظر ۾ انسانيت سڀ کان پھريان اُتم ھُئي، ھن جي وطن سان محبت ۽ ڌارين سان نفرت ڪرڻ ھِن عظيم انسان جي موروثي ملڪيت ھئي جيڪا سندس ڏاڏي شاهه حيدر سنائي طرفان حصي ۾ ملي هئي جيڪو مخدوم بلاول جي تحريڪ جو روح روان ھيو، جنھن سنڌ اندر ڌارين خلاف مزاحمت ڪري ميران محمد جونپوري جا ٻيڙا ساڙي ڪابل ڀڄڻ تي محبور ڪيو، جنھن وٽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ايتري ته بي پناھه محبت سمايل ھئي جيڪا ھڪ پل ۾ نوجوانن کي موھي ڇڏيندي هئي، اُھو ئي سبب ھو جو ھِن عظيم سن جي پوڙهي شينھن جي سنڌ سان محبت ڏسي سنڌ جا ھزارين ڳڀرو نوجوان عاشق ٿي پوندا هئا سنڌ جو هيءَ واحد پوڙھو شخص ھو جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا.

سن جي سيد جي محبت ۽ پيار اُنهن نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجي ويندو ھو، جڏهن سياري جي سرد موسم ۾ قومي ڪارڪنن سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا تڏھن پاڻ اُنهن مٿان چادرون اوڙهي ڇڏيندو ھو، جڏهن به بک سبب قومي ڪارڪنن جا چھرا مرجھائجي ويندا هئا تڏهن پاڻ گھران ماني کڻي اچي پاڻ کارائيندو هو، ھِن باغي شخص جو پيار ۽ شفقت قومي ڪارڪنن لاءِ ماءُ پيءُ جھڙو ھوندو ھو، سندس جو بي پناھه پيار سمورن نوجوانن جا ڏک سور دور ڪري ڇڏيندو هو، جيڪو دنيا جي سمورين محبتن کان مٿانهون ھيو، اھڙي محبت کي ڏسي ڪري سندس جي عاشقن جو انگ وڌندو ويو جيڪو عشق سن جي پوڙھي شينھن سنڌ سان لڳايو ۽ سنڌ اُن سان ازلي نينھن جو ناتو جوڙي ڇڏيو جتي بيوفائي جو تصور ئي ڪونه هو، سائين جي ايم سيد نه صرف سنڌي قوم جو عاشق ھو جنھن ھميشه سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري جنھن جو محور سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو ھئا، ھُن سڄي عمر پنھنجي سنڌ وطن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سائين جي ايم سيد سنڌ جي بقا، خوشحالي ۽ قوم جي ڀلائي سمجھندي سنڌ جي آجپي جو نعرو ھنيو جنھن سبب ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيس، سنڌ جي عشق ۾، ھِن باغي شخص کي نظر بند ٿيڻو پيو، قيد ڪاٽڻا پيا پر تاريخ گواھه آهي ته جنهن ويل به سنڌ مٿان ڪو قھر ٽُٽو ۽ مختلف روپن ۾ سازشي ھوائن ماتر ڀومي سنڌ جو رخ ڪيو تڏھن سائين جي ايم سيد وطن جي دفاع لاءِ اڏول ٿي بيٺو رھيو، سنڌ جي خوشحالي واري راھه تي ھلندي شايد ئي ڪوئي عذاب ھجي جيڪو سائين جي ايم سيد سنڌ جي عشق ۾ ڀوڳيو نه ھجي، سندس لاءِ جيلن جا در کليا کيس نظربند ڪيو ويو سندس تحرير ۽ تقرير تي بندش وڌي وئي سندس مٿان مختلف تھمتون ھڻي نقادن بيجا تنقيد ڪئي پر اُن باوجود به سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پويتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو سنڌ جي هن سيد وطن جي عشق ۾ بغير ڪنهن شڪايت جي اُھي سڀئي عذاب سٺا، سائين جي ايم سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو، سندس سوچ انفرادي نه بلڪه اجتماعي هُئي، جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو سندس سوچ ۽ لوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي هِن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا، سائين جي ايم سيد جي زندگي عمل جي ميدان ۾ گُذري پاڻ سدائين سنڌ سان عشق سبب سنڌي عوام جي هُجومن ۾ رهيو ۽ عوام سان گڏ رھيو سائين جي ايم سيد جي سنڌ سان وفا ۽ محبت جو تاريخ ۾ اھم مثال قائم ڪيو آهي جڏهن به سنڌ جو نالو کنيو ويندو آهي ته اُتي سائين جي ايم سيد جو به نالو کنيو ويندو آهي اڄوڪي ڏينهن ھِن عظيم ڏينهن تي ۱۷ جنوري تي رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي ۱۱۹ سالگرهه جي موقعي تي نمي سلام پيش ڪجي ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ نماڻي وينتي ٿي ڪجي ته سن ۾ سمورا پروگرام گڏجي ھڪ تراني ۽ ھڪ پليٽ فارم تي ڪيا وڃن جيڪڏهن اڄ گڏ نه ٿياسين ته ايندڙ مستقبل ۾ تمام ڀيانڪ نتيجا سامھون ايندا جنھن لاءِ ضروري آهي ته ھڪ ٿيون سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي تازو ئي وفاقي حڪومت آدم ۽ گهر شماري لاءِ شناختي ڪارڊ جو شرط ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڇهه مهينن کان جتي ترسيل آهي اُهو اُتان جو ئي شهري سڏيو ويندو ھزارين افغانين جا لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿي چُڪا آهن ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ھلي رھيون آھن جيڪڏھن سنڌ جي ٻولي، ثقافت کي بچائڻو آهي ته ھڪ ٿيڻو پوندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

سنڌ جي عاشق جي سالگره جو ڏينهن

عامر انصاري

سرزمين سنڌ تي سنڌوءَ ڪناري جي اولهه پاسي سن نالي ھڪ ننڍڙي شهر ۾ هڪ ٻار جو جنم ٿيو جيڪو اڳتي هلي سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور المعروف ٿيو جنھن کي سن جو سائين ۽ سنڌ جو سائين به سڏيو وڃي ٿو. شايد فطرت ھِن کي اِن عشق لاءِ پيدا ڪيو ھو جنھن پنھنجي محبوبا سنڌ ڌرتيءَ سان وفائي جا وچن ورجائيندي دنيا جي سموريون آسائشون، سڪون جو سبب بڻجندڙ دنياوي سموريون لذتون ۽ سامان جائيداد وغيره کي پاسيرو رکي محبوبا سنڌ سان عشق ڪيو جيڪو دنيا جي سمورين لذتن کان مٿانهون ھو. ھِن سنڌ جي عاشق اُھو عشق ڪيو جنھن ۾ سسئي جي پهاڙن جھڙا اوکا پنڌ ۽ پير پٿون به ٿيل ھئا ته وري پنهنجي مارن، ٻوليءَ ۽ ثقافت جا رنگ به ڀريل ھئا جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌوءَ جون لھرون شامل ھيون جنھن جي وسيع سوچ ۾ ڏاھر جي ڏاھپ، ھوشو جي حشمت، دولھه جي دليري ته وري درياهه خان جي رت ڦڙن جي رنگت سمايل ھئي جنھن سن جي سيد جي عشق کي اَڃا به اُتم بڻائي ڇڏيو. اھڙو باغي مھان عاشق جنھن جي خمير ۾ بيوفائي جو تصور ئي ڪونه ھو ھِن شخص ننڍپڻ ۾ ئي ھِن ڌرتيءَ سان عھد وفا وچن ڪيو. سن جي سيد جڏهن ھِن ڌرتيءَ تي شعور جي اک کولي اُن وقت سندس ٻاروتڻ عمر ھئي ھِن باغي شخص جي لبن تي پھريان سنڌ نالو اچي ويو جيڪو ھِن شخص لاءِ ماکي کان وڌ مٺو ھو جنھن جي مٺاس ھڪ عاشق ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. سن جي سيد جو اُن دور ۾ جنم ٿيو جڏهن سنڌ ڌرتيءَ مٿان غلاميءَ جو راڄ قائم ٿي چُڪو ھو. سائين جي ايم سيد اُن کي پنھنجي فڪر ۽ سوچ سان سنڌ جي ماڻهن کي ھِن سج گرهڻ واري غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ حق سچ جي راھه تي ھلندي سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌي قومپرستي واري نظرياتي فڪر سان روشناس ڪرايو. جيڪا سنڌ ڌرتيءَ حملي آورن جي ھٿان پَنھنجي حقيقي وجود کان آھستي آھستي محروم ٿيندي پئي وڃي. جيڪي ورھين کان سنڌي ماڻهو غلاميءَ واري زندگي گذاريندا هئا ۽ غلامي جي زنجيرن کي پنھنجو نصيب سمجهي ويٺا هئا، ذات پات قبائلي سوچ سان سلھاڙيل نسلن، ذاتين ۽ قبيلن ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ھئا، ذاتين قبيلن کي قوم جو تصور ڏيندا هئا. زمين جي ٽڪرن تان ھڪٻئي جا ڪونڌر پٽ ماري ڇڏيندا هئا. ان وقت رھبر سائين جي ايم سيد پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي جي آڌار تي سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايو ته توهان ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورھايل ماڻهو آھيو. قوم اُھا ھوندي آھي جنھن جي تھذيب، ڪلچر، جاگرافي حدون ۽ ھزارين ورھين جي تاريخ ھوندي آھي تنھن کي قوم چئبو آهي. جڏهن سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي جي باھه ڀڙڪي چڪي ھئي اُن وقت سائين جي ايم سيد انتھاپسندي جي باھه ڀڙڪائيندڙن خلاف “جيئن ڏٺو آهي مون” جھڙا ڪتاب لکي مُلان، پنڊت ۽ پادرين جي مذھبن جي آڙ ۾ غلط تشريحن کي رد ڪيو جيڪي مُلان، پنڊت ۽ پادري مذھبي ٺيڪيدار بڻجي ھميشه اٻوجھه ماڻهن کي لٽيندا ڦريندا ھئا جن ۾ حقيقتن جي ڪابه پرک ڪونه ھئي اُن ماڻهن کي پنھنجن حقن کان لاتعلق بڻائي مذھبي انتھاپسندي جو ٻڄ ڇٽي ڌرتيءَ تي فساد ڪرائي رَتُ جون ھوليون کيڏندا هئا. جي ايم سيد حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي سنڌ جي ماڻهن کي غلامي مان ڪڍڻ لاءِ تاريخي حقيقتن کان روشناس ڪرايو ۽ مذهبي انتھاپسندي جي پٿرن کي رستي تان ھٽائي ڇڏيو جيڪي سندس راھه ۾ رڪاوٽ بڻيل ھئا. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو ته فڪري وارث ھو جنهن جي نظر ۾ انسانيت سڀ کان پھريان اُتم ھُئي ھن جي وطن سان محبت ۽ ڌارين سان نفرت ڪرڻ ھِن عظيم انسان جي موروثي ملڪيت ھئي جيڪا سندس ڏاڏي شاهه حيدر سنائي طرفان حصي ۾ ملي جيڪو مخدوم بلاول جي تحريڪ جو روح روان ھيو جنھن سنڌ اندر ڌارين خلاف سراپا مزاحمت ڪري ميران محمد جونپوري جا ٻيڙا ساڙي ڪابل ڀڃڻ تي محبور ڪيو جنھن وٽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ايتري ته بي پناھه محبت سمايل ھئي جيڪا ھڪ پل ۾ نوجوانن کي موھي ڇڏيندي هئي. اُھو ئي سبب ھو جو ھِن عظيم سن جي پوڙهي جھور شينھن جي سنڌ سان محبت ڏسي سنڌ جا ھزارين ڳڀرو نوجوان عاشق ٿي پوندا هئا سنڌ جو هي واحد پوڙھو شخص ھو جنهن جا عاشق سڀ جوان هئا. سن جي سيد جي محبت ۽ پيار اُنهن نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجي ويندو ھو جڏهن سياري جي سرد موسم ۾ قومي ڪارڪنن سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا تڏھن پاڻ اُنهن مٿان چادر اوڙهي ڇڏيندو ھو جڏهن به بک سبب قومي ڪارڪنن جا چھرا مرجھائجي ويندا هئا تڏهن پاڻ گھران ماني کڻي اچي پاڻ کارائيندو هو. ھِن باغي شخص جو پيار ۽ شفقت قومي ڪارڪنن لاءِ ماءُ پيءُ جھڙو ھوندو ھو سندس بي پناھه پيار سمورن نوجوانن جا ڏک سور دور ڪري ڇڏيندو هو جيڪو دنيا جي سمورين محبتن کان مٿانهون ھو اھڙي محبت کي ڏسي ڪري سندس عاشقن جو انگ وڌندو ويو جيڪو عشق سن جي پوڙھي جھور شينھن سنڌ سان لڳايو ۽ سنڌ اُن سان ازلي نينھن جو ناتو جوڙي ڇڏيو جتي بيوفائي جو تصور ئي ڪونه هو. سائين جي ايم سيد نه صرف سنڌي قوم جو عاشق ھو جنھن ھميشه سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري جنھن جو محور سنڌ ۽ سنڌ جي آزادي ھو ھُن سڄي عمر پنھنجي سنڌ وطن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي بقا، خوشحالي ۽ قوم جي ڀلائي جو فڪر ڏنو جنھن سبب ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ جي عشق ھِن باغي شخص کي نظر بند ٿيڻو پيو قيد ڪاٽڻا پيا پر تاريخ گواھه آهي ته جنهن ويل به سنڌ مٿان قھر ٽُٽو ۽ مختلف روپن ۾ سازشي ھوائن ماتر ڀومي سنڌ جو رخ ڪيو تڏھن سائين جي ايم سيد وطن جي دفاع لاءِ سازشين خلاف اڏول ٿي بيٺو رھيو. سنڌ جي خوشحالي واري راھه تي ھلندي شايد ئي ڪوئي عذاب ھجي جيڪو سائين جي ايم سيد سنڌ جي عشق ۾ ڀوڳيو نه ھجي سندس لاءِ جيلن جا در کليا کيس نظربند ڪيو ويو سندس تحرير ۽ تقرير تي بندش وڌي وئي سندس مٿان مختلف تھمتون ھڻي نقادن بيجا تنقيد ڪئي پر اُن باوجود به سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پويتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو پر تنهن باوجود به سنڌ جي سيد وطن جي عشق ۾ بغير ڪنهن شڪايت جي اُھي سڀئي عذاب سٺا. سائين جي ايم سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو سندس سوچ انفرادي نه بلڪه اجتماعي هُئي جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو سندس سوچ ۽ لوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي هِن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا سياسي طور ڪيتريون تبديليون آندائين اهڙيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي زندگي عمل جي ميدان ۾ گُذري. پاڻ سدائين سنڌ سان عشق سبب سنڌي عوام جي هُجومن ۾ رهيو ۽ عوام سان گڏ رھيو. سائين جي ايم سيد جي سنڌ سان وفائي ۽ محبت تاريخ ۾ اھم مثال قائم ڪيو آهي جڏهن سنڌ نالو کنيو ويندو آهي ته اُتي سائين جي ايم سيد جو به نالو کنيو ويندو آهي اڄوڪي ڏينهن ھِن عظيم ڏينهن تي ۱۷ جنوري تي رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي ۱۱۹ سالگرهه جي موقعي تي نمي سلام پيش ڪجي ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ نماڻي وينتي ٿي ڪجي ته سنڌ جي سياسي ڪعبي سن ۾ سمورا پروگرام گڏجي ھڪ پليٽ فارم تي ڪيا وڃن جيڪڏهن اڄ گڏ نه ٿياسين ته ايندڙ مستقبل ۾ تمام ڀيانڪ نتيجا سامھون ايندا جنھن لاءِ ضروري آهي ته ھڪ ٿيون سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي. تازو ئي وفاقي حڪومت آدم ۽ گهر شماري لاءِ شناختي ڪارڊ جو شرط ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڇهه مهينن کان جتي ترسيل آهي اُهو اُتان جو ئي شهري سڏيو ويندو. ھزارين افغانين جا لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿي چُڪا آهن ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ھلي رھيون آھن جيڪڏھن سنڌ جي ٻولي، ثقافت کي بچائڻو آهي ته ھڪ ٿيڻو پوندو جيئن پنهنجي وطن جي وجود کي برقرار رکي سگھون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


سائين جي ايم سيد

جنھن جي عظمت کي سلام

اِدَلُ سولنگي

اڄ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، سائين جي ايم سيد جنهن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي روشن آئيندي، اَمن، آجپي، سک، سڪار، مان مريادا ۽ ننگ مايوس لاءِ وطن جي ويري قوتن سان ويڙهاند ڪندي گذاري، جنهن جي دوستي ۽ دشمنيءَ جو محور سنڌ هئي، جنهن حياتيءَ جي آخري گهڙين ۾ به پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان پنهنجي روح جو رشتو قائم رکندي کين پنهنجي ماتر ڀومي، سنڌ جي هنن لفظن ۾ پارت ڪندي موڪلايو ته:. سنڌيو! سنڌ جي پارت اَٿو

۽ چيائين ته: هاڻي ڪير مٿو، پڙ کان پٺيرو ڪري.

اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾ (اياز)

سِرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو،

تان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺ تي واجهايو!

لايو سجايو، نيٺ ته ٿينديون لوءِ جو. (اياز)

اَچو ڪُر ملهائيو، راوت رڱيو روههُ!

جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه سمورو ڏوهه،

للڪاري ٿو لوههُ، اڀرُو اڄ انياوَ تي (اياز)

سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،

وڙهندي مڙس مُهان، مٽيءَ مَنجهه سمائيا (اياز)

سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪَنچل لوڏ،

هوڙهيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان، (اياز)

سدا آيا سنڌ ۾، نادر شاهه،

ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واههَ،

متان سوچو ساههَ، متان موٽو ماڳ تان (اياز)

سائين جي ايم سيد، سنڌ جي صدين جي تاريخ جو پڙاڏو هيو، جنهن سنڌ جي قديم تاريخي روايتن کي نئون روپ ڏئي قومي شعور ۽ حب الوطنيءَ کي جديد قومپرستيءَ جو نالو ڏنو، جنهن شهيد مخدوم بلاول جي وطن لاءِ ڪيل ويڙهاند ۽ شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعراڻي ڏات جون ٻريل مشعلون کڻي، غلاميءَ جي گهگهه انڌيرن سان مزاحمت ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي وارث، اصلوڪن، لوڪن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ کين ويساهه ڏياريو ته سنڌي هڪ قوم آهي،پنهنجي زماني جو هي ”منصور“ وڏي واڪي ”انا الحق“ جو نعرو هڻندي غلاميءَ جي ڪهري ڪوٽن ۾ ڏار وجهندو رهيو. آجپي جو نئون نڪورو سج اُڀارڻ لاءِ ”سوراج“ جو سنيهو ڏيندو رهيو. حشو ڪيول راماڻيءَ سنڌ جي هن عظيم قومي اڳواڻ کي مذهبي ڌٻڻ مان ڪڍي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽائيندي کيس سنڌ جي عظمتن جو درس ڏنو۽ سائين جي ايم سيد ”جيئن ڏٺو آهه مون“ ڪتاب لکي مذهبي ڌٻڻ کي اورانگهي روشن خيال، سيڪيولر ۽ سوشلسٽ سنڌ اڏڻ لاءِ وک اڳتي کنئي. ”نئين سنڌ“ اڏڻ جي رٿا بندي ۽ جدوجهد ڪندي. سنڌ وطن جو ٻولي، ادب، تاريخ، روايتن، ڪلچر، جاگرافي، حدن جي سنڀال ڪئي. تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هي صوفي لاڪوفي اڌو گابرو ساميوادي، ماتر ڀوميءَ جي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ لڳاتار ويڙهاند ڪندو رهيو.

سڪندراعظم: سنڌ تي ڪاههَ کان پوءِ سنڌ جا به فلسفي، پاڻ سان وٺي ويو ۽ رستي تي انهن کان پڇائين ”سنڌ جو فلسفو ڇا آهي؟“ انهن مان هڪ چيو ته ”هڪ ماڪوڙو جڏهن پنهنجي ٻر ۾ آهي، تڏهن هن جي سمجهه ارسطوءَ جيتري آهي“ ۽ ٻئي چيو ته ”جڏهن ماڪوڙو پنهنجي دڳ تي آهي، تڏهن هو سڪندر کان و ڌيڪ عظيم فاتح آهي“

سائين جي ايم سيد پنهنجي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري مٿڀرائپ جي حواليءَ سان ڌرتيءَ جو اهڙو رکوال رهيو آهي، جنهن تاريخ جي ڪيترن ئي ڪاهون ڪندڙ ڦورن ۽ لٽيرن سان پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري سگهه وسيلي ويڙهاند ڪئي ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو. ”سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي“، ”ون يونٽ“ جي ڪهري ڪوٽ جا برُج ڀڃي ڀورا ڪرڻ، سنڌ جي ڇڙو ڇڙ سياست کي قومي تحريڪ جو روپ ڏئي، کين منظم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، سائين جي ايم سيد جنهن وطن جي تصور کي پنهنجي لکڻين ذريعي چٽو ۽ نروار ڪيو، سرزمين سنڌ جي عظمتن جي معراب ۾ پنهنجو سيُس نوائيندي فخر ڪيو ۽ اياز جي سٽن کي ورجائيندي چيو ته:.

سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيسُ نوايان

مٽي ماٿي لايان،

تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان

مٽي ماٿي لايان.

سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ وطن جي وارثي ڪندي پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي پنهنجي ميراث سمجهي حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو. وقت جي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان مهاڏو اٽڪائي کين هر موڙ تي للڪاريو ۽ ساڻس سخت مزاحمت ڪئي. جيلن ۽ نظربندين جي پابندي هيٺ رهندي به پنهنجي محبوب وطن جي لاءِ ويرين سان ويڙهاند ڪندي، اڳ کان به اڳرو رهيو، جنهن تاريخ جا پيرا کڻي پنهنجو پاڻ ملهايو.

جهرمر جهر مِر ڏيئڙا، آهي سارو پَنڌ،

ڪنهن جو ڪنهن جوڪنَڌُ، جَرڪي ٿو ان جوت ۾.

آزاديءَ جي راهه ۾، ڪجُهه به نه اجايو،

لالڻ! ٿئي ٿو، دير سا لايو سجايو،

سو به ته ڪم آيو، ڪَنڌ ڪريو جو پنڌ ۾.

سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ جي آجپي کي سڀني قدرتي نعمتن کان اعليٰ ۽ اُتم ڄاتو، جنهن جي لاءِ پنهنجي، املهه حياتي جا پُل پهر قربان ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي ” ڌاڃ ڌڻين“ جي پاسداري ڪئي، جنهن پنهنجي علمي، ادبي، ميراث سنڌ جي جهوليءَ ۾ رکي جنهن سنڌ جي راڻن تي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ جي طلسمي ورن وڪڙن کان آگاهي ڏني ۽ سندن رهنمائي ڪئي ۽ سنڌ جي راڻن، ڪاڪ محل کي ڏورڻ ۽ ووڙڻ لاءِ اياز جون هي سٽون اُچاريو.

مومل! ٻيهر ٻار سارا ڏيئا ڪاڪ جا،

کِيههَ کٽُن ٿا ڪا مڻي، لاهي هنڌ اُجار،

هئي! هان نه هار، نيٺ ته، ايندو مينڌرو.

راڻو ڪاڪ سواءِ، رهي رهندو ڪيترو؟

مومل!هو تو لاءِ، اِجهو پيو پنڌ ۾.

آجپي جي منزل ماڻڻ وارو سفر صدين کان جاري آهي، جنهن جي تسلسل ۾ ٽانڊن تي به ٽهڪ ٻُرن ٿا ۽ مقتلن مان به مُرڪون ملن ٿيون. صدين جو هيءُ سڏ پڙاڏو بڻجي سنڌ جي واهڻن وسندين ۾ ڳاڙهن جهنڊن جو روپ وٺي جهومي ۽ جهولي رهيو آهي.

سنڌ جي رهبر سيد اعظم، جنهن سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي وطن جي شُناس ڪرائي ۽ قومي ويڙهاند سان سلهاڙيو ۽ پنهنجي سموري زندگي وطن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌي تي سن شهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي جنم وٺي سنڌ وطن کان ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جسماني وڇوڙو ڪيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



جي ايم سيد

۽ اڄوڪي قومي تحريڪ

عبدالخالق جوڻيجو

دنيا جا سمورا غير معمولي انسان (پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا وڏا سماج سڌارڪ) ٻه ڳالهيون ضرور ڪندا آهن جيڪي انهن کي عام انسانن کان مختلف ۽ منفرد ڪنديون آهن. هڪ ته اهي پنهنجي خاص سوچ، فڪر يا پروگرام ڏيندا آهن ۽ ٻيو عملي ڪردار ۽ سندن زندگيءَ جو پيغام اهو هوندو آهي ته انسانن جي نجات ان پروگرام ۾ آهي ۽ اهو پروگرام اهري ڪردار سان عمل ۾ اچي سگهندو.

جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غير معمولي انسان هئو. ان جي زندگي به انهن ٻن ڳالهين سان عبارت هئي. سندن سوچ اها هئي ته هن خطي جي ماڻهن جي نجات نيشنلزم ۽ سيڪيولر ازم سان وابسته آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ هن هڪ مثالي عملي زندگي گذاري. انهن غير معمولي انسانن کي جتي هڪ طرف وقت جي بالادست قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو آهي اتي (خاص ڪري سندن وفات کانپوءِ)  سندن پوئلڳن طرفان به وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. جي ايم سيد سان به ساڳي صورتحال لاڳو رهي آهي.

سيد جڏهن قوم پرستيءَ جي تعريف ڪئي آهي ته هن جديد قومر پرستي جو ذڪر ڪيو آهي. اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جديد قومپرستيءَ جو اصطلاح ڇو استعمال ڪيو ۽ ان مان سندس مراد ڇا آهي. تاريخ ۾ قوم جو (۽ قوم پرستيءَ جو) تصور مختلف وقتن تي مختلف رهيو آهي. ڪڏهن قبيلي کي، ڪڏهن مذهب کي ته ڪڏهن ڪنهن ٻي ڳالهه کي قوم جو بنياد قرار ڏنو ويو. جي ايم سيد جنهن قوم پرستيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ان ارڙهين صديءَ ڌاري مغربي يورپ ۾ وجود ورتو. ان جا بنياد تاريخ، جاگرافي، زبان، ڪلچر ۽ مشترڪه مفاد آهن ۽ انهن ئي بنيادن تي دنيا ۾ قومن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان جي وجود وٺڻ جو هڪڙو خاص پسمنظر آهي. يورپ تي هڪ ڊگهي عرصي کان ٽن عنصرن جي بالادستي هئي. چرچ، جاگيردار ۽ بندوق جي زور تي قائم سلطنتون، اهو يورپ جو اونداهون دور سڏيو ويو آهي. جڏهن اتي سجاڳيءَ جو دور آيو ته ٽن نون عنصرن جو پراڻن سان مقابلو ٿيو. اهي هئا، سيڪيولرازم، ڪئپيٽلزم ۽ قومي رياستون ۽ پوءِ تاريخ جي فيصلي تحت پراڻن کي شڪست نصيب ٿي ۽ نئون يورپ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. ان مان ظاهر ٿيو ته جديد قوم پرستي ملائيت، جاگيرداري ۽ سامراجيت جي شڪست جي صورت ۾ وجود ورتو. ان مان اهو نتيجو نڪتو ته جديد دنيا جي قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، لازمي آهي ته اها جاگيردار دشمن هجي ۽ لازمي آهي ته اها سامراج دشمن هجي.

سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي ارتقا جي تفصيل ۽ تشريح پيش ڪندي سائين جي ايم سيد جيڪو تجزيو ڪيو آهي ان مطابق نيشنلزم بمقابله پئن اسلامزم آهي. هڪ طرف پئن اسلامزم جي تحريڪ آهي (محمد بن قاسم ۽ جمال الدين افغانيءَ کان وٺي سر سيد احمد خان تائين) جنهن جو منشور ۽ مقصد اهو آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪڙي قوم آهن، مسلمان باقي ٻي سڄي دنيا کان معتبر (Superior) آهن ۽ سڄي دنيا تي مسلمانن جي حڪمراني هجڻ کپي. ٻئي طرف راجا ڏاهر کان وٺي سنڌ جي تشخص جي تحفظ جي جنگ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، الله بخش سومري ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کان ٿيندي (بنگلاديش جي قيام کان پوءِ) جديد بنيادن تي سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي بحاليءَ واري جدوجهد تائين پهتي آهي. ان کان علاوه تاريخي علم ۽ پنهنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ سائين ان نتيجي تي پهتو ته پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سردارن مان سنڌ جي ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ۱۹۷۲کان ڪوبه پير، مير، وڏيرو (بشمول سندس خاندان جي) سندس تحريڪ ۾ شامل نه رهيو.

سنڌ جي قومي تشخص جي تلاش، تحفظ، بقا ۽ نجات لاءِ جنگ ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد سان وقت جي حاڪمن ۽ انهن جي ايجنٽن جيڪي ورتاءُ ڪيو آهي ان بابت ڪافي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ۽ اهو مقابلو به اڃا جاري آهي پر اها به هڪ مڃيل ۽ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته انساني جسم هجي يا انساني سماج اهو ٻاهرين حملن جو مقابلو تڏهن ڪاميابيءَ سان ڪري سگهندو ۽ اها مقابلي جي سگهه تڏهن پيدا ٿيندي. جڏهن اندروني نظام صحيح صورت ۾ هوندو. سو جيڪڏهن اسان سنڌ سان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجي جسم وانگر پيار ڪريون ٿا ته پوءِ سنڌ جي صحت جي ضامن قومي تحريڪ جي اندروني نظام کي درست حالت ۾ رکڻو پوندو. اهو درست تڏهن ٿيندو جڏهن ان کي لاحق بيمارين جو علاج ڪبو ۽ جديد طب ٻڌائي ٿي ته بيمارين جو صحيح علاج تڏهن ٿيندو جڏهن انهن جي تشخيص ڪبي ۽ انهن جي وجود کي تسليم ڪبو.

سڀ کان پهرين ۽ مکيه ڳالهه اها آهي ته قومي تحريڪ جي سيڪيولر بنيادن تي سوديبازي ڪندي ان کي مذهبي مُلن جو محتاج بڻايو ويو آهي. فڪري ۽ تاريخي حقيقت اها آهي ته جيڪا تحريڪ سيڪيولر ناهي اها قومي تحريڪ ٿي ئي نٿي سگهي. هتي صورتحال اها آهي ته اهي مذهبي انتهاپسند جيڪي سنڌين کي قوم ئي تسليم نٿا ڪن ۽ اعلانيه طور چون ٿا ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ قوم آهن، سڄي دنيا تي مسلمانن جي حاڪميت قائم ڪرڻ جي جستجو ٿا ڪن ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي سنڌ ۾ آمد ۽ آبادڪاريءَ جا حامي آهن انهن کي قوم پرست ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته اصليت ۾ اهي محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ جمال الدين افغانيءَ جو تلسل ۽ انهن جانشين آهن. افسوس بلڪه ماتم ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن بنياد پرستن کي پنهنجو هيرو ۽ ”سنڌ جو شهيد“ سڏيندڙن ۾ پاڻ کي جي ايم سيد جا سچا سپاهي چوائيندڙ سياسي ليڊر به آهن ته سقراط، سارتر ۽ ايڊورڊ سعيد جا ساٿاري سڏرائيندڙ دانشور ۽ ليکڪ به شامل آهن. قومي سوال بابت سنڌ جي قومپرست ليڊرن ۽ دانشورن جي اهڙي رويي ۽ ڪردار تي روسو کان وٺي فرانز فينن ۽ جي ايم سيد جهڙا عالم ۽ لينن کان وٺي منڊيلا ۽ الله بخش سومري جهڙا ليڊر قبر ۾ به پاسا وٽيندا هوندا.

سڄي دنيا وانگر پاڪستان جا دانشور به هاڻي اهو ٿا چون ۽ لکن ته وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گرديءَ جو مکيه ڪارڻ تعليمي نظام اندر مختلف مذهبن وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ مواد آهي تنهن ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ نفرت ۽ تفريق کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي ڪارروائيءَ سان گڏ ضروري آهي ته تعليمي نصاب کي درست ڪيو وڃي. جيڪا هن خطي ۾ سيڪيولر ازم لاءِ ڪيل جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڪاميابي آهي. پر ڪيتري نه شرم جي ڳالهه آهي ته جي ايم سيد کي رهبر چوندڙ هڪ فرقي پرست تنظيم سان گڏجي سکر جهڙن شهرن ۾ مظاهرا ٿا ڪن ته نصاب مان اهي مذهبي تفريق ۽ فرقي پرستيءَ تي ٻڌل سبق خارج نه ڪيا وڃن. ان کان اڳ ۾ سيتا ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن سنڌ جي پنج هزار سالا تاريخ کي لڄائي ڇڏيو، سنڌي قوم جي انسان دوستي، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارين دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ لطيف، سچل، مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ جي ايم سيد جي انسانيت ۽ عالمگيريت واري پيغام کي داغدار ڪري ڇڏيو جڏهن هڪ انسان کي مذهب جي آڙ ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو. جنهن وقت ان انسان سان گڏ انسانيت سڙي رهي هئي ته ان جي چوڌاري نعرا هڻندڙن جي هٿن ۾ ڪهاڙيءَ وارا ڳاڙها جهنڊا هئا. اهو منظر يوٽيوب ذريعي سڄي دنيا ڏٺو.

ٻي ڳالهه ته، جيئن شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو، قومي رياستن وجود ورتو فيوڊلرزم جي شڪست ٿي. سائين جي ايم سيد جي به هر ڪتاب ۾ ۽ هر ڪتاب جي هر باب ۾ پير، مير، جاگيردار جي قوم دشمن ڪردار جو ذڪر ٿيل آهي. پر هتي ڪيترا جي ايم سيد جي نالي تي ۽ قوم پرستيءَ جي نعري تي سياست ڪندڙ همراهه انهن ئي پيرن، ميرن، جاگيردارن ۽ سردارن جون سلاميون ڀرن ٿا، انهن کي پيرين پون ٿا ۽ انهن کي پنهنجو ليڊر ۽ سنڌ جو نجات ڏياريندڙ قرار ڏين ٿا. جاگيرداريءَ کي جلا بخشيندڙ ادارو جرڳو آهي جتي اڪثريتي غريب عوام جي قتلن جي قيمت لڳائي ويندي آهي جنهن مان جاگيردار/سردار ڪميشن کائيندو آهي ۽ جتي غريب پورهيتن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزتن جا سودا ڪيا ويندا آهن. ڪيترا قوم پرست اڳواڻ انهن جرڳن ۾ جاگيردارن جي پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويهڻ پنهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز سمجهندا آهن. ٻيا وري هڪڙا قومپرست ليڊر اهڙا آهن جيڪي پاڻ اهي جاگيردارن ۽ سردارن وارا ڪم ڪندا آهن ۽ مُلن واريون ريتون رسمون اختيار ڪندا آهن. ان مٿان ظلم ته وري اِهو ته اُهي پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندا آهن.

جديد قومپرستيءَ جي ٽين بنيادي وصف سامراج دشمني آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي قوت آمريڪا آهي جنهن جو ڪم ۽ مقصد ئي ملڪن، قومن ۽ انسانن کي غلام بڻائي انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ آهي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ اهو هڪ طرف مني سامراجي رياستن (جهڙوڪ اسرائيل، پاڪستان ۽ ترڪي وغيره) جي پالنا ڪندو آهي ته ٻئي طرف بدترين وحشي ڊڪٽيٽرن جي تربيت ۽ پرورش ڪندو آهي جيڪي لکين انسانن کي قتل ۽ هزارن کي گم ڪري ڇڏيندا آهن. انڊونيشيا جو سوهارتو، فلپائين جو مارڪوس، چلي جو پنوشي ۽ پاڪستان جو ضياءُ الحق رڳو چند مثال آهن. دنيا جي آزادي پسند رهنمائن جهڙوڪ سوئيڪارنو، لممبا، بن بيلا، نڪروما ۽ شيخ مجيب جي حڪومتن جا تختا اونڌا آمريڪا ڪرايا، دنيا ۾ قومي آزادي ۽ سوشلزم جي تحريڪن جي حمايت ۽ مدد ڪندڙ سوويت يونين کي ڊاهڻ خاطر سڄي دنيا جي مذهبي انتهاپسندن جي مدد آمريڪا ڪئي. جنهن جا نتيجا اڄ انسانذات ڀوڳي رهي آهي. آزاد ۽ خودمختيار ملڪن عراق، ليبيا ۽ شام تي چڙهائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشت گردي، جنگ ۽ تباهي ڦهلجي ٿي رهي. ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي ته قومي آزاديءَ جا نعرا هڻندڙ ۽ جي ايم سيد جو نيشنلزم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ جمهوريت وارو منشور رکندڙ پارٽيون ۽ ليڊر آمريڪا کي مدد لاءِ منٿون ڪندا ٿا رهن. هڪڙا ته اهڙا به آهن جيڪي اسرائيل کي به اپيلون ڪندا رهندا آهن جيڪا پاڪستان وانگر مذهب جي نالي تي ۽ فلسطين جي ڌرتيءَ جي قبضو ڪري ٺاهيل رياست آهي. ٻيا وري اهڙا آهن جيڪي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جدوجهد جي ان ڪري حمايت نٿا ڪن ته ان سان ڀارت ناراض ٿيندو. (سنڌ جي قوم پرستي پارٽين مان جيئي سنڌ محاذ واحد جماعت آهي جيڪا واضح نموني ڪشميري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي). انهن کي شايد اها خبر ناهي ته جيڪا قوم ٻين جي غلاميءَ جي حمايت ڪندي اها پاڻ ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندي.

قومي آزاديءَ جهڙي اعليٰ ترين آدرش لاءِ عملي ڪردار به اهڙو ئي اعليٰ گهرجي جنهن جو مثال سنڌ ۾ جي ايم سيد پيش ڪيو. جي ايم سيد خانداني ملڪيت ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو، اڃا به اها ملڪيت قومي تحريڪ تي خرچ ڪيائين. پر اڄوڪي سنڌ ۾ ڪيترن قوم پرست ليڊرن قومي تحريڪ کي استعمال ڪندي دولت جا انبار گڏ ڪيا ۽ ڏسندي ڏسندي پورهيت مان جاگيردار بڻجي ويا. سيد جو اصول هئو ته نيڪ مقصد صرف نيڪ طريقن ۽ ڪردار سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته انهن اڳواڻن جو ايمان آهي ته نيڪ مقصد لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ڪوبه ڪڌو ڪم ڪرڻ بجا آهي. جي ايم سيد پنهنجي سموري سياست، خاص ڪري قومي آزاديءَ جو پروگرام ڏيڻ کانپوءِ، قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي پر ان جي نالي تي سياست ڪندرن عملي طور ڪتابن کي باهيون ڏنيون ۽ استادن کي چماٽون هنيون. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي اڄ ڪتاب ساڙيندا اهي صبحاڻي انسانن کي ساڙيندا. جن يونيورسٽيءَ ۾ ڪتابن کي ساڙيو انهن سيتا ۾ انسان کي ساڙيو.

جي ايم سيد جو پنهنجي سموري جدوجهد دوران مقابلو حڪمرانن سان ۽ مُلن سان رهيو. حڪمرانن ۽ ملن جو هميشه ڪم فتوائون جاري ڪرڻ رهيو آهي. جيڪو به ماڻهو انهن جي سوچ کان مختلف سوچ رکندو ان خلاف ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون وينديون آهن پوءِ اهو سقراط هجي، گئليلو هجي، بلاول هجي يا سرمد هجي. جي ايم سيد خلاف به حڪمرانن ۽ مولوين ايئن ئي ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون. هاڻي وري اهو ئي ڪم پاڻ کي سيد جا سچا پوئلڳ، جانشين ۽ سندس فڪر جا چوڪيدار چوائيندڙ ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو انهن جي مخصوص ۽ مجروح سوچ ۽ ڄاڻ کان ٻاهر ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته يڪدم ان خلاف ڪفر جي فتوا جاري ڪريو ٿا ڇڏين.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سيد جي فڪر، پرگرام ۽ ڪردار جي ابتڙ اهي سمورا عمل اهي همراهه رڳو پنهنجي ڪم علميءَ جي ڪري ٿا ڪن يا ڪِن ننڍن ذاتي مفادن خاطر يا سيد جي خلاف ڪنهن وسيع منصوبي جي حصي طور ٿا ڪن؟


 

سائين جي ايم سيد

سنڌي قومپرستيءَ جو سرواڻ

قاسم

اڄ ان شخص جو ڄمڻ ڏينهن آهي جيڪو سنڌ توڻي سنڌ کان ٻاهر سنڌي قومپرستي جو بنياد وجھندڙ طور سڃاتو وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد اڄ جي ڏينهن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ جنم ورتو. سنڌ مان جيتوڻيڪ ڪيترائي اهم سياسي اڳواڻ هئا جيڪي پاڪستان کان پهرين ۽ بعد ۾ سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، پر انهن سڀن ۾ سائين جي ايم سيد کي خاص اهميت حاصل آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هڪ وڏو حلقو سائين کي خراج پيش ڪندو رهي ٿو ته ساڳئي وقت سنڌ اندر سائين متعلق تنقيدي راءِ به موجود رهندي پئي اچي. منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي عوام خاص طور سنڌ جي سياسي ڌرين، شاگردن ۽ ٻين باشعور ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته جيستائين اسين شخصيت پرستي ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي، ڪنهن نظريي تي بغير غور ڪرڻ جي ان کي پوڄيندا رهنداسين، تيستائين سنڌ جي ترقي ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ دور تحقيق، سوچڻ ۽ لوچڻ جو دور آهي، هن دور ۾ اهي ئي قومون اڳتي وڌي سگھن ٿيون ۽ جٽاءُ ڪري سگھن ٿيون، جيڪي عقلي بنيادن تي شين کي پرکڻ ۽ جائز تنقيد جا دروازا کولي دنيا سان قدم ۾ قدم ملائي اڳيان وڌن ٿيون. تنهنڪري سڀ کان پهرين اسان کي طئه ڪرڻو آهي ته ڪنهن جي شخصيت جي ڪردارڪشي ڪرڻ کان پاسو ڪندي، هر شخصيت ۽ نظريي تي تحقيقي ۽ عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ۽ تنقيد ٿيڻ گھرجي جنهن سان يقينن نوان پيچرا نروار ٿي سگھن ٿا، جيڪي قومن جي تقديرن بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

هن وقت ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سياست ۾ ٽي سياسي نظريا هاوي آهن جن ۾ ڀٽو، سيد ۽ پليجو شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن ٽنهي شخصيتن سان مختلف حوالن سان اختلاف ٿي سگھن ٿا پر ان سان گڏوگڏ اهو ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي سياست ۾ انهن ٽنهي سياسي شخصيتن ۽ سندن پارٽين جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش نٿو ڪري سگھجي. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام کان پهرين توڻي پوءِ سنڌ جي قومي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف ڀٽي جو سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن کي سندن اهميت کان واقف ڪرائڻ ذريعي پڻ اهم ڪردار رهيو. ساڳيءَ طرح رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست کي طبقاتي توڙي قومي سوال طور کڻڻدي، سنڌ جي وڏيرن، سردارن، پيرن، ميرن ۽ ساڳئي وقت لساني فاشزم کي چئلينج ڪيو. پر ان باوجود اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جيئن مان مٿي لکي چڪو آهيان ته سنڌ کي اهڙن تحقيقدانن، تجزيي نگارن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن جي ضرورت آهي، جيڪي ماضي ۽ حال جي اهم ڪردارن جي سگھ ۽ ڪردار کي تنقيدي نقطئه نگاهه سان پيش ڪندي ۽ انهن جي سياسي ڏاهپ کي مدنظر رکندي مستقبل ۾ خطرن کان بچڻ ۽ سنڌ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن.

سائين جي ايم سيد جي شخصيت جا به انيڪ پاسا آهن، هو هڪ ئي وقت سنڌ ۽ هند جو مشهور سياستدان به آهي ته ساڳئي وقت چوٽيءَ جو ڏاهو، اديب ۽ دانشور به. سائين سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار به ادا ڪري ٿو ته ساڳئي وقت هو اڳيان هلي مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط بڻائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿو. هي اهو ئي مانجھي مرد آهي جنهن جي ڪوششن سان ئي سنڌ اسيمبليءَ منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ سڀ کان پهرين قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ساڳئي شخص طرفان پاڪستان جي مخالفت ۾ سنڌوديش جو نعرو بلند ڪيو ويو، جنهن نعري تي سائين پنهنجي زندگي جي آخري لمحي تائين قائم رهيو.

سائين جي ايم سيد هندستان جي سياست ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ دوران هڪ اهم شخصيت طور سامهون آيو. جيتوڻيڪ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جو سڀ کان پهرين مطالبو هرچندراءِ وشنداس ڀارواني طرفان ۱۹۱۳ع ۾ ڪانگريس جي سالياني ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو هو. پر ان مطالبي کي اڳيان وٺي هلڻ ۾ محمد ايوب کهڙو ۽ سائين جي ايم سيد جو قابل ذڪر ڪردار هو. سائين سنڌ ۾ مختلف نالن سان پارٽين جي پليٽ فارم ذريعي سياست ڪندو رهيو، پر ۱۹۴۲ع ۾ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو. سائين جي ايم سيد جي مسلم ليگ قيادت جي نظر ۾ اهميت ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ وڌي، جڏهن مسلم ليگ سنڌ مان صرف ۴.۶ سيڪڙو ووٽ مس حاصل ڪري سگھي. انهن چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيد پارٽي کي واضع اڪثريت نصيب ٿي، جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي ڪجھ مشهور زميندارن ۽ برطانوي سرڪار نواز شخصيتن جهڙوڪر سر عبدالله هارون، سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله ۽ ميران شاهه جي هٿن ۾ هئي.

سال ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ ئي مسلم ليگ کي سنڌ جي سياست جي رمزن جي پروڙ پئي ته اصل ۾ ان وقت سنڌ جي سياست جون واڳون پيرن، ميرن ۽ زميندارن جي هٿن ۾ هيون. اهو ئي اهم سبب هو جو مسلم ليگ قيادت خاص طور جناح صاحب کي سنڌ جي پيرن ۽ جاگيردارن ڏانهن هٿ وڌائڻو پيو. اهڙيءَ طرح مسلم ليگ جي سنڌ ۾ پيرن کوڙڻ کانپوءِ ۱۹۳۸ع ۾ ڪراچي ۾ پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس گھرائي وئي، جنهن ۾ پهريون دفعو مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ تي غور ڪيو ويو. هڪ طرف مسلم ليگ سنڌ جي بااثر شخصيتن کي پاڻ طرف ڇڪي رهي هئي ته ساڳئي وقت سنڌ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر رهندي پئي اچي، کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ ڪجھ اهڙو ڪرڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن سان مسلم ليگ سنڌ جي مسلمانن ۾ گھر ڪري سگھي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مسلم ليگ طرفان ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري جي حڪومت ڊاهي، ان جي جڳهه تي مسلم ليگ جي حڪومت جوڙڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن کانپوءِ مير بندا علي ٽالپر کي وڏوزارت جڏهن ته محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ان ڪئبنيٽ جو حصو بڻائڻ جو پلان جوڙيو پئي ويو. ان پلان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ منزل مسجد گاهه واري معاملي کي هوا ڏني وئي ته جيئن سنڌ ۾ هندومسلمان ڏڦيڙ پيدا ٿين جنهن صورتحال کي مسلم ليگ ڪيش ڪرائي سگھي.

مسجد منزل گاهه واري قصي کي سمجھڻ لاءِ ٿورو ان جي تاريخ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ منزل مسجد گاهه جي حوالي سان فرحان حنيف صديقي پنهنجي ڪتاب “دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس” ۾ لکي ٿو ته “مسجد منزل گاهه اڪبر جي دور ۾ سکر وٽ سنڌو ندي جي ٻن ڪپن تي واقع مسجد ۽ مسافرخانو جي عمارتن کي نالا ڏنا ويا هئا، جيڪي سيد معصوم شاهه طرفان اڪبر جي حڪومت دوران تعمير ڪرايون ويون هيون. انهن عمارتن جي حوالي سان تضادن تڏهن ڪر کڻڻ شروع ڪيو جڏهن هندن طرفان منزل گاهه جي سامهون مندر تعمير ڪرايا ويا جيڪي مندر هندن لاءِ عبادت جا تمام اهم ذريعا بڻجي چڪا هئا. مسلمانن طرفان ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي ۽ ۱۹۳۶ع ۾ جڏهن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جاري هئي، تڏهن ان اشو کي کنيو ويو. پر ان اشو کي تڏهن ڀڙڪايو ويو جڏهن مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ پنهنجي لاءِ نرم گوشو پيدا ڪرڻو هو.” (ڏسو فرحان حنيف صديقي جو ڪتاب، دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس، صفحو نمبر ۷۸). ساڳيءَ طرح سارا انصاري پنهنجي ڪتاب “صوفي سينٽس اينڊ اسٽيٽ پاور: دي پيرس آف سنڌ، ۱۸۴۳۱۹۴۷ع” ۾ لکي ٿي ته مسلم ليگ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ اها دعوا ڪئي ته منزل گاهه ڪنهن دور ۾ مسجد طور استعمال ٿيندي هئي، تنهنڪري ان کي مندر ۾ تبديل ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪئي وئي. ان مزاحمت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار سنڌ جي پيرن ۽ مولوين ادا ڪيو.

سنڌ اندر مسلم ليگ جي اثر وڌائڻ جي حوالي سان سارا انصاري مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۲۱ تي لکي ٿي ته “ليگ جي حمايت وڌائڻ واري منصوبي تحت، انهن (مسلم ليگي اڳواڻن) مسلمانن جي ذهنن ۾ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي زور ڀريو ته اهي صرف مسلمانن جي دڪانن تان ئي شيون خريد ڪن. ساڳيءَ طرح جي ايم سيد درگاهن جي سمورن پيرن کي گذارش ڪئي ته اهي مسلمان دڪاندارن کي مسلمانن جو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪن.”

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پهرين سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام وارين ڪوششن ۾ اڳيان اڳيان هو. سائين جي ايم سيد کي سندس وقت جي سنڌي سياستدانن خاص طور ان وقت جي پير پاڳاري پير صبغت الله شاهه ۽ ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري طرفان وري وري اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو (سيد) پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪري تمام وڏي غلطي ڪري رهيو هو. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۷۹۸۰ تي الله بخش سومرو جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته “الله بخش سومري ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد کي سمجھائيندي چيو ته توهان ڇا ٿا سوچيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا؟ اهو غلط آهي ۽ حقيقتن جي بلڪل ابتڙ آهي. توهان کي اڳيان هلي خبر پوندي ته اسان جون اصل تڪليفون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اچڻيون آهن... هن وقت، هندو سيٺين جي لٽمار توهان کي تڪليف پئي ڏئي پر بعد ۾ توهان کي پنجاب جي ڪاموراشاهي ۽ فوج ۽ يو پي جي ذهنيت سان منهن ڏيڻو پوندو.”

جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سائين جي ايم سيد جي پوري زندگي سياسي تحرڪ ۾ گذري ۽ اها به حقيقت آهي ته سائين عمر جو وڏو حصو نظربندي ۾ گذاريو. ان صورتحال ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ان پٺيان ڪهڙا سبب هئا، جو سائين جي ايم سيد جهڙو قدآور سياستدان جنهن پنهن ننهن چوٽي جو زور لڳائي، سنڌ اسيمبلي منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کان ويندي، پنهنجي همعصر سنڌي سياستدانن جي تنقيد باوجود پاڪستان سان نڀايو، تنهن باوجود اڳيان هلي آخر هن کي پاڪستان کان عليحدگي وارو رستو ڇو اختيار ڪرڻو پيو؟ سائين جي ايم سيد پاڪستان تحريڪ ۾ سندس ڪردار ۽ ان کانپوءِ هن ۽ سنڌ سان ٿيل ويڌن متعلق پنهنجي ڪتاب “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ تفصيلي لکيو آهي. ان ڪتاب پڙهڻ سان سائين جي جدوجهد ۽ بعد ۾ هن سان ٿيل دوکي جي پروڙ پئي ٿي. سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو اهم سبب خودمختياري وارو نقطو هو جنهن کي عملي جامو پهرائڻ جي واعدي تحت ئي سنڌ پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان جيڪي ويل وهايا ويا تن کي ڏسندي يقينن هر وطن دوست ماڻهو ڳالهائڻ تي مجبور بڻيو. پر سائين پاڪستان کان عليحدگي جي ڳالهه بنگال جي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ ڪئي.

پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ ۾ مهاجرن جي آمد جي مسئلي ۽ بعد ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري معاملي ڏاڍي ڳنڀيرتا پيدا ڪئي. هڪ طرف منزل مسجد گاهه واري معاملي کانپوءِ هندومسلمانن وچ ۾ تضادن کي رد نه پئي ڪري سگھجيو ته، ٻئي طرف وري مرڪزي حڪومت طرفان مهاجرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائڻ خاطر، هندن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو پئي ويو. جيڪڏهن ظاهري طور ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هندومسلمان فساد ضرور ٿيا هئا پر انهن پٺيان به مرڪزي حڪومت جو ئي هٿ هو. بهرحال اهي ۽ ڪجھ ٻيا اهڙا واقعا هئا جيڪي سنڌي سياستدانن خاص طور سائين جي ايم سيد کي مجبور ڪري رهيا هئا ته هو سنڌ لاءِ ڪا سياسي لائين منتخب ڪري. سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏڻ سبب خالي ٿيل ملڪيت تي به ٻاهران آيل مهاجرن قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن خلاف پڻ سائين جي ايم سيد ۽ ڪجھ ٻين سياستدانن مزاحمت ڪئي ته اهي وسيلا هيٺئين طبقي جي سنڌي مسلمانن تي خرچ ڪيا وڃن.

پاڪستاني رياست شروع ڏهاڙن کان وٺي ننڍن صوبن جو استحصال ڪري رهي هئي پر اڳيان هلي ان استحصال کي قائم رکڻ ۽ ان خلاف مزاحمت اڳيان بند ٻڌڻ جي نيت سان، ان طرفان پاڪستان جي قومن جي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش پڻ ڪئي وئي. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي قوم کي ورهائڻ جو پاڪستاني رياست ضياءُ الحق جي شڪل ۾ پورو انتظام ڪري ورتو هو. ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ جي شڪل ۾ مزاحمت جاري هئي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار پ پ پ ادا ڪري رهي هئي پر اها اصل ۾ وفاقي سطح جي پارٽي هئي. پر ساڳئي وقت پ پ پ کانپوءِ ٻئين نمبر تي ايم آر ڊي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عوامي تحريڪ هئي. بقول فرحان صديقي جي ضياءُ الحق طرفان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. ان ئي مقصد خاطر هن سنڌي قوم کي ٻن حصن يعني هڪ پاسي رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪندڙ عوامي تحريڪ جيڪا ايم آر ڊي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي هئي، کي ڪمزور ڪرڻ ته، ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي رهنمائي هيٺ هلندڙ جيئي سنڌ محاذ کي ايم آر ڊي کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي.

اهو ئي وقت هو جڏهن سنڌ ٻن سياسي محاذن ۾ ورهائجي چڪي هئي، هڪ طرف ايم آر ڊي حمايت ته ٻئي طرف ايم آر ڊي کي صرف پ پ پ جي تحريڪ ڪوٺي ايم آر ڊي کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندڙ محاذ هو. ساڳئي وقت سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جهڙي اجگر بلا جو قيام به عمل ۾ اچي ويو، جنهن سبب پڻ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي حوالي سان سنڌي قوم اندر ئي ڏڦيڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ طرف عوامي تحريڪ هئي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هئي ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ هئي جنهن طرفان سنڌيمهاجر ڀائيچاري جي نقطي تي ڳالهائيندي، ايم ڪيو ايم سان ويهڻ لاءِ پڻ رضامندي جي حامي ڀري پئي وئي.

سائين جي ايم سيد کي به يقينن ٻين سياسي شخصيتن جيان هڪ شخصيت جي ئي حيثيت حاصل آهي ۽ يقينن سائين جي سياست ۾ ڪيتريون ئي سٺايون ته ساڳئي وقت ڪيتريون ئي اوڻايون به هيون ۽ مان سمجھان ٿو ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي ته هو اخلاق جي دائري ۾ رهندي سائين جي سياسي زندگي جي ٻنهي پهلوئن تي ڳالهائي سگھي ٿو. تنهنڪري سائين سان سياسي طور ماڻهو ڪيترو ئي اختلاف ڪري سگھي ٿو پر اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوندي ته اهو سائين جو ئي ڪمال هو جنهن سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري ئي سهي بهرحال سنڌي قومپرستي کي دنيا جهان اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳيءَ طرح سائين جي ادبي پورهيي کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. جيتوڻيڪ سائين “جيئن ڏٺو آهي مون”، “سنڌ جا سورما” وغيرهه جهڙن ڪتابن لکڻ کانپوءِ ادبي حوالي سان به تڪراري شخصيت رهيو آهي. پر هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق آهي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ پنهنجي ڳالهه کي دليلن جي آڌار ثابت ڪرڻ جي اهليت آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگھجي.

مان اميد ڪريان ٿو ته منهنجي هن مضمون سان ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿي هوندي ۽ مان سمورن پڙهندڙن کي گذارش ڪيان ٿو ته اچو ته پاڻ سڀ گڏجي سنڌ اندر صحتمند تنقيد، تحقيق ۽ دليلن سان قائل ڪرڻ واري بحث مباحثي کي هٿي وٺرائيندي، سنڌي قوم کي دنيا جي نظرن ۾ سرخرو ڪيون. بهرحال منهنجي طرفان سنڌ جي هن امر ڪردار سائين جي ايم سيد جي ڄمڻ ڏينهن تي سڄي سنڌ کي لک لک واڌايون.


 

جي ايم سيد

جديد قومپرستيءَ جو باني

حيدري چانڊيو

جي ايم سيد، ها سائين جي ايم سيد جنهن جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سنڌوءَ جي ڪناري تاريخي ڳوٺ ’سن‘ سيد خاندان حيدر شاهه جي پشت مان سيد محمد شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيا. هو وسيع نظر، روشن خيال، خودداري، بصيرت راءِ، پختگي فڪر، زاهد و تقويٰ جهڙين خوبين جو مالڪ هيو. سچ ته جدوجهد جي عمل ۾ پهاڙن وانگر بلند حوصلو رکندڙ، ستارن وانگر روشن خيال، چوڏهين جي چنڊ جهڙي صاف روشني جهڙو شفاف ڪردار، سج جي روشن ڪرڻن جهڙي سچائي، سمنڊ وانگر وسيع علم وارو، سنڌو درياهه جهڙي روان دوان طبيعت ۽ همه گير صلاحيتن جو مالڪ، مهمان نواز، خليق ۽ شفيق جي مجموعي جو نالو جي ايم سيد آهي، هن عظيم انسان تي لکڻ لاءِ منهنجي گهٽ ڄاڻ ۽ اڌورو علم ڪافي ناهي پر پوءِ به پنهنجي وت ۽ وس آهر چوندس ته سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تقسيم موجود هيو، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي شاعري ۾ ته موجود هيو پر ان فڪر جو عملي پيروڪار سائين جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو! اهڙن عظيم انسانن لاءِ شاهه عبداللطيف کي چوڻو پيو ته:

ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،

جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.

ڏٺو ويندو ته ڀٽائي گهوٽ جي شاعري آيتن جي صورت ۾ اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، کيس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم خاص طرح سنڌي نوجوانن کي ڪافراڻيون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي! مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون وجهي کيس جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهڪڻ نه پر کين جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن به لُٽيري رهزن سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم سيد آواز اٿاري ٿي چيو ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هيو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر ڄاڻڻ سڃاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندڙ هو جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، هو عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر به هو. هن سنڌي قوم جي اصلاح، توڙي خودمختياري جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم عقل جي وسعت ۽ گهرائيءَ پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو، سندس هر تقرير تحرير ۾ خاص طرح نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو! انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، حضرت علي عه جو قول آهي ته ”دنيا جي هر ميدان ۾ هار ۽ جيت هوندي آهي پر اخلاق ۾ ڪڏهن به هار نٿي ٿي سگهي، تڪبر ۾ ڪڏهن به جيت نه هوندي آهي.“ کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو! پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هو، مون پنهنجي عمر جا ٽيهارو سال سندس نياز مندي ۾ گذاريا، هن وقت مون اسي سال جي ڏهاڪي ۾ پير پاتو آهي. سائين جي ايم سيد سان گذاريل ٽيهن سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان جيڪي چُڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي مون پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن. هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو ڀرپور پيالو پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ خاص انداز اچي چئي پياري پُر ڪيو. انهن کان اڃان تائين خمار نه لٿا آهن، اهي قوميت جي مئي جا متوالا اڄ به جهومندي نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي منزل جي ايم سيد جي ڏنل پيغام ۾ ٿا سمجهن ۽ سندس اصولن تي ڪاربند پنهنجي حال آهر جستجو ۾ مصروف آهن ۽ اها اُميد اٿن ته هڪ ڏينهن ظلم جو ڪوٽ ضرور ڪرندو.

هڙ ۾ ڪين هون، هوئين هنن نه چاڙهيا،

سارو ڏينهن سمونڊ تي، لهي سج ويون،

جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چئي!

جي ايم سيد سان جڏهن به سنڌ جي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا وفد ملڻ لاءِ ايندا هئا ته ساڻن مخاطب ٿيندي چوندو هو ته اوهان پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ سان وابستگي، پنهنجي سنڌي زبان سان محبت، قديم روايات ۽ پنهنجي ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن، سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشنري ٿي ڪم ڪرڻو آهي، سنڌ ڌرتي دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر آهي، سنڌ حب الوطني، وفا، قرباني، مهمان نوازي، رواداري، غيرت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ خاڪ شفا آهي، سندس پاڻي اسان لاءِ آب ڪوثر آهي، ان جي هر چيز باعث رحمت آهي. پيغمبر خدا کي به سرزمين سنڌ کان ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري سندن دعائون مٿس سدائين وسن پيون، سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، ان جا دشمن اسان جا دشمن آهن، اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبن، نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي ختم ڪري انسان ذات ۾ اتحاد، امن، فلاح ۽ بهبود پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، ان ۾ سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي، اخلاق درستگي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي اتفاق گفتگو وسيلي ٿيڻ هو، تشدد، نفرت، خود مطلبي ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمت اللعالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ ظلم زيادتي کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دور قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ آيل هو. مذهب اسلام جي ٻي گروهه جو چوڻ هو ته مذهب اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا. انهن مطابق ملڪن تي چڙهايون ڪري خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪري ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪرڻ جهڙين ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي ويو. اڃان تائين مسلمان ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهرين گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن ۽ درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن جي ڪري ماڻهن قبول ڪيو هو، هڪ طرف مذهب اسلام امن امان جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب اسلام جي نالي ۾ ٿي رهي آهي. انهيءَ ۾ مذهب جو ڪو به قصور ناهي، ڇوته اسان جي تعليم ۽ درس واري عمل ۾ اهڙو سڌارو آڻڻ جي گهرج آهي، جنهن کان اسين وانجهيل پسجي رهيا آهيون.


 

سنڌ جو سيد

اچو ته سيد جي رۡوح کي تسڪين پهچايون - ۱۷ جنوري: جنم ڏڻ مبارڪ

اعظم ڀٽي

ڌرتيءّ جي گولي تي قومون جڏهن فڪري حوالي سان خالي ٿانءُ بڻجي وينديو آهن ته انهن ۾ سالن ۽ صدين جي تجربي واري فڪر جا موتي وجهڻ لاءِ ۽ انهن قومن کي خودشناسيءَ جي پاڻيءَ سان وهنجارڻ لاءِ عظيم ۽ تاريخ ساز انسان بادلن جيان برسي پوندا آهن، جن جي عظمت، بزرگيءَ ۽ لازوال جدوجهد، آزاديءَ ۽ خوشحالي جي کيتيءَ ڪرڻ لڳندي آهي، اڄ اهڙي ئي عظيم رهبر جو جنم ڏڻ آهي، جنهنکي ساري دُنيا سائين جي ايم سيد جي نانءُ سان ساري ٿي، هُن سنڌ جي فڪري سياست جي نه رڳو امامت ڪئي پر هو سنڌ جي فڪري ۽ جديد قومي سياست جو روشنيءَ ونڊيندڙ اهڙو سج هو، جنهن لاءِ مايوسي جهڙي اونداهه بي عُذر هئي، سنڌ جي جديد قومپرستيءّ واري سياست جي اُڀ تي جرڪندڙ ستارا سندس ئي پوکيل کيتيءَ ۽ ٻاريل جوت مان روشن ٿيا. ان جوت مان پيدا ٿيل روشني سندس فڪر جو ڀرم ڪيترو رکيو اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اڄ سائين جي ايم سيد جو وجود صدين جي صدا بڻجي حيرت ۽ ابدي ماٺار جي منارن مان پنهنجي فڪري پوئلڳن ڏانهن نهاري رهيو آهي، جيڪي سن جي عظيم ڌرتيءّ تي اڄ سنڌوءَ ڪناري سيد جو جنم ڏڻ ملهائي، پنهنجا گناهه ڌوئڻ ۽ سيد جي فڪر ۽ نظريي کي پايه تڪميل تي پهچائڻ جو وچن ورجائڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن. علي بابا هڪ ڀيري پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته: “سيد تون جڏهن به ياد آئين، اسانکي پنهنجا گناهه ياد آيا.” يقينن اڄ جڏهن سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ سيد جا پوئلڳ سندس آخري آرامگاهه تي بيهي سيد کي ڀيٽا ارپيندا، کيس ياد ڪندا ته کين پنهنجا سڀ گناهه ۽ ثواب ضرور ياد ايندا. ثوابن جي سٿ ۽ گناهن جي غار ۾ گهاريندڙ اهي ڪارڪن سيد جي مزار تان ڪهڙو هدايت نامون وصول ڪندا. ان جو تعين ايندڙ وقت ڪندو پر بنيادي شرط اهو آهي ته سيد جي جنم ڏينهن تي سيد سان وچن جي ورجاءَ جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي. سن جو سفر قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ذهنن ۾ ڪهڙي حڪمتِ عملي جو تعين ڪندو، ان جو انتظار ڌرتيءَ کي به آهي ته ايندڙ وقت کي به! سيد ته پنهنجي ڏکن ۽ دردن کي به پنهنجي قوم جي سڃاڻپ جو ويس پارائي ڇڏيو هو. هُن ته پنهنجو نُور نِچوڙي اسانکي پنهنجي تاريخي حيثيت کان روشناس ڪرايو هو، پنهنجي وطن ۽ قوم جا ڏک ۽ سُور سندس ذهن تي هميشه ڪارونڀار جيان چڙهيل هئا ۽ هُو ڪنهن به ردِ عمل کان بيپرواهه ٿي پرينءَ جهڙي ديس جي دل جا درد ونڊيندو رهيو، بانسري جي سۡرن ۽ يڪتاري جي تند تي مست ٿي هُن جڏهن به جهان جي جهنجهٽ کي ڏٺو ٿي ته آسمان به کيس پنهنجو همراز ٿي لڳو. ان پسمنظر ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال اڄ به ساڳي، بلڪه ان کان به بدتر آهي. ڌرتيءّ جي عشق ۾ سيد جون رولاڪيون ۽ جيل جي زندگيءَ به ته سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ واري کيتيءَ سان آباد هئي، هيترين سارين قربانين جي باوجود به مجموعي طور اسان کيس سُڃاڻي نه سگهياسين. نه وري اڄ ڏينهن تائين مجموعي حوالي سان عملي طور ۽ سنجيدگيءّ سان سۡڃاڻڻ لاء تيار به آهيون. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب فقط ۽ فقط خوف ۽ لالچ ئي آهي. جڏهن ته خوف ۽ لالچ جا جهِير سيد کي ڪڏهن به تلاش ۽ کوجنا جي سفر تان موٽائي نه سگهيا، ظلم آڏو جهُڪڻ واري جهلڪ ته سندس وجود کان ڪوهين ڏُور هئي، فتوائن جي صليب تي چڙهندڙ سندس فڪر جي مڻيادار موتين سنڌي قوم ۾ آزاديءَ ۽ غلامي، خوشحاليءَ ۽ بدحاليءَ، ڪوڙ ۽ سچ، حق ۽ باطن جي وچ ۾ تميز جون سرحدون کڙيون ڪري سنڌ جي جديد تعمير واري خُواب جا بنياد وڌا. هُن هميشه سنڌي قوم کي آزاد ۽ باوقار قومن جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جون راهون ڏَسيون هۡيون، هُن سنڌ کي نئين انداز، نئين رنگ ۽ رُوپ، نئين جوش ۽ جذبي، نئين ساز ۽ آواز سان، دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيڻ جا خواب ڏٺا ھئا، سندس اهو ئي سبق سنڌ جي نوجوانن جي زبانن تي مڌُر گيت جيان رقص ڪندي لکين دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو. هُن آزاديءَ جي متوالن جي نَڪ ۾ حدبندين جون ناڪيليون وجهڻ، سوچن، فڪر ۽ آزاديءَ جي راهه تي پهرا بيهاري بنيادي انساني حقن کي گهُٽي مارڻ واري حرڪت کي فطرت جي تخليقي عمل سان هٿ چراند قرار ڏنو هو. صدين پُڄاڻان دردن جي گهايل ڌرتيءَ ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن جي دردن جون پيڙائون سندس من ۾ مانڌاڻ مچائينديون رهنديون هيون. سنڌ جي وجود، تهذيب ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ هُو جدوجهد جي ميدان ۾ هميشه آزاديءَ ۽ خوشحالي ءَ جا سُر آلاپيندو رهيو. اخلاقي قدرن جي پاسباني ۽ محبت جي مامري ۾ ڪشالا ڪڍڻ واريون عبارتون سندس وجود جو حصو بڻجي ويون هُيون. عظمت ۽ بزرگيءَ جو ان کان وڏو مثال ڪهڙو آهي ته کيس خُود کان وڌيڪ پنهنجي قوم تي ڀروسو هو. جڏهن قوم سندس ڀروسي جو ڀرم نه رکي سگهي تڏهن به هُن قوم سان نفرت ڪرڻ واري عمل کي گناهه سمجهيو هو، ان سڄي صورتحال ۾ سائين جي ايم سيد کي اسان ڇا سمجهيو، ڪيئن ڄاتو، هُن اسانکي ڇا ڏنو، اسان هُن کي ڇا ڏنو، ۽ ان کان علاوه اهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي اسان هميشه مصلحت پسندي جي چادر وجهندا رهيا آهيون، خبر ناهي مجموعي قومي ساڃاهه ۽ سچائيءَ جو سڳو اسانجي ڳچين مان ڪيئن لهي ويو آهي، جو اسان سندس فڪر جون ليڙون ليڙون کڻي وري به درزيءَ ڏانهن وڃڻ بجاءِ موچيءَ کي ڳوليندا ٿا وتون. درگُذر، برداشت، سهپ ۽ رواداريءَ جا مادا موڪلائي چڪا آهن، اسان مان ڪوبه خود احتسابي جي سانچي مان گذرڻ لاءِ تيار ناهي، گهاڻي ۾ پيڙهجڻ جون دعوائون ته هرڪو ٿو ڪري پر گهاڻي کي عملي طور ڏسڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. باقي سڄي سال ۾ هڪ سالگرهه، هڪ ورسي، ڪو هڪ مظاهرو ۽ ڪا هڪڙي بُک هڙتال، جي ايم سد جي فڪر جو قطعي به پُورائو ڪونهي، سيد جي فڪر جو پُورائو ته پَري پر اسان سندس فڪر جي هڪ اکر جي معيار تي به پُورا نه لهي سگهيا آهيون، هيڏي ساري ويڌن جو حساب آخر ڪير ڪندو. ان کان وڏي بدقسمتيءَ ڪهڙي آهي جو هڪڙي ڪٽنب جا ڀاتي ساڳيو طعام کائڻ لاءِ تيار هُجن پر اهو طعام ڪير ڦُرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي بچائڻ جي سگهه ڪير به ساري نه سگهي! هاڻي اها ڪوشش سائين جي ايم سيد جي انهن پوئلڳن کي ڪرڻي پوندي جن هميشه بورچي جي حيثيت ۾ طعام تيار ڪيا آهن، کين مصلحتن جا تاڪ کولڻا پوندا، عقيدت ۽ احترام جي آڙ ۾ سچ جو گلو گهُٽجي سوڙهو ٿي چڪو آهي، انهيءَ ڪري اڄ وقت آهي ته سيد جا سچا پيروڪار سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي، سيد جي فڪري ڌارا جي اوٽ ۾ حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪري پنهنجي اڳواڻن کي مجبور ڪن ته اهي ننڍڙيون ننڍڙيون هڙون کولي سيد جي مزار جي مختصر اڱڻ تي هڪ اهڙي تاريخي طعام جي ديڳ چاڙهين جيڪا سيد جي رُوح کي تسڪين پهچائڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي وجود کي اُجاري اڇو ڪري وجهي! ڪاش اهو ڏينهن ۽ لمحو اڄ ئي بنجي پوي!! اچو ته سيد جي رۡوح کي تسڪين پهچايون.

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع فيسبڪ تي رکيل/ کنيل)


 

سائين جي ايم سيد

تاريخ جو نرالو سچ آھي - ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ...

نواز شاھ ڀاڏائي

ھاڻ ھن جي تصور کان به اونداھيءَ جون تخليقڪار قوتون ۽ سندن جانشين ايترو ڇرڪن ٿا، جو اھي گلا گھٽڻ شروع ڪيا اٿن، جن گلن مان ھو گونجار ٿي گونجندو آھي. ھو جي ايم سيد جي تجلي جو تاب جھلي نٿا سگھن، ان ڪري ميلن ملاکڙن، راڳ ويراڳ جي مجلسن مان اھا خاطري ٿا وٺن ته جي ايم سيد جي ڳالهه ته ڪانه ٿيندي نه؟ ھو جيئن جيئن مٿس الرون ڪن ٿا، ھو اوس اڀري ٿو اچي، ڇو ته ھو سچ آھي. سج کي ڏانوڻ ڪير ٿو وجھي سگھي!! ھو ڪِرائي جي قلمڪارن کان سندس شفاف کير جھڙي ساک تي الزامن جا تير ھڻائين ٿا پر تاريخ اھي سمورا تير کين واپس اڇلي ھڻي ٿي، ڇو ته ھو صدين جي سڪل ۽ سڪايل هن سرزمين تي آيل ويساک جو اھو مينھن ھو، جنھن جي جنم تي ديوتائن جي اکين ۾ فتح جي مرڪ ھئي. سنڌ جي پيشاني فخر وچان اڀ اوچي ٿي بيٺي ھئي. ھو ڄاڻن ٿا ته درياهه پنھنجا دڳ پاڻ ٺاھيندو آھي. ھو حيدرآباد ۾ “آزادي” ڳائڻ تي زنجير وجھي سگھن ٿا پر اسلام آباد ۾ سندن گھرن جي پڌر ۾ سنڌ جي جواني سيد جي عظمت جا گيت ڳائي رھي آھي. ھو ھنن جي محلاتي سازشن باوجود نئين نسل جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي چڪو آھي. ھو ڪڏھن رات جي بيگاھ وقت ۾ جٿن جي صورت ۾ بجلي جي ٿنڀن تان سيد جي تحريڪ جا جھنڊا لاھي سمجھندا آھن ته خوف سندس مقصد کي موڙي ڇڏيندو پر ھو ان وقت حيران ٿي وڃن ٿا ته جنھن وقت سيد، اياز جي ھن سِٽ:

ڪنھن وقت اچانڪ تون ايندين،

سج سنھري شال ڍڪي،

تلوار ھوا ۾ لوڏيندي،

لوئي ھيٺان ڍال ڍڪي.

جيان اڀري اچي ٿو. ھنن جي طاقت جو اڊمبر جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪيترن ترم خانن کي کائي ختم ڪري چڪو آھي پر سنڌ ۽ سيد جا ڪي اڻ جھل عاشق آھن، جيڪي طوفانن سامھون سينو ساھيو بيٺا آھن. مٿن تھمتون آھن. کين سنڌي سياست جا برھمڻ، شودر ٿا سمجھن. جن وٽ سنڌ وڪري جو وکر آھي. جن وٽ سياست سڻڀي گرھ جو نالو آھي. جن وطن جي آڙ ۾ دولت جا انبار ڪٺي ڪيا آھن. جن وٽ انقلاب اسيمبلي جي سيٽ آھي. انھن جي نظر ۾ هن جا ورڪر جذباتي ڇوڪرن کان وڌيڪ ڪجھ ناھن پر اھي جذباتي ڇوڪرا پنھجي رھبر جي نجات واري پيغام تان ديوانا وار وارجڻ جو حوصلو رکن ٿا.

حوصلو حيرت جو، آھي نه مٿي عامَ،

سندي محبت مامَ، ڪوڙ پروڙي ڪينڪي.

اھي نوجوان، جن جي ڳلن ۾ شفق جي لالاڻ آھي، سي ٽارچر سيلن جي اذيتن کان نڪري به خاموش ويھڻ کي ڪفر جو درجو ڏين ٿا. گاڏين، پئسن، پروٽوڪول کان بي نياز ٿي اھي سرويچ ساٿي سنڌ جي آجپي جو عشق اکين ۾ پوکيو ويٺا آھن. جيڪي جڳ جي ريت ۾ ڀلي ‘وات ڳاڙھا’ ھجن پر ھو اھو پڪ ڄاڻن ٿا ته سنڌ جو تابناڪ آئيندو صرف سيد جي فڪر ۾ آھي.

غافل نسل کي شايد ئي ياد ھجي ته اڄ ھڪڙي اھڙي ماڻھوءَ جي جنم جي تاريخ آھي، جنھن جي آواز جي لاهن چاڙهن سان پھاڙن جون چوٽيون ڏڪي وينديون ھيون. جيڪو جڏھن ڳالھائيندو ھو ته ھوائون بيهي کيس ٻڌنديون ھيون. جيڪو جڏھن جنونِ عشق جي عروج تي پھچندو ھو ته قوم جي بيحسي تي گلن جھڙا گفتا ڪڍي کين خبردار ڪندو ھو. اھو ماڻھو ھليو ويو ته سن جا رستا صدين جي سانت ويڙھي سمھي پيا. جيڪو شخص حيدر شاهه سنائي جو جذباتي جنم ھو. جنھن ۾ سيد پنھنجي پوري طاقت سان گونجندو ھو. جنھن ۾ سنڌ پنھنجو ھزارين سالن جو درد اوتي ڇڏيو ھو. جيڪو زخمي دل، چاڪ دامن، اداس اکين سان اوستائين وڙھيو، جيستائين سرير ۾ ساھ ھوس. ھو روايتي دانشور وانگر لفظن جي ميناڪاري سان نه پر دليل جي سگھ سان دشمن تي حمله آور ٿيندو ھو. جي ايم سيد جڏھن روئڻ چاھيندو ھو ته حفيظ قريشي جي تقريرن جي ڪيسٽ وڄائڻ جو چوندو ھو. واقعي ئي سائين جي ايم سيد جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي اندر ۾ عمر جي آخري ساھ تائين عشق ٿي رچندو رھيو ته اھو صرف چاچو حفيظ قريشي ھو، جيڪو سيد کان پوءِ نراس ۽ نماڻو ٿي ويو ھو. نيٺ پنھنجي روحاني رھبر جي جدائي جو غم کڻي ھليو ويو. سائين جي ايم سيد سنڌ، جنھن کي ھن آزادي جي لال ڪنوار جي روپ ۾ ڏسڻ چاھيو، سا اڄ به محڪوميءَ جي ڪوڙھ ۾ چچرجي رھي آھي. ھاڻ سنائي سيد جھڙي ھڪل ڪٿان آڻجي، جيڪا ذلت جي اوچن ڪوٽن جا ڪنگرا ڪيرائي وجھي. تبديلي جي کوکلن نعرن، جمھوريت جي ناٽڪي گليمر ۽ فيشن پرست سياست جي ور چڙھيل سنڌ کي پنھنجي محسنن جي سار ڪٿي ھوندي، جن جوانيون وطن جي راھ ۾ ڳاري پيريءَ تائين پنڌ ڪيا پر سون تي سيڻ نه مَٽيائون.

انگريز دور ۾ ھندستان جي سياست پئسي ۽ زبان جي زور تي ٿيندي هئي. سيد وٽ پئسو جاگيردارن، نوابن، سَرن ۽ خان بھادرن جي ڀيٽ ۾ چوٿي پائي جيترو به ڪونه ھو. ھو خطيب يا مقرر به ڪونه ھو پر ھن آل انڊيا سياست ۾ پنھنجي ڌاڪ ڄمائي. ان جا ڪارڻ اھي ھئا ته ھڪ ته ھو مستقل مزاج سياستدان ھو. ھن سياست کي علم سان ملايو. آڌي رات تائين وٽ واري بتي ٻاري ھو “نئين سنڌ لاءِ جھدوجھد” جھڙا ڪتاب لکندو ھو. سخت اصول پرست انسان ھو. ٻي ڳالھ ته خاڪسار تحريڪ جي پليٽ فارم تان سن ۾ سڏايل پھرين ڪانفرنس کان وٺي ۱۹۹۱ع ۾ زندگي جي آخري جلسي تائين ھو سنڌ ۽ سنڌين جي نجات کان غافل نه ٿيو. ھن محاذ ۽ مورچا يقينن بدلايا پر سندس فڪر ۽ نظريو ساڳيو رھيو. اڄ وقت سندس چيل ۽ ڪيل ڳالھين تي مھر ثبت ڪري ڇڏي آھي. باقي جيستائين تعلق آھي ھن ملڪ جي طاقتور ادارن ۽ سندن ڳيجھو سياستدانن جو ته آئون فارسي جي ھن شعر ذريعي پنھنجي ڳالھ ختم ٿو ڪريان ته،

‏آتش جان گدا جوع گداست

جوع سلطان ملک و ملت را فناست

(اسرارِ خودي- علامه اقبال)

(فقير جي بک فقط ھن جي جان کائيندي آھي، جڏھن ته سلطان جي بک ملڪ ۽ قوم کائي ويندي آھي.)

 

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين جي ايم سيد

سنڌ جي تاريخ جا وڃايل ورق ڳولهي نروار ڪندڙ شخص

سراج ڪلھوڙو

چوڻي آھي ته ھرو ڀرو سونھن ڪنھن جي ڌوئي نه پيئبي آھي، پر سھڻو عمل ئي ھوندو آھي، جيڪو ئي ڪنھن جي عظمت يا آوارگيءَ کي ظاھر ڪري وجهندو آھي. سائين جي ايم سيد پنھنجي ٻالڪپڻ کان پنھنجي رستي جي جيڪا چونڊ ڪئي ۽ ان رستي تي ھلندي سيد جيڪي علم، آگھي، شعور، جدوجھد، ديانتداري، خلوص ۽ حب الوطني جا شاندار مثال قائم ڪيا، تن کيس پنھنجي ھمعصر ماڻھن ته ڇا پر تاريخ جو ھڪڙو تمام وڏو ڪردار ثابت ڪيو، جنھن جي ڏسيل واٽ تي ھلڻ سان سنڌ پنھنجي ھزارين سالن جي وڃايل وقار کي ٻيھر حاصل ڪري سگهي ٿي.

سائين جي ايم سيد تاريخ جو اھڙو ڪردار آھي، جنهن سنڌ جي عظمت کي ثابت ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪري پنھنجو نور نچوئي ڪيئي ڪتاب لکي ورتا. نه رڳو اھو پر ھن جو عملي ميدان ۾ به اھڙي شاھسوار وارو ڪردار ادا ڪيو، جنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي. نه رڳو اھو پر ان سموري عرصي ۾ ھن شخص پنھنجي ڪردار کي به ٻنھي طرفن کان اھڙو اجرو رکيو جو ان جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آھي. ھي شخص اخلاقي قدرن جو مجسمو رھيو ته ساڳي جاءِ تي مالي ڪرپشن جھڙين بڇڙاين کان به ڪوھين ڏور رھيو.

سائين جي ايم سيد سنڌ جي وڃايل ورقن کي تاريخ جي مڻ مٽيءَ واري دز هيٺان ڳولهي ڦولهي، ڇنڊي ڦوڪي نه رڳو سنڌي ماڻهن جي آڏو نروار ڪيو پر سموري سنسار ۾ ان جي ناماچاري ۾ ڪردار ادا ڪيو. شاھ لطيف جو اهو روپ ڪنهن دريافت ڪيو؟ سنڌو جي ساڃاه سميت اڻ ڳڻيا پنا لکي سنڌ جي سونهن کي ڪنھن اجاگر ڪيو؟ اڄ ڀلي ڪي سياستڪار، ڪي اديب سيد جا انڪاري هجن پر جن به موجوده وقت ۾ سنڌ لاءِ ڪو پير سوريو آهي ته انهن سيد جي مڪتب مان بنيادي فيض حاصل ڪيو آهي. اھا جدا ڳالھ آھي ته سيد جو رستو اڙانگو ڏسي انھن سنگتين يا ته سيد جو ساٿ ڏيڻ ۾ ٿڪاوٽ سبب پاسو مٽي ڇڏڻ ۾ عافيت سمجهي يا وري ڪنھن ذاتي غرض خاطر سيد جي ساٿ کان ڇڄندي پنهنجي جدا ڪني چاڙهڻ ۾ ئي پنھنجي مفادن جو تحفظ ڄاتائون. پر سنڌ جو سبق جنھن به ڪتاب تان پڙھيائون، اھو بنيادي ڪتاب سيد جي مڪتب جو تصنيف ٿيل ھوندو. تنھن ڪري اھو چوڻ ۾ مون کي ڪو به وڌاءُ محسوس نه ٿو ٿئي ته اڄ سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاھر سنڌ جي آجپي توڙي ان جي عظمت جون جيڪي ڳالھيون ٿين ٿيون، ان جي پٺيان سائين جي ايم سيد جي جدوجھد ۽ تعليمات جو ئي اثر آھي .

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

ذڪر سائين جي ايم سيد سان ٿيل هڪ ڪچهريءَ جو!

محمد قاسم مير جت

سائين جي ايم سيد ننڍي کنڊ جي سياست جو وڏو نالو آهي. انگريزن جي غلاميءَ کان آزادي، عوام جي جمهوري حقن جي بحالي ۽ سنڌ کي خود مختيار حيثيت ڏيارڻ لاءِ سموري زندگي، ويندي سندس موت به نظربنديءَ ۾ ٿيو. سائين جي ايم سيد برصغير تي برطانيه جي قبضي خلاف گڏيل هندستان جي ناليوارن سياستدانن مهاتما گانڌي، نهرو، پٽيل، محمد علي جناح، خان غفار خان، محمود خان اچڪزئي، مولانا آزاد، حسين شهيد سهروردي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، علامه عبدالحق رباني ۽ ٻين آزادي پسند اڳواڻن سان نمايان سرگرمي سبب ڪيترائي ڀيرا جيل ويو پر ڪڏهن به پنهنجي موقف تان تِر برابر به نه هٽيو. سنڌ جي غريب عوام جي اڪثريت مسلمان هاري ماڻهن جي هئي، جيڪي ٻِٽي غلاميءَ ۾ ڦاٿل هئا. انهن جي جمهوري انساني حقن لاءِ اسيمبلين ۾ ڪيتري ويڙهه ڪئي، اها سندس ڪتاب “نئين سنڌ لاءِ جدوجهد” ۾ تفصيل سان ڄاڻايل آهي. ان ڪري انگريز سرڪار سان هارين جي ڦرلٽ ڪندڙ، سردار، وڏيرا ۽ سيٺيا سندس سخت مخالف ٿي پيا. سائين جي ايم سيد کي باغي ۽ ڪافر قرار ڏيئي کيس ۲۳ سال جيل ۾ يا گهر ۾ نظربند رکيو. سندس ڪتابن تي بندش وڌي وئي.

سائين جي ايم سيد تي تهمت آهي ته هن سنڌ ۾ هندو- مسلم فساد ڪرايا، جنهن ۾ مسجد منزل گاهه جي خوني واقعي جو مثال ڏنو ويندو آهي. انهن فسادن وقت جي ايم سيد جيل ۾ هو ۽ آزاد ٿيڻ شرط ان واقعي جي سخت مذمت ڪئي. هن هندن کان نه صرف معافي ورتي پر امن ۽ ڀائيچاري قائم ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون، اهي رڪارڊ جو حصو آهن. سائين جي ايم سيد سان شهيد الله بخش جا سياسي اختلاف هئا، ان ڪري شهيد الله بخش جي قتل جو الزام به جي ايم سيد تي وڌو ويو. سائين جي ايم سيد نه صرف ان جي مذمت ڪئي مگر ان جي قبر تي وڃي فاتح پڙهندي اوڇنگارون ڏيئي روئندي چيائين ته اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان توکي سڃاڻي نه سگهياسين ۽ اختلاف رکيا.

صوبي سرحد (هاڻوڪو خيبر پختونخوا) لاءِ پختونن جو پراڻو مطالبو هو ته سندن وطن کي اتر اولهه سرحدي صوبي بدران پختون صوبي جو نالو ڏنو وڃي. ان مطالبي ڪري پختونن کي نه صرف غدار، ملڪ دشمن ۽ پرڏيهي ايجنٽ هجڻ جا الزام هڻي مطالبو رد ڪيو ويو پر پوءِ سندن مطالبو مڃيندي صوبي جو نالو خيبر پختونخوا رکيو ويو، جنهن سان نه زلزلو آيو ۽ نه آسمان ڪريو. سائين جي ايم سيد چيو ته سنڌ صدين کان خود مختيار ديس رهيو آهي. ان تي ظاهر ۽ لڪل سرڪارون، سياستدان، اديب، دانشور ۽ ميڊيا جا ادارا سرگرم ٿي ويا ۽ ڏينهن رات جي ايم سيد جي ڪردار ڪشي ڪري سندس پاڪستان لاءِ جاکوڙ، غريب عوام جي سياسي، سماجي، اقتصادي، تهذيبي ۽ انساني حقن لاءِ ڏنل قربانين ۽ حقن جي حاصلات لاءِ عدم تشدد واري واٽ کان ماڻهن کي بدظن ڪيو ويو. جڏهن ته سائين جي ايم سيد عدم تشدد ۽ پارلياماني طريقي تي ايترو يقين رکندو هو جو سورهيه بادشاهه سيد صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳارو “وطن يا ڪفن” جي نعري هيٺ سر جو سانگو لاهي انگريزن کان سنڌ آزاد ڪرڻ لاءِ هٿياربند ويڙهه ڪري رهيو هو ته ان دوران جي ايم سيد ساڻس مليو ۽ کيس دعوت ڏني ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي عدم تشدد واري پارلياماني سياست ڪريو. جنهن ته سورهيه بادشاهه کيس جواب ڏنو ته، “شاهه صاحب! تون صفا ڀليل ٿو لڳين. تون جن جي پويان آهين، اهي وڏيرا، پير، مير ۽ سرمائيدار دهلي جا ٺڳ تو مان ڪم ڪڍي، توکي به مون وانگر غدار چئي جان ڇڏيندا.” پير پاڳاري جي اها اڳڪٿي سچي ثابت ٿي ۽ جي ايم سيد حڪمران ٽولي سان گڏ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سياست جا منفي نتيجا ظاهر ٿيڻ تي سموري سنڌي قوم آڏو پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪيو ۽ معافي ورتي پر پنهنجي عدم تشدد واري واٽ نه ڇڏي. سائين جي ايم سيد جو جمهوريت ۽ پارلياماني سياست سان ايڏو عشق هو، جو سدائين پارلياماني سياست جو سرگرم اڳواڻ رهيو، ويندي ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ۾ به هن حصو ورتو.

جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس اختلاف هئا پر ۱۹۷۳ع جي آئين کي متفقه آئين طور پاس ڪرائڻ لاءِ پختونن ۽ بلوچن جا جائز خدشا هئا پر جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي بلوچن ۽ پختونن جواب ڏيئي ڇڏيو ته ان، جي ايم سيد کي منٿ ڪئي ته جيڪڏهن آئين متفقه طور تي پاس نه ٿيو ته جنهن انڌي منڊي جمهوريت جو آسرو آهي، اها به نه ايندي ۽ ڪو ٻيو آمر اچي ويهي رهندو. جنهن تي سائين جي ايم سيد بلوچن ۽ پختونن کي راضي ڪيو. آئين ته متفقه طور تي پاس ٿي ويو پر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجن واعدن تان ڦري ويو. اول پٺاڻن ۽ بلوچن جون چونڊيل حڪومتون ختم ڪيائين ۽ پوءِ بلوچن خلاف هلندڙ آپريشن کي تيز ڪيائين.

۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ مهم هلي ته سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ مختلف پارٽين جي نمائندن جي گڏجاڻي سن ۾ رکي وئي. عوامي تحريڪ پاران مون کي ۽ اسماعيل سوهي کي موڪليو ويو. اسان حيدرآباد کان سن پهتاسين. سائين جي ايم سيد اوطاق ۾ ويٺل هو، اسان کي ڏسي حيران ٿي ويو. پهريون سوال اهو ڪيائين ته اوهان حيدرآباد کان هتي ڪيئن پهتا؟ ڇاڪاڻ ته سخت برساتن ۽ برساتي نالا ۽ نئيون وهي اچڻ جي ڪري رستا بند آهن. اسان وراڻيو ته موٽرسائيڪل تي چڙهي پهتا آهيون، نئين بارڻ موٽرسائيڪل مٿي تي کڻي ٽپائي هتي آيا آهيون. سائين جي ايم سيد ڳچ وقت ماٺ ۾ اسان کي تڪيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين ته توهان جي وطن سان سچائي ۽ حوصلو ڏسي مون کي بيحد خوشي ٿي. ڪو ٻيو ته موٽرسائيڪل مٿي تي کڻي نئين بارڻ ٽپي هتي ڪونه پهچندو.

سائين جي ايم سيد مذهب، سياست، تاريخ ۽ فلسفي تي جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ان جي علم، يادداشت، ڏات، ڏانءَ ۽ ڏاهپ اسان کي حيران ڪري ڇڏيو. سائين جي ايم سيد جو وسيع مطالعو، علم دوستي، عملي تجربو، هڪ جرئتمند سياسي اڳواڻ سان گڏ وڏو عالم، انسان دوست، مذهب ۽ فلسفي جو وڏو ڄاڻو اسان پهريون ڀيرو روبرو ٻڌو. اسان پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اڄ موقعو به آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو موڊ به سٺو آهي، ان ڪري ڪجهه سوال جوڙي وٺجن ته اهي کانئس پڇنداسين ۽ جي ڪاوڙجي پيو ته وري موٽرسائيڪل ڪلهي تي کڻي نئين بارڻ ٽپي وينداسين. اسان کيس چيو ته اسان جي ذهن ۾ ڪجهه سوال آهن، جي اجازت هجي ته پڇون.

(۱) توهان سدائين پيرن، وڏيرن ۽ ميرن سان گڏ سياست ڪئي. غريب عوام جي سياسي سمجهه ۽ عقل تي اوهان کي يقين نه آهي.

(۲) هن ملڪ ۾ انقلاب هاري ۽ مزدورن جي هڪ منظم ۽ متحد ۽ نظرئي سان هٿياربند سياسي پارٽي جي اڳواڻي ۾ اچي سگهي ٿو پر اوهان کي هارين ۽ پورهيتن جي انقلابي سگهه تي اعتبار نه آهي.

(۳) توهان وٽ نه ڪابه منظم تنظيم آهي، نه رازداري، ان ڪري آزاد ديس جي سکڻي نعري فائدي بدران اسان کي نقصان ڏنو.

(۴) ڀٽو به هڪ سنڌي ليڊر آهي، جنهن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو. توهان ان جي مدد ڪرڻ بدران سندس مخالفت پيا ڪريو.

سائين جي ايم سيد مرڪندي اسان جا سوال ٻڌا ۽ انهن جا جواب ڏنا، جن جو تت هن ريت آهي:

“توهان جو پهريون سوال ته مون سيدن، پيرن، ميرن ۽ گادي نشينن سان گڏجي پارلياماني سياست ڪئي. اها ڳالهه سچ آهي پر افسوس ان وقت ڪوبه هاري يا پورهيت ۽ انقلابي پارلياماني سياست ۾ ڪونه هو. باقي رهي منظم انقلابي نظرئي سان هٿياربند پارٽي جي رهنمائي ۾ هاري انقلاب آڻڻ واري ڳالهه- ان لاءِ اهڙين وصفن واري ڪهڙي انقلابي پارٽي آهي، جنهن جا لکين ماڻهو پوئلڳ هجن! ها، ڪجهه هنڌن تي پاڪيٽ هوندا. اوهان جا انقلابي نظريا پنجابي-پناهگيرن جا درآمد ڪيل ڪميونسٽ نظريا آهن، جيڪي سنڌ جي حالتن سان ٺهڪي نٿا اچن.”

سائين جي ايم سيد وڌيڪ چيو: “ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪميونسٽ پارٽي نيشنل ڪانگريس ملڪ ۾ هٿياربند ڪارروايون ڪيون ۽ گورن کي مارڻ شروع ڪيو. نيلسن منڊيلا ان قسم جي ڪاررواين جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي ۽ دليل ڏنو ته اسان روس ۽ چين جي انقلاب جي هوبهو ڪاپي ڪري انقلاب نٿا آڻي سگهون، ڇاڪاڻ ته اسان جون حالتون، رهڻي ڪهڻي ۽ طور طريقا انهن کان الڳ آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجين حالتن پٽاندر ماڻهن جي مزاج مطابق ڪم ڪرڻو پوندو. ساڳي ريت سنڌ جون حالتون روس ۽ چين جهڙيون نه آهن، جو انقلاب جي ڪاپي ڪري پاس ٿي وينداسين.... حيدر بخش جتوئي جي گيت “جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ” مان جيئي سنڌ جي مخالفت جي باوجود اهو هڪ قومي نعرو ٿي ويو، جيڪو سنڌين جي ٻڌيءَ جي علامت بڻجي ويو ۽ ون يونٽ خلاف هڪ وڏي هٿيار طور استعمال ٿيو. تنظيم ۽ رازداري ته کڻي هاري ڪميٽي ۾ هوندي پر “جيئي سنڌ” جو نعرو هر سنڌيءَ جو قومي نعرو بڻجي ويو. سنڌ ديس به صدين کان هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ رهيو آهي، جنهنڪري نعري يا نالي ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ پر حڪمران ۽ سندن ٻولڙيا نعري جي آڙ وٺي سنڌ جي حقن جي ڳالهه خلاف واويلا مچائي رهيا آهن ۽ ماڻهو ڀُٽي جي آسري تي ٻيو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.... ڀٽو برابر سنڌي ليڊر آهي پر سمجهڻ گهرجي ته هن جو اصل مقصد عوام جي حڪمراني هئي يا ذاتي حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪوڙا نعرا ۽ ڪوڙا واعدا ڪيا؟ جنرل ايوب، ڀُٽي کي لوڌي ڪڍيو ته وري اقتدار ڪيئن وٺي؟ ڇو ته ماڻهو پنجاب، چوڌرين ۽ فوج جي پويان هئا. سنڌ ته پيرن، وڏيرن جي جاگير هئي ۽ عوام انهن جو مريد آهي. پوءِ ڀُٽي ماڻهن کي پنهنجي طرف ڪرڻ لاءِ مختلف جاين تي مختلف نعرا ڏنا. پنجاب ۾ چيو ته، فوج بهادر آهي پر جنرل ايوب بزدل آهي. چوڌري ان جا پچ لٽڪائو آهن، نه ته ڪشمير آزاد ڪرائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. حنيف رامي ۽ مولانا ڪوثر نيازي سرخن کي اسلامي سوشلزم، عام ماڻهن کي مساوات محمدي جا نعرا ڏنا. ڀٽو سنڌ ۾ رڙ ڪري تقرير شروع ڪندو هو: ڀلا متان ويو آهين وڏيرا، تنهنجو پيٽ ڦاڙي زمين هنن هارين ۾ ورهائيندس. وري ڪراچي ۾ به پير رکندو ته چوندو، “او ميري مزدورو! مجهي ووٽ دو، مين ان ڪارخانو ڪو تمهاري ملڪيت بنادونگا. راج ڪريگي خلق خدا. مير رسول بخش پ پ سنڌ جو صدر چوندو هو، بابا اسلامي سوشلزم معنيٰ ٽپڙ ورهايو. اهڙيءَ ريت قوم کي گانجو پياريائين، جو ماڻهو ٻي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيا، جڏهن ته ڪوبه واعدو وفا نه ٿيو ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي ويو.”

لفظن جي هڪ حرمت آهي. پنهنجي قول جي لڄ رکڻ ڪو جي ايم سيد يا سندس پوٽي سيد زين شاهه کان سکي. سائين جي ايم سيد تي ته سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ؟ لکڻ ڪري غداريءَ جو ڪيس ٺاهيو ويو. جي ايم سيد هڪ ڏينهن حيدر منزل مان پوليس کان اک بچائي ڪورٽ وڃي پهتو ۽ جج کي جڏهن خبر پئي ته جي ايم سيد قبولداري ڪرڻ اچي پيو، ان ۹۰ سالن جي پوڙهي کي ڦاسي ڏيڻ هڪ نئون مسئلو هوندو، ڇو ته اڃان ڀُٽي جي ڦاسيءَ مان ئي جان ناهي ڇٽي. اهو سوچي جج ڪورٽ جي پوئين دروازي کان نڪري ويو.

ساڳي ريت بحريه ٽائون طرفان سنڌ جي ماڻهن جي زمينن تي زوري قبضا ڪرڻ خلاف پر امن مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ زين شاهه پڻ شريڪ ٿيو. پوليس سوين ماڻهن سان گڏ زين شاهه تي ايف آءِ آر داخل ڪئي. ڪن ضمانتون ڪرايون ته ڪي جيل ۾ هئا، ڪي روپوش ٿي ويا. زين شاهه ضمانت ڪرائڻ ۽ روپوش ٿيڻ بدران وڃي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ چيائين ته اسان پرامن احتجاج ڪيو آهي، جيڪو اسان جو حق آهي، ان ڪري ڪيس هلايو. مون ڪا دهشتگردي ڪئي آهي ته ثابت ڪريو. جج کيس چيو ته تنهنجي ضمانت ٿو منظور ڪريان پر زين شاهه چيو ته ضمانت نه کپي، جج کيس هليو وڃڻ لاءِ چيو ته به انڪار ڪيائين ۽ پوءِ کيس جيل موڪليو ويو.

جي ايم سيد تي ڪيترن ئي طرفن کان تنقيد ڪري هن جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي هئي پر هن ڪنهن کي جواب ڏيڻ بدران ڪتاب لکي حقيقتون ٻڌايون. سائين جي ايم سيد ۶۰ ڪتاب لکيا پر افسوس جو اهي ڪتاب مٿس الزام هڻندڙن ته ڪونه پڙهيا پر ڪارڪنن جي اڪثريت به ڪتابن جي ويجهو نه وئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين جي ايم سيد جي سالگرهه

۱۷/۰۱/۲۰۲۴

محمد فاروق ٻرڙو قادري

جنوري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته پاڻ سان گڏ ڪجهه اميدون کڻي ايندو آهي، ڇو ته نئين سال جي شروعات ٿيندي آهي۔ جنوري مهينو اسان سنڌين لاءِ ان ڪري به گهڻو اهميت وارو آهي جو هن مهيني ۾ سنڌ جي عظيم اڳواڻ، مفڪر ۽ ڏاهي سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن ايندو آهي۔ سن جو سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضى شاهه) سنڌ جو رهبر رهيو آهي، شهيد مخدوم بلاول جي خليفه سيد حيدر شاه سنائي جي نسل مان ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ سيد محمد هاشم جي گهر سيد غلام مرتضى شاه المعروف جي ايم سيد جو جنم ٿيو. ‏ جي ايم سيد شروعاتيسنڌي ماستر ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻ مل وٽ پڙهيو،عربي ۽فارسي جي تعليم محمد هاشم سنائي مولوي محمد صالح سيال ۽ الهه بخش دادويءَ کان حاصل ڪيائينقرآن شريف آخوند ميان سمن ميمڻ وٽ پڙهيو ۽ انگريزي حامد علي هالائي کان سکيائين. مٽياري سيدن جو هي ڪامل سپوت هڪ ئي وقت سياستدان سماجي ورڪر، اديب، عاشق، مفڪر، فلسفي، صوفي، تعليمي ماهر ۽ منتظم هو. مطلب ته سندس شخصيت جا ڪيترا ئي رخ آهن، ‏جي ايم سيد سياست کان سواءِ عام سماجي ڀلائيءَ ڀلائي جا ڪم پڻ ڪيا. ۱۹۲۰ع ڌاري، يعني ۱۶ سال جي ڄمار ۾خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ حڪيم معين الدين کنيارين واري سان گڏجي شريڪ ٿيو. جنهن کان هڪ مهينو پوءِ سن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪيائين. ۱۹۲۴ع ۾ انجمن سادات مٽياريءَ جو بنياد وڌائين. ۱۹۲۵ع تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو رڪن ۽ پوءِ صدر بڻيو. ۱۹۲۹ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو وائس پريزيڊنٽ ۽ ڪجه وقت لاءِ پريزيڊنٽ پڻ چونڊجو. ان عرصي ۾ ڪيترائي عام ڀلائي جا ڪم پڻ ڪندو رھيو. جن ۾ غريب شاگردن ۾ تعليم عام ڪرڻ، رستا ۽ اسپتالون ٺهرائڻ، سن اسٽيشن تائين پڪو رستو ٺهرائڻ، زنانا ۽ مرداڻا اسڪول کولڻ، ڪراچي کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان منگهي پير تائين پڪا رستا ٺهرائڻ ۽ ڪراچي جي لوڪل بورڊ عمارت ٺهرائڻ شامل آهن. ۱۹۳۰ع ۾ ميرپورخاص ۾ دوستن سان گڏجي هاري ڪاميٽي جو بنياد رکيائين. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۴۰ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي مجلس عامله جو رڪن بڻايو ويو. ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي‏ءَ مانپاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪرايائين. جناح سان اصولي اختلاف ڪرڻ ڪريمسلم ليگ مان خارج ڪيو وويو، ‏ان کان پوءِ عوامي پارٽي۽عوامي محاذ جوڙيائون. ۱۹۵۵ع ۾ون يونٽٺهيو ته ان خلاف جدوجهد جي جرم ۾ کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. ۱۹۵۶ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع جي مارشل لا ۾ کين گرفتار ڪيو ويو. جي ايم سيد شروع کان وٺي هر پليٽ فارم تيسنڌجي مفاد کي مقدم رکيو. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال وڌيڪ ابتر ٿيندو محسوس ڪندي ”جيئي سنڌ“جو نعرو اختيار ڪيائين. ۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي ”سنڌوديش“ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيائين ۽ جيئي سنڌ محاذنالي نئين پارٽي جو بنياد پيو. جي ايم سيد جي تحريرن ۽ تقريرن نئين نسل ۾ سنڌ لاءِ لازوال محبت پيدا ڪئي. شاگرد ۽ نوجوان وٽس پتنگن وانگر گڏ ٿي ويا. تعليمي لوڪل بورڊ مانجهند واري زماني ۾ محال مانجهند جو تعليمي پروگرام جوڙيائون. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ جا وزير تعليم ٿيا ته ”سنڌ يونيورسٽي“ جي قيام لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائون ۽ ”سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ قائم ڪيائون. بعد ان کي خودمختيار ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حيثيت ڏياريائون.

‏مصروف سياسي ۽ سماجي زندگي مان مطالعي ۽ لکڻ لاءِ باقائده وقت ڪڍندو هو. سندن لائبرري سنڌ جي شاندار ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻمذهب، تصوف، سياست، تاريخ، جاگرافي ۽ شخصيات سميت مختلف موضوعن تي ۶۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکيائون. پهريون ڀيرو ”پيغام لطيف“ لکي، شاه لطيف ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ نوان رخ سامهون آندائين. سندن اهم ڪتابن ۾ پيغام لطيف، خطبات سيد، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، ديار دل داستان محبت، جيئن ڏٺو آهي مون، سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، جديد سياست جا نو رتن، سنڌو جي ساڃاه، جنب گذاريم جن سين، رهاڻ، پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي، رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار وغيره شامل آهن. سندن اڪثر ڪتابن تي سرڪار بندش هڻي ڇڏي هئي. ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ سندن آخري تصنيف آهي.

‏جي ايم سيد ھڪ صوفي هو. مذهبي تنگ نظريءَ جو مخالف ۽ تصوف جو پرچارڪ هو.سنڌي ثقافت ۽ راڳ توڙي موسيقيءَ جو ڀرجهلو هو. سندن خيال هو ته سنڌ جي صوفين وٽ عالمي امن ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ عالمگير پيغام موجود آهي. جنهن کي منظم نموني ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. ”بزم صوفياءِ سنڌ جو قيام ۽ سن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون، جتي سيد دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائيندو هو جي ايم سيد صوفي روايت جو ڪامل امين هو. ”ديار دل داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ عشق ۽ تصوف جي موضوع تي سندن مستند تصنيفون آهن.

‏ھو پنهنجي ايڪانوي سال ڊگھي ڄمارَ ۾ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ جيل يا نظربنديءَ ۾ رهيو. هن جو پرچار ھو تھ سنڌ هزارين سال قديم ثقافت جي مالڪ آھي، جنھن کي آزاد ملڪ رھڻ جو حق حاصل ھوڻ گھرجي ۽ سنڌ کي هڪ آزاد، سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ انسان دوست ديس بڻجڻ گھرجي. ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جي ايم سيد وفات ڪري ويو پر سندس پيغام اڄ به سڄي دنيا جي سنڌين لاءِ مشعل راھ آھي، سائين جي ايم سيد، پنهنجي ذات م هڪ اڻ کٽ هستي آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجي وجود ۾ لامحدود آهن. بيشڪ سائين جي ايم سيد جو محور سنڌ رهي آهي پر سائين جي ايم سيد مظهر ڪائنات آهي ۽ سندس مدار سڄي عالم انسانيت آهي. سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ پيغام سڄي عالم لاءِ راه نجات آهي . سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن جو فطري نچوڙ آهي، جنهن کي آفاقي شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي پَرکيو هئو ۽َ سائين جي ايم سيد ان ساڳي فڪر ۽ پيغام کي وِ رکيو. اهو پيغام مذهبي، نسلي، لساني،قومي، گروهي، فرقيوارنه تضادن ۽ ڇڪتاڻن جو حل آهي ، جنهن لا سڄي عالم انسانيت واجها ئي رهي آهي، جيڪو سنڌ ڌرتي جي هزارن سالن کان تهذيب بڻجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي صوفين، ملنگن، مستن، درويشن ۽ عام ماڻهن جو ڪامل ايمان ٿي رهيو آهي، سائين جي ايم سيد وٽ سنڌوديش ذريعي سڄي عالم انسانيت لاءِ اهو فڪر ۽ پيغام آهي

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين جي ايم سيد

۱۲۰ هين سالگرھ جي نسبت سان مختصر سياسي تعارف

شيخ سنڌي

جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺھراءُ پيش ڪيو ته ان وقت جي مشهور سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي، اسيمبليءَ ۾ ان تي تبصرو ڪندي چيو ته: “هي قرارداد پيش ڪندي هڪ شاگرد ۽ صحافي جي حيثيت سان ان ڳالھه سان مڪمل اتفاق ٿو ڪريان ته جيڪڏهن ڪنھن کي ڌرتي ماءُ جي تصور کي سمجهڻو آهي ته سائين جي ايم سيد کي پڙهڻ گهرجي، سنڌ جي ان سيد سان منھنجي پھرين ملاقات ۱۹۷۹ ۾ منھنجي دوست اسماعيل کوسو ۽ پير بخش پٺاڻ ڪرائي هئي، مون پھرئين ملاقات ۾ سائين جي ايم سيد کي پنھنجو سياسي مرشد بڻايو هو، ۽ جيئي سنڌ محاذ طرفان قائم اسٽڊي سرڪل ۾ جي ايم سيد جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. سائين سان گذاريل پندرهن سورهن سالن ۾ مون سائين کي ڪارڪنن لاءِ هڪ شفيق پِيءُ جيئان ڏٺو، ان سياسي پِيءُ جنھن رات جو اويلو ايندڙ ڪارڪنن کي پنھنجي هٿ سان ماني کڻي اچِي ٿي کارائي، ان ڪنھن ڪارڪن سائين کي چيو ته سائين نوڪر چاڪر پاڻھين ڪم ڪندا، توھان ٻه گهڙيون اسان سان ويھو ان تي سائين وراڻيو ته اُهي منھنجي سياسي ٻچڙن جي سڄو ڏينھن خدمت ڪري وڃي ستا آهن انهن کي جاڳائڻ چڱو عمل نه آهي ان مھربان انسان ۽ آئون ايئن لکندس ته دنيا جي ڏاهي قومپرست سياستدانن مان دنيا جي ڏاهو قومپرست اڳواڻ جو مختصر لفظن ۾ تعارف ڪرائيندس پوءِ مختصر سياسي تاريخ جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪندس ته هي سنڌ جو هي ڏاهو ۽ سادگيءَ سان زندگي گذاري ويندڙ قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جو اصل نالو غلام مرتضيٰ سيد هو، جيڪو ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ سنڌ جي مشھور سادات گهراڻي ۾ ڄائو هو. اڃا ننڍو هو ته سندس والد محمد شاھه خانداني تڪرار سبب مارجي ويو. سائين جي ايم سيد ابتدائي تعليم سن هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۲۰ع دوران سورهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات خلافت تحريڪ سان ڪئي. ۱۹۳۷ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ۱۹۳۸ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۴۲ع ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي وفات کان پوءِ هو سنڌ مسلم ليگ جو صدر ٿيو. ۱۹۴۸ع ۾ هن خان عبدالغفار خان سان گڏجي پاڪستان جي پھرين سياسي پارٽي پيپلز پارٽي آف پاڪستان جو بنياد رکيو. ۱۹۵۶ع ۾ هن NAP ؛ (نيشنل عوامي پارٽي) جي قيام ۾ ڀرپور حصو ورتو. جنھن ۾ بنگال ۽ پاڪستان جي وڏين وڏين شخصيتن حصو ورتو.

۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ حصو ورتو، پر سائين ڪامياب نه ٿي سگهيو. ان سان گڏ هن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو به بنياد رکيو. سائين جي زندگيءَ جو وڏو حصو جيل ۽ نظربندي ۾ گذريو. هن جي آخري نظربندي هن جي موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ ختم ڪئي وئي هئي، پر هو ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ۹۱ سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. هونئن جيڪڏهن سائين جي ۱۶ سالن ۾ شروع ٿيندڙ سياست کان سندن جي ۹۱ سال جي عمر تائين سياسي تاريخ کي لکندا سين ته هڪ وڏو ڪتاب جڙي ويندو. ان ڪري آئون فقط سائين جي سياسي جدوجھد مان ون يونٽ جي خلاف ڪيل جدوجھد تي لکندس، جنھن سلسلي ۾ محترم خادم حسين سومرو صاحب پنهنجي ڪتاب (سنڌ سلامت ۽ سائين جي ايم سيد) ۾ لکي ٿو ته: “سيد صاحب جون صوفياڻيون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون، تڏهن ۴ مارچ ۱۹۶۷ع تي سنڌ جي شاگردن ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ ٻين مسئلن خلاف احتجاج ڪيو ۽ پوءِ حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور خان سختيءَ سان عمل ڪندي شاگردن تي تشدد ڪري کين جيلن ۾ وڌو، پوءِ شاگردن جي ان عمل سڄي سنڌ ۾ تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، کيس جون ۱۹۶۷ع ۾ قيد ڪيو ويو ۽ صدر ايوب خان خلاف سياسي تحريڪون شروع ٿي ويون. اهڙيءَ طرح دٻاءُ هيٺ، حڪومت ٻين سياستدانن کي آزاد ڪيو، پر سائين جي ايم سيد کي آزاد نه ڪيو، جنهن سنڌ جي قومپرستن جي نمائندگي ٿي ڪئي.

سومرو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: “ملڪ جي نئين سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سيد صاحب ۹ مارچ ۱۹۶۹ع تي سنڌ متحده محاذ جو اجلاس منعقد ڪيو، جنھن ۾ وڏن وڏن سياستدانن شرڪت ڪئي، ان کان پوءِ سيد صاحب شيخ اياز کي بنگال جي قومپرست اڳواڻ مجيب الرحمان سان رابطو ڪرائي کيس سنڌ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ آگسٽ ۱۹۶۹ع ۾ جڏهن شيخ مجيب الرحمان سنڌ آيو ته سيد صاحب ڪراچي ۾ ڪيل ان جلسي جي افتتاحي تقرير ۾ فرمايو ته: “ون يونٽ سنڌ جي عوام جي خود اعتمادي جي احساس کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين آزادي جي نعمت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ موجوده صورتحال ۾ آزادي جي ڪا به معنيٰ ناهي. “جڏهن حالتون اهڙيون هجن ته ڪنهن علائقي جي شھرين کي اهو به حق نه هجي ته هو پنهنجا ميونسپل جا ڪم سنڀالي سگهن. ”

جڏهن سيد صاحب اها ملاقات ختم ڪئي ته هن بلوچستان جو دورو ڪيو ۽ بلوچستان جي نواب غوث بخش رئيساڻي کي ون يونٽ جي خاتمي جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ۽ نواب صاحب سنڌ متحده محاذ وانگر ۵ آڪٽوبر ۱۹۶۹ع تي بلوچستان يونائيٽيڊ فرنٽ جو قيام عمل ۾ آندو. سيد صاحب هڪ ترقي پسند ۽ کليل ذهن رکندڙ سياستدان هو، پر اها به حقيقت آهي ته شروعاتي ڏينهن ۾ سيد صاحب مذهبي جنونيت ۾ مبتلا هو، جنهن کي هن پنهنجي ڪتابن ۾ واضح طور تي لکيو، پر پوءِ “جيئن ڏٺو آهي مون”. ڪتاب ۾ لکي اهو ثابت ڪيو ته انسان هميشه ڪنهن به عقيدي ۾ نظرياتي يا متعصب نه رهندو آهي، پر هو بدلجندو رهندو آهي. پروفيسر اعجاز قريشي پنهنجي ڪتاب (ون يونٽ سنڌ) ۾ لکي ٿو ته: “محترم سائين جي ايم سيد، سنڌ جي عظيم شخصيت آهي، جنهن پنھنجي سڄي زندگي سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس جدوجھد ۽ ڪاميابيون ڪنھن کان ڳجهيون نه آهن، هن عملي سياست جي شروعات خلافت تحريڪ سان ڪئي، سيد صاحب ون يونٽ جي قلعي کي ڊاهڻ لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪئي، چاهي پارليامينٽ ۾ هجي يا عوام سان جيل ۾ هجي يا نظربنديءَ ۾، سندن پھرين ترجيح سنڌ ۽ سنڌين جا اجتماعي مفاد هئا. “۱۹۵۴ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺھراءُ پاس ٿي رهيو هو ته جي ايم سيد جي مخالفت کي نظر ۾ رکندي گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ته هن ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي.

قريشي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: “سيد صاحب ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع تي حيدر منزل ڪراچي ۾ اينٽي ون يونٽ جو ڪنوينشن منعقد ڪرايو، جنهن ۾ ٻين صوبن جي وڏن سياسي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان ڪنوينشن جو بيان پريس کي جاري ڪيو. جيڪو ڪجهه هن ريت ڪيو ويو “حڪمران ون يونٽ بل کي قانون ساز اسيمبليءَ مان پاس ڪري ان کي قانوني شڪل ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪو ۱۹۴۰ع جي لاهور واري ٺھراءَ جي نفي آهي، جنھن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن تي ون يونٽ مسلط ڪيو ويو آهي. غير جمھوري طريقي سان، اهو عوام جي حقن تي قبضو ڪرڻ جي برابر آهي ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندو، تنهنڪري اسان پرامن آئيني ۽ قانوني طريقن سان ان جي مزاحمت ڪنداسين ۽ پنجاب ۽ بنگال جهڙن وڏن صوبن کي گذارش ڪريون ٿا تہه سنڌ جي مفاد، اتحاد ۽ سالميت جي نالي تي، پاڪستان، ننڍن صوبن جي صوبائي خودمختياري کي پنھنجي خودمختياري جي تناظر ۾ ڏسو ۽ ان غير جمھوري عمل کي رد ڪريو.

ان دوران سيد صاحب بزم صوفياءَ جوڙي سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪيو، پر ۲۳ جون ۱۹۶۷ع تي سيد صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بزم صوفياءَ تي پابندي لڳائي وئي، کيس ڪنهن وڏي شھر ۾ علاج ڪرائڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. بيماريءَ سبب ان وقت جي گورنر محمد موسيٰ حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ ڪيل تقريرن ​​۾ چيو هو ته “حيدربخش جتوئي ۽ جي ايم سيد کي ان ڪري قيد ڪيو آهي جو هو ون يونٽ جي مخالفت ڪن ٿا، ون يونٽ جي ڳالهه لکڻ دوارن مونکي هڪ تاريخي ڳالھه ياد آئي ته ۱۹۸۰ واري ڏھاڪي ۾ پنھنجي گھر واري سان گڏجي ساڻس هڪ ملاقات ڪئي جنھن ملاقات دوران منهنجي گهر واري کي سائين جي نياڻي، جيجي دريشھوار سان ڪچھري جو موقعو مليو. مون سان ڪچھريءَ دوران سائين جي ايم سيد مونکي ون يونٽ جو اهو تاريخي قصو به ٻڌايو هو جيڪو مون مولا بخش لغاري ۽ چاچي علڻ ٿيٻو کان به ٻڌو هو ته جڏهن حيدر منزل تي ون يونٽ جي خلاف هڪ گڏجاڻي ٿي رهي هئي جنھن گڏجاڻي ۾ حيدر بخش جتوئي، عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا جنھن موقعي تي اوچتو بغير ڪنھن دعوت جي ذوالفقار علي ڀٽو هلندڙ گڏجاڻي ۾ اندر هليو آيو ۽ مونکي چيائين ته انڪل (ذوالفقار علي ڀٽو سائين جي ايم سيد کي پنھنجي والد شاھنواز ڀٽو سان دوستي جي تعلق سبب چاچا يا uncle چوندو هو). آئون به ايوب خان جي مڙهيل ون يونٽ خلاف توهان سان گڏ ڪم ڪندس. سائين ٻڌايو ته ان وقت حيدر بخش جتوئي، ڀٽو جي اوچتو اچڻ تي اعتراض ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو کان پڇو ته “ڇا تون شاهنواز ڀٽو کان اجازت وٺي پوءِ هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيو آهين؟ سائين ٻڌايو ته شاهنواز ڀٽو جي ڪري ذوالفقار مونکي گهڻو عزيز هو، ان ڪري مون حيدر بخش جتوئي کي راضي ڪري ۽ ٻين جي اجازت سان کيس گڏجاڻي ۾ ويھاريو، مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته سائين پلنگ تي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ پوءِ اوچتو سڌو ٿي ويٺو ۽ مونکي پنھنجي لائبريري ۾ وٺي وڃي ذوالفقار ڀٽو جو ٽائيپ ٿيل اهو خط ڏيکاريو جيڪو حيدر منزل جي گڏجاڻيءَ مان وڃڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کيس لکيو هو جنھن ۾ لکيو هئائين ته اَنڪَل آئون توهان سان ون يونٽ جي تحريڪ ۾ گڏ نٿو هلي سگهان ڇو جو بابا جو چوڻ آهي ته مونکي سنڌ جي نه، پر پاڪستان جي سياستدان ڪرڻي آهي، سائين ان دوران مونکي اهو به ٻڌايو جيڪو مون پوءِ سراج ڪلھوڙو جي ڪتاب ۾ به پڙهيو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ۱۱۰ ميمبرن مان ون يونٽ ٺھڻ جي خلاف ووٽ ڏيندڙ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي (بيريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو پٽ ضلعو عمر ڪوٽ). شيخ خورشيد احمد، ضلعو حيدرآباد، عبدالحميد جتوئي، ضلعو دادو، (جنھن جي پٽ لياقت علي جتوئي، جنهن جنرل مشرف جي دؤر حڪومت ۾ بحيثيت وفاقي وزير براءِ ايريگيشن ۽ پاور اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ آئون مھم هلائيندس) پير الاهي بخش ضلعو دادو، پير مظهر جو ڏاڏو سراج ڪلھوڙو پنھنجي ڪتاب (اڄ جي ڳالھه) ۾ افسوس ڪندي لکيو آهي ته ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد جي سامهون پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار ملڪ سڪندر (سردار ملڪ اسد جو پيءُ) جنھن اليڪشن کَٽي هئي، پر ضلعي دادو جي ان سردار به سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر طور ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.(جنھن جو پٽ ملڪ اسد ڪيترائي ڀيرا ايم پي اي، ايم اين اي رهڻ باوجود پنھنجي پيءُ جي نقشي قدم تي هلندي سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ جو ته ڪو به رڪارڊ قائم ته نه ڪري سگهيو آهي باقي جيئي سنڌ جو نعرو هڻندڙن کي چيڀاٽڻ ۾ ڪيترا ڀيرا پنهنجي تاريخ رقم ڪري چڪو آهي)

سراج لکيو ته دادو ضلعي جي سردار ملڪ سڪندر سميت باقي اسيمبلي جا جيڪي ميمبر هئا انھن سنڌ جو سودو ڪري ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنا، پاڻ وري ذڪر ڪيون ٿا گورنر محمد موسيٰ جي حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ ڪيل ان تقرير جو جنھن جو ذڪر آئون مٿي ڪري آيو آهيان ته محمد موسيٰ ان تقرير ۾ چيو هو ته اسان جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي کي ان ڪري قيد ڪيو هو جو هنن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي زمين غير سنڌين کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد ۾ سياسي تحريڪن کي زور وٺرايو ان دوران بنگال جي قومپرست اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان به ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ ان جي بحاليءَ لاءِ اسيمبليءَ اندر توڙي عوامي سطح تي سخت احتجاج ڪيا، جنھن کانپوءِ يحيٰ خان قومپرستن جي مسلسل جدوجھد بعد ون يونٽ جي اهميت ۽ وقت ۽ حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي پھرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ بنگال صوبا بحال ڪيا.

سائين جي ايم سيد جي قومي جدوجھد سان اختلاف رکندڙ سائين جي سچائي ۽ علم کي مڃيندي چوندا هئا تہه “سيد صاحب جي سياسي نظرين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو ۽ تعميري تنقيد به ڪري سگهجي ٿي، پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سيد صاحب جو علمي، ادبي ۽ ثقافتي موضوعن تي گهري مطالعي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هُن جديد قومپرستي کي ثقافت جو درجو ڏنو آهي ۽ تھذيب، ثقافت ۽ اجتماعي مفادن جو احترام ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هو قومن جي پنهنجي ڌرتي ۽ قومي تشخص سان محبت جو حامي هو. ان ڳالهھ کي اڄ سڀ تسليم ڪن ٿا ته سائين جي ايم سيد جي اڻ ٿڪ جدوجهد، فڪري ۽ سياسي تعليم توڙي قومي تحريڪ جي ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي جاکوڙ ۽ قربانين عيوض سنڌ جو آواز سڄي سنڌي دنيا تائين پھچي چڪو آھي.

سنڌ جي سدا حيات قومي رھبر شاھه عبداللطيف به سنڌ جي سُڪار سان گڏ عالم کي آباد رکڻ جي الله کي پارت ڪئي ھئي، سائين جي ايم سيد به ڪيترا ڀيرا شاھه لطيف جي ان بنيادي فلسفي جي تعريف تشريح ۽ تبليغ ڪندو رھيو ۽ پنھنجي ڪتاب؛ “دياراء دل داستانِ محبت” ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ۽ سائين چوندو رھيو ته اسان جي جدوجھد رڳو سنڌ جي آزاديءَ تائين محدود نہه آھي، پر سنڌ جي جدوجھد ترقي بني آدم لاءِ به آھي. انھيءَ فلسفي تحت سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪراچي نشتر پارڪ واري سالگرهه واري جلسي ۾ اقوام متحده جي نئين سر جوڙجڪ جو به خاڪو پيش ڪيو ھو.

جيئي سنڌ محاذ جي تڏھوڪي چيئرمين عبدالواحد آريسر ھڪ مثال ڏئي سٺي سمجهاڻي ڏني هئي ته جڏھن ڪا عورت پنھنجي گهر ۾ ھار سينگار ڪري ويھي ته سڀ سندس تعريف ڪندا، پر جيڪڏھن ھوءَ ھار سينگار ڪري پراون گهرن ۾ اجايو سجايو ليئا پائيندي رھندي ته کيس بَد لَڇڻ چيو ويندو. پنجاب وارا به پنھنجي ڏيھه ۾ ويھي بلي شاھه ۽ فريد جا ڪلام جهونگاريندا ته ڏاڍا فضيلت وارا سڏبا، پر جڏھن ھو ڪني عورت جيان پنھنجي سرحدن مان نڪري سنڌ ڏانھن ميري اک کڻندا ته اھي به ان ڪني عورت جيان آھن، سائين جي ايم سيد به ساڳي ڳالھه ڪندو هئو ته اسان ڪنھن جي آباد رھڻ ۾ اُرھا نه آھيون، بس اھو ٿا چاهيون ته ڪو اسان جي سنڌ امڙ ڏانھن ميري اک کڻي نه ڏسي.

جان جان هئِي جِيئري، ورچِي نہه ويٺِي،

وڃِي ڀُونءِ بيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا