; سنڌي شخصيتون: مصري خان مخمور مهيري

01 May, 2021

مصري خان مخمور مهيري

مصري خان مخمور مهيري

نالي وارو صحافي، ايوارڊ يافته ڪالم نگار ۽ عوامي شاعر جو تعارف ۽ پروفائل

حڪيم يوسف



آئون مصري خان المعروف ”مخمور مهيري“ ولد بهارو خان مهيري ۲۰ جنوري ۱۹۳۲ تي پنهنجي مٺڙي ڳوٺ ونگائي مهيري ديهه ملوڪ پور تعلقو ٽنڊو حيدر ضلع ٽنڊومحمد خان ۾ پيدا ٿيس. مون پنهنجي تعليم سنڌي فائنل ۱۹۵۲ع ۾ مڪمل ڪئي، ان کان علاوه مون پنهنجي سنڌي اديب واري امتحان ۾پوري سنڌ ۾ پهرين نمبر حاصل ڪيو. هن تر جا ۽ سموري سنڌ جا علم دوست ۽ادب دوست مونگي بحيثيت شاعر، اديب، تعليمي ماهر، مثالي استاد، ڪالم نگار، مبصر، تجزيه نگار، مثالي استاد ۽ سينئر صحافي  طور ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا. جيئن ته منهنجو اباڻو ڳوٺ ديهه ملوڪ پور آهي ”ملوڪ پور“ نالو مذڪوره ديهه تي ان ڪري پيو جو هن ديهه ۾ آڳاٽي وقت ۾سُٺا ۽ سُهڻا، نيڪ ۽ ملوڪ، انصاف پسند ۽ ايماندار ماڻهو رهندا هئا، جيڪي مهمان نواز، ملنسار، محبتي، مڻيادار، خوشبودار ۽ خدمتگار هوندا هئا، ملوڪ پور ۾ انبن، ٽالهين، ٻيرن، گيدوڙي، نمن ۽ ڄَمُن جا وڻ هوندا هئا، انهن وڻن تي چَتُن ۽ چيهن جون تنوارون، ڪوئل ۽ بلبل جون پوڪارون اصل من کي موهي وجهنديون هيون، کيتن ۾ فصل ڀلا ٿيندا هئا، پاڻي جام هوندا هئا، انهن خوبين جي ڪري ديهه جو نالو ملوڪ پور پيو.

 

منهنجي مٺڙي ڳوٺ ملوڪ پور ۾ مهيري، بخاري سيد، ڪلو، رند، لاشاري، جُوڻيجا، خاصخيلي، زنئور، انڙ ۽ مگسي برادرين جا وڏي ۾ وڏا راڄ ۽ ڳوٺ آباد آهن. مون ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول مان سُٺن نمبرن سان فائينل پاس ڪيو ۽ ۱۹۵۲ع کان ئي تعليم کاتي ۾ بحثيت هڪ استاد جي مقرر ٿيس، جيئن ته ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جا جذبا، ۽ اُجالن کي پنهنجو همسفر بنائڻ جا جذبا کوڙ سارا هئا، اسڪول ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ايڪسٽرا ايڪٽوٽي ٿيندي هئي ته ان ۾ ڀرپور حصو وٺندو هئس، ڳوٺ جي هر سماجي ڪم جي اڳواڻي خلوص نيت سان ڪندو هئس، ڪا سماجي يا سياسي تقريب ٿيندي هئي ته پنهنجي منفرد انداز سان ماڻهن جي دلين کي کٽي وٺندو هئس. ۱۹۶۰ ع ۾ پنهنجي ٽريننگ ڪاليج ۾ ٻن سالن جي ڪورس دؤران پنهنجي استادن، مولانا غلام محمد گرامي، ابن الياس سومرو ۽ ع ق شيخ کان گهڻو ڪجهه سکيو هئس، انهن نالي واري ماهر استادن جي زير سايه رهي، علم ۽ ادب جي انيڪ لڪيل رازن کي سمجهي ورتو هو. اهي استاد پنهنجي اولاد وانگر منهنجي تعليمي تربيت ڪندا هئا. جيئن ته ۱۹۶۰ وارو ڏهاڪو سنڌي ادب جو روشن ۽ يادگار عرصو ليکيو وڃي ٿو، انهيءَ عرصي ۾ جيڪي به ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا، ان ۾ وڏا وڏا شعله بيان، مقرر، ليکڪ، مايه ناز شاعر، ۽ اديب شرڪت ڪندا هئا انهن تقريبن مڙني مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ ضرور حصو وٺندو هئس. مونکان ڪا ورلي اهڙي تقريب بچي هوندي جنهن ۾ مون شرڪت نه ڪئي هجي. ان وقت مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي ڪتابن ۽ مضمونن جي هاڪ هوندي هئي، هو ڪامورن، وڏيرن، وزيرن، ۽ هٿ ٺوڪين  مرشدن جي بي راه روين جي خلاف انقلابي ۽ مزاحمتي ڪتاب ۽ ليک لکندو هو، سندس قلم ڪهاڙو هوندو هو، هن هڪ دفعي هفتيوار رسالي ”انسان“ ۾ مرشد جي ”واچ“ تي مضمون لکيو هو مون به پنهنجو مذاحيه مضمون ”ڪانچ“ ان رسالي ڏانهن ڏياري موڪليو منهنجو اهو مضمون پڙهي مرحوم بيحد خوش ٿيو۽ فوري اهو مضمون ان ۾ شايع ڪرايائين. ع ق شيخ هڪ وڏو استاد اديب هو ان ”گهاگهري“ تي سماج خلاف هڪ حساس مضمون لکي پڙهندڙن کي ڪافي متاثر ڪيو ان ئي عرصي دؤران مون ٽنڊو محمد خان ۾ ”ڪتن ۽ مرن“ جي ويڙهه تي ”مِروئان موت ملوڪان شڪار“ نالي سان مضمون لکيو جيڪو ان وقت جي ليکڪن ۽ اديبن تمام گهڻو پسند ڪيو هو. جيئن ته ۱۹۶۰ واري ڏهاڪي ۾ ان وقت جا شاعر ۽ ليکڪ مزاحمتي ۽ اخلاقي ادب جي صورت ۾ ظلم جي خلاف بي ڌڙڪ ٿي تمام گهڻي بهادريءَ سان لکندا هئا. ان زماني ۾ قبله سائين مخدوم طالب المولى جن جي” بزم طالب المولى“ جي هاڪ هوندي هئي ان ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعر، جهڙوڪ سائين مخدوم طالب المولى، غلام محمد گرامي، مولوي محمد نورنگ زاده کورواهي، مرحوم محمد خان مجيدي ، سرشار عقيلي، محمد خان غني، امداد حسيني، سرويچ سجاولي، انيس مهيري، منشي ابراهيم جن جا نالا ٽاپ تي هوندا هئا. ان وقت ۾ مولوي محمد ابراهيم ”انيس“ مهيري جيڪو مُنهنجو مهربان استاد هو ان  ” بزم ادب لاڙ“ قائم ڪئي هئي ان ۾ مستان احمد لغاري ”عاجز“ ۽ حيدر نظا ماڻي، ڪڙيو گهنور، قاضي احمد ڪاٺ ٻانڀڻ، گل محمد گل مهيري ۽ فتح محمد سمون لاکاٽوي لاکاٽ وارو مشاعرا ڪوٺائي ادب جي خدمت ڪندا هئا. سال ۱۹۸۰ ۾ سڄا سارا ۲۸ سال تعليم جهڙي معزز  پيشي سان وابسته رهڻ کان پوءِ باعزت اتان رٽائرڊ ٿيس،منهنجي رٽائرمينٽ جي الوداعي تقريب ۾ وڏي پيماني تي منهنجا شاگرد، استاد، ڳوٺن جي چڱن مڙسن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عزت ڀرئي نموني سان مونکي الوداعي آجياڻو ڏئي پنهنجي نيڪ تمنائن، گلن جي هارن، سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جي تحفن، ۽ تبرڪن سان حق قدرداني جي جذبي سان مونکي رخصت  ڪيو، منهنجي ان موڪلاڻي جو منظر مونکان اڄ به نه ٿو وسري. تعليم کاتي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ مون سماج ۾ بد عنوانين، بي انصافين ۽ بد امنيءَ کي نظر ۾ رکي عوام جي حقن جي حفاظت کڻي صحافت جي دنيا ۾ عوام جي مشهور ۽ مقبول نامور پراڻي اخبار ”عبرت“ ۾ نمائندي طور شموليت اختيار ڪئي، آئون ۳۰ سالن کان صحافت جي سفر ۾ صحافت جي کيتر، سيڪٽر ۽ فيڪٽر ۾ نمايان پنهنجون بي لوث خدمتون سرانجام ڏيندو اچان.، منهنجو ڪالم ”وڃي ٿيا ست خير“ سموري سنڌ ۾ ايتري قدر مقبول ٿيو جو ان وقت جي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف هٿان مونکي هڪ بهترين ڪالم نويس جو ايوارڊ اواري هوٽل ڪراچي ۾ هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب ۾ ڏنو ويو. منهنجي انهيءَ ڪالم اخبار عبرت جي معيار ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.ان ڪري  عبرت جي چيف ايڊيٽر ۽ مينجنگ ڊائريڪٽر جناب قاضي اسد عابد صاحب ۽ ان وقت جي عبرت اخبار جي ايڊيٽر صحافت جي وهائو تاري مرحوم خير محمد کوکر به منهنجو دلي قدر ڪندي مونکي اجرڪون پارائي مبارڪون ڏنيون ۽ ان کان علاوه اڳوڻي وفاقي  وزير مرحوم قاضي عبدالمجيد ”عابد“ پڻ مونکي شاعر عبرت جو لقب ۽ اعزار پڻ بخشيو.مون  پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل، گيت، وائي، بيت، قطعن، ۽ ٽيڙن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. منهجي شاعري جو مجموعو عنقريب ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو. ان کان علاوه سنڌ جي اڪثراخبارن ۽ رسالن ۾ منهنجي شاعري جا جذبا ڇپجندا رهندا آهن، اڃان تازو شاعرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪي ٽي اين تان منهنجي شاعري منهنجي زباني نشر ٿي آهي.بس منهنجي زندگيءَ جو مقصد صرف اهو آهي ته صرف ۽ صرف علم ۽ ادب جي تاحيات خدمت ڪندو رهان، ناانصافي ۽ ظلم خلاف جنگ جاري رهي، سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جيڪر منهنجي جان هلي به وڃي ته اها منهنجي ۽ منهنجي سموري خاندان وارن جي خوشنصيبي هوندي.

 

(نوٽ: مصري خان مخمور مھيري پاڻ خود سندس پروفائل لکايو ھو جيڪو صحافين جي البم ۾ اپلوڊ ڪيو ھيم. سندس مرتئي تي سندس زباني احوال ڏئي رھيو آھيان ياد رھي ته مرحوم مٿئين معلومات ٽنڊو محمد خان جي تاريخ لکڻ کان اڳ ڏنو ھو.)


 

مخمور مهيري

اکرن جي خمارن ۾ خماريل ليکڪ

اعظم ڀٽي

ماڻهو جڳ ۾ ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن، ياد رهندو آهي ته بس سندن ادا ڪيل ڪردار ۽ سندس شخصيت جا اهي پاسا جيڪي ڪا جوت جلائي ويندا آهن، ڪو ڏيئو ٻاري ويندا آهن, ڪو سج اڀاري ويندا آهن، اٺاسي سالن جي سراسري ڄمار ۾ سٺ سالن تائين پنهنجي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت وارو عرصو نه ته ڪو معمولي عرصو آهي نه ئي ڪو ننڍڙو عرصو آهي، ان سموري عرصي ۾ جيڪڏهن ڪو فرد ادارن جهڙو ڪم ڪري وڃي ته تاريخ ۾ سندس قد اڃان به وڌيڪ اوچو ۽ منفرد بڻجي بيهي ٿو ۽ ان فرد کي تاريخ ڪڏهن به ويسر جي ڪپڙي ۾ ويڙهي نٿي رکي يا سندس صلاحيتن سان ڀرپور ڪردار گهر جي ڪنهن ڪنڊائتي ڪٻٽ ۾ پوريل نٿو رهي.

تخليق جو عمل يا پورهيو تنقيد ۽ اختلافن کان آجو قطعي به ناهي پر تاريخ ۾ مانائتا ڪردار به اهي ئي رهيا آهن، جن کي تنقيد به نصيب ٿي ته وري انهن اختلافن جي جهان کي سانڍي رکيو. اهي ۽ کوڙ سارا حوالا ٻين ڪافي قلم ڌڻين جيان مصري خان عرف “مخمور” مهيري سان به واڳيل رهيا, هو جيڪو سمورن حوالن مان نفي جا ڪنڊا ڇڏي، ثبات جا گل ميڙي، پنهنجو وارو وڄائي هليو ويو هو هڪ دور هو جيڪو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو پر سندس حوالا شعور ۽ ساڃاهه جي سفر جو پرتوو بڻيل ضرور رهندا. مخمور مهيري جو اصل نالو مصري خان مهيري هو سندس والد جو نالو بهارو خان مهيري هو. مخمور مهيري جو جنم ۲۰ جنوري ۱۹۳۲ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ونگائي مهيري ديهه ملوڪ پور تعلقي ٽنڊي غلام حيدر ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو، هن سنڌي فائنل جو امتحان ۱۹۵۲ع ۾ پاس ڪيو، ان کان علاوه هن سنڌي اديب واري امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.

سموري سنڌ جا علم ۽ ادب دوست فرد کيس سينيئر صحافي، شاعر، اديب، استاد، ڪالم نگار، مضمون نگار، تجزيه نگار، مزاح نگار طور سڃاڻندا هئا. هن ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول مان فائنل جو امتحان پاس ڪيو ته کيس ان ئي سال يعني ۱۹۵۲ع ۾ تعليم کاتي ۾ بحيثيت هڪ استاد جي ڀرتي ڪيو ويو، ان دور ۾ ئي منجهس ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جا جذبا عروج تي پهتل هئا، هو ان وقت اسڪول جي تدريسي توڙي غير تدريسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو، پنهنجي ڳوٺ جي هر سماجي ڪم ۾ خلوص نيت سان حصو وٺڻ کي ته هو هڪ پرسڪون عبادت سمجهندو هو.

۱۹۶۰ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٻن سالن جي تربيتي ڪورس دؤران هن برک اديب غلام محمد گرامي، ابن الياس سومرو ۽ ع . ق شيخ کان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ واپرايو. اهڙن ناليوارن ماهر اديبن ۽ استادن جي نگراني ۾ منجهس علم ۽ ادب جي دنيا سان لنئون لڳائڻ جي سڪ جاڳي اٿي، جنهن سڪ ۽ ڇڪ جو جاڳي اٿڻ فطرت جي عين مطابق هو. ان دوران هن وڌي چڙهي علمي، ادبي، ثقافتي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي.

هي اهو دور هو جنهن وقت محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم جي لکڻين جي هاڪ هوندي هئي، جيڪي لکڻيون اڪثر هفتيوار رسالي “انسان” ۾ ڇپبيون هيون. مخمور مهيري به ان دور ۾ پنهنجو شروعاتي مزاحيه مضمون “ڪانچ” لکيو جيڪو ڏيپلائي صاحب کي بيحد وڻيو ۽ ڏيپلائي صاحب جي ڪوششن سان سندس اهو مزاحيه مضمون هفتيوار “انسان” رسالي ۾ شايع ٿيو، پوءِ ته سندس علمي ۽ ادبي سفر کي وڌيڪ اتساهه ملي ويو.

۱۹۸۰ع ۾ سرڪاري نوڪري جا ۲۸ سال تعليم جهڙي مقدس پيشي سان وابسته رهڻ بعد اتان رٽائر ٿيو، رٽائرمينٽ جي حوالي سان سندس مان ۾ منعقد ڪيل الوداعي تقريب سندس زندگي جي خوبصورت ۽ يادگار تقريبن ۾ شامل هئي. تعليم کاتي جي نوڪري مان فارغ ٿيڻ بعد هن سماج ۾ ٿيندڙ بدعنوانين، نا انصافين ۽ بدامنيءَ کي نظر ۾ رکي عوام جي سُورن، تڪليفن ۽ اهنجن کي اقتدار اعلي’ جي ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ هن صحافتي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ لڳ ڀڳ چاليهه سالن تائين صحافتي خدمتون سرانجام ڏنائين.“ وڃي ٿيا ست خير” جي عنوان سان سندس اخباري مضمونن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس اخباري ڪالمن ۽ مضمونن جو اهو سلسلو ايتريقدر مقبول ٿيو جو آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس) طرفان انوقت جي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف هٿان کيس هڪ “بهترين ڪالم نويس” جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو جيڪا تقريب آواري هوٽل ڪراچي ۾ پروقار طريقي سان منعقد ڪئي وئي هئي. انهي ايوارڊ ملڻ تي هو ته حد کان وڌيڪ خوش هو. ان کان پوءِ هن جي لکڻ جي رفتار به تيز ٿي ته وري هن شاعري تي به ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو .

توڙي جو سنڌ جي کوڙ سارين اخبارن توڙي رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي، ويجهي ماضي ۾ شاعرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چئنل تان سندس شاعري سندس زباني پڻ نشر ٿي. جنهن حوصلا افزائي کيس ڄڻ ته وري جوان بڻائي ڇڏيو هو. هن علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن جي بدولت ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيا.

سندس خواهش ۽ زندگيءَ جو مقصد اهو رهيو ته هو علم ۽ ادب جي تاحيات خدمت ڪندو رهي. هن ٽنڊي محمد خان جي تاريخ تي به شروعاتي مرحلي طور ڪم ڪيو، ان تاريخ تي کوڙ سارن ليکڪن ۽ محققن جا اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر هن ڄڻ ته شروعاتي طور بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلي “ ٽنڊو محمد خان جي تاريخي ۽ ترقياتي سفر” جي نالي سان ۲۰۰۹ع ۾ ڪتاب مرتب ڪري ڇپايو. جنهن بعد هن “موهن جو دڙو جي منظوم تاريخي ڪهاڻي سندس زباني” منظوم صورت ۾ لکي، جنهن ۾ مختصر پر منظوم شڪل ۾ سنڌ جي قديم، تاريخي ۽ ثقافتي تهذيب موهن جي دڙي جي تباهي جي ڪهاڻي، موهن جي دڙي جي زباني بيان ڪئي وئي، اٺن صفحن تي مشتمل هي مختصر ڪتابچو آڪٽوبر ۲۰۱۶ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جو شمار به سنڌي ٻولي جي مختصر ترين ڪتابن ۾ ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي جي سرتاج شاهه لطيف جي شاعري تي سندس لکيل مضمونن جو مجموعو “هلو تڪيا پسون تن جا” ۲۰۱۸ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن کي پڻ بهترين پذيرائي ملي.

سنڌي ٻولي جو هي علمي، ادبي، صحافتي ڪردار پنهنجي حياتي جي کوڙ سارين خواهشن کي عملي ويس پهرائي، پنهنجي وجود ۽ ڪردار کي پرسڪون بڻائي ۱۵ رمضان المبارڪ ۱۴۴۲ هجري مطابق ۲۸ اپريل ۲۰۲۱ع بروز اربع تي لطيف آباد، حيدرآباد جي “صحت ٽراما سينٽر” ۾ ڦڦڙن جي تڪليف سان نو ڏينهن جهيڙيندي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري بقا واري سفر ڏانهن روانو ٿي ويو. کيس سوين آلين اکين سان سندس اباڻي ڳوٺ ونگائي مهيري جي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.

بس سندس زندگي جي فقط هڪڙي خواهش اڌوري رهجي وئي، سا اها ته هو پنهنجي شعري مجموعي کي پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگهيو، جنهن جي رونمائي لاءِ هو زندگي جي آخري گهڙين تائين منتظر ۽ متحرڪ رهيو، بس هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس اڻڇپيل مواد کي ڇپائي عام آڏو آندو به وڃي ته ادبي تاريخ ۾ به محفوظ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هو هميشه اکرن جي خمارن سان خماريل رهيو، سندس خمارن جي تڪميل جو دڳ به سندس اڻڇپيل مواد جي ڇپائي ۾ ئي آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۳۰ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

آہ! مخمور مھيري...

مٺل جسڪاڻي

نالي وارو صحافي، بھترين ڪالم نويس جو ايوارڊ ماڻيندڙ اديب ۽ محقق، لاڳيتا ۳۰ سال عبرت سان سلھاڙيل رھي، شاعر عبرت جو خطاب ماڻيندڙ مصري خان ’مخمور مھيري‘ اربع ۲۸ اپريل ۲۰۲۱ع جي صبح، مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.

عوامي شاعر مخمور مهيري ولد بهارو خان مهيري ۲۰ جنوري ۱۹۳۲ تي سندس اباڻي ڳوٺ ونگائي مهيري، ديهہ ملوڪ پور، تعلقو ٽنڊو غلام حيدر، ضلع ٽنڊومحمد خان ۾ اک کولي.

مخمور مھيري ۱۹۵۲ع ۾ سنڌي فائنل مڪمل ڪئي، ان کان پوءِ سندس چوڻ، لکڻ موجب، ھن سنڌي اديب واري امتحان ۾، پوري سنڌ ۾، پهريون نمبر حاصل ڪيو.

مخمور مھيري جا نہ صرف عزيز، دوست ۽ پاڙيسري، پر سندس تر ۽ سڄي سنڌ جا ماڻھو، کيس علم دوست، ادب دوست، بحيثيت شاعر، اديب، تعليمي ماهر، مثالي استاد، ڪالم نگار، مبصر، تجزيہ نگار، مثالي استاد، سينئر صحافي، ليکڪ ۽ محقق طور ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا.

مخمور مھيري ۱۹۵۲ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪرڻ کان ئي تعليم کاتي ۾ بحثيت هڪ استاد جي مقرر ٿيو. استاد جا فرائض انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ ھن اسڪول ۾ ٿيندڙ سڀني قسم جي ھم نصابي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور حصو پئي ورتو.

مخمور سندس ڳوٺ سميت پاڙي ۽ آس پاس جي سماجي ڪم ڪار ۾ نہ صرف سرگرم رھيو، پر سندس ڳوٺ ۾ سماجي سرگرمين جي اڳواڻي بہ خلوص نيت سان ڪندو هو. ڳوٺ ۾ جڏھن بہ ڪا سماجي يا سياسي تقريب ٿيندي هئي، تہ پنهنجي منفرد انداز سان، ماڻهن جي دلين کي کٽي وٺندو هو.

مخمور پنھنجو تعارف ڪرائيندي ھڪ ھنڌ لکيو ھو، تہ ۱۹۶۰ع ۾، ٽريننگ ڪاليج ۾، ٻن سالن جي ڪورس دؤران، ھو پنهنجي استادن، خاص طور تي مولانا غلام محمد گرامي، ابن الياس سومرو ۽ ع. ق. شيخ کان گهڻو ڪجهہ سکيو. پاڻ انهن نالي واري ليکڪ ۽ ماهر استادن جي ڇانءُ ۾ رهي، علم ۽ ادب جي انيڪ لڪل رازن کي سمجهڻ بابت لکندي، اھو بہ لکيائين، تہ ”اهي استاد پنهنجي اولاد وانگر منهنجي تعليمي تربيت ڪندا هئا. جيئن تہ ۱۹۶۰ وارو ڏهاڪو سنڌي ادب جو روشن ۽ يادگار عرصو ليکيو وڃي ٿو، انهيءَ عرصي ۾ جيڪي بہ ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا، ان ۾ وڏا وڏا شعلہ بيان، مقرر، ليکڪ، مايہ  ناز شاعر، ۽ اديب شرڪت ڪندا هئا. انهن تقريبن دوران منعقد ٿيندڙ مڙني مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ ضرور حصو وٺندو هئس“. مخمور اھو بہ لکيو، تہ ”مون کان ڪا ورلي اهڙي تقريب بچي هوندي، جنهن ۾ مون شرڪت نہ ڪئي هجي. ان وقت مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي ڪتابن ۽ مضمونن جي هاڪ هوندي هئي. هو ڪامورن، وڏيرن، وزيرن ۽ هٿ ٺوڪين  مرشدن جي بي راه روين جي خلاف انقلابي ۽ مزاحمتي ڪتاب ۽ ليک لکندو هو. سندس قلم ڪهاڙو هوندو هو. هن هڪ دفعي هفتيوار رسالي ”انسان“ ۾ مرشد جي ”واچ“ تي مضمون لکيو هو. مون بہ پنهنجو مذاحيہ مضمون ”ڪانچ“ ان رسالي ڏانهن ڏياري موڪليو. منهنجو اهو مضمون پڙهي مرحوم بيحد خوش ٿيو ۽ فوري اهو مضمون ان ۾ شايع ڪرايائين“.

ع. ق. شيخ جي حوالي سان مخمور لکيو تہ ”ع. ق. شيخ هڪ وڏو استاد اديب هو ان ”گهاگهري“ تي سماج خلاف هڪ حساس مضمون لکي، پڙهندڙن کي ڪافي متاثر ڪيو. ان ئي عرصي دؤران، مون ٽنڊو محمد خان ۾ ”ڪتن ۽ مرن“ جي ويڙهه تي ”مِروئان موت ملوڪان شڪار“ نالي سان مضمون لکيو. جيڪو ان وقت جي ليکڪن ۽ اديبن تمام گهڻو پسند ڪيو هو“.

مخمور مھيري اھو بہ لکيو، تہ ”۱۹۶۰ واري ڏهاڪي ۾، ان وقت جا شاعر ۽ ليکڪ، مزاحمتي ۽ اخلاقي ادب جي صورت ۾، ظلم جي خلاف بي ڌڙڪ ٿي، تمام گهڻي بهادريءَ سان لکندا هئا. ان زماني ۾ قبلہ سائين مخدوم طالب الموليٰ جن جي”بزم طالب الموليٰ“ جي هاڪ هوندي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعر، جهڙوڪ سائين مخدوم طالب الموليٰ، غلام محمد گرامي، مولوي محمد نورنگ زاده کورواهي، مرحوم محمد خان مجيدي، سرشار عقيلي، محمد خان غني، امداد حسيني، سرويچ سجاولي، انيس مهيري، منشي ابراهيم جن جا نالا ٽاپ تي هوندا هئا. ان وقت ۾ مولوي محمد ابراهيم ”انيس“ مهيري، جيڪو مُنهنجو مهربان استاد هو، ان ”بزم ادب لاڙ“ قائم ڪئي هئي. ان ۾ مستان احمد لغاري”عاجز“ ۽ حيدر نظاماڻي، ڪڙيو گهنور، قاضي احمد ڪاٺ ٻانڀڻ، گل محمد گل مهيري ۽ فتح محمد سمون لاکاٽوي لاکاٽ وارو، مشاعرا ڪوٺائي، ادب جي خدمت ڪندا هئا.“

مخمور مھيري ۱۹۸۰ع ۾، لاڳيتا ۲۸ سال تعليم جهڙي معزز  پيشي سان وابستہ رهيو. سندس رٽائرمينٽ جي حوالي سان لکيائين، تہ ”باعزت رٽائرڊ ٿيس، منهنجي رٽائرمينٽ جي الوداعي تقريب ۾ وڏي پيماني تي منهنجا شاگرد، استاد، ڳوٺن جي چڱن مڙسن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، عزت ڀرئي نموني سان مون کي الوداعي آجياڻو ڏئي، پنهنجي نيڪ تمنائن، گلن جي هارن، سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جي تحفن ۽ تبرڪن سان، حق قدرداني جي جذبي سان، مون کي رخصت  ڪيو. منهنجي ان موڪلاڻي جو منظر مون کان نہ ٿو وسري“.

مخمور مھيري تعليم کاتي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، سماج ۾ بد عنوانين، بي انصافين ۽ بد امنيءَ کي نظر ۾ رکي، عوام جي حقن جي حفاظت کي مقصد بڻائي، صحافت جي دنيا ۾ عوام جي مشهور ۽ مقبول نامور پراڻي اخبار ”عبرت“ ۾ نمائندي طور شموليت اختيار ڪئي. سندس مطابق ”۳۰ سالن کان صحافت جي سفر ۾ صحافت جي کيتر، سيڪٽر ۽ فيڪٽر ۾ نمايان پنهنجون بي لوث خدمتون سر انجام ڏيندو اچان، منهنجو ڪالم ”وڃي ٿيا ست خير“ سموري سنڌ ۾ ايتري قدر مقبول ٿيو، جو ان وقت جي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف هٿان، مونکي هڪ بهترين ڪالم نويس جو ايوارڊ، ڪراچي ۾ هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب ۾ ڏنو ويو“. مخمور موجب ”منهنجي انهيءَ ڪالم اخبار عبرت جي معيار ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان ڪري  عبرت جي چيف ايڊيٽر ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر جناب قاضي اسد عابد صاحب ۽ ان وقت جي عبرت اخبار جي ايڊيٽر صحافت جو وهائو تارو مرحوم خير محمد کوکر بہ منهنجو دلي قدر ڪندي، مونکي اجرڪون پارائي مبارڪون ڏنيون ۽ ان کان علاوه اڳوڻي وفاقي  وزير مرحوم قاضي عبدالمجيد ”عابد“ پڻ مون کي شاعر عبرت جو لقب ۽ اعزار پڻ بخشيو. مون  پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل، گيت، وائي، بيت، قطعن ۽ ٽيڙوئن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. منهنجي شاعري جو مجموعو عنقريب ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو. ان کان علاوه سنڌ جي اڪثر اخبارن ۽ رسالن ۾ منهنجي شاعري جا جذبا ڇپجندا رهندا آهن، اڃان تازو شاعرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽي وي چينل تان منهنجي شاعري منهنجي زباني نشر ٿي آهي. بس منهنجي زندگيءَ جو مقصد صرف اهو آهي، تہ صرف ۽ صرف علم ۽ ادب جي تاحيات خدمت ڪندو رهان، نا انصافي ۽ ظلم خلاف جنگ جاري رهي، سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جيڪر منهنجي جان هلي بہ وڃي، تہ اها منهنجي ۽ منهنجي سموري خاندان وارن جي خوشنصيبي هوندي“.

مخمور مھيري جي شاعري وقت ۽ حالات جي نزاڪت موجب رھي. سندس ھيٺيون غزل موجودہ حالتن جي بھتر عڪاسي ڪندڙ چئي سگهجي ٿو. اوھان بہ پڙھو:

اچو پيار پوکيون جتي ڪٿي،

نفرتون روڪيون جتي ڪٿي.

ڇو  رلن   ٿيون  رستن  مٿي،

پنھوارن  پوتيون جتي ڪٿي.

وطن  پنھنجي  جون  ونيون،

اڄ   بہ  اوکيون  جتي ڪٿي.

ڀاڳڀرين  جون  بينڪن اڳيان،

پٽجن   چوٽيون  جتي ڪٿي.

ڀون  ھئي  ساري بکي  اميرن،

کاڌيون  ٻوٽيون  جتي ڪٿي.

سنڌ  کي جيڪي  سير وجھن،

تن  کي ٺوڪيون  جتي ڪٿي.

’مخمور‘ حرام  خور شوم سان،

جنگ  جوٽيون   جتي   ڪٿي.

آخري حرف

ــــــــــــــــــــ

مخمور انتھائي محبتي شخص ھو. مستقل مزاج ھو. سندس خلوص بي مثل ھو. آئون سندس مغفرت لاءِ دعاڳو آھيان ۽ ياد رھي تہ ھن تحرير لکڻ دوران حڪيم محمد يوسف کتري جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تي موجود مواد مان مدد ورتي وئي آھي.

(رپورٽرز پيج، روزاني عبرت حيدرآباد، جمعو ۳۰ اپريل ۲۰۲۱ع)

No comments:

راءِ ڏيندا