ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ
مسيحائي ڪردار وڇوڙي جو
وڍ ڏئي ويو!
اعظم ڀٽي
سنڌ جو مسيحائي ڪردار
ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ هميشه جي لاءِ وڇوڙي جو وڍ ڏئي، راهه رباني ڏانهن روانو ٿي
ويو. ٽنڊو محمد خان جي تاريخ ۾ تمام گهٽ اهڙيون شخصيتون آهن، جن جو هڪ ئي وقت
سياسي، سماجي، علمي، ادبي، ثقافتي، صحافتي ۽ انسان دوستيءَ وارو ڪردار اتساهه جو
سبب رهيو هجي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سماجن ۾ انساني فطرت جي لحاظ کان فردن توڙي
شخصيتن سان ذاتي توڙي نظرياتي اختلاف رکندڙ جو هڪ منفرد حلقو به ضرور موجود هوندو
آهي، جن اختلافن جي موسم ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جي کوڙ سارن پهلوئن تي نظراندازي توڙي
ويسر جي دز چڙهي ويندي آهي. ائين ئي ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي شخصيت به انهن روين
جي زد ۾ آيل رهي. منهنجي ڄاڻ موجب سياست جي آويءَ مان جيڪي سياسي ورڪر پچي، پختا ٿي،
سياسي اُڀار حاصل ڪري، ذاتي توڙي سماجي مجبورين سبب مختلف شعبن تائين ڦهلجي ويا، ڦري
گهري، وقت جي ورن وڪڙن مان نڪري اهي فرد ڏاڍا ڪميٽيڊ به ثابت ٿيا. تمام گهٽ ماڻهن
کي اها خبر هوندي ته ٽنڊو محمد خان ۾ جتي پيپلز پارٽيءَ جي بانيڪارن جي هڪ الڳ،
منفرد ۽ پوشيده تاريخ آهي، اُتي ان جي ذيلي تنظيم سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن
(سپاف) سان به ڪي ساڳيون حقيقتون قدر مشترڪ رهيون آهن. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ به
پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو بڻيل اهو ئي فرد هو، جيڪو ٽنڊو محمد خان ۾ سپاف جو بانيڪار
۽ پهريون آرگنائيزر رهيو پر هُو کوڙ سارين مثبت روايتن جو پڻ بانيڪار رهيو. ڊاڪٽر
نثار احمد ميمڻ ۱۲ فيبروري ۱۹۵۶ع تي ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ خان محمد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
سموري شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيائين. گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج
مان انٽر پاس ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم دوران هن شاگرد يونين ۽ سپاف جي پليٽ
فارم تان متحرڪ ڪردار ادا ڪندي، ڪيترين ئي سياسي، سماجي، ثقافتي، علمي، اصلاحي ۽
سرگرمين جون روايتون قائم ڪيون. انٽر بعد هو لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخل ٿيو.
تعليم جي حصول دوران ڦليلي جي ڪپ تي جنهن بنگلي ۾ سندن علم جي جوت ٻري ۽ نکري پئي،
اُهو بنگلو ته اڄ اهڙين سرگرمين لاءِ ويرانين جي ور چڙهيل آهي پر ڦليلي جي ڪپ سان
سندس ناتو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به قائم رهيو، جنهن ناتي کي اڌ صديءَ جي لڳ
ڀڳ جو وقت گذري ويو. ڦليلي جي ڪناري تي قائم ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جو به ته
سرگرمين جي لحاظ کان توڙي مقصدن جي سچائيءَ ۽ پروفيشنلزم سان اهو رعبدار رويو باقي
ناهي رهيو. جتي ڊاڪٽر نثار ميمڻ صحافتي زندگيءَ جا به ڏهاڙا گُذاريا. توڙي جو ڦليلي
جي انهيءَ ڪپ تي سندس اکين جي مرض متعلق قائم ڪلينڪ انسانيت جي خدمت جو فريضو ادا ڪندي
رهي، موجوده وقت ۾ ته علمي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي سرگرميون، جيڪي ڦليلي جي ڪپ ۽
پريس ڪلب جي ڪشادي اڱڻ لاءِ ڄڻ ته اوپريون بڻجي ويون آهن. بهرحال ڊاڪٽر نثار ميمڻ
پنهنجي شعور جي شروعاتي سفر ۾ مثبت اصلاحي سياسي سرگرمين بعد صحافتي سفر ۾ روزاني
عبرت ۽ آفتاب اخبار جي صفحن تي پنهنجي پورهيي جي جيڪا ڇاپ ڇڏي، اڄ جو نسل ان ڇاپ
کان بلڪل ناآشنا بڻيل آهي، ڊاڪٽر نثار ميمڻ جي زندگيءَ جا کوڙ سارا لڪل پهلو آهن،
جن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪڏهن وقت ڪڍي ان جي به اُپٽار ڪبي. موجوده هلندڙ دور
۾ سندس ذات انساني خدمتن جو اعلي' نمونو بڻيل رهي، جنهن سلسلي ۾ صحت جي سرگرمين جي
حوالي سان هُو اکين جو نُور ورهائڻ لاءِ سڄي سنڌ جهاڳيندو رهيو. پوءِ اُهو لاڙ هجي
يا ڪاڇو، ڪوهستان هجي يا ٿر، سموري سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون قائم ڪري انساني
خدمت جا فرض سرانجام ڏنائين. سندس اهو تحرڪ مسلسل رهيو پر ۲۰۱۶ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ بعد ان تحرڪ
۾ ويتر واڌارو آيو، هُو ڪُل وقتي سماجي ورڪر بڻجي اکين جي مفت ڪئمپن قائم ڪرڻ جي
علامت بڻجي ويو. ۲۰۱۹ع ۾ صرف ٽنڊو محمد خان ۾ هُن انهن ڪئمپن جي قيام جي شاندار گولڊن جُوبلي به
ملهائي، جيڪا تقريب ٽنڊو محمد خان جي يادگار تقريبن مان هڪ هئي ۽ ان موقعي تي
پنجاهه ڪئمپن جي مناسبت سان تاريخي سووينيئر به پڌرو ڪيائين. هُن عملي زندگيءَ ۾
خُدائي خدمتگار بڻجي پرينءَ جي پاڇي جهڙي ساري سنڌ ۾ ۸۹۴ اکين جي مفت ڪئمپن ۾ ۱۱۳۸۴۲ مريضن جا مفت آپريشن ڪيا ۽
لکين مريضن جا مفت ۾ معائنا ڪري سندن علاج ڪيو. انهن ڪئمپن توڙي ان سان سلهاڙيل
سرگرمين ۾ بهرو وٺندڙن کي هُن پاڻ به وڏي مڃتا ڏني. هُن ميڊيڪل آفيسر طور جيڪو سفر
شروع ڪيو هو، اهو سفر هڪ سرجن تائين اچي پهتو، جنهن دوران هو سنڌ جي مختلف اسپتالن
سان گڏوگڏ ٽنڊو محمد خان تعلقه اسپتال جو ايم ايس به رهيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي
جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر به رهيو. انهن سرڪاري عهدن کي ڇڏي ڪري هن لاتعداد فورمن تي
خاص طور مسيحائي شعبي جي حوالي سان اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. عالمي وبا ڪورونا
جي دوران سندس ادا ڪيل ڪردار ڪيترين ئي اکين لاءِ ڪنڊو به بڻيل رهيو. ان عرصي ۾
ھُن جيڪو ڪجهه ڀوڳيو، ان جو ڪنهن قدر آئون اکين ڏٺو شاهد به آهيان، ڪيتري ئي لفظي
۽ عملي تيراندازي باوجود هُن مايوسيءَ جي مم کي پنهنجا گوڏا چٽڻ نه ڏنا ۽ هو مسلسل
سفر ۾ رهيو. ان سفر ۾ ڪورونا جي وبا مجموعي طور ٽنڊو محمد خان ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان
سندس خاندان کي ئي ڏنو. سندس ڀائرن، سئوٽن کان ويندي سندس گهرواريءَ به ۲۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کانئس وڇڙي وئي، جنهن جو آخري ديدار به
کيس نصيب نه ٿيو. اڄ هُو خود به ڪورونا جي ان وبا خلاف جهيڙيندي جهيڙيندي راهه
رباني ڏانهن روانو ٿي ويو. شال سندس زندگيءَ جو سمورو سفر هڪ منفرد تاريخ جو پرتوو
بڻجي. ڊاڪٽر نثار ميمڻ ٽنڊو محمد خان ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي
سفر جو ساٿي رهيو. بعد ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو صدر ٿيو، بعد ۾ حياتي جي آخري وقت
تائين پي ايم اي سنڌ جو اهم عهديدار رهيو. هُو علمي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي
سرگرمين ۾ هر ڌُر جو ڀرجهلو رهيو، اهو ئي سبب آهي جو مسيحائي شعبي کان علاوه به
سندس شخصيت جا ٻيا به کوڙ گُوناگُون پهلو قدرِ لائق ۽ فخر لائق رهيا. تنهنڪري کيس
گهڻ رُخي انداز ۾ پرکڻ، پروڙڻ، ڏسڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ وقت ڏيڻ جي ضرورت
آهي. جيڪو وقت هاڻي اسانجي نئين ٽهيءَ لاءِ شديد سوچن ۽ عملن جو گهُرجائو آهي. ڊاڪٽر
نثار احمد ميمڻ ۱۶ شوال ۱۴۴۲ هجري مطابق ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع بروز جمعي تي وڇوڙي جو وڍ ڏئي هليو ويو، جيڪو لمحو نه رڳو ٽنڊو محمد خان
پر پوري سنڌ لاءِ صدين جي سوڳ جهڙو ڪارو باب آهي. ڊاڪٽر نثار ميمڻ جي وڇوڙي سان
صحت جو هڪ اهم شعبو ۽ ان سان سلهاڙيل لکين غريب، مسڪين بي سهارا اکين جا مريض يتيم
بڻجي ويا آهن، پر آئون سمجهان ٿو سماجي ورڪرن، اهلِ علم ۽ ساڃاهه وند طبقي جي هڪ وڏي
اڪثريت به ڄڻ لاوارث بڻجي وئي آهي. سندس تدفين وقت ٽنڊي محمد خان جي “مولو ميمڻ جي
قبرستان” ۾ مدفون مُردن جي رُوحن جي ته خبر ناهي ڇا حالت هوندي پر ڪاري رات جي پاڇن
۾ ان قبرستان جي اردگرد لُڙڪن جي برسات کي شايد ڪو به روڪي نه سگهي! هُن کي الاءِ
ته ڇو دل مرحوم لکڻ تي به آماده نٿي ٿئي. ڇو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو،
ادارا جڏهن موڪلائيندا آهن ته سُلجهيل معاشرن ۾ ماتم برپا ٿي ويندو آهي. ان ماتم
کي ماٺو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ، پنهنجي مشن جي تڪميل
لاءِ پونئرن ۾ پنهنجا پُٽ نويد نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نديم ميمڻ، انجنير نعيم ميمڻ،
انسپيڪٽر نسيم ميمڻ، انجنيئر ناظم ميمڻ، انجنيئر نبيل ميمڻ ڇڏيا آهن، جن جي ڪُلهن
تي تاريخ وڏي ذميداري عائد ڪري ڇڏي آهي. شال صبر جي دامن کي مضبوطي سان پڪڙي ڊاڪٽر
جا اهي پونيئر ۽ وارث پنهنجي والد جي نالي کي تادم روشن رکي سگهن. آمين.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
اڳوڻو ڊي ايڇ او نثار
ميمڻ ڪورونا سبب فوت
ٽنڊو محمد خان (ڊ
ر)
ٽنڊو محمد خان جو اڳوڻو
ڊي ايڇ او ۽ سنڌ جو ناليوارو اکين جي آپريشن جو ماهر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڪرونا
وائرس سبب فوت. سندس اوچتي وڇوڙي تي پي ايم اي پاران ۳ ڏينهن سوڳ جو اعلان.
خبر موجب ٽنڊو محمد
خان ۾ اڳوڻو ڊي ايڇ او ۽ سنڌ جو ناليوارو اکين جي آپريشن جو ماهر ڊاڪٽر نثار احمد
ميمڻ ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ ڪرونا وائرس سبب حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.
هُو هڪ هفتي کان حيدرآباد ۾ ڪرونا سبب انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ داخل هو ۽ کيس وينٽيليشن
تي رکيو ويو هو، جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
هن سڄي سنڌ ۾
هزارين بي نور ماڻهن جي اکين جا آپريشن مفت ڪيا ۽ مفت ڪئمپون قائم ڪرڻ جو اعزاز پڻ
حاصل ڪيو. سندس مڙھ کي حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان پهچايو ويو. جنهن کانپوءِ رات
دير سان سندس ابائي قبرستان مولو جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويئي. سندس جنازي نماز ۾
علائقي جي سياسي سماجي مذهبي، ادبي، علمي، صحافتي، ڊاڪٽرن، وڪيلن توڙي شهر جي اهم
شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ اڳوڻي ڊي ايڇ او صحت ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي ڪرونا سبب وفات تي پي ايم اي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ شاگردي دور ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) سان به لاڳاپيل رهيو، هن ۲۰۱۹ع ۾ صرف ٽنڊو محمد خان ۾ مفت ڪئمپن جي قيام جي شاندار گولڊن جوبلي تقريب به ملهائي, جيڪا تقريب ٽنڊو محمد خان جي يادگار تقريبن مان هڪ هئي ۽ ان موقعي پنجاهه ڪئمپن جي مناسبت سان تاريخي سووينيئر به پڌرو ڪيائين, ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڪرونا وائرس جي بچاءُ لاءِ پڻ سرگرم رهيو، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ سندس پٽن نويد نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نديم ميمڻ، انجنيئر نعيم ميمڻ، انسپيڪٽر نسيم ميمڻ، انجنيئر ناظم ميمڻ، انجنيئر نبيل ميمڻ ۽ ٻين سان وڇايل تڏي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
نور ورهائيندڙ مسيحا جو
موت!!
فيض کوسو
منهنجي، ٽيھ سال کن
اڳ، جڏهن ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن به هو سنڌ جي مختلف علائقن
۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳائي ماڻهن ۾ نور پيو ورهائيندو هو. هن مون کي به قائل ڪيو
ته آئون به پنهنجي ڳوٺ ۾ اکين جون ڪئمپون لڳرايان ته جيئن غريب ماڻهن جي اکين جو
مفت علاج ۽ آپريشن ٿي سگهي. سندس چوڻ تي مون پنهنجي ڳوٺ ۾ لاڳيتيون ۸ ڪئمپون لڳرايون
هيون ۽ اسان کي رڳو انهن ڪئمپن ۾ مريضن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو
پوندو هو.
جڏهن ته آپريشن کان
ويندي لينسز ۽ دوائن تائين جو سمورو خرچ ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ پاڻ ۽ سندس دوست
برداشت ڪندا هئا. آپريشن کانپوءِ جڏهن مريضن جي اکين تان پٽيون لهنديون هيون ۽ ماڻهن
جي اکين ۾ نور ٻيهر موٽي ايندو هو تڏهن انهن جي دل مان نڪرندڙ دعائن جي ڪري ئي شايد
اڄ به ڪا مصيبت ويجهو نٿي اچي. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جو تعلق ٽنڊو محمد خان سان
هو. هو حيدرآباد جي اکين جي اسپتال کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي سرڪاري اسپتالن ۾
اکين جي ماهر ڊاڪٽر طور پنهنجون خدمتون انجام ڏئي چڪو هو.
هن ڪئمپن جي شروعات
پنهنجي شهر کان ڪئي ۽ هر سال اتي ڪئمپ لڳرائيندو رهندو هو. سندس صدر واري خانگي ڪلينڪ
به غريب مريضن لاءِ ڪئمپ جهڙي هوندي هئي. دوستن لاءِ ته سندس اها ڪلينڪ اوطاق جهڙي
هئي جو جڏهن به اتي سندس دوست ويندا هئا ته هر طرح جي خدمت چاڪري ڪري پوءِ منجهائن
هٿ ڪڍندو هو. هو ڳچ عرصو ٽنڊي محمد خان جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر به رهيو ۽ ڊي ايڇ او
مقرري دوران به هن ڪئمپن مان هٿ نه ڪڍيو.
سنڌ ۾ شايد ئي اکين
جي علاج جو ڪو اهڙو ڊاڪٽر هجي جنهن ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جيان ڪارونجهر کان وٺي
دادو ۽ ٽنڊي محمد خان کان وٺي عمرڪوٽ تائين ڪئمپون لڳايون هجن. سندس دوستيءَ جي ڪري
منهنجي ٻين شعبن جي ڊاڪٽرن سان به گهري دوستي ٿي وئي جن ۾ اسان جو پيارو دوست پروفيسر
ڊاڪٽر مظفر علي شيخ، ٻارڙن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي ۽ طوطن پيءُ
يعني ڊاڪٽر عزيز ٽالپر شامل آهن.
آئون ۽ ڊاڪٽر
چنديرام شاهاڻي سائين نثار ميمڻ کي سڏيندا ئي “گرو” هئاسين. هو سچ پچ هو به گرو.
دوست جڏهن کانئس ڪاوڙبا هئا ته هو دڙڪا داٻا ۽ پيار ڏئي کين مڃائي وٺندو هو. هن جو
حيدرآباد وارو گهر به مهمان خاني جيان هو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي گهرواري جيڪا پڻ
5 ڏينهن اڳ انتقال ڪري وئي آهي سا اڪيلي سر سندس دوستن جي پنهنجي ڀائرن جيان پئي
خدمت چاڪري ڪندي هئي.
ٻئي زال مڙس ايترا
ته نيڪ ۽ نفيس هئا جو کين ڏسندي ئي ماڻهو کي مٿن پيار اچي ويندو هو. ڊاڪٽر نثار
احمد ميمڻ رڳو مريضن ۾ نور ئي نه ورهايو پر هن پنهنجي دوستن ۽ احبابن ۾ محبتون به
ورهايون. اڄ جڏهن سندس انتقال کانپوءِ مون ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي کي فون ڪئي ته هن
آهه ڀريندي چيو ته ادا ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي تعزيت اسان هڪٻئي سان ئي ڪري سگهون
ٿا ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي مٽن مائٽن جيان اسان جو به رڳو دوست نه پر ويجهو مائٽ هو ان
ڪري جتي اها تعزيت سندس پونيئرن سان ڪري سگهجي ٿي اتي اسان پاڻ به هڪٻئي سان تعزيت
ڪري سگهون ٿا.
ڊاڪٽر نثار احمد
ميمڻ هڪ اڻ ورچ انسان هو. هو پابندي سان پنهنجي سرڪاري نوڪري سان گڏ اهڙي ئي
پابندي سان هر سال مختلف هنڌن تي ڪئمپون ڪندو هو ۽ راتين جو راتيون جاڳي ماڻهن جي
اکين جا آپريشن پيو ڪندو هو. صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿي سندس پڇبو هو ته پتو پوندو
هو ته هو رات ئي واپس هليو ويو ۽ صبح جو هشاش بشاش ماڻهن جيان پنهنجي سرڪاري نوڪري
تي موجود هوندو هو. هن کي سياست جو به گهڻو شوق هوندو هو. گهڻو ڪري هو پاڪستان ميڊيڪل
ايسوسيئيشن ۾ سرگرم رهيو.
تازو ئي هو صوبائي
سطح تي پي ايم اي جي نئين باڊي جو عهديدار ٿيو هو. هو روزي نماز جو انتهائي پابند
انسان هو. گردن ۾ تڪليف جي باوجود هن رمضان المبارڪ جا سمورا روزا رکيا. عيد
کانپوءِ سندس طبعيت خراب ٿي وئي ۽ نيٺ هن جمعي جي صبح جو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر
نثار احمد ميمڻ جهڙا مسيحا صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ٽنڊي محمد خان جي مٽيءَ کي سرخ
سلام هجي جنهن اهڙو مسيحا پيدا ڪيو جيڪو ڪڏهن به ورچي نه ويٺو ۽ سدائين کاهوڙين
جيان پنڌ ۾ رهيو. چوندا آهن ته نيڪ ماڻهن جا روح سدائين آسودا ۽ خوشحال رهندا آهن
سو مون کي يقين آهي ته جسماني طور اسان سڀني دوستن کان هميشه لاءِ موڪلائڻ بعد به ڊاڪٽر
نثار احمد ميمڻ جو نيڪ روح سدائين خوشحال ۽ آسودو رهندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به مرڻا
نه آهن ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو انسانن لاءِ جيئن ٿا سي موت پڄاڻان به سدائين ماڻهن جي
دلين ۾ زنده رهندا آهن.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا