محمد صالح سومرو ابڙاڻي
سنڌ جو ناميارو اديب ۽
تعليمي ماهر
مظھر خاصخيلي
ڪالهه اربع جي ڏينهن
۲۶ مئي تي صبح جي وقت ساهتي پرڳڻي سميت سنڌ اندر بهترين استاد، شاعر، اديب ۽
سنڌي ٻولي جو ماهر محمد صالح “ثاقب سومرو ابڙاني” هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، جنهن جي
جسماني وڇوڙي تي صرف ساهتي پرڳڻي ۾ نه پر سموري سنڌ اندر سوڳ وارو ماحول آهي. جيئن
سندس ٻول آهن جن کي سنڌ جي گهڻن ناليوارن فنڪارن ۽ فنڪارائن پنهنجي، پنهنجي انداز
۽ آواز ۾ ڳايو آهي، جنهن ۾ سندس سادي سٻاجهي طبيعت جو سمورو عڪس سمايل آهي، پاڻ
هيئن چيو اٿائين ته:
ملي ڪين ٿو ڪجهه
اميرن جي در تان،
اچو فيض ماڻيون
فقيرن جي در تان...!
هنن سٽن جيان سموري
زندگي فقيري واري انداز سان گذاريندڙ سادي طبيعت جو مالڪ اصول پرست هر ڪنهن کي
منهن تي سچ چوندڙ سائين ثاقب جو نانءُ هاڻي زبان تي تري ٿو اچي ته اندر مان آواز ٿو
نڪري ۽ دل تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ته ڇا واقعي استاد محمد صالح ثاقب سومرو ابڙاني
هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو ۽ هو اسان کان جسماني طور تي موڪلائي هليو ويو آهي، جتان
وري ڪڏهن ڪير موٽي ناهي آيو؟ اها ڳالهه هوريان هوريان پنهنجي دل کي مڃرائڻ جي ڪوشش
ڪريان پيو، ڇو ته جن سان روح جا رشتا هوندا آهن ۽ جن سان من اندر جون ڳالهيون ڪندي
سڪون ملندو آهي، انهن جو ائين اوچتو جسماني وڇوڙو جيءَ ۾ ڪهڙا جهير وجهندو آهي. ان
ڳالهه جو احساس به ان ماڻهوءَ کي ٿيندو آهي، جنهن پنهنجن پيارن جي لاش کي ڪلهن تي
کڻي آخري مقام تائين پهچائي قبر ۾ لاهڻ وارا منظر پنهنجن اکين اڳيان ڏسي انهن جي مڙهه
کي مٽي ۾ لاهي هٿن پيرن سان سندن مڙهه کي لَٽيو هوندو، ان ڪري سائين ثاقب سومرو
جنهن پنهنجي سموري زندگي ۾ ڪڏهن به اسڪول کان نه گسايو، جيستائين پاڻ رٽائر نه ٿيو،
ان ڳالهه جا اهي سمورا استاد شاهد آهن جن به محمد صالح سومرو سان گڏ ڊيوٽي ڪئي
آهي. ان ڪري نوشهروفيروز ضلعي سميت سموري سنڌ ۾ کيس بهترين استاد طور ياد رکيو
ويندو. هن استادن جي حقن لاءِ پنهنجي محسن دوست سائين راشد مورائي جنهن کي هو
پنهنجو مرشد به سڏيندو هو، ان سان گڏجي پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان ڀرپور جدو جهد ڪئي
۽ ان دوران کيس ڪافي دفعا تر جي وڏيرن ڀوتان سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو ۽ کيس ڪيترائي ڀيرا
تڪلف ڏني وئي، جنهن دوران پاڻ مستقل مزاج ٿي بيهي ڏيکاريو ۽ ۱۹۸۸ ۾ ابڙان شهر اندر سنڌي ادبي سنگت شاخ جو
بنياد وڌو، جنهن جي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا
هئا ۽ انهن گڏجاڻين مان مون سميت سنڌ جي
ناليوارن شاعرن سائين جعفر شاهه، محرم چنو، وفا ڪوڙ چنو ۽ سائين لياقت شاهه سميت ڪيترن
نوجوانن گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پرايو. ان ڪري آخري وقت تائين پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل
رهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان جو ميمبر رهيو. سندس شاعري سنڌ جي سمورن ناليوارن
فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي آهي. سندس ڪيترائي ڪلام مشهور آهن جن ۾ سنڌ جي ناليواري فنڪار
ممتاز لاشاري جي آواز ۾؛
بي درد ڪهن ٿا پيا
اولاد اٻوجهن جو،
يا رب سڻج ڪو فرياد
اٻوجهن جو،
يا وري ٻيو اٿس ته؛
عجب شهر منهنجو ابڙان
جاني،
اچي ٿيءُ هيڪر
مهمان جاني.
ثاقب سومرو پنهنجي
سموري زندگي سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙيل رهيو ۽ ناليواري قوم پرست اڳواڻن
خالق جوڻيجو ۽ عبدالواحد آريسر ۽ ٻين سان گڏ ڪم ڪيو، جڏهن ته سوين مضمون ۽ مقالا
مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن، پاڻ ڪيترائي سنڌي ڊراما لکيا، جيڪي اسٽيج
جي دنيا جي وڏن نالن جنگ خان پنهور، صديق پنهيار ۽ ٻين پيش ڪرايا، جيڪي سنڌ ۾ گهڻي
شوق سان ڏٺا ويندا هئا، جن ۾ معاشري جي عڪاسي ٿيل هوندي هئي ۽ ان سان گڏ نصيحت جو
سبق ملندو هو، جيڪي اڄ اسٽيج ڊراما ڄڻ ته موڪلائي ويا آهن، اهڙا نصيحت ڀريا اسٽيج ڊراما
جيڪي سنڌ جي انهن بهترين لکندڙن لکيا هئا جن جو سماج مان ناانصافيون برائيون ختم ڪرائڻ
وارو ڪم ساراهه جوڳو آهي. اهڙن سنڌ جي عاشقن جي نالن لکڻ واري لسٽ جڏهن ٺهندي ته
ان وقت ثاقب سومرو جو نالو ان لسٽ ۾ مٿانهون لکيو ويندو، هيءُ اهڙو محبتي ماڻهو دل
جو دلبر انسان هوندو هو، جنهن سان ڪنهن به هڪ دفعو ڪچهري ڪئي هوندي، اهو کيس ڪڏهن
وساري نه سگهندو، سندس شاعري ۱۰ کان مٿي ڪتابن جيتري اڻ ڇپيل پيل آهي. باقي پاڻ جڏهن رٽائر
ٿيو ته پنهنجي پينشن جي پئسن مان پاڻ پنهنجو هڪ ڪتاب شاعري جو “لوساٽيل لالاڻ” ڇپايو.
جيڪو سنڌ جي ڪافي لائبريرين ۾ موجود آهي. بهرحال، سنڌ جي ادب لاءِ سندس ڪيل خدمتون
هميشه ياد رکيون وينديون.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا