; سنڌي شخصيتون: خير محمد کوکر

30 May, 2021

خير محمد کوکر

خير محمد کوکر

سنڌ جو ارڏو ۽ خوددار صحافي

غلام حسين خاصخيلي



مون لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته روزاني عبرت جي ايڊيٽر خير محمد کوکر سان گڏ صحافت ۾ ڪم ڪيو، خير محمد کوکر منھنجي تحقيقاتي رپورٽن کي تمام گھڻو پسند ڪندو هو، هن سان گڏجي مون ڪيترن ئي مشھور سياستدانن، اديبن ۽ شاعرن جا انٽرويو ڪيا، سنڌ جي نامياري سياستدان ممتاز علي ڀٽو جو اسان گڏيل تاريخي انٽرويو حيدرآباد جي سرڪٽ ھائوس ۾ ورتو هو، اھو تاريخي انٽرويو روزاني عبرت ۾ شايع به ٿيو. سنڌ جو مشهور صحافي، روزاني عبرت جو اڳوڻو ايڊيٽر، خير محمد کوکر ۱۹۳۴ع ۾ حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ پيدا ٿيو. هن بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ ڊبل ايم اي ڪيائين.

صحافت جي شروعات ۱۹۵۱ع ۾ روزاني’ڪاروان‘ اخبار کان ڪيائين ۽ اُتي ڪيترا سال نيوز ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ڪجهه عرصو روزاني ’مهراڻ‘ جي ڪراچيءَ واري آفيس ۾ به نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ان دوران هو ’ڳوٺ سُڌار‘ رسالي لاءِ به لکندو رهيو. هي عبدالغفور سيتائيءَ جي ادارتي هيٺ نڪرندڙ اخبار روزاني ’نواءِ سنڌ‘ جو رپورٽر به رهيو. جڏهن قاضي ڀائرن قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان ۱۹۵۸ع ۾ هفتيوار ’عبرت‘ خريد ڪري، ان کي روزاني ’عبرت‘ ڪري شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد کيس عبرت ۾ وٺي آيو ۽ هي روزاني ’عبرت‘ جو پهريون نيوز ايڊيٽر بڻيو. 

سال ۱۹۶۹ع ۾ شيخ علي محمد جي عبرت اخبار ڇڏي وڃڻ کانپوءِ خير محمد کوکر کي عبرت جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. عبرت جوائن ڪرڻ بعد هن کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪرڻ سميت مختلف ادارن مان آڇون ٿيون، پر هن عبرت کي نه ڇڏيو، اخبار جي شروع ٿيڻ کان وٺي زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. هن روزاني عبرت کي زندگيءَ جا ۴۸ سال ڏنا. خير محمد کوکر نه رڳو اعليٰ پايي جو ايڊيٽر هو، پر سٺو ليکڪ به هو. هن ڪيترائي مضمون ۽ سفر ناما لکيا، جيڪي روزاني عبرت ۾ شايع ٿيا. سندس لکيل ايڊيٽوريل کي به سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي، جنهن دوران روزاني ’عبرت‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. ايڊيٽر هجڻ باوجود هو اخبار ۾ ڪارڪن وانگر ڪم ڪندو هو. صبح جو سوير آفيس اچڻ کان پوءِ رات جو اخبار ڇپجڻ تائين آفيس ۾ ويٺل رهندو هو ۽ هر شيءَ جي نگراني پاڻ ڪندو هو. 

خير محمد کوکر وڏي صحافي هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي انتهائي سادي نموني گذاري. حيدرآباد پريس ڪلب جي قيام پٺيان به هن جون وڏيون محنتون ۽ ڪوششون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جي مختلف عهدن تي به رهيو. مارشل لا واري دؤر ۾ جڏهن ميڊيا جا ذريعا سرڪاري عتاب جو شڪار هئا ۽ اخبارن مان خبرون سينسر ڪيون وينديون هيون، ان دؤر ۾ به خير محمد کوکر ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سچ تي پردي پوشي نه ڪئي. ڪيترا دٻاءَ پوڻ جي باوجود عوام جي آواز کي پٺي نه ڏنائين. خبرن کان وٺي ايڊيٽوريل تائين هن عبرت کي عوام جي اخبار بڻايو. عبرت سان سندس وابستگي باقي سڀني شين کان وڌيڪ هئي. هو سچو ۽ کرو صحافي هو. خير محمد کوکر سموري ڄمار شادي نه ڪئي ۽ شاديءَ جي حوالي سان پڇجندڙ سوالن جو جواب ڏيندي چوندو هو: “مون صحافت سان شادي ڪري ڇڏي آهي.” سنڌ جو هي ارڏو ۽ خوددار صحافي، ۲۳ مئي ۲۰۰۶ع تي ۷۲ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ آهي، سندس صحافتي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو وينديو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا