ڊاڪٽر نظير شيخ
هڪ دور جي شاهدي
بخت جمال شيخ
عيد جي شام آخر
دکدائڪ خبر ملي، جنهن جو کٽلو گذريل هفتي کان هر وقت دل ۾ هو. پر پوءِ به خبر بريڪ
ٿيڻ سان سڀني ويجهن جون دليون بريڪ ٿي ويون. هو هونءَ ته ڏيڍ سال کان بيماري
سامهون بيٺو رهيو ۽ قمبر جي لاهي چاڙهي بازار وانگر لاهيون چاڙهيون لهندي نيٺ چڙهي
ويندو هو، پر تازو ڪورونا جي ڪاپاري ڌڪ کيس ڌڪي وڌو. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر بشير،
جيڪو سندس پرگهور ڪندو هو، سو اسانکي سهسائي سهسائي بري خبر لاءِ تيار ڪندو هو.
سندس منع ڪرڻ باوجود مان ۽ منهنجو سوٽ، مجدد شيخ جيڪو سندس ڪلاس فيلو ۽ ننڍپڻ جو
ويجهو دوست به آهي، ٻه ٻه ماسڪ پائي نيٺ SIUT هيٺان
پهتاسون ۽ سندس جسم کي ايڌي جي ايمبولينس ۾ سخت حفاظتي انتظامن هيٺ منتقل ڪيو پئي
ويو، جنهنجي سفيد چادر تي نظير شيخ 131 / COVID19 لکيل هو جيئن کيس
سڃاڻي سگهجي. اعتبار ئي نه پئي آيو ته پنهنجون پريشانيون لڪائي سڀني کي کلائيندڙ
نظير شيخ خاموش ٿي ويو آهي.
نظير شيخ ۽ اسان هڪ
ئي شهر ۽ پاڙي ۾ رهندا هئاسون ۽ ساڳين سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهياسين، پر هو اسان کان هڪ
سال سينئر هو. مجدد ۽ مرحوم نثار شيخ سندس ڪلاس فيلو ۽ جگري دوست هئا. سندس ڪلاس ٽيچر
طالب شاھ ڪلاس ۾ ماڊل اسلامي حڪومت ٺاهي هئي، جنهنجو هو اميرالمومنين هو، جنهنجي
بيت المال مان غريب شاگردن جي ڪتابن، يونيفارم ۽ هيئرڊريسنگ وغيره لاءِ مالي مدد ڪئي
ويندي هئي. نظير شيخ کي اميرالمومنين پاران ان بيت المال جو سيڪريٽري مقرر ڪيوويو
هو، جيڪو ڪنهن به امداد جي منظوري ڏيندو هو. جنهن جي هر جمعي تي نماز کان پهريائين
گڏجاڻي ٿيندي هئي. هو مسجدن ۾ پنهنجي سريلي آواز ۾ حمد ۽ نعت جا مولود به پڙهندو
هو، جنهن کان پوءِ طالب شاھ جو جمعي جو خطبو شروع ٿيندو هو، ته ان ئي ماستر جي ٻنيءَ
تان گاھ ڪري سندس واڙي تي به پهچائيندو هو، جنهن ۾ نثار ۽ مجدد ساڻس ساٿي هوندا
هئا ۽ گهر وارن کان لڪي لڪي مرلي ٽاڪيز (سينيما) ۾ ميٽني شو تي محمد علي ۽ سڌير جون
فلمون به ڏسندا هئا. ان زماني ۾ سينيما ۾ فلم ڏسڻ کي به اخلاقي طور اوترو ئي خراب
سمجهيو ويندو هو جيترو سگريٽ ڇڪڻ کي! ان زماني۾ شڪارپور ۾ بوسٽر لڳڻ سبب نئين نئين
پي ٽي وي ڏسڻ ۾ آئي هئي ۽ شوق ۾ الحمد کان قومي تراني تائين سڀ خبرون، اشتهار ۽
پروگرام ڏسبا هئا. وي سي آر جي آمد اڃا نه ٿي هئي.
هن جو شمار اسڪول
جي هوشيار شاگردن ۾ ٿيندو هو. سندس صورتخطي پاڻ ۽ سندس خاندان جي فردن جيان خوبصورت
هوندي هئي ۽ هو پنهنجي پاڙي، اسڪول ۽ شهر جو پسنديده ماڻهو سمجهيوويندو هو. پڙهائڻ
کان علاه ڪرڪيٽ ۽ بيڊمنٽن کيڏڻ سندس پسنديده مشغلا هئا. هو پاڪستان اسڪائوٽ جو ميمبر
به هو، اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ قومي ترانو به پڙهندو هو، اسٽيج ڊرامن ۾ به حصو وٺندو
هو. ستر جو ڏهاڪو هڪ منفرد ڏهاڪو هو. جنگ ختم ٿيڻ، بنگلاديش ٺهڻ، جمهوريت بحال ٿيڻ
سبب خوشحالي جو دور هو. بوڪ بينڪس، لائبرريون، ڊبيٽنگ سوسائٽيز کلي ويون هيون.
اسان لاڙڪاڻي جي پاڪستان نيشنل سينٽر جي لائبرري جا ميمبر ٿيا هئاسون. ايوب ۽ مان
جڏهن به جناح باغ ۾ قائم ان سينٽر جي پهرين ماڙ تي ويندا هئاسين، تڏهن ايناٽومي جو
ٿلهو ڪتاب گريز ايناٽامي جو هڪ صفحو ضرور کولي ڏسندا هئاسين. اتي مختلف تقريري
مقابلا ٿيندا هئا. هڪ دفعي اسان تعليم جي تباهي جو ذميدارڪير؟ استاد يا شاگرد ۾
حصو ورتو هو. ڀٽي صاحب جي شخصيت سبب نوجوانن ۾ مقبول ٿيڻ، دوهيندار تقرير ڪرڻ، خوش
لباس ٿيڻ، انگريزي ڳالهائڻ، ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان ئي زماني ۾ هڪ ڪمال
ٿيو. سراج صاحب جي هلال پاڪستان اخبار ۾ محمود يوسفاڻي جي ادارت ۾ گلن جهڙا ٻارڙا
جو ٻارن لاءِ هفتي وار صفحو شايع ٿيڻ شروع ٿيو. قلمي دوستين جو رواج پيو. ڪهاڻيون،
شعر ۽ شاعري، تقريري مقابلا، غير نصابي ڪتاب پڙهڻ، سائنس ۽ سائنسدانن جي زندگي
بابت پڙهائي شروع ٿي. بعد ۾ سڄي سنڌ ۾ گلن جهڙا ٻارڙا جي تنظيم قائم ٿي، جنهن ٻارن
جي شخصيت کي نکاريو. خدابخش ابڙو، ناصر جمال پٺاڻ، غفران عاقلاڻي، اخلاق انصاري
انجا بانيڪار هئا. هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون جنهن۾ اسان بيهي بيت پڙهندا
هئاسون. پهريان ٻين جون لکيل پڙهندا هئاسون پوءِ پنهنجون لکڻ شروع ڪيون، ترجما ڪيا.
نظير انجو جنرل سيڪريٽري، ڀائو ٻرڙو آرگنائيزر، محبت ٻرڙو، ظفر قادري ۽ عظيم سومرو
انجا سرپرست هئا. صحبت ٻرڙو، اعجاز شيخ ۽ سومرو، اياز شيخ، حضور بخش شيخ، ايوب
شيخ، نظير شيخ، مجيد ٻرڙو ۽ مان انجا عهديدار هئاسون. ميٽرڪ پاس ڪئيسون ته جمهوريت
ختم ٿيڻ بعد SST
ٺهي ۽ باجماعت ان ۾ شامل ٿياسون، بعد ۾ انجا
مک عهديدار قمبر جي گلن جهڙا ٻارڙا جي انهن عهديدارن مان ئي ٿيا. ان سنگت ۾ رستم ٻرڙو
جي سئلون تي ويهي دنيا جي هرشيءِ تي بحث ٿيندو هو. جمهوريت، آمريت، سوشلزم، ڪميونزم،
ادب، امرجيل، جمال ابڙو، آغا سليم، آرٽ، تقرير، مريخ، موناليزا، سائنس، ايڊيسن،
آئن اسٽائن، ڊيل ڪارنيگي، قليچ بيگ، رسول بخش پليجو، ارسطو، مذهب، شيعا، سني، عشق،
سونهن، محبت، پيار، لڙائي، ماراماري! مطلب ته دنيا جو ڪهڙو موضوع آهي جنهن تي
گفتگو نه ٿيندي هجي. معشوق بلوچ فزڪس سمجهائيندو هو. ان دور۾ ئي نوان ميڊيڪل،
انجنيئرنگ ڪاليج کلي ويا هئا. خاص طور لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نون روڊن جو ڄار وڇايو پئي
ويو. ان ئي زماني ۾ طارق اشرف پنهنجي “سهڻي” ۾ لکيو هو ته “ڪاش! سنڌ جا سڀ روڊ لاڙڪاڻي
مان نڪرن ها.!” نظير جو والد چاچو واليڏنو هڪ انٽرپرونر هو. هن دڪان بهِ هلايو، ڪائونسلر
به ٿيو ته ٺيڪيداري به ڪيائين. لاڙڪاڻو سيوهڻ روڊ جو هو اي ڪلاس جو ٺيڪيدار هو. اڪثر
هاسٽل ۾ ايندو هو ۽ وڏا ڀاڪر وجهي اسانکي چميون ڏيندو هو. نظير جي شخصيت ۾ڪجھه گڻ
ساڻس مشابها هئا. پر چاچي جي صحت سندس ساٿ نه ڏنو ۽ خاص ڪري سندس نوجوان پٽ رفيق
شيخ جي جنوري ۱۹۸۴ع ۾ جوانيءَ ۾ حادثاتي موت کيس جهوري ڇڏيو ۽ هو ٽن سالن بعد ئي جناح اسپتال
۾ ۵۷ سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. هن پنهنجو گهر “منظور منزل” ٺهرايو ۽ سڀني پٽن ۽
نياڻين کي پڙهايو.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا بعد ايوب شيخ ۽ شفقت سومرو سندس ويجها دوست هئا، پر جيئن غير مطمئن ناراض نياڻين جو گهڻو وقت ساهرن بجاءِ پيڪن ۾ گذرندو آهي، تيئن هو به اڪثر چانڊڪا بجاءِ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ گهمندي ڦرندي نظر ايندا هئا، جتي هڪ ئي شهر جا گل ميتلو، بشير شيخ، حميد شيخ، پريتم داس ۽ مان هڪ ئي ڪلاس ۾پڙهندا هئاسون، ڇوته پوئتي سندن ڳولا جاري هوندي هئي. سندس وفات بعد مختلف مائٽن ۽ دوستن سان ڳالهائڻ بعد معلوم ٿيو ته هر هڪ ماڻهوءَ وٽ نظير جي الڳ الڳ ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪٻئي کان مختلف آهي، پر سڀني جي هيڊلائين ساڳي آهي ته هو هر فن مولا هو ۽ ڪچهري جو مور هو. هر عمر جي ماڻهن سان بنا ڪنهن جنسي مت ڀيد جي پهرين ڪچهريءَ ۾ ئي ائين واقف ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪو سندس سالن کان واقف هجي. هر عمر جي عورتن سان ملڻ مهل هو منهنجي ننڍي ڀاءُ مرحوم آفتاب وانگر پري کان ئي ٻانهون کولي ڇڏيندو هو ۽ ويجهو اچڻ تي حالتن آهر هو هڪ هٿ سندن مٿي تي رکڻ جي به تياري ڪري ڇڏيندو هو. هر عمر جي ماڻهوءَ کي کلائڻ لاءِ ريڊي ميڊ آکاڻين ۽ لطيفن جو اسٽاڪ وٽس موجود هوندو هو، جنهن ۾ هو نواڻ به آڻيندو رهندو هو. ماسات عبدالخالق ٻڌايو ته جڏهن به هو پريشان ٿيندو هو تڏهن هو نظير کي فون ڪندو هو ۽ پنجن منٽن جي ڪال بعد هو بنا في جي ذهني طور ائين نئون بنو ٿي ويندو هو، ڄڻ ته ڪنهن نفسياتي ماهر کان علاج ڪرائي آيو هجي. ائين نظير جا ڪئي پاسا هئا جن مان ڪيترن پاسن جي ڪنهن کي به خبر نه هوندي هئي ۽ نه ئي ان جو ذڪر ڪندو هو. مولودن پڙهڻ جو ته کيس اڳي ئي تجربو هو ۽ سريلي آواز سبب هن اياز ۽ بخاري جون وايون ڳائڻ شروع ڪيون، جنهن سان محفلون گرم ٿي وينديون هيون. شادين ۾ ميندين ۾ نياڻين سان “مني بدنام هوئي” تي ڊانس ڪري سڀني کي جهومائي ڇڏيندو هو. هو نه رڳو اڳواڻ پر فرمانبردار ڪارڪن به هو ۽ ڪنهن ذميداري کان ڪنڌ نه ڪڍندو هو، انڪري ئي کيس سندس پارٽي جنهنکي هن عمر ڏني ۽ جنهن ۾ هو اچ وڃ ڪندو رهندو هيو، اڄ سرخ سلام پيش ڪيو آهي.
هو سچو، کرو، بي ڊپو
۽ بي ضرر هو. هو همٿ ٻڌائڻ وارو ۽ هٺيلو آدرشي نوجوان هو، جنهن پنهنجي پسند جي
زندگي پنهنجي مرضي سان گذاري۽ ڪنهن رٽائرمينٽ جي انتظار ۾ نه رهيو. هن لاڙڪاڻي مان
صوبائي اسيمبلي جي چونڊ به وڙهي ۽ جمهوريت جي جدوجهد توڙي قومي ۽ هاري حقن لاءِ
جدوجهد ۾ سرگرمي سان حصو ورتو. ڪيترين موتمار بيمارين باوجود هو هشاش بشاش ۽
پنهنجي عمر کان جوان لڳندو هو. هڪ دفعي جڏهن هو SST جو جنرل سيڪريٽري
ٿيو ۽ اسان اقبال حيدر مرحوم سان ملڻ مڊايسٽ اسپتال سامهون کهڙو گارڊن ۾ سندس اپارٽمينٽ
وياسون ته اقبال حيدر ويهڻ سان پهريون سوال پڇيو ته نظير پختون آهي؟
ڪورونا سبب سندس
خاندان تڏي کي محدود ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي پر فيس بوڪ جي وال تي وڇايل تڏو شاهد آهي
ته نظير واقعي هڪ بينظير انسان هو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۱۷ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر نظير شيخ
پرين جي پنڌ جو پانڌيئڙو
منير چانڊيو
جيتوڻيڪ ان ڏينهن
اسان پاڻ سنڌ ڌرتيءَ جي سٻاجھي سپوت ڊاڪٽر نظير شيخ جي جسد خاڪيءَ کي مٽيءَ ماءُ
جي هنج حوالي ڪري آيا آهيون، پر اسانجي هيءَ جيڪا دل آهي، سا ڄڻ مڃڻ لاءِ تيار ئي
نه آهي، ته هو اسانجي وچ ۾ نه رهيو آهي. هن جيڪي هزارين ماڻهن جي هجومن ۾ انقلابي
گيت ڳايا هئا، سي هر وقت اسانجي ڪنن ۾ ٻري رهيا آهن.
اجهڻ کان مچڻ ۾ مزو
ٿو اچي
جھجھڙ ٿي جيئڻ ۾
مزو ٿو اچي
ياهڙڪ هلو هو ڌيمان
هلو هو.
پنڌ پري هو ڪير ڪري
هو
واٽ اواٽي ڏيل ڏري
هو
پوءِ به پرين جو پنڌ
ڀلو هو
سچ ته هن پنهنجي
پوري شعوري زندگي انهن ٻنهي انقلابي گيتن جي بنيادي اصولن موجب گذاري. هڪ ته “پرينءَ
جي پنڌ ۾” هو هميشه هڙڪ هلندو رهيو، ٻيوته هو ننڍپڻ کان ويندي پنهنجي مرڻ گهڙيءَ
تائين جھجھڙ ٿي جيئندو رهيو. هن پنهنجي ننڍپڻ ۾ قمبر شهر جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪرڪيٽ
کيڏڻ کان ويندي، “گلن جهڙا ٻارڙا” ۾ قومي ۽ انقلابي گيت ڳائڻ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي
اڳواڻ طور دنيا جي انقلابن، انقلابي تحريڪن ۽ سياسي ادب جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ ۽
عوامي تحريڪ جي اڳواڻ طور سنڌ ۽ ملڪ جي مظلوم ۽ محڪوم عوام جي قومي، طبقاتي ۽
جمهوري حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ، جنرل ضياءَ جي قهري مارشل لا جي خلاف سخت جدوجهد ڪرڻ،
اينٽي ڪالا باغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي ۽ اينٽي ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي ۾ ڀرپور مزاحمتي ڪردار
ادا ڪرڻ ۽ انکانپوءِ آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي سرپرست جي حيثيت سان ادبي ۽ ثقافتي
سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تائين ڀرپور کان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. “لوئي دين” جي مشهور
نظم تي آخر تائين ڪاربند رهندي پنهنجي علم ۽ ذهن کي قوم جي امانت سمجهي ان جي
حفاظت ڪندو رهيو.
“ياد رک! ته
تنهنجو ذهن ۽ علم
تنهنجي قوم جون تو
وٽ امانتون آهن،
متان انهن کي قوم ۽
وطن جي ويرين وٽ وڪڻي
ڪا نوڪري وٺين ۽
گيدي ٿي مرين.”
۱۹۸۷ع ۾ ڊاڪٽر نظير شيخ ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪئي، ان دور ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر
وڃي سرڪاري صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿيا، ڪيترائي وڃي فوج ۾ ڪئپٽن ڊاڪٽر ٿيا ۽ ٻين
وڃي ٻيا سرڪاري اعزاز حاصل ڪيا؛ پر هو ته پنهنجن ويڙهيچن سان وچن “قالوبلا” واري
وقت ڪري چڪو هو. ڪنهن غريب سان پوليس جو مسئلو آهي، ته ڀڄي اچي وٽس پهچندو، ڪنهن
مسڪين سان وڏيري جو مسئلو آهي، ڪنهن بيواهي انسان جو روينيو ۾ مسئلو آهي يا
اسپتال، اسڪول يا يونيورسٽي جو هر قسم جي راهه خير ۾ هو اڳيان اڳيان هوندو. هو
پنهنجي جوهر ۾ هڪ همدرد ۽ هڏڏوکي انسان هو.
ڊاڪٽر نظير شيخ جو
سهڻو سڀاءُ، نيڪ نيتي ۽ زنده دلي هن جي شخصيت جا اهڙا عنصر هئا، جن هن کي سنڌ جو
هردل عزيز سياسي، سماجي ۽ ثقافتي اڳواڻ بڻائي ڇڏيو هو. ۱۵ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي سندس وڏي ڌيءَ جي شاديءَ واري تقريب ۾
سنڌ جي سموري سياسي۽ سماجي قيادت جو ۽ علمي ۽ ادبي ڏاهپ جو هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ ان
جو عمدو مثال آهي.
ان ڏينهن هو ڏاڍي
خوش ۽ هشاش بشاش پئي لڳو، شايد ڪنهن جي بد نظر کيس کائي رکيو جو انکان تڪڙو ئي
پوءِ کيس دل جو عارضو ٿي پيو ۽ کيس دل جو آپريشن ڪرائڻو پيو، اڃان ڪجھه عرصو ئي
خير جو مس گذريو ته وري کيس کاٻي پير جو مسئلو ٿي پيو، نتيجي طور تي وري پير جي ان
اڀاڳي آپريشن ۾ سندس آڱوٺو ۽ آڱر ڪٽي وئي.
هن اڃان اهي ڌڪ مس
پچايا جو وري سندس اک جو مسئلو ٿي پيو ۽ ان جو آپريشن ڪرايائين. چوڏهن مهينن تائين
هن کي مسلسل اڪيلو رکيو ويو، ڇو ته اها سندس صحت جي حوالي سان وقت جي اهم ضرورت هئي
پر هيڏانهن به ڊاڪٽر نظير هو، روز ميلا مچائڻ ۽ محفلون سجائڻ وارو ڊاڪٽر نظير، جنهن
کي دوستن کانسواءِ ڪٿي هو سڪون ۽ آرام ملڻ وارو!
هن چوڏهن مهينن
تائين ڪراچيءَ جي اسپتالن ۽ گهر ۾ رهي هر بيماري کي مات ڏني ۽ جيئن حيدرآباد جي
هوائن ۾ واپس وريو ته سندس دوستن جي هن کانسواءِ هن جي پنهنجي دوستن کانسواءِ نه
سري سگهي.
۱۶ اپريل ۲۰۲۱ع تي سندس ايڪهٺين سالگرهه هئي، دوست ڪيڪ ۽ گلن جا هار وٺي آيا، ڳائي وڄائي
دوستن خوب محفل سجائي، ان کان اڳ ۽ پوءِ به دوست ايندا ويا هئا، نه ڄاڻان ڪنهن وٽان
کيس نڀاڳي وبا ڪورونا کيس لڳي ۽ سندس ڦڦڙن ۽ ڇاتي کي ڪاپاري ڇيهو رسائي وئي ۽
نتيجي طور تي پنهنجي گهر ڀاتين کان سندن جاني (گهر ۾ سڏجندڙ نالو)دوستن کان سندن
دادلو، دلربا دوست ۽ سنڌ ڌرتيءَ کان سندس سٻاجھو ۽ سچو سپوت هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
ڊاڪٽر نظير شيخ جهڙا
املهه هيرا اسان کان جسماني طور تي ته جدا ٿي سگهن ٿا، پر هو روحاني طور تي سدائين
اسان سان گڏ هوندا آهن، جن جي لازوال قربانين ۽ جدوجهدن تي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جو
عوام سدائين ناز ڪندو رهندو آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۲ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ
ڊاڪٽر نظير شيخ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو
حيدرآباد (بيورو
رپورٽ)
عوامي تحريڪ، سنڌ ڊيموڪريٽڪ
فورم ۽ ايم آر ڊي ۾ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ انقلابي ڪردار ڊاڪٽر نظير شيخ ۶۲
سالن جي عمر ۾ ڪورونا سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڊاڪٽر نظير شيخ جو
مڙهه ڪراچي مان حيدرآباد آڻي ڪينٽ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز
۽ تدفين ۾ سندس دوستن، احبابن ۽ مختلف سياسي توڙي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ
۾ شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر نظير شيخ ۱۹۵۹ع ڌاري قمبر شهر ۾ واليڏنو خان شيخ جي گهر ۾ جنم
ورتو. هن پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين جي تعليم قمبر مان حاصل ڪئي ۽ انٽر جو
امتحان ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. ۲۰ مئي ۱۹۸۰ع ۾ هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾
داخلا ورتي ۽ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي، جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ ايم آر ڊي تحريڪ
جي ڪري سندس تعليم سخت متاثر ٿي ۽ پنجن سالن واري ڊگري هن ستن سالن ۾ حاصل ڪئي، ڊاڪٽر
نظير شيخ ۱۹۷۵ع کان گلن جهڙا ٻارڙا نالي تنظيم جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪئي
۽ پوءِ هن ۱۹۷۷ع ڌاري سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ حصو ورتو. هو سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي
جنرل سيڪريٽري به رهيو. سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ڪري هو عوامي تحريڪ
جي سربراهه رسول بخش پليجو جي گهڻو ويجهو رهيو ۽ بعد ۾ عوامي تحريڪ ۾ اچڻ جي ڪري
کيس رسول بخش پليجو جو ويجهو ساٿي سڏيو ويندو هو. هو 8 سال نامياري اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر
ايوب شيخ سان گڏ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل جي هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رهيو ان ڪري هو
هڪٻئي جا تمام گهڻو ويجها دوست رهيا. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو وٺڻ جي ڪري
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، ڊاڪٽر نظير شيخ ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ
جي گرفتاري لاءِ سخت ڪوششون ڪيون پر ڊاڪٽر نظير شيخ ٿرپارڪر ۾ روپوشي اختيار ڪئي
جنهن سبب هو گرفتار نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڊاڪٽر ايوب شيخ جنگشائي ۾ روپوشي اختيار ڪئي.
ڊاڪٽر نظير شيخ اختلافن جي ڪري عوامي تحريڪ کي ۲ ڀيرا الوداع ڪري سنڌ ڊيموڪريٽڪ
فورم ۾ به رهيو، اهو فورم نامياري دانشور محمد ابراهيم جويو، يوسف لغاري ايڊووڪيٽ،
ابرار قاضي ۽ ٻين قائم ڪيو هو، جنهن ۾ هو به شريڪ ٿيو. هن ٻيهر عوامي تحريڪ ۾
شموليت اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ هو اختلافن سبب ڪنڊائتو ٿي ويو. ڊاڪٽر نظير شيخ کلڻي ملڻي
طبعيت جي ڪري هر دلعزيز شخصيت طور سڃاتو ويندو هو. کيس علم، ادب ۽ راڳ سان خاص
دلچسپي هئي، ۽ پاڻ به سنڌي توڙي اردو شاعري ٻڌائڻ سان گڏ جهونگاريندو به رهندو هو.
ڊاڪٽر نظير شيخ ڪيتري ئي عرصي کان دل، شگر ۽ جگر جي بيماري سان جهيڙيندو رهيو. شگر
جي بيماري جي ڪري هو تمام گهڻو ڪمزور به ٿي ويو هو. تازو ئي هو حيدرآباد ۾ ڪورونا
جو شڪار ٿيو جنهن سبب کيس ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري
ڇڏيو. هن عيد جي ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس لاڏاڻي جي خبر سنڌ جي علمي، ادبي،
صحافتي ۽ سياسي حلقن ۾ سوڳ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر نظير شيخ انقلابي ڪردار
سان گڏ صوفي منش انسان هو ۽ هن پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي ترقي، خوشحالي ۽ سنڌي ماڻهن
جي اتحاد ۽ ايڪي لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. هن جيتوڻيڪ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي پر ڪڏهن
به ڪلينڪل پريڪٽس نه ڪئي. هن هڪ پٽ تيمور شيخ، ۳ نياڻيون، هڪ بيواهه ۽ دوستن جو هڪ
وڏو حلقو سوڳوار ڇڏيو آهي. سندس تڏو قاسم آباد جي علي پيلس واري علائقي ۾ سندس
رهائشگاهه تي وڇايو ويو آهي، جتي سندس پونئيرن سان عذرخواهي جو سلسلو جاري آهي.
عذرخواهي ڪندڙن ۾ يوسف لغاري ايڊووڪيٽ، جامي چانڊيو، قمر راجپر، اسلم شيخ، مشتاق
نظاماڻي، ڊاڪٽر بدر چنا، مهيش ڪمار، عامر رضا ميمڻ ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي. سندس ٽيجهي
جون رسمون به ادا ڪيون ويون.
(ڏھاڙي ٽائمز نيوز ۾ ۱۶ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر نذير شيخ
لٽيل قافلي جو آخري
مسافر ۽ اتساهه وارو دور
نثار کوکر
ان ڏينهن لاڙڪاڻي
جي چٽ واري ڇتي گرميءَ ۾ شام جو ڪيڏانهن نڪتو پئي ويس ته اوچتو ڀائو درمحد جي فون ڪال
آئي. جيڪا مون تڪڙ ۾ اٽينڊ ڪئي ته ڀائو ميارون ڏيڻ ۾ شروع ٿي ويو ابا وڏو ماڻهو ٿي
ويو آهين الائي ڇا جو ڪتاب کنيون وتان ٿو، ٻن مهينن کان توکي ڳوليندو ٿو وتان، تون
آهين جو ملين ئي نٿو. يڪساهي ايتريون ميارون ڏيڻ بعد پڇيائين هن مهل ڀلا آهين ڪٿي؟
سندس ميارون اکين تي رکي چيم ڀائو لاڙڪاڻي آهيان چانڊڪا پل پيو ڪراس ڪيان ته ڀائو
هڪدم حڪم ڪيو ته اتي ئي بيهه مان به اتي ئي ٿو اچان. ٿوري دير ۾ ڀائو پنهنجي
نوجوان پٽ ۽ پنهنجي ٻن ڪتابن سميت اچي نڪتو. ڪتابن جو تحفو ڏيڻ کان اڳ هڪ دعوت
نامو ڏيندي چيائين يار ڊاڪتر نذير شيخ جي ياد ۾ پروگرام پيو ڪرايان پر اچڻو ضرور اٿئي.
مون اهو دعوت نامو پڙهيو ۽ تڪڙ ۾ ها ڪئي. اهو دعوتنامو سندس نئين تنظيم اجرڪ سنڌ ۽
ڊاڪٽر نذير شيخ جي ڀائرن ڀينرن پاران ڇپرايل هو. مونکي اها ڳالهه دعوت نامو ڏسڻ
مهل ئي ذهن ۾ آئي جيڪا ڳالهه ڪجهه ڏينهن بعد ٿيل پروگرام ۾ سينئر سياسي سماجي ورڪر
پنهل سارئي ڪئي. پنهل اسٽيج تان بيهي چيو ته اسان جڏهن جواني واري جوش ۾ ڪنهن به سياسي
تنظيم جو حصو هوندا آهيون ته تنظيم جو ورثو هوندا آهيون پر بدقسمتي سان جڏهن جيل يا
اذيت گهرن يا موت جي صورت ۾ اسان جي مالڪي ڪرڻ صرف رت جي رشتيدارن ۽ ذاتي دوستن جي
ذميواري بڻجي ويندي آهي. مونکي پنهل جا لفظ ٻڌي اهي سٽون ياد اچي ويون ته سياسي ڪارڪن
سياري جي مند جون اهي سڪل ڪاٺيون هوندا آهن جن کي ساڙي اڳواڻ پنهنجا هٿ سيڪيندا
آهن. پر هاڻ ان ذڪر ۾ پونداسين ته اهو بحث ئي
هڪ الڳ مڪالمي جو گهرجائو ٿي ويندو، تنهن ڪري پاڻ هلون ٿا پنهنجي دوست جي
ياد طرف جنهن کي ڀائو درمحمد ٻرڙي ڪنهن بهاني ياد ضرور ڪيو. منهنجي دل نٿي چوي ته ڪو
ڊاڪٽر نذير شيخ کي مرحوم لکان ڇو ته ٻارڙن جهڙي شرارت ڪري زنده دلي سان ٽهڪ ڏيندڙ ماڻهو کي مرحوم ڪيئن ٿو
سڏي سگهجي. ڊاڪٽر نذير شيخ ستر ۽ اسي واري زماني جي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي ان
مالها جو يا موتين واري هار جو حصو هو جنهن
سنڌ ۾ نئين سياسي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ روشن خيال سياست متعارف ڪرائي.ان دور جي نهايت
ذهين ۽ قابل نوجوانن سنڌ جي بهتر مستقبل جا خواب ڏٺا ۽ انهن خوابن جي ساڀيان خاطر
رات جي راڪاسن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڪيترائي عذاب پڻ سٺا. سنڌ جي اها ڪيڏي نه
بدقسمتي آهي جو جنهن قمبر شهر جو ستر اسي ۾ تعارف ڊاڪٽر نذير شيخ ۽ زاهده شيخ جي روشن
خيال سياست هو ان قمبر جو هاڻي هڪ دقيانوسي، رجعت پرستي ۽ جاگيرداراڻو تعارف وڃي بچيو
آهي. انهن ڏهاڪن ۽ سالن دوران سنڌ سياسي طور ايئن تبديل ٿي آهي جيئن ڪا نئين نويلي
ڪنوار بنهه اوچتو بيواهه ٿي وڃي. ڊاڪٽر نذير ۽ ان دور جا سمورا سياسي ڪارڪن، ڀلي
ته اهي الڳ الڳ پارٽين ۾ هئا پر سندن خواب هڪ ئي هيو ته، پنهنجو ڳاڙهو جهنڊو ساٿي،
اڀ تائين جهوليندو، اهڙو ڏينهن به ايندو. اهي اهڙا ڏينهن هئا جڏهن سنڌ جي سياست اڃان
ايتري آلوده نه ٿي هئي نه ئي اهي ڪارڪن هاڻوڪي ڪرپٽ سياسي ڪلچر جو حصو هئا. اهي ته
اهڙا ڪميٽيڊ ڪارڪن هئا جو سکين ستابن گهرن جا هوندي، ڊاڪٽر انجنيئري جهڙن ڪاليجن ۾
پڙهندي به هو هارين ۽ پورهيتن سان سندن ڳوٺن ۽ ملن يا ڪارخانن ۾ وڃي ڪچهريون ڪندا
هئا ۽ پلال جي ڍير تي سمهي به صبح ڪندا هئا کين ڪا وڏائي ڪو اوچ نيچ جو فرق محسوس ڪرڻ
نه ڏيندا هئا. ان زماني جي سياسي ڪارڪنن جي هڪ سٺي عادت بهترين ڪتابن جو مطالعو پڻ
هوندي هئي ۽ انهن ۾ سٺي شاعري به روح ڦوڪيندي
هئي.ڊاڪٽر نذير شيخ وري انهن گيتن کي جڏهن جهونگاريندو هيو ته ڪچهري جو مور ٿي
پوندو هو ۽ ڇا ته ظالم جهونگاريندو هو. هو
جڏهن “روح کي ول جيان وڪوڙيو ٿئي” ڳائيندو هيو يا “هڪ مند چري آهي ٻي جا رات ٺري آهي”
جهڙا مقبول گيت جهونگاريندو هو ته ڪچهري جي سموري ماحول کي پنهنجي سحر ۾ آڻي ڇڏيندو
هو. سنڌ اندر ان سياسي سجاڳي واري سفر ۾ ڊاڪٽر نذير شيخ جهڙا ڪيترائي ڪارڪن سرگرم
هئا جيڪي بعد ۾ گمنامي جي ڪنهن اونهي پاتال ۾ هليا ويا ڪن وڃي خودڪشيون ڪيون ته ڪن
کي فالج جا حملا ٿي پيا ڇو ته جنهن ڳاڙهي انقلاب جو خواب کڻي هو نڪتا هئا سو سندن
سموري سچائي سان ڀريل جدوجهد جي باوجود ڪجهه ماڻهن جي تاريخي غلطين سبب ساڀيان ٿيندي
نظر نه پيو اچي.ان دور ۾ اهڙن سچار سياسي ڪارڪنن مٿان اهڙي ته ڪا ڇپ ڪري پئي هئي جو
هر ڪنهن وڃي پنهنجي پنهنجي ڪنڊ وسائي پر ڊاڪٽر نذير شيخ جهڙا تمام ٿورا ماڻهو هئا
جن مايوسين جي اداس راتين ۾ به روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي ساٿين کي بچائيندا
آيا. ڊاڪٽر نذير شايد متحرڪ رهڻ ئي سکيو هو، تنهن ڪري عوامي تحريڪ نه سهي پيپلزپارٽي ئي سهي
پر هو متحرڪ رهندو آيو.سندس هڪ خوبي اها به هوندي هئي ته هو ڪڏهن به لڪير جو فقير ٿي صرف هڪ دائري جي گرد نه ڦرندو
هو. هو جيڪڏهن هڪ رات ڪنهن سياسي قيادت واري ڪچهري ۾ هوندو هيو ته ٻي رات هو منهنجي
علمدار چوڪ واري فليٽ تي حسن درس سان گڏ
ويٺو هوندو هيو ۽ ڪو نه ڪو گيت پيو
جهونگاريندو هو. سندس ڪچهرين ۾ اهڙو ته چس هو جو ساڻس ڪچهري ڪندڙ هر طبقي جي ماڻهن
کي سندس موت تي مون افسوس ڪندي ٻڌو ته يار
هو ته اوطاقي مڙس هيو ڪچهرين جو ڪوڏيو.
جڏهن ڪر ٿيام ساڃاهه
سپرين جي،
تڏهن ڪر تر جيترو
ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام سڄڻ
اوطاقون ڪري. اهڙي متحرڪ ماڻهو کي موت مشڪل سان شڪست ڏئي سگهندو آهي. لاڙڪاڻو آرٽس
ڪائونسل ۾ ٿيل ان پروگرام جي صدارت سندس تصوير کان ڪرائي وئي.جيڪا خود ڪنهن رڌم ۾ ڳالهائي
رهي هئي. ڊاڪٽر نذير شيخ جي باري ۾ ڪافي دوستن ڳالهايو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي مون
کي ايئن لڳو ته ڊاڪٽر سڀني سان هڪ جيترو حجائتو ۽ سڀني کي هڪ جيترو پيارو هو. سندس
مزاج ۾ سنڌ جي رواداري واري ريت ايتري پختي هئي جو ماضي ۾ سندس سياسي مخالف رهندڙ ڊاڪٽر
نياز ڪالاڻي به اچي پهتو ۽ هن اهو ذڪر پنهنجي سر پاڻ ڪيو ته اسان ماضي ۾ هڪٻئي جا ڪٽر
سياسي مخالف هئاسين ۽ ڊاڪٽر نذير وارن کي ڪاليجن ۾ يونٽ کولڻ نه ڏيندا هئاسين هڪٻئي
جا مٿا ڦاڙيندا هئاسين پر بعد ۾ ايئن گڏجي
وياسين جيئن “مڌ پيئندي مون ساجن سهي سڃاتو”. ڊاڪٽر نذير شيخ کي ياد ڪرڻ مهل سنڌ
جي سياسي تحرڪ وارو اهو سمورو زمانو ياد اچي وڃي ٿو جڏهن ڊيمن خلاف تحريڪون هلنديون
هيون، لانگ مارچ ٿيندا هئا ۽ هر طرف سجاڳي سجاڳي وارا نعرا هوندا هئا.پر سياسي
حالتن اهڙو ته ڪو ڦيرو کاڌو جو روشن خيال سياسي ڪارڪنن جي اها مالها، اهو موتين جو
هار اهڙو ٽٽو جو ڪو هيرو ڪٿي ڪريو ته ڪو ڪٿي
ڪريو.
ڪڻا منجهه قرار هئا
هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي ڪيا
ڌارئون ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار ڪير
ملندو ڪنهن سين.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۸ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر نظير شيخ
رهيل ڪچهريون ۽ خالي دل
عامر ضيا ميمڻ
زندگيءَ جي حسناڪيءَ
کي فقط ڄمڻ ۽ مَرڻ جي وقتي گهاڙيٽي تائين محدود نٿو رکي سگهجي. زندگي ته ڄَمڻ ۽
مَرڻ جي محدود وقت کان بلند ۽ مٿاهين روشني آهي، جيڪا موت کي به مات ڏئي مختلف
روپن ۾، آوازن ۾، ڌُنن ۾، رقصن ۾، رنگن ۾، دِلين جي ڌڙڪنن ۾، يادن ۾، مَيلن ۽ اڪيلاين
۾، ڪچهرين ۽ خاموشين ۾، تصورن ۽ شاعري ۾، ڏکن ۾ سکن ۾، خاموشين ۽ پڙلائن ۾ ۽ گلن
جي خوشبوئن ۾ هميشه جيئي ٿي.
ڊاڪٽر نظير شيخ ۶۱ ورهين جي عُمر جو هر حصو انهن ئي زندگيءَ جي
روشنين جو نمايان نمونو آهي. هڪڙا ماڻهو وقت کي جيئندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو زندگي
جيئندا آهن. ڊاڪٽر نظير مختصر وقت ۾ زندگيءَ جي اٿاهه گهرائي ۽ اوچائي جا ماڻڪ ماڻيا.
محبت مين هم تو
جيئي هين جيئين گي،
وه هونگي ڪوئي اور
مرجاني والي. (جگر مراد آبادي)
ڪردار جو ئي ڪمال
آهي، جو انسان کي وقت جي طويل سفر ۾ زندهه رکي ٿو. اهڙو ڪردار جيڪو ادا ٿيڻ کان
پوءِ ان دور جي هم عصرن، سماجي حالتن ۽ ان کان پوءِ به، هڪ مثالي اثر ڇڏي. ڊاڪٽر
نظير به ايئن ئي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۽ مختلف ڪردارن ۾ نظر ايندو رهندو. ڪنهن دلير ۽
بيباڪ ڪميٽيڊ ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪن جي روپ ۾، ڪنهن دَردِ دل رکندڙ سُريليءَ آواز ۾،
ڪنهن آزاد انسان جي رقص ۾، ته ڪنهن محفل جي مَورَ ۾ هو هميشه چمڪندو رهندو.
ڊاڪٽر نظير ذهني، خيالي،
نظرياتي ۽ عملي طور اسانجي سوسائٽي کان تمام ايڊوانس شخص هو. زندگيءَ جي باري ۾
بنيادي ڳالهيون ۽ مسئلا هن شروع ۾ ئي، تمام جلد، پنهنجي ذهانت سان سمجهي ورتا. هو
ريتن ۽ رسمن کي پابنديءَ سان استعمال ڪندي جديد ۽ ترقي پسند سماجي ۽ سياسي ڳانڍاپا
پيدا ڪرڻ جو ماهر هو ۽ انهن ڳانڍاپن کي پنهنجي نه، بلڪ اجتماعي مفاد لاءِ ڪارآمد
بنائڻ وارو هڪ آرٽسٽ هو. هُن ۾ اها جرئت هئي ته هو نظرياتي ۽ علمي پختگيءَ کي روا
رکي بيخوف ٿي پنهنجي شرطن تي زندگي گذاري، ۽ هو گذاريندو هو. ان معنيٰ ۾ هو هڪ مڪمل
آزاد شخص هو. کليو ذهن ۽ هاڪاري سوچ هن جي شخصيت جون خاص طاقتون هيون.
هو دلير شخص هو، جنهن
پنهنجي ذاتي ۽ خاندان جي خسيس ۽ مٿاڇري ترقي ترڪ ڪندي، سادگيءَ کي اوليت ڏيندي، زمين
تي هلڻ کي عَار نه سمجهندي ۽ ڪنهن به قسم جي محروميءَ اڳيان بيوس نھ بڻجي، ڏکين
حالتن ۾ مايوسين کي لتاڙي بيباڪيءَ سان، اعتماد سان ۽ شَانَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو
رهيو. هو ماڻهوءَ لاءِ طاقت يا خوشحالي جا وسيلا ۽ سامان مهيا ڪرڻ بجاءِ ماڻهوءَ
کي طاقتور ۽ خوشحال بنائڻ جو ماحول ۽ صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ ايمان رکندو هو.
ڊاڪٽر نظير شيخ
ويساهه، وفا ۽ واعدي جو پڪو ماڻهو هو. هو ويساهه رکندڙ ۽ ويساهه ڏياريندڙ، پنهنجي
ساٿين لاءِ ڏَڍُ ۽ ڏکين حالتن ۾ هميشه گڏ رهي ساٿ نڀائيندڙ هو. هو قومي انقلابي
جدوجهد جو عاشق، انقلابي ۽ جديد خيالن جو عاشق، شاعري، گيت ۽ موسيقي جو عاشق، سنگت
جو عاشق، سياسي ايڊونچرن جو عاشق ۽ هڪ اتساهيندڙ اڳواڻ هو. هو جدوجهد جي ميدانن تي
وڏا رسڪ کڻندڙ سياسي سپاهي هو. پوءِ اها ضياءَ جي مارشلا ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي
جدوجهد هجي يا مشرف جي آمريت ۾ سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي حق جي جدوجهد هجي. ڊاڪٽر نظير ڏينهن
۽ رات پنهنجي وطن ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي گهر ۽ گهروارن جي سهولتن کي پاسي رکي سنڌ جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ جاڳرتا ۽ عملي مهم هلائي. هو جلسن، جلوسن، مظاهرن ۽ لانگ مارچن ۾ نمايان
۽ قائداڻو ڪردار پيش ڪندو هو. قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي، پرجوش تقريرن ذريعي ۽
دوستاڻو رَوَيو رکندي ڊاڪٽر نظير سدائين دلين تي راڄ ڪندو رهيو.
“هڪ دفعي
عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي سنگت کي چيو ته ڊاڪٽر نظير هڪ ماڻهو هوندي
تمام گهڻن ماڻهن وارا ڪم ڪري ٿو، هو منهنجي سفر جو بهترين ساٿي به آهي ته منهنجي
گاڏيءَ جو بهترين ۽ ڀروسي وارو ڊائيور به، جلسي ۾ پهچون ٿا ته انائونسمينٽ به ڪندو
ته گيت به ڳائيندو، نعرا به هڻندو ۽ عاليشان تقرير به ڪندو. آخر ۾ اسانجي ميزبان
ساٿين کي جلسي جا خرچ به مختلف دوستن کان فنڊ وٺي ڏيندو. نه صرف ايترو پر، رات جو
دير تائين محفلن جو اهتمام ڪرڻ ۽ انهن محفلن کي جشن ۾ تبديل ڪرڻ واريون سڀ صلاحيتون
به هن۾ موجود آهن.”
ڊاڪٽر نظير طنز ۽
مزاح وارو مزاج رکندڙ خوشيون ورهائيندڙ دوست ۽ ساٿي هو. مذاڪرن ۽ مذاڪرات جو ماهر،
دليلن جي طاقتور اظهار سان پنهنجي مخالف کي قائل ڪري پنهنجو دوست ٺاهيندڙ ڊاڪٽر
نظير عوامي تحريڪ جو برجستو ڏاهو ۽ اڳواڻ رهيو.
ڊاڪٽر نظير هڪ اهڙي
مٽيءَ مان ڳوهيل ۽ ٺهيل انسان هو، جنهن ۾ سندس خاندان، دوستين، علمي ڪلچر، تنظيمي
صحبت، انقلابي خيال ۽ ايڊوينچرن جا انڊلٺي رنگ شامل هئا. هن جي زندگيءَ جو رومانس
بنيادي طور جديد سياسي تحرڪ هو. اهڙن بي لوث ماڻهن جي زندگي حَسين ۽ مشڪل واقعن سان
ڀرپور گذري ٿي، پر اهڙا ڪردار سماج ۽ ان ۾ موجود سياسي پارٽين لاءِ ڪافي سوال ڇڏي
وڃن ٿا. جيڪي سوال شايد ڪير سوچي ئي نه، جيڪڏهن اهڙا ڪردار جنم نه وٺن.
ڊاڪٽر نظير شيخ جي
اڄ پهرين ورسي آهي منهنجي اها خوشنصيبي آهي جو ڊاڪٽر نظير منهنجي زندگيءَ، ڏکن ۽
خوشين جو ساٿي ۽ دل جو دوست هو. اڃا هن سان ڪچهريون رهيل هيون. هن جي موڪلائڻ سان
دل جو هڪ حصو هميشه خالي رهندو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا