; سنڌي شخصيتون: سيد حاڪم علي شاهه بخاري

03 June, 2021

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

عاصم عباسي



دنيا ۾ گذريل ڏيڍ سال کان ڪورونا وبا بيماري سبب لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، جڏهن ته اسان جو ملڪ پڻ سخت متاثر ٿيو آهي. خاص طرح ۷۰ سالن کان مٿي هن ديس جا تمام ذهين، ڏاها ۽ قابل انسان اسان کان موڪلائي ويا آهن. جڏهن ته ۶۰ سالن کان مٿي عمر وارا پڻ هن وبا بيماري سان جيئڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ناڪامي جي صورت ۾ جيڪو هڪ وڏو نقصان ثابت ٿيندو.


سيد حاڪم علي شاهه بخاري گذريل ڏينهن اسان کان اچانڪ موڪلائي ويو، آثار قدیمہ جو ماهر، ڄاڻو ۽ هڪ بهترين انسان هو. منهنجي ساڻس تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي، آرڪيالوجي، تاريخ، ادب، ثقافت، لوڪ ادب ۽ ٻين موضوعن بابت سنڌ اندر ڪيترن ئي سيمينارن، ڪانفرنسن، ميڙاڪن ۾ سندس ڄاڻ، ڪارائتيون ڳالهيون ۽ تحقيقي مقالا پيش ٿيندا رهيا.

موري شهر جي علمي، ادبي، سماجي ثقافتي ميڙاڪن اندر شرڪت ڪندڙ شخصيت، چاچي عبدالله خان جيسر، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي، راشد مورائي، ادريس جتوئي، انور ساگر ڪانڌڙو سميت سڀني نوجوانن کي پيار، محبت ڏيندڙ هي شفيق انسان اسان سڀني کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

گذريل جنوري ۲۰۲۰ع تي موهن جي دڙي تي ٿيندڙ انڊس اسڪرپٽ ڪانفرنس ۾ اسد سولنگي ۽ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ۽ ان وقت تي هي ورتل تصوير اڄ جي يادگار بڻجي وئي.

ٽٽي پوندي استاد دادو جي دلڙي

بخاري کان مورو متان موڪلائي.

 

(عاصم عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)



سيد حاڪم علي شاهه بخاري

ناميارو اديب، ڏاهو، آرڪيالاجسٽ، اڳوڻو ڊائريڪٽر ڪلچر ۽ سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري جو ڀاءُ

محمد سليمان وساڻ

سيد حاڪم علي شاهه بخاري، سنڌ جو ناليوارو محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ، ۱۵ فيبروري ۱۹۳۸ع تي ڳوٺ غلام چانڊيي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد حاجن شاهه هو. مائٽن پهرين سندس نالو سيد علي اڪبر شاهه رکيو. پر اسڪول ۾ ويهارڻ وقت سندس نالو حاڪم علي شاهه رکيو ويو. ابتدائي تعليم غلام چانڊيي اسڪول مان حاصل ڪري ۱۹۵۰ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال انگريزي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان ۱۹۵۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. انهيءَ سال ڊرائنگ جو انٽر ميڊيٽ امتحان پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ جي دفتر ۾ ڪلارڪي مليس. ۱۹۶۲ع ۾ روينيو کاتي جي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ ۱۹۶۴ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. ان وچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس اسڪالرشپ ڏئي پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو. سال ۱۹۶۸ع ۾ پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ ايم. اي پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري آرڪيالاجي کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ ۱۹۶۹ع ۾ سندس مقرري بحيثيت ’گيلري اسسٽنٽ‘ موهن جي دڙي تي ٿي. اهڙيءَ طرح آثار قديمه کاتي ۾ ۲۹ سال ملازمت ڪري، ۱۴ فيبروري ۱۹۹۸ع ۾ اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو.

سيد حاڪم علي شاهه کي ملازمت دوران مختلف وقتن تي اٽلي، جاپان ۽ برطانيه وڃڻ ۽ ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو، کيس سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ سير سفر ۽ تحقيق ڪرڻ جا انيڪ موقعا مليا. هن کي تعليم تربيت ۽ اضافي ڪورسن جي سلسلي ۾ درجن کان وڌيڪ اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. بخاري صاحب کي ننڍپڻ کان ئي راڳ رنگ ۽ عوامي ڪچهرين سان دلچسپي هئي. راڳ جي علم کان پڻ واقف آهي ۽ گڏوگڏ فنونِ لطيفه سان به وابسته رهيو آهي. پاڻ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو اٿس ۽ هن ڪجهه ڊراما پڻ لکيا آهن. ناميارو عوامي شاعر استاد بخاري سندس وڏو ڀاءُ هو.

حاڪم علي شاهه سيوهڻ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي نماز خميس رات جو بعد عشاءِ نماز ۸.۴۵ منٽ تي عيد گاهه لڳ ورڪشاپ دادو ۾ ادا ڪئي ويندي.

حاڪم علي شاهه آرڪيالاجي کاتي ۾ نوڪريءَ دوران هيٺين ماڳن تي کوٽائي ڪئي:

۱. اندان (Andan) سرحد صوبو، سال ۶۸-۱۹۶۷ع

۲. پيرڪ (Pirak) بلوچستان صوبو، سال ۷۰-۱۹۶۹

۳. هڪ مهيني لاءِ ڏاکڻين سنڌ جي ماڳن جي پڙتال، ۱۹۷۳ع

۴. جهڪر (Jhukar) جو دڙو (سنڌ)، سال ۱۹۷۳ع

۵. پيرڪ (Pirak) بلوچستان (ٻيءَ مند ۾)، ۷۴-۱۹۷۳ع

۶. ذاتي طور سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قديم ماڳن جي پڙتال.

ان کان سواءِ سيد حاڪم علي شاهه ڪيترا تربيتي ڪورس به ڪيا آهن، جهڙوڪ:

۱. “مهين جي دڙي جي ڀتين جو بچاءُ”- هڪ هفتي جو ڪورس، جيڪو يونيسڪو طرفان ۱۹۷۶ع ۾ ڪيائين.

۲. سيانو، اٽليءَ ۾ ٻن مهينن جو اطالوي ٻولي سکڻ جو ڪورس، ڊسمبر ۱۹۸۲ع کان جنوري ۱۹۸۳ع تائين.

۳. فلورنس اٽليءَ ۾، “تاريخي عمارتن جي ٻيهر بحاليءَ” جو ڪورس

(۵ مهينا)، ۱۹۸۴ع.

۴. “ثقافتي ورثي جو بچاءُ” جي عنوان سان ڏهن ڏينهن جو نيشنل ميوزيم ۾ يونيسڪو طرفان ۱۹۸۴ع ۾ ٿيل ورڪشاپ ۽ سيمينار (سرٽيفڪيٽ).

۵. ٻن هفتن لاءِ جپاني ميوزمن جو دورو، ۱۹۸۵ع.

۶. آفيسرن لاءِ سيڪيورٽي جوڪورس، اسلام آباد ۱۹۸۵ع. وغيره.

۷. ڏهن ڏينهن جو “ثقافتي ورثي جي درستحاليءَ” جي تربيت جو ايڊوانس ڪورس، ۲۲ سيپٽمبر کان ۵ ڊسمبر ۱۹۸۹ع، لاهور (سرٽيفڪيٽ)

ان کان سواءِ بخاري صاحب هيٺين علمي ۽ سماجي عهدن تي ذميواريون نڀائي رهيو آهي:

چيئرمين شهباز ايجوڪيشنل سوسائٽي، صدر دادو آرٽس ڪلب، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو فائونڊر ميمبر، دادو شهري اتحاد جو ميمبر، لال شهباز ڪمپيوٽر اڪيڊمي دادوءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ۲۰۰۶ع کان ميمبر (اڄ تائين)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بيورو آف ٽرانسليشن ۽ پبليڪيشنز جي پينل جو ميمبر، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاهه جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر.

سندس هيٺيون تصنيفون آهن:

(۱) Khirthar (English) ENI Pakistan Islamabad as Co-author،

(۲) سنگيت سنسار (فرهنگ موسيقي شريڪ ليکڪ)،

(۳) سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۸- شريڪ ليکڪ)،

(۴) آپ بيتي-جگ بيتي (محمد حسين پنهور جي سوانح جو انگريزيءَ مان ترجمو)،

(۶) Kalhora Period Architecture

(۷) Sindh Archives 2006 Author

(۸) ڏيهي پرڏيهي ساز (شريڪ ليکڪ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو)،

(۹) تعميرات جي لغت (شريڪ ليکڪ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپائيءَ هيٺ)

حاڪم علي شاهه بخاري هن وقت به تحقيق جي حوالي سان مختلف ماڳن جا دورا ڪندو رهي ٿو. کيس تازو سنڌ آرڪائيوز کاتي پاران حيدرآباد آفيس ۾ ’آرڪيالاجي شعبي‘ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. سندس مستقل رهائش دادوءَ جي ’غريب آباد‘ محلي ۾ آهي.

 

(محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)


سيد حاڪم علي شاهه بخاري

تاريخ، تحقيق ۽ موسيقي جي ڄاڻو

گل مورو

علم، ادب، تاريخ ۽ تحقيق قومن لاءِ سرمائي مثل اهوندا آهن. جتي علم جي اهميت هوندي آهي اتي ادب جا ڄاڻو آفاقي فڪر کي کڻي پرچارڪ بڻجي ڏيهه جي ڏوٿيئڙن کي ڏاهپ جا ڏس ڏيندا آهن ۽ تاريخ جا ڄاڻو تاريخ جي وهڪري جا گس ڏسيدا آهن ته ڪهڙن پيچرن تي هلي پنهنجي منزل ماڻي سگهجي ٿي ۽ تحقيق جا ڄاڻو پنهنجي ماضي جي تاريخ جي آثارن مان ماضي جون شيون ڳولي اهو ڄاڻائيندا آهن ته قوم ۽ تهذيب جو ڪلچر ڪڏهن ۽ ڪهڙي عرصي کان شروع ٿيو ۽ پنهنجي قوم جو تهذيبي ورثو جيڪو ماضي ۾ شاندار رهيو ان جي زوال پذير ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن.

سنڌ جي ڏاهي ۽ ناليواري محقق سيد حاڪم علي شاهه بخاري به انهن پيچرن تي هلي ڪري هميشهه جستجو ۽ جدوجهد ۾ جنبيل رهيو. ڪڏهن موهين جي دڙي جي مورتي جي تلاش ۾ رهيو ته ڪڏهن وري رني ڪوٽ تي چڙهي ماضي جا  خوبصورت سپنا پسي رهيو هو، ته ڪڏهن وري هو ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جي تلاش ۾ رهيو ۽ ان متعلق تحقيق ڪندو رهيو ته اهي ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ ڪير هيون ۽ سنڌ جي قديمي ماڳ اروڙ سان سندن تعلق ڇا هيو. ان سڄي محور ۾ هو جوڳي بڻجي هر قديمي ماڳ کي پنهنجي اک جي ڪيمرا ۾ سانڍيندو رهيو ۽ خوبصورت مقالا لکندو رھيو. جڏهن ته سنڌ اندر ٻڌ ازم جا تاريخي ماڳ به سندس نظرن کان ڪڏهن اوجهل نه رهيا. هن سرڻي ڪوٽ کان وٺي مير رڪڻ ٺل تي به تحقيق ڪئي ۽ ثابت ڪيو ته ٻڌ ازم جو آخري بادشاهه چندر گپت موريا سنڌ ڌرتي تي به حاڪم ٿي رهيو. هن پنهنجي هڪ تاريخي مقالي ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ته سرڻي ڪوٽ کان ۱۳ ڪلو ميٽر اوڀر ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ تي يعني منهوڙي جي ڀرسان محمد بن قاسم ۽ اروڙ جي بادشاهه راجا ڏاهر جي وچ ۾ جنگ ٿي هئي ٿي سگهي ٿو ته ان دور ۾ جنگ جي ڪري سرڻي وارو ڪوٽ به متاثر ٿيو هجي.

اهڙا کوڙ سارا تاريخي مقالا سنڌ جي تاريخي ماڳن تي لکي ھن انوکي جدوجهد ڪئي. سيد حاڪم علي شاهه بخاري نه رڳي تاريخي حوالي سان علم، ادب ۽ تحقيق جو ڄاڻو هو پر هو موسيقي جو به وڏو ڄاڻو هو جنهن موسيقي جي حوالي سان سنگيت سنسار جهڙو خوبصورت ڪتاب پنهنجي ساٿي عثمان ميمڻ سان گڏجي لکيو. سندس ڪتاب ۾ علم موسيقي جي ڪيترن ئي پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ هن کان اڳي موسيقي جي حوالي سان “سُر شاهه، سمنڊ” جي نالي سان هڪ ڪتاب آندو ويو هو جنهن ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام جي موسيقي تي خصوصي طور تي تحقيق ڪئي وئي هئي.

سيد حاڪم علي شاهه بخاري “سنگيت سنسار” جهڙو خوبصورت ڪتاب لکي وڏي مڃتا ماڻي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ موسيقي جي ابتدا ڪيئن ٿي، سنگيت ڏانهن سفر ڪيئن ٿيو، جنهن کي هڪ مڪمل فن علم جو نالو ڏنو اٿس ۽ موسيقي جي حوالي سان ھن اهو به ڄاڻايو آهي ته موسيقي جن ٻن بنيادي جزن آواز ۽ تال جو ميل آهي ٻولين جي قدامت موجب انسان، اعظم يا اشرف المخلوقات جي هن ڌرتي تي حاڪميت ڪيئي هزار سال اڄ کان اڳ شروع ٿئي ٿي. عالمن وٽ ان جو نمونو “ڪروميگنان” آهي جنهن کي هڪ حوالي موجب سنگيت سنسار يا سنگيت سنساري چئي سگهجي ٿو ۽ ڪنهن شخص جي آتما يا ادراڪ جا آواز به هر ڪنهن کي انهن آوازن جي وسيلي ٻڌائي سگهجن ٿا. هن تاريخي ڪتاب ۾ موهين جي دڙي کان وٺي يورپ توڙي عربي ۽ فارسي موسيقي تي پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي. سيد حاڪم علي شاهه بخاري پنهنجي ڪتاب سنگيت سنسار ۾ ڄاڻائي ٿو ته سوچ جي سواري شُبد، شبدن جو ميڙ، جملا ۽ جملن جي ترتيب ٻولي، دنيا ۾ هزارين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، ٻولي موسيقي جو هڪ اهم عنصر آهي. موسيقي لاءِ جيڪڏهن هر ٻولي ۾ نه تڏهن به ڪيترين ٻولين ۾ الڳ لفظ يا الفاظ هوندا آهن.

مثال طور ڏکڻ ايشيا جي اڪثر ملڪن ۾ موسيقي لاءِ مڪاني لفظ سنگيت آهي. انگريزي دنيا جي وڏي ٻولي آهي جنهن جو اثر دنيا توڙي مغربي ملڪن ۾ خاص ڪري وڌيڪ آهي اتي الڳ الڳ لکڻين ۾ لفظ “ميوزڪ” استعمال ٿئي ٿو. اسلامي دنيا ۾ لفظ موسيقي جو وڌيڪ استعمال آهي. موسيقي لفظ جو بنياد سرياني يا عبراني يا ڪا ٻي ٻولي ان جو استقاق موسيقي موساقي يا ڪنهن ٻي طرح جو اُچار موساقي يا موسيقي هجي پر اندازو آهي ته معنيٰ ۾ آواز ۽ تال جو مفهوم سمايل هوندو. عربي زبان ۾ موسيقي لاءِ پراڻو لفظ “غنا” آهي. هن اوکي ۽ انوکي مضمون تي لکڻ لاءِ سوچي جڏهن پاڻ وٽ موجود مواد تي نظر وڌي سين ته معلوم ٿيو ته عالمن ڏاڍا واهڙ ولوڙيا آهن اسان ڇا ٿي ڪري سگهياسين نيٺ سٿ ساري سانڀايوسين. ڪٿي ڪٿي جي ڪا وٿي ڏسڻ ۾ آئي ته وس آهر ان کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان پنهنجي پريت جو پوررهيو پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي.”

سيد حاڪم علي شاهه بخاري نه رُڳي چند علمن تي عبور رکندڙ شخص هو پر يورپ جي موسيقي جو پڻ تمام وڏو ڄاڻو هو. هي ڪيڏو نه وڏو ماڻهو هو جيڪو سمورين شين تي علمي عبور رکندڙ شخص هو جنهن متعلق “نامياري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ سيد حاڪم علي شاهه موسيقي تي اهڙو ڪتاب لکي ڪري وڏو مان ورتو آهي موسيقي تي هي ڪتاب ۽ اهڙيون ڪوششون مستقبل ۾ پنهنجي جاءِ ضرور والارينديون “ جنهن ڏينهن سڄي دنيا عيد جون خوشيون ڪورونا جهڙين ڏکين حالتن ۾ به ونڊي رهي هئي انهيءَ ڏهاڙي سنڌ جي هن عالم، اديب ۽ محقق سيد حاڪم علي شاهه جو وڇوڙو هڪ تاريخ جو وڇوڙو آهي جيڪو خال صدين تائين ڀرجي نه ٿو سگهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

سيد حاڪم علي شاه بخاري

زندگي جو هڪ حسين اتفاق

منظور ڪوھيار

ڪو اتفاق ڪري يا نه۔ پر زندگي اتفاقن سان ڀريل ٿئي ٿي۔ اهي زندگيءَ جا اتفاق آھن جن جي ذريعي ڪي سڄڻ ته ڪي ڏڄڻ ملي وڃن ٿا۔ اهو ئي سبب آھي ته ادب ۾ به اتفاق کي وڏي اهميت مليل آھي۔ ان حوالي سان هڪ چيني چوڻي آھي ته

No coincidence, no story

ادب جي دنيا ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو مثال فيودور دستوئيفسڪي جو ڪلاسيڪل ناول ´دي برادرس ڪارامازوف` آھي۔ ان ۾ ھر قسم جي اتفاقن کي پيش ڪندي ناول کي هلايو ويو آهي۔ خير ان موضوع تي ڪنهن ٻي هنڌ تفصيل سان ڳالهائبو۔

پر مان اڄ انهن حسين اتفاقن کي سارڻ ٿو چاهيان۔ جيڪي ۱۹۹۰ کان سن ۲۰۰۰ تائين پيش آيا۔ هي اهو زمانو هيو۔ جڏهن هر موڪل جي ڏينهن تي پنهنجي لاڙڪاڻي واري سنگت (علي شير رونگهو، منير سومرو، آفتاب مغل، مختيار مغل، صفدر مغل، شعيب عمراڻي ۽ مولابخش ڪلهوڙو) جو موهن جي دڙي تي وڃڻ جو معمول هوندو هيو۔ جتي اتفاق سان هدايت منگي جھڙي سپورنج صحافي، آرڪيٽيڪٽ ۽ مهمان نواز نسيم جلباڻي، مخلص انجنيئر موهن لال ۽ حاڪم علي شاه بخاري جهڙي آرڪيالاجسٽ سان مکا ميلو ٿي ويو۔ اهڙي اتفاق ڄڻ اسان کي محبت جون ميخون هڻي، دوستيءَ جي دائري ۾ داخل ڪري ڇڏيو۔ جن ڏينهن ۾ ´سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو` جو قيام عمل ۾ آيو ۽ پهريون سيڪريٽري هدايت منگي ٿيو، ته ان دؤر ۾ حاڪم علي شاه جي هڪ ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو هيو۔ جنهن جو عنوان هيو ته آريا ڌاريا نه پر وادي سنڌ سان تعلق رکن ٿا۔ جنهن جي تفصيلي رپورٽ ھلال پاڪستان اخبار ۾ هدايت منگي بحيثيت چيف بيوريو لکي ۽ ڇپرائي هئي۔ مان جيڪا خاص ڳالھ ٻڌائڻ ٿو چاهيان۔ ته اهو پروگرام جيئن ته موهن جي دڙي جي ميوزم جي اتر واري لان ۾ ٿي رهيو هيو۔ ان وقت گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي جون ڇوڪريون ٽوئر تي آيل هيون۔ جيئن ته حاڪم علي شاه جي ليڪچر جو انداز نهايت منفرد ۽ معلوماتي هيو۔ ميوزم ڏانهن ويندي ڇوڪرين ليڪچر جو ٻڌو ته ڪافي پنڊ پاهڻ ٿي بيهي رهيون، ايسيتائين جيستائين ليڪچر ختم نه ٿيو۔ هن جڏهن تاريخ ۽ آرڪيالاجي جا حوالا ڏيندي، بار بار اهو پئي ورجايو، ته هڪ صاحب علم يا محقق لاءِ ضروري آھي ته پهريان ڏسي، سوچي، سمجھي ۽ آخر ۾ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري ته بهتر آھي۔ نه ته اهو ائين ٿيندو جيئن چئبو آھي ته، تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي۔۔۔۔

سندس گھرائي ۽ گيرائي وارا اهي لفظ اڄ به هينئين ۾ ھرن ٿا۔ جڏهن علم ۽ ادب جي دنيا ۾ تڪڙين ڪتين کي انڌا گلر ڄڻيندي ڏسئون ٿا۔

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)۔



حاڪم علي شاھ بخاري

ڏسو، سوچيو ۽ سمجھو

منظور ڪوھيار

ليپ ٽاپ خراب۔ جيڪو لکڻ چاهيان ٿو، سو لکي نه ٿو سگھان۔ موبائل جي ڪي بورڊ تان لکڻ ڏاڍو اهنجو آھي۔ بهرحال لکڻو ته آھي، پوء کڻي مختصر ئي سهي؛ انهيء محقق منش بابت جنهن تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ موکيو۔

حاڪم علي شاه بخاري جڏهن ۱۹۹۲ کان ۱۹۹۷ تائين UNDP پراجيڪٽ تحت Moen jo Daro Conservation cell جو ڊائريڪٽر هيو، ته هن صرف پاڻ کي موهن جي دڙي تائين محدود نه رکيو۔ بلڪه ان زماني جي پوري لاڙڪاڻي (ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ سميت) ضلعي جي خاڪ ڇاڻي۔ نتيجي ۾ ۵۲ نون دڙن ۽ ڀڙن جا تفصيل جمع ڪري ورتا۔ان ڪم ۾ اسان جي سنگت سندس ڀرپور مدد ڪئي۔ خاص ڪري لاله رميش پارواڻي۔ جيڪو هروقت ساڻس بغير ڪنهن لالچ لوڀ جي پنهنجي گاڏي ڪاهي هڪيو تڪيو حاضر هوندو هيو۔

 دڙن جي ايراضي ماپڻ لوڪيشن ڊائري تي نوٽ ڪري

 ڏيڻ رميش جي بلي هوندا هيا۔ اسان جي بلي ٺڪر ٺوٻر کڻي ڏيکارڻ ۽ پڇڻ ته ڪهڙي دؤر جا آھن۔ سائين جو صرف ايترو ٻڏائڻ ته: ”ڏسو، سوچيو ۽ سمجھو!” ھوندو هيو۔ پوء سنگت ان جملي کي تڪيو ڪلام  بڻائي مزاحيه انداز ۾ خوب استعمال ڪيو۔ سائين به جيڪڏهن ڪنهن اوجھڙ رستي هلندي مختلف گس ڦٽندي ڏسي پڇندو هيو ته: اهي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟.. ته سنگت جو جواب هوندو هيس ته: ڏسو، سوچيو ۽ سمجھو! “سائين ٽھڪ ڏئي چوندو هيو؛ آھي ته برابر سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ڳالھ!”۔ جڏهن موٽبو هو ته هدايت منگي  هلال پاڪستان ۽ مولا بخش ڪلهوڙو ڊان اخبار ۾ انهن قديم آثارن متعلق رپورٽ ڪري ڇڏيندا هيا۔ ائين دڙن جي تلاش ڪندي، هڪ دفعي سنگت شهداد ڪوٽ جي ٽوپ واري دڙي تي وڃي پهتي۔ جيڪو ان دؤر ۾ ڌاڙيلن جو دن هيو۔ ڌاڙيلن الائي ڪهڙي خيال کان ٽارو ڪري ويا، سا خبر خاوند کي۔ ان دؤري دؤران مان ساڻن گڏ نه هيس۔ گھڻو ڪري ته سکر ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ ويل هيس۔ پر هڪ ٻي دڙي جي حوالي سان جيڪو به هڪ ڏکي هنڌ تي هيو، ساڻن گڏ ھيس۔اهو دڙو گھڻو ڪري ته مارن جو دڙو هيو يا ڪي ٻيو، پڪ سان نه ٿو چئي سگھان (پراڻي سنگت رهنمائي ڪري سگھي ٿي)۔ پر نصيرآباد جي اولھ ۾ فلڊ پروٽيڪشن بند جي پرين ڀر واقع هيو۔ پڇائيندا پڇائيندا چارن تي ڇيڻا ڏسندا، بند ٽپي وياسي۔ انگڙ ونگڙ گس تي هڪ واٽھڙو کي بيهاري دڙي متعلق پڇيوسي۔ ان ٻڌايو ته: ٻن ڪوهن تي سندس ڳوٺ ۽ ٽن ڪوهن کانپوءِ رندن جو ڳوٺ ايندو ان جي ڀر ۾  اٿو!”۔ هن اها به آگاهي ڏني ته: رند ڪجھه ڏکيرڙا ماڻھو اٿو۔ خيال ڪجو!” اسان ذو معني ۾ ٻڌايوسيس ته: اسان هڙئي رند آھيون سواء ھڪڙي سيد جي!”چيائين، پوء ٺيڪ آهي!” اسان سندس سهڻي صلاح جي بدلي گاڏي ۾ سوڙھ سنگھوڙ ۾ ويهاري سندس ڳوٺ تائين کڻي هلياسين ته جيئن آسپاس جي ماحول جو پتو پوي۔ همراه ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ برجستو ۽ڀڙ پئي لڳو۔ تعارف ورتوسيس۔ ٻڌايائين ته: مارفاڻي چانڊيو آھيان۔ نالي بابت ٻڌايائين ته: ڳوٺ ۾  ڏاڏي مرحيات جي نالي سان ستم سڏبو آھيان، ٻاهر رستم۔ سندس ڳوٺ ويجھو آيو ته ڳوٺ هلڻ ۽ خذمت چاڪري ڪرڻ جي صلاح هڻندي لهي ويو۔ اسان مان هر ڪنهن سندس نالي تي راء پئي ڏني۔ ڪنهن پئي چيو ته: ”پڪ سان سندس ڏاڏو ظالم شخص هوندو۔ ان ڪري اهو نالو پيو هوندس۔“ منهنجو چوڻ ھيو ته: ”بلوچي ۾ پراچين سنسڪرت ۽ قديم پارسي جا لفظ جيئن جو تيئن اڄ به موجود آھن۔ ان ڪري اهو ستم نه پر ستيم نالو هوندو۔ جنهن جو سنڌي ۾ الٿو سچل يا سچار ٿيندو۔“ ائين علمي بحث ڪندي رندن جو ڳوٺ اچي ويو۔ اوطاق ۾ پهچي سلام ڏنوسي۔ انهن سلام ورائي ٻروچڪو ڊگھو احوال يعني ڇهور ورتو۔ ٻڌايوسين ته: سڀئي پوز خان ( پوزيري رند) آهيون، سواءھڪڙي جي! ڪهڙي ذات سان تعلق اٿس؟”رندن جي چڱي مڙس پڇيوته سائين پاڻ جواب ڏنس ته: بابا منهنجو غريب ذات سان تعلق آھي!”

پوء به؟ “ چڱي مڙس ذات ڏسڻ لاء زور ڀريس۔

بخاري سيد آھيان!” سڀني ٻروچن کڻي ٻانهون ٻڌي پيرن تي هٿ رکيس۔ سنگت کان اچڻ جو مقصد پڇيائون ته ٻڌايوسين ته: ”دڙو ڏسڻو آهي!”

خزاني لاء؟”

هائو! سائين کي ان ڪري وٺي آيا آھيون ۔جو دڙي کي ڏسي ٻڌائيندو  ته مال اٿس يا نه؟۔۔جو سائين کي ان جو وڏو علم آ” رميش ٻڌاين۔

پوء اسان کي ڪو فائدو ٿيندو يا نه؟”

جي هوندس ته اڌو اڌ!” رميش وراڻيو۔ مناسب خاطر مدارت ڪرڻ کانپوء سڀئي اٿي پيا۔ دڙو گھمي جڏهن موٽياسين ته چڱي مڙس پڇيو،ڏيو خبر مال اٿس يا نه؟”

مال نڪتل آهي!” سائين مشڪندي جواب ڏنس۔

هاء اسان جو قسمت!” چڱي مڙس شوڪارو ڀريندي چيو۔ مون ڀوڳ ڪندي چيو؛ جتي رند چند ٻروچ هوندا اتي خزانو ته ڇا ڀوت به نه ملندا” مان ڀوڳ ٺڪائن ۾ شروع ٿي ويس۔ هن به ٺاهوڪا جواب پئي ڏنا۔ ته: جڏهن سائين سان توهان جھڙا سڀاڳا ساڻ ھوندا ته خزانو ڪاڏنهن ملندو!“ ان ڪچھري دؤران علي شير ۽ ٻي سنگت جا ٽھڪ هجن۔ پر هدايت منگي ڄڻ وات ۾ مڱ وجھيون ويٺو هيو۔ موٽندي، سندس گھري خاموشي متعلق علي شير جي پڇڻ تي چيائين؛ منظور ۽ رميش انهن سان ايترو فري ٿي پئي ڳالهايو ڄڻ سندن پڳ مٽ يار هجن۔ جي انهن کي خبر پوي ته اسان رند ناهيون ۽ ٻڌي ويهارن ها ته پوء؟۔۔ رميش وراڻيس؛ ابا مان ته مگسين جي علائقي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي انجنيئر جي حيثيت سان رامش خان پارواڻي مگسي ۽ چانڊين جي علائقي ۾ پارواڻي چانڊيو ٿي ويندو آهيان۔ٻنهي قبيلن جي نوابن ۽ چڱن مڙسن به ڪڏهن اعتراض ناهي ڪيو۔ هيڊ ماستر عبدالهادي بلوچ (مگسي) پاڻ چوندو هيو ته ٻروچن ۽ واڻين جي ذات پٺيان ڻي، ڻي” جو مطلب آھي ته واڻيا يا ديوان اسان جا پراڻا مٽ ٿين!”

سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا، ته بخاري صاحب چيو،ڪنهن حد تائين ڳالھ ته صحيح ٿي لڳي!” (هلندڙ)

 (منظور ڪوھيار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)۔


No comments:

راءِ ڏيندا