; سنڌي شخصيتون: November 2022

20 November, 2022

پروفيسر هاسانند پرسواڻي

پروفيسر هاسانند پرسواڻي

حسيب ناياب منگي



شڪارپور جي سڪ-پل تي موجود هن جي قائم ڪيل ”رستم سنگيت منڊل“ گهڻن ڏينهن کان ماٺ اختيار ڪري چڪي هئي. شڪارپورين جو اصل روح شڪارپور مان هندستان اڏرڻ شروع ڪري ڏنو هو. ان ايڏي وڏي جهٽڪي سبب سندس روح رت پيو روئي ۽ بيقراري هن جي من کي وڪوڙي وئي هئي. سخت تڪليف ۾ رهندي هو سڪپل تان هيٺ لهندي تبديل ٿيندڙ منظرن کي گهرائيءَ سان ڏسي رهيو هو. سڪپل کان دادوائي روڊ لتاڙيندو جڏهن هاٿيدر پهچي ٿو ته کيس ياد ٿو اچي ته هند ۽ سنڌ جي نالي واري ڪوي کيئلداس ’فاني‘ کي وٺندو بگيءَ تي چڙهي ڪاليج پهچان. اڄ فرسٽ ايئر ڪلاس ۽ انٽر ڪلاس اندر 'انسانيت' تي ليڪچر ڏيڻو اٿم. ’فاني‘ سان ملي ٿو ته کيس معلوم پيو ٿئي ته ’فاني‘ جي مٿان به غم جي لهر ڇانيل آهي. ’فاني‘ هڪ پنو کيسي مان ڪڍي پنهنجا نيراني نوان لکيل بيت ڇا ٻڌائيس ٿو ته پنهنجو سڀ ڪجهه وسري ٿو وڃينس. ورهاڱي جي وڍن کي گهرائيءَ سان محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. ڏک واري ڪيفيت ۾ هو ’فاني‘ سان آهستي اظهاري ٿو ته ”شڪارپور مان هاڻي اسان کي ٻاهر موڪلڻ جو پورو پورو خاڪو تيار ٿي چڪو آهي. ’فاني‘ هي هزاريدر تان گذر ڪريون ٿا ڏس ته يار! ڪيڏي نه سانت آهي. اجهو ’جماڻي هال‘ آيو. ايڏي ماٺ! ايڏي خاموشي اول ته نظر نه آئي هئي. ڪٿي آهي شڪارپوري سماج جو عڪس؟ جنهن ذهنن تي نقش اڀاري ڇڏيا هئا. ڇا ايڪتا جا رنگ ئي مٽجي ويا آهن؟“

18 November, 2022

ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي

ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي

(هند جي ٻال ساهت جو سرموڙ نقاد، مني ڪهاڻيون جوڙيندر ۽ مُحقق)

ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي



هند جي ٻال ساهتيه جو سرموڙ نقاد، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، ڪالم نگار، ترجمان، سمپادڪ، مُحقق، شاعر، ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ، ممتا درجو ماڻيندڙ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيءَ جو جنم ۹ جنوري ۱۹۴۶ع تي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ شري ڪشچند بلواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو.

هوندراج بلواڻي هڪ سال جو مس هو جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي بعد سمورو ڪٽنب اچي احمدآباد ۾ وسيو. بلواڻي اسڪولي تعليم پرائيندي، بي ايڊ، ايم اي، پي ايڇ ڊي ۽ هنديءَ ۾ ڪوود ڪئي. جڏهن ته ڊپلوما ان جرنل-ازم ۽ ٻيا پڻ ڪيترا ئي ڊپلوما جا ڪورس ڪيائين.

09 November, 2022

حاجي محمود هالائي

حاجي محمود هالائي

تحريڪ آزادي جو مجاهد ۽ بيباڪ صحافي

شفيق حسين ميمڻ

سنڌ جي سرهاڻ، مهراڻ جي موجن، لکين لائق، ڪروڙين ڪهنه مشق موتين کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي پر ۾ سدائين پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ئي وطن جي عاشقن مان هڪ صحافت جو سپهه سالار ۽ تحريڪ آزاديءَ جو مرد مجاهد حاجي محمود هالائي پڻ آهي، جنهن جي قلم جي تيزيءَ هالا جي عوام ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو هو، نه صرف هالا جو بلڪه ٿرپارڪر جو معمر صحافي ۽ باني صحافي هجڻ جو به کيس رتبو حاصل آهي. حاجي محمود هالائي ۸ مارچ ۱۹۰۸ع تي هالا نوان ۾ مشهور شاعر حاجي محمد اسحاق ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڇهن سالن جي عمر ۾ کيس پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۲۱ع ۾ تحريڪ خلافت ۾ ڪانگريس تحريڪ طرفان گڏيل نموني جيڪا آزاديءَ جي تحريڪ ”انگريزن کان قطع تعلقات“ تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪپڙو اُڻڻ، درزڪو ڪم ڪرڻ ۽ ٻيا هنر سکڻ ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪيائين. قطع تعلقات جي تحريڪ دوران هالا ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ حاجي صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ حاجي هاشم ميمڻ ۽ استاد يوسف درزيءَ سان گڏجي غزل خواني ڪندو هو. ترڪن جي مدد لاءِ قائم ڪيل ”انگورا فنڊ“ ۽ ”سمرنا فنڊ“ لاءِ چندا گڏ ڪري موڪلڻ ۽ ان زماني ۾ شاهه ڀٽائي ۽ پير بلادلي ۽ ٻين ميلن ۽ تبليغي جلسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو.

پرديسي انور

پرديسي انور

اديب ۽ شاعر جو علمي، ادبي سفر ‎‎

شفيق وساڻ



تعليمي ادارن ۾ سٺا استاد آھن، انھن جي محنتن ۽ ڪاوشن کي اجاگر ڪرڻ قلمڪارن تي فرض آھي پروفيسر انور پرديسي سان سندس ڪيل خدمتن ۽ تعليمي ۽ ادبي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي. ان ڪيل ڪچهري کي قلم جي ذريعي دوستن تائين پھچائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ ۾ اھڙا انمول ھيرا آھن جنھنجو علم ۽ ادب کي وڌائڻ ۾ حصو آھي. انھن مان علمي ادبي شخصيت انور پرديسي به ھڪ آھي.

حفيظ شيخ

حفيظ شيخ

سنڌ کان وسري ويل حفيظ شيخ

عدنان سومرو



ڪن ماڻھن کي پڙھندي ايتري ته وابستگي ٿي ويندي آھي، جو ائين ناھي لڳندو ته اُھي اسان کان ڏور آھن. مون پنھنجي حياتيءَ ۾ جڏھن کان پڙھڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان ڪي ليکڪ يا ڪھاڻيڪار منھنجي دل جي تمام ويجھو ٿي ويا آهن. انھن ۾ ھو به تمام وڏو تخليقڪار ھو! معذرت، ھو نه پر آھي!

او پيِ آسوداڻي

او پيِ آسوداڻي

بهترين ڪلاڪار ۽ شارٽ فلمن جي اُستاد ڊائريڪٽر جي موڪلاڻي

ڪشور لالواڻي



ڏياريءَ کان هِڪُ ڏينھن اڳُ صبح جو واٽس اَيپ کولي ڏٺم. ڏياريءَ جي واڌاين جا ميسيج اَچڻ شروع ٿي ويا هُئا. اوچتو اُنھن خبرن جي وِچ ۾ ھڪ بُري خبر نظر آئي ته سنڌي رنگ منچ جو بهترين ڪلاڪار، ملنسار شخصيت، گهڻن ئي شارٽ فلمن جو اُستاد ۽ ڊائريڪٽر او پي آسوداڻيءَ جو سرڳواس ٿي ويو آھي. ٻُڌي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو. اوچتو ائين ڪيئن؟ ٽي مھينا اڳُ ئي ته هو رٽائر ٿيو هئو. مون کي اِن ڳالھ تي وشواس ئي نه پيو اچي. يڪدم ڀوپال جي ڪلاڪار ۽ ليکڪ اَشوڪ منواڻيءَ کي فون لڳايم ۽ پڇيومانس ته ڇا اِھا خبر سچي آھي؟ اَشوڪ چيو، ”ها يار، مون کي پاڻ هاڻي هاڻي خبر پئي آھي. ٻُڌي ڪري شاڪ لڳو. “

آدم خـان لـغـاري

آدم خـان لـغـاري

سندس ياد ۾ - ســــار ســـانـڍيــا ســپـريـن

طارق امر آريجو



توڙي جو ھن جي وصال کي ڪيئي ورھيه لنگھي ويا آھن پر پوءِ به سندس سار جا ساز ذھن جي ڪينواس تي ھن جي يادن جا سوز سمائي آگميل اکڙين ۾ لھي روح کي ريجھائيندا رھن ٿا. ھو سار جي ڏار تي ويٺل اھڙو الست پکي ھو جنھنجا مٺڙا ٻول ماڻھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري انھن کي ڏکن، دردن ۽ درمانن کان دور کڻي سندن روحن ۾ سڪون جي مايا اوتي ڇڏيندا ھئا. ھو رنگ، نسل، ذات جي فرق کان سواءِ ماڻھن سان محبتون ونڊيندو ھو۽ انھن جو مشڪل گھڙيءَ ۾ سھارو بڻجندو ھو.

مٺو مھيري

مٺو مھيري

فراق ھاليپوٽو



اسان جي دوست اسان جي محترم سائين مٺو مهيري سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي ته کيس چيم سائين ماڻهو عرض ڪندا آهن پر اڄ توهان کي هڪ حڪم ٿو ڪريان چيائين؛ ”بابا تنهنجو حڪم اکين تي“.

معشوق محسن ابڙو

معشوق محسن ابڙو

مختصر تعارف

 


اصل نالو: معشوق علي ابڙو

ادبي نالو: معشوق ”مُحسن“

پيءُ جو نالو: علي گل ابڙو

جنم جي تاريخ: سومر پهرين مارچ ۱۹۹۳ع، بمطابق ۶ رمضان المبارڪ ۱۴۱۳ھ

جنم ڀُومِي: ڳوٺ وارياسو تعلقو مورو ضلع نوشهروفيروز

تعليم: ايم، اي_ بي، ايڊ_ ايم، ايڊ_ ايل، ايل، بي

پيشو: استاد

ادبي سُڃاڻپ: شاعر، مضمون نويس، ڪالم نگار

01 November, 2022

مولوي عبدالله سمون سال وار - پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون

مولوي عبدالله سمون سال وارو

(تاريخ جو وسريل ورق)

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون

راڄو ڳوٺ- سال



ٺٽي جي درياه واري علائقي جي ٻنهي پاسي وڏي آبادي آهي، جنهن ۾ سوَن جي تعداد ۾ وڏا مشهور ڳوٺ آباد آهن، ائين چئجي ته اهو ڪچي وارو علائقو آهي، ان ڪچي واري دريائي علائقي ۾ هڪ علائقو ’سال‘ آهي ائين چئجي ته ٽنڊي حافظ شاهه کان وٺي جهرڪن تائين ڪچي واري پوري علائقي کي سال سڏيو ويندو آهي. ڪن ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي علائقو درياء جي اُٿل تي آباد ٿيندو آهي، جيڪا سال ۾ هڪ دفعو ٿيندي، ان ڪري کيس سال سڏيو ويندو آهي. ان علائقي ۾ مختلف ڳوٺ برادريون آباد آهن، جيڪي پنهنجي تهذيب ڪلچر ريتن ۽ رسمن جي حوالي سان ڪافي مشهور آهن، گڏوگڏ آبادي، هن علائقي جا پلا، فصل، گدرا مشهور رهيا آهن، ڪنهن زماني ۾ حڪومت درياهه کي مقاطعي تي ڏيندي هئي، وڻج واپار سان به هي سال مشهور معروف رهيو.