; سنڌي شخصيتون: حاجي محمود هالائي، شفيق حسين ميمڻ، سليم محمود ھالائي، محمد سليم ميمڻ،
Showing posts with label حاجي محمود هالائي، شفيق حسين ميمڻ، سليم محمود ھالائي، محمد سليم ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label حاجي محمود هالائي، شفيق حسين ميمڻ، سليم محمود ھالائي، محمد سليم ميمڻ،. Show all posts

09 November, 2022

حاجي محمود هالائي

حاجي محمود هالائي

تحريڪ آزادي جو مجاهد ۽ بيباڪ صحافي

شفيق حسين ميمڻ

سنڌ جي سرهاڻ، مهراڻ جي موجن، لکين لائق، ڪروڙين ڪهنه مشق موتين کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي پر ۾ سدائين پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ئي وطن جي عاشقن مان هڪ صحافت جو سپهه سالار ۽ تحريڪ آزاديءَ جو مرد مجاهد حاجي محمود هالائي پڻ آهي، جنهن جي قلم جي تيزيءَ هالا جي عوام ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو هو، نه صرف هالا جو بلڪه ٿرپارڪر جو معمر صحافي ۽ باني صحافي هجڻ جو به کيس رتبو حاصل آهي. حاجي محمود هالائي ۸ مارچ ۱۹۰۸ع تي هالا نوان ۾ مشهور شاعر حاجي محمد اسحاق ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڇهن سالن جي عمر ۾ کيس پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۲۱ع ۾ تحريڪ خلافت ۾ ڪانگريس تحريڪ طرفان گڏيل نموني جيڪا آزاديءَ جي تحريڪ ”انگريزن کان قطع تعلقات“ تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪپڙو اُڻڻ، درزڪو ڪم ڪرڻ ۽ ٻيا هنر سکڻ ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪيائين. قطع تعلقات جي تحريڪ دوران هالا ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ حاجي صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ حاجي هاشم ميمڻ ۽ استاد يوسف درزيءَ سان گڏجي غزل خواني ڪندو هو. ترڪن جي مدد لاءِ قائم ڪيل ”انگورا فنڊ“ ۽ ”سمرنا فنڊ“ لاءِ چندا گڏ ڪري موڪلڻ ۽ ان زماني ۾ شاهه ڀٽائي ۽ پير بلادلي ۽ ٻين ميلن ۽ تبليغي جلسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو.