; سنڌي شخصيتون: حاجي محمود هالائي

09 November, 2022

حاجي محمود هالائي

حاجي محمود هالائي

تحريڪ آزادي جو مجاهد ۽ بيباڪ صحافي

شفيق حسين ميمڻ

سنڌ جي سرهاڻ، مهراڻ جي موجن، لکين لائق، ڪروڙين ڪهنه مشق موتين کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي پر ۾ سدائين پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ئي وطن جي عاشقن مان هڪ صحافت جو سپهه سالار ۽ تحريڪ آزاديءَ جو مرد مجاهد حاجي محمود هالائي پڻ آهي، جنهن جي قلم جي تيزيءَ هالا جي عوام ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو هو، نه صرف هالا جو بلڪه ٿرپارڪر جو معمر صحافي ۽ باني صحافي هجڻ جو به کيس رتبو حاصل آهي. حاجي محمود هالائي ۸ مارچ ۱۹۰۸ع تي هالا نوان ۾ مشهور شاعر حاجي محمد اسحاق ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڇهن سالن جي عمر ۾ کيس پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۲۱ع ۾ تحريڪ خلافت ۾ ڪانگريس تحريڪ طرفان گڏيل نموني جيڪا آزاديءَ جي تحريڪ ”انگريزن کان قطع تعلقات“ تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪپڙو اُڻڻ، درزڪو ڪم ڪرڻ ۽ ٻيا هنر سکڻ ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪيائين. قطع تعلقات جي تحريڪ دوران هالا ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ حاجي صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ حاجي هاشم ميمڻ ۽ استاد يوسف درزيءَ سان گڏجي غزل خواني ڪندو هو. ترڪن جي مدد لاءِ قائم ڪيل ”انگورا فنڊ“ ۽ ”سمرنا فنڊ“ لاءِ چندا گڏ ڪري موڪلڻ ۽ ان زماني ۾ شاهه ڀٽائي ۽ پير بلادلي ۽ ٻين ميلن ۽ تبليغي جلسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو.


۱۹۲۶ع ۾ ۱۸ سالن جي عمر ۾ حاجي محمود هالائيءَ پهريون دفعو حج جي سعادت حاصل ڪئي. ساڳي سال حج تان واپس اچي حاجي صاحب شڪارپور ۾ ”الحنيف“ پريس ۾ ڪمپازيٽر جو ڪم سکيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ هفتيوار الحنيف جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۱۹۲7ع ۾ حاجي صاحب هفتيوار ”سنڌ گزٽ“ جيڪب آباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ روزانه ”الوحيد“ ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪيائين. ۱۹۳۸ع ۾ حاجي صاحب ميرپورخاص ۾ اچي محلا هاشم مخلص ايڊيٽر ”مسلمان“ اخبار وٽ ملازمت ڪيائين. ساڳي وقت حاجي صاحب هڪ ماهوار رسالو ”غالب“ جاري ڪيو، جنهن ۾ آريه سماج، عيسائين، قاديانين ۽ ٻين غير مسلمن جي اعتراضن جا مدلل جواب ڏنا ويندا هئا. اسلام جي ديني تبليغ ۽ اغيارن جي حملن جو مقابلو ڪيو ويندو هو. ۱۹۳۰ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس طرفان انگريزن جي تسلط کان هندستان کي آزادي ڏيارڻ جي تحريڪ شروع ٿي ۽ ملڪ اندر سول نافرماني ڪرڻ ۽ غير قانوني طور لوڻ ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿيو. حاجي صاحب ان تحريڪ ۾ شامل ٿي سرگرم عمل رهيو. ۱۹۳۱ع ۾ عمرڪوٽ ۾ انگريزن خلاف بغاوتي تقريرون ڪرڻ جي الزام ۾ قلم ۱۰۸ ۽ ۵۳ تحت ڊپٽي ڪليڪٽر ميرپورخاص طرفان حاجي صاحب کي هڪ سال قيد جي سزا ڏني ويئي. ٻن مهينن گذرڻ بعد گانڌي ارون ٺاهه هيٺ سڀ سياسي قيدي آزاد ٿيا ۽ حاجي صاحب پڻ آزاد ٿيو. ۱۹۳۲ع ۾ ڪانگريس جي تحريڪ وري شروع ٿي پر برطانوي گورنمينٽ طرفان آل انڊيا ڪانگريس کي بي قاعدي جماعت قرار ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ حاجي صاحب کي ۱۵ ڏينهن ميرپورخاص ۾ نظربند ڪيو ويو. حاجي محمود هالائي مرحوم پنهنجي پوري زندگي عوام جي خدمت ۾ صرف ڪري ڇڏي. هن ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۸۳ع ۾ هالا ۾ سندس گهر ۾ وفات ڪئي.


 

حاجي محمود هالائي

محمد سليم ميمڻ

سنڌ جي سرهاڻ ۽ مهراڻ جي موجن لکين لائق موتين کي جنم ڏنو آهي. اهڙن ئي وطن جي عاشقن مان تحريڪِ آزادي جو مرد مجاهد ۽ بيباڪ صحافي حاجي محمود هالائي پڻ هڪ آهي. حاجي محمود هالائي ۱۸ مارچ ۱۹۰۸ع تي هالا نوان ۾ مشهور شاعر حاجي محمد اسحاق ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.

ڇهن سالن جي عمر ۾ کيس پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۲۱ع ۾ تحريڪ خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪ طرفان گڏيل نموني آجپي جي تحريڪ ”انگريزن کان قطع تعلقات“ جي تحريڪ شروع ٿي، ته هن اسڪول جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ خانگي مدرسن ۾ فارسي، عربي، هندي ۽ گر-مکي تعليم حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ ڪپڙو اُڻڻ، درزڪو ڪم ڪرڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي.

انگريزن کان قطع تعلقات جي تحريڪ دوران هالا ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ حاجي صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ حاجي محمد هاشم ميمڻ ۽ استاد يوسف درزي سان گڏجي غزل خواني ڪندو هو ۽ ترڪن جي مدد لاءِ قائم ڪيل فنڊ لاءِ چندا گڏ ڪري موڪلڻ سان گڏوگڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ ٻين ميلن ۾ شرڪت ڪندو رهيو.

حاجي محمود هالائي پنهنجي سموري زندگي سياست ۽ صحافت ۾ گذاري. هن ۱۹۳۵ع ۾ هالا ۾ پريس ڪلب  قائم ڪيو.

سال ۱۹۴۶ع ۾ حاجي صاحب حيدر بخش جتوئيءَ جي قيادت ۾ هارين جي حقن لاءِ شروع ٿيندڙ هاري تحريڪ لاءِ پنهنجي هڪ اخبار جي ذريعي ترجماني ڪئي. سال ۱۹۵۳ع ۾ هو عملي طور تي سياست کي ڇڏي، صحافتي سرگرمين ۾ مشغول رهيو.

حاجي محمود هالائي هڪ اصول پرست، مخلص ۽ سادگي پسند شخصيت جو مالڪ هو ۽ هڪ محب وطن انسان هو. سندس قومي، علمي، ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي خدمتون نئين نسل لاءِ مشعل راهه آهن.

حاجي محمود هالائي ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۸۳ع ۾ ۷۵ سالن جي عمر ۾ پنهنجي اباڻي شهر هالا نوان ۾ انتقال ڪيو.

سندس ڪيل ڪاوشن جي اعتراف طور ميرپورخاص بلديه پاران ايوب نگر جو نالو حاجي محمود هالاڻي روڊ ۽ ميونسپل ڪميٽي هالا پاران ڪورٽ روڊ جو نالو پڻ حاجي محمود هالائي رکيو ويو.


 

حاجي محمود هالائي

تحريڪ آزاديءَ جو برک اڳواڻ ۽ دلير صحافي - ورسيءَ جي مناسبت سان

سليم محمود ھالائي

هالا جي مٽيءَ کي قدرت اهو مانُ ۽ مرتبو بخشيو آهي جو ان مان ڪيترائي بزرگ، درويش، اديب، شاعر، صحافي ۽ ڪهنه مشق املهه ماڻڪ هيرا پيدا ٿيندا رهيا آهن. سخي مخدوم سرور نوح رحه جي نگري مان سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت ۽ تحريڪ آزادي پاڪستان جو مردِ مجاهد حاجي محمود هالائي مرحوم تاريخ ۸ مارچ ۱۹۰۸ع تي سنڌ جي هٿ جي هنرن، ثقافت جي مرڪز ۽ روحانيت جي محور هــالا ۾ هڪ غريب ۽ دين دار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد اسحاق ميمڻ هالائي هو. جيئن ته سندس پيدائش هالا ۾ ٿي تنهنڪري کين ”هالائي“ جي لقب سان سڏيو ويو. پاڻ شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۲۶ع ۾ حج جي سعادت نصيب ٿيڻ جي ڪري حاجي محمود هالائيءَ جي نالي سان يـاد ڪيو وڃي ٿو. مرحوم حاجي محمود هالائي نيڪ ۽ خوش اخلاق باصلاحيت ۽ غريب پرور انسان هو. پاڻ ۱۹۲۶ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ قدم رکندي ۱۹۳۸ع تي هالا ۾ پرنٽنگ پريس جو بنياد وڌو، جيڪا هڪ سال جي مختصر عرصي بعد ۱۹۳۹ع ۾ ميرپور خاص منتقل ڪري اتان هفتيوار همدرد اخبار ۱۹۴۲ع ۾ جاري ڪيائين، جيڪا اڄ به ساڳئي جذبي سان جاري آهي ۽ پنهنجي وس آهر ملڪ ۽ قوم خاص طور ضلع ٿرپارڪر جي مظلوم غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي خدمت ۽ ترجماني ڪري رهي آهي. تاريخ ۱ نومبر ۱۹۶۷ع تي هفتيوار ”هـمـدرد“ اخبار ۲۵ سال پورا ٿيڻ تي ضلع ڪائونسل هال ميرپورخاص ۾ سلور جوبليءَ جي تقريب منعقد ڪئي ويئي. پاڻ صحافت سان وابسته هئڻ جي ڪري صحافين جي مختلف تنظيمن جو عهديدار ۽ باني پڻ رهيو. حاجي صاحب ٿرپارڪر ايڊيٽرس ائسوسيئيشن جو صدر، ڊسٽرڪٽ پرنٽنگ پريس ايسوسيئيشن جو صدر، ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر، انجمن مديرانِ سنڌ جو پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. حاجي صاحب بهترين خوبين جو مالڪ هو، جڏهن ڪنهن اداري جي گڏجاڻي منعقد ٿيندي هئي ته ان جي ڪارروائي پوري ضابطي سان ۽ خوش اصلوبيءَ سان سرانجام ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو کين صوبه سنڌ ۾ جڏهن به ادبي يا سماجي محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون ته کين مهمانِ خاص جي حيثيت سان گهرايو ويندو هو. جتي صدارت جا فرائض سرانجام ڏيندا هئا. حاجي محمود هالائي ٻالڪ پڻ کان ئي حريت پسند خيالن جو ماڻهو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو ۱۲، ۱۳ سالن جي عمر ۾ تعليم ڇڏي خلافتِ تحريڪ ۾ عملي حصو ورتائين ۽ وطن جي آزادي ۽ مسلمان قوم کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ وارين تحريڪن ۾ اول خلافت تحريڪ پوءِ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪيترا ڀيرا قـيـد و بند جون تڪليفون برداشت ڪيائين ۽ بعد ۾ خدمتِ خلق جي جذبي تحت عملي طور صحافت سان وابستگي اختيار ڪيائين. اسان جي مــردِ قـلندر زندگيءَ جي هر موڙ تي انسان دوستيءَ جي راهه ۾ سچائي سان نينهن نڀايو آهي ۽ اصول پرستيءَ کي پنهنجو شعار بڻايو آهي. اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته ڏنڊي جي ڏاڍ سان ڏيهه ۾ ڏُڦيڙ ڦهلائيندڙن کيس وقت بوقت عظيم آزمائشن ۽ سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا پئي ڪيو، جن کي هيءُ مردِ قلندر مڙسيءَ، همت ۽ جوانمرديءَ سان منهن ڏيندو رهيو. هروڀــرُو ڪڏهن به همت نه هـاري. هُو پٿرن ۽ پهاڙن تان پير پٿون ڪندو ڏُکن جا ڏونگر ڏوريندو اڳتي وڌيو ۽ آخري دم تائين غريبن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو. حاجي صاحب جي زندگيءَ بابت ٿرپارڪر مارئي جي ملڪ جا مارُو گواهه آهن ته حاجي محمود هالائي ٿر جي ڏڪارن، غريب ماروئڙن جي بک، بدحالي بابت دنيا جو ڌيان، مسڪين جهان خان کوسو جيان ڇڪائي ٿــر ۾ موجود قدرتي نعمتن ۽ وسيلن جي نشاندهي ڪندو رهيو، جنهن تي ڪجهه عرصو پهرين حڪومت نامدار توجهه ڏني ۽ ٿــر اندر لڪل قدرت جي نعمتن کي آخر ڳولهي لڌو آهي. دنيا جي بهترين پٿر جون کاڻيون به ٿر ۾ موجود آهن، جنهن جو پٿر ملڪ جي سياسي اثر رکندڙ بااثرن جي قبضي ۾ آهي ۽ اهو قيمتي پٿر ٻاهرين دنيا کي موڪلي اربين روپيا ماهانه ڪمايا پيا وڃن. ٿــر جو ڪارو ســونُ ڪـوئـلـي جي کاڻين مان بجليءَ جي منصوبن تي پڻ عمل شروع ٿي چڪو آهي، جنهن مان سڄي ملڪ کي بجلي سپلاءِ ٿيندي ۽ اونداهيءَ ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو يقيني بنجي سگهندو. هن موقعي تي انهيءَ ڳالهه ۽ اهم ڪارنامي جو ذڪر نه ڪرڻ حاجي محمود هالائي مرحوم جي مشن سان ناانصافي ليکي ويندي ته مرحوم جي زندگيءَ جو اهم مشن سنڌ واسين کي تعليم يافته ڏسڻ هو. سندس چوڻ هوندو هو ته سنڌ واسي هميشه جي لاءِ پيرن، فقيرن ۽ غيرن جي غلاميءَ جو مقاطعو نه کنيو آهي، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين سنڌ اندر ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول ته پري جي ڳالهه آهي، پرائمري اسڪول به صرف هندن جي اولاد کي تعليم ڏيڻ لاءِ وقف هوندا هئا. حاجي صاحب جي طرفان شروع ڪيل تحريڪ جي نتيجي ۾ هالا سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پـرائـمـري اسڪولن سان گڏ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇائڻ وارو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي ابتدا حضرت مخدوم غلام حيدر صديقي و قريشي جن هالا ۾ سروري اسلاميه ڪاليج، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول، مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جو بنياد وجهي ڪرڻ فرمايو، جنهن مان سڄي سنڌ جا نوجوان تعليم جي زيور سان آراسته ٿيڻ بعد دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن. گڏوگڏ سروري خاندان کي پنهنجي دعائن سان نوازي رهيا آهن. هي عظيم درسگاهون سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت آهن، انهن تعليمي ادارن اندر تعليم جي سڌاري لاءِ اسان کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ بهترين دماغ انهن ادارن مان اسان کي وافر مقدار ۾ ملي سگهندا، صرف همت جي ضرورت آهي.

بقول حاجي محمود هالائي مرحوم شهرن ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ تعليمي سجاڳي اچڻ کانپوءِ جيڪو خاموش انقلاب آيو آهي، ان سان غلاميءَ جي زنجيرن کي هميشه لاءِ ٽوڙڻ سميت هڪ پڙهيل لکيل سنڌي معاشرو وجود ۾ آيو آهي، جيڪو دنيا اندر ٿيندڙ تيز رفتار ترقيءَ واري ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پنهنجو مذهبي ۽ اخلاقي ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن مختصر اقتباس مان آسانيءَ سان پتو پوي ٿو ته مرحوم حاجي محمود هالائي صاحب به انهيءَ ساڳئي گس جو پانڌيئڙو هو. جتي آزاديءَ جي شمع جا پتنگ پــرت جي پــڙ ۾ پهچي پاڻ پچائي رهيا آهن. انهيءَ حوالي سان هي مردِ قلندر اسان جي انهن محسنن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جن اسان کي غيرن جي غلاميءَ جي زنجيرن مان ڇوٽڪارو بخشي آزاديءَ جي نعمت سان نوازيو. اهــا آزادي جنهن جي بـرڪت سان اڄ خداوند قدوس جي فضل و ڪرم سان پنهنجي محبوب وطن ۽ سٻاجهڙي ساڻيهه ۾ ســک جو ساههُ کڻي رهيا آهيون. اهــو اسان جو قـومـي ۽ اخـلاقي فــرض بنجي ٿو ته اسان پــيــاري ملڪ پاڪستان ۽ پنهنجي آزاديءَ جو قــدر ڪريون ۽ ان مقدس امـانـت جي هـر طـرح سان حفاظت ڪريون، جيڪا اسان جي قومي غيرت جي پــڪــار آهي ۽ هن مـردِ قلندر جي روح جي لــلــڪــار آهي! مالڪ سائين شال سندس مرقد تي مهرِ مصطفيٰ صه جو مينهن وسائي آمين. مرحوم حاجي محمود هالائي ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۸۳ع تي وفات ڪئي. سندس مـزار اباڻي قبرستان هالا نوان شهر ۾ آهي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

حاجي محمود هالائي مرحوم

تحريڪ آزاديءَ جو مجاهد، بيباڪ صحافي

شفيق حسين ميمڻ

واديءِ مهراڻ جي عظيم تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالا مال هالا جي مٽيءَ کي قدرت اهو مانُ ۽ مرتبو بخشيو آهي جو هن مان ڪيترائي بزرگ، درويش، اديب، شاعر، صحافي ۽ ڪهنه مشق املهه ماڻڪ هيرا پيدا ٿيندا رهيا آهن. سخي مخدوم سرور نوح رحه جي نگريءَ مان سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت ۽ تحريڪ آزادي پاڪستان جو مردِ مجاهد حاجي محمود هالائي مرحوم تاريخ ۸ مارچ ۱۹۰۸ع تي سنڌ جي هٿ جي هنرن، ثقافت جي مرڪز ۽ روحانيت جي محور هــالا ۾هڪ غريب ۽ ديندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد اسحاق ميمڻ هالائي هو. جيئن ته سندس پيدائش هالا ۾ ٿي تنهنڪري کين ”هالائي“ جي لقب سان سڏيو ويو.

پاڻ شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۲۶ع ۾ حج جي سعادت نصيب ٿيڻ جي ڪري حاجي محمود هالائي جي نالي سان يـاد ڪيو وڃي ٿو. مرحوم حاجي محمود هالائي نيڪ ۽ خوش اخلاق باصلاحيت ۽ غريب پرور انسان هو. پاڻ ۱۹۲۶ ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ قدم رکندي ۱۹۳۸ع تي هالا۾ پرنٽنگ پريس جو بنياد وڌو، جيڪا هڪ سال جي مختصر عرصي بعد ۱۹۳۹ع ۾ ميرپور خاص منتقل ڪري، اتان هفتيوار همدرد اخبار ۱۹۴۲ع ۾ جاري ڪيائين. جيڪا پنهنجي وس آهر ملڪ ۽ قوم خاص طور ضلع ٿرپارڪر جي مظلوم غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي خدمت ۽ ترجماني ڪري رهي آهي. تاريخ ۱ نومبر ۱۹۶۷ تي هفتيوار ”هـمـدرد“ اخبار ۲۵ سال پورا ٿيڻ تي ضلع ڪائونسل هال ميرپورخاص ۾ سلور جوبليءَ جي تقريب منعقد ڪئي ويئي.

پاڻ صحافت سان وابسته هئڻ جي ڪري صحافين جي مختلف تنظيمن جو عهديدار ۽ باني پڻ رهيو. حاجي صاحب ٿرپارڪر ايڊيٽرس ائسوسيئيشن جو صدر، ڊسٽرڪٽ پرنٽنگ پريس ايسوسيئيشن جو صدر، ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر، انجمن مديرانِ سنڌ جو پريس سيڪريٽري پڻ رهيو.

حاجي صاحب بهترين خوبين جو مالڪ هو، جڏهن ڪنهن اداري جي گڏجاڻي منعقد ٿيندي هئي ته ان جي ڪاروائي پوري ضابطي سان ۽ خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو کين سنڌ ۾ جڏهن به ادبي يا سماجي محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون ته کين مهمانِ خاص جي حيثيت سان گهرايو ويندو هو. جتي پنهنجا فرائض سر انجام ڏيندا هئا.

حاجي محمود هالائي ٻالڪ پڻ کان ئي حريت پسند خيالن جو ماڻهو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو ٻارنھن تيرھن (۱۲ يا ۱۳) سالن جي عمر ۾ تعليم ڇڏي، خلافت تحريڪ ۾ عملي حصو ورتائين ۽ وطن جي آزادي ۽ مسلمان قوم کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزد ڪرائڻ وارين تحريڪن ۾، اول خلافت تحريڪ، پوءِ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

ڪيترا ڀيرا قـيـد و بند جون تڪليفون برداشت ڪيائين ۽ بعد ۾ خدمتِ خلق جي جذبي تحت عملي طور صحافت سان وابستگي اختيار ڪيائين.

اسان جي مــردِ قـلندر زندگيءَ جي هر موڙ تي انسان دوستيءَ جي راهه ۾ سچائيءَ سان نينهن نڀايو آهي ۽ اصول پرستيءَ کي پنهنجو شعار بڻايو آهي، اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته ڏنڊي جي ڏاڍ سان ڏيهه ۾ ڏڦير ڦهلائيندڙن کيس وقت بوقت عظيم آزمائشن ۽ سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا پئي ڪيو جن کي هيءُ مردِ قلندر مڙسيءَ، همت ۽ جوانمرديءَ سان منهن ڏيندو رهيو. هروڀــرُو ڪڏهن به همت نه هـاريائين. هُو پٿرن ۽ پهاڙن تان پير پٿون ڪندو ڏُکن جا ڏونگر ڏوريندو اڳتي وڌيو ۽ آخري دم تائين غريبن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو.

حاجي صاحب جي زندگيءَ بابت ٿرپارڪر مارئي جي ملڪ جا مارُو گواهه آهن ته حاجي محمود هالائي ٿر جي ڏڪارن، غريب ماروئڙن جي بک، بدحالي بابت دنيا جو توجهه مسڪين جهان خان کوسو جيان ڇڪائي ٿــر ۾ موجود قدرتي نعمتن ۽ وسيلن جي نشاندهي ڪندو رهيو. جنهن تي ڪجهه عرصو پهرين حڪومت نامدار توجهه ڏنو ۽ ٿــر اندر لڪل قدرت جي نعمتن کي آخر ڳولهي لڌو آهي. ٿــر جو ڪارو ســونُ ڪـوئـلـي جي کاڻين مان بجليءَ جي منصوبن تي پڻ عمل شروع ٿي چڪو آهي. جنهن مان سڄي ملڪ کي بجلي سپلاءِ ٿيندي ۽ اونداهيءَ ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو يقيني بنجي سگهندو.

حاجي صاحب جي طرفان شروع ڪيل تحريڪ جي نتيجي ۾ هالا سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پـرائـمـري اسڪولن سان گڏ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇائڻ وارو سلسلو شروع ٿيو جنهن جي ابتدا حضرت مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي جن هالا ۾ سروري اسلاميه ڪاليج، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول، مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جو بنياد وجهي ڪرڻ فرمايو جنهن مان سڄي سنڌ جا نوجوان تعليم جي زيور سان آراسته ٿيڻ بعد دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن، مرحوم حاجي محمود هالائي صاحب به انهيءَ ساڳئي گس جو پانڌيئڙو هو. جتي آزاديءَ جي شمع جا پتنگ پــرت جي پــڙ ۾ پهچي پاڻ پچائي رهيا آهن. انهيءَ حوالي سان هي مردِ قلندر اسان جي انهن محسنن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو جن اسان کي غيرن جي غلاميءَ جي زنجيرن مان ڇوٽڪارو بخشي آزاديءَ جي نعمت سان نوازيو. اهــا آزادي جنهن جي بـرڪت سان اڄ خداوند قدوس جي فضل و ڪرم سان پنهنجي محبوب وطن ۽ سٻاجهڙي ساڻيهه ۾ ســک جو ساههُ کڻي رهيا آهيون. مالڪ سائين شال سندس مرقد تي مهرِ مصطفيٰ صه جو مينهن وسائي آمين. مرحوم حاجي محمود هالائي ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۸۳ع تي وفات ڪئي، کيس هالا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا