مٺو مھيري
فراق ھاليپوٽو
اسان جي دوست اسان جي محترم
سائين مٺو مهيري سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي ته کيس چيم سائين ماڻهو عرض ڪندا
آهن پر اڄ توهان کي هڪ حڪم ٿو ڪريان چيائين؛ ”بابا تنهنجو حڪم اکين تي“.
چيم؛ ”سائين توهان پليجي صاحب، فاضل
راهو صاحب ۽ ٻين ڪافي سياستدانن سان وقت گذاريو آهي. گڏوگڏ توهان عام ڪارڪن ۽ عام
ماڻهو ٿي به رهيا آهيو. جيڪڏھن توھان پنھنجي آتم ڪهاڻي لکندا ته اها ڏاڍي دلچسپ
هوندي. سو منهنجو حڪم آهي ته توهان پنهنجي آتم ڪٿا لکو. “
کلي ٽهڪ ڏيئي چيائين؛ ”پوءِ ان
کي مڃيندو ڪير ته مون سچ لکيو آهي؟“
چيم؛ ”سچ کي مڃائڻ جي ضرورت
ناهي پوندي سائين!“
وري ٽهڪ ڏيئي؛ ”چيائين سائين به
چئو ٿا ۽ حڪم به ڪريو ٿا!“
سائين سان پوءِ ٻه ٽي دفعا فون
تي ڳالهه ٿي هر ڀيري کيس يادگيري ڏياريندو رهيس ٽهڪ ڏيئي چوندو هو حاضر بابا
سائين سان ٻئي دفعي روبرو ڪچهري
حيدرآباد ۾ سائين جي فليٽ تي ٿي اوچتي سائين کي ڪنهن جي فون آئي چيائين بابا ٽپڙ
گول ڪر _ ڪا خاص مهمان پيئي اچي
ڏيڊ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪيائين
ته بابا خاص مهمان هلي ويئي تنهنجو سامان به پهچي ويو آهي جلدي اچ
واپس آيس ته چيائين بابا پاڻ پوڙها
ٿي ويا آهيون پر دل اڃان به جوان آهي
پوءِ مڌ جو پهريون ڍڪ پيئندين
ئي ڪنهن ڳالهه تان سائين سان سياسي بحث شروع ٿيو
چيائين توهان ديشي چريا آهيو_
اسان بنڊ ڏٺو اسان سمجهي وياسين ته هي بنڊ اسان جي کڻڻ کان ڳرو آهي تنهن ڪري اسان
ان ۾ هٿ ئي ڪونه وڌو پر توهان بنڊ ڏسي چيو ته کڻي وينداسين پر اڄ تائين اوهان اهو
بنڊ کڻي ناهيو سگهيا
هرون ڀرون پيا پنهنجي طاقت وڃايو هي بنڊ پنج
هزار ماڻهو نه پر پنج ڪروڙ قوم سان گڏ ئي کڻي سگهو ٿا ۽ پنج ڪروڙ ماڻهو توهان گڏ ڪري
ئي نه سگهندا
اسان جو سائين مٺو مهيري ڇا ته
شخص هو
دوستو ناراض نه ٿجو
فڪر پليجي سان لاڳاپيل مون هي
پهريون شخص ڏٺو جيڪو سائين جي ايم سيد کي _ سائين جي ايم سيد چوندو هو _ ورنه ٻيا
سڀ خالي جي ايم سيد چوندا آهن
فونون گم ٿي وڃڻ جي ڪري نمبر به
هليا ويندا آهن تنهن ڪري سائين مٺو مهيري سان گذريل ڏيڊ سال کان منهجو رابطو نه
هيو
سائين جي ڀاءُ علي خان مهيري جي
اڄ سائين جي لاڏاڻي جي پوسٽ پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو
انهي منهنجي يار/ منهنجي سائين
مٺو مهيري سان مونکي شڪايت آهي ته توهان آتم ڪهاڻي لکڻ جو پنهنجو واعدو ڇو نه
پاريو سائين!
دنيا ته پيئي هلندي پر سائين ڪڙيو
گهنور جو اهو فقرا شيدي هاڻي ڪنهن کي ڀونڊا ڏيندو جنهن جون هجتون توهان ئي قبول ڪري
ان جي خوشي ڏسي توهان ان جا ڀونڊا به قبول ڪندا هئا ته ان کي کلائڻ لاءِ ان کي ڀونڊا
به ڏيندا ھئا
جڏهن باظرف ماڻهو موڪلائيندا
وڃن
بي ظرف ماڻهن جي دنيا وڌندي وڃي
سائين
تڏهن توهان کي ائين اوچتو نه وڃڻ
گهرجي ها منهنجا يار / منهنجا سائين.
(فراق ھاليپوٽو جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۳۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
مٺو مھيري
متارا مري ويا
ميان مير چانڊيو
نيٺ مٺو مهيري به بنا موڪلائي
ان طرف هليو ويو جتان جڳن جا جڳ ٿيا آھن، ڪو موٽيو ئي ڪونهي، لطيف جي هن پارکو ۽
سگهڙ جا اهي سارا خواب جيڪي هن سرسبز سنڌ لاءِ ڏٺا هئا، اهي هن جي پوريل اکين۾ هميشھ
لاءِ اڌورا رهجي ويا، هو لاڙ جو ڀاڳوڀان هو، هو محفلن ۾ سنڌ جي هارين نارين ۽
سورمن جا گيت ڳائي ساهي پٽيندو هو، هو ڀٽائي جي بيتن جي تھه تائين وڃي اهي وٿاڻ ووڙيندو
هو، جتان اهي بيت سرجيا هئا، هو ڪڏھن ڪڇ ڀڃ ته ڪڏھن الهاس ننگر وڃي نڪرندو هو، هو
سنڌ کان وڇڙيل پرڏيهي سنڌين جي ڀاڪرن ۾ شاهه جا بيت پڙھي روئي پوندو هو ته ڪڏھن
وري وڏا ٽھڪ ڏيئي وڇڙيلن کي آٿت ڏيندو هو، سنڌ جو اهو مسافر اڄ موت جي گهري ننڊ
سمهي پيو آھي، موت جي ننڊ ھر ڪنهن کي نهوڙي وڃي ٿي، ماڻھو ان ننڊ سمهڻ کان ڪيڏو نٽائين
ٿا، ڀڄن ٿا ۽ اڃان جيئڻ چاهين ٿا، پر موت هر ساهه واري جي ايئن ڪڍ رهندو آھي، جيئن
ڪولهي جي ڪاتر شڪار جي ڪڍ هوندي آھي، ماڻھو مري ڪهڙي نئين جهان ۾ وڃي ٿو، ان جي ته
ڪائي خبر ناهي، موت بابت دنيا جي مختلف مذھبن جا مختلف خيال آھن، مادي پرستن جو
خيال آھي ته موت کان پوءِ اونداهي ۽ خاموشي آھي، ليڪن اھو خيال گهڻو پختو ۽ ويساهه
وارو آھي ته موت کان پوءِ به هڪ لمبي زندگي آھي
هي تان ٿورڙيون تون ڀورا پسي ڀلئين
راتيون ٻيون گهڻيون، اينديون تو
جي هيڪلي (شاهه)
موت بابت دنيا ۾ ڪيئي ڏند ڪٿائون
۽ قياس آرايون موجود هيون. ۱۹۱۷ع ۾
فرنز بائوس، ferns boas اتر آمريڪا
جي انڊين ۾ موجود موت بابت ڏند ڪٿائن تي مضمون لکيو، ۱۹۳۶ع ۾ هرمن hermnn ۽۱۹۵۱ع۾ ابراهام سنس. Ibraham sns موت بابت ڏند ڪٿائن جي درجابندي
ڪئي. هن لکيو ته دنيا ۾ موت بابت مختلف سوچون موجود آھن، مون ڪٿي پڙھيو هو ته موت
وقت ايندڙ ۽ ويندڙ دنياهڪ ٻئي کي چمن ٿيون ۽ انهن جي ھڪ ٻئي کان موڪلاڻي به ڏاڍي وڍ
وجهندڙ ھجي ٿي. منهنجي خيال ۾مٺو جهڙن ماڻھن کي ڇڏيندڙ دنيا ڇڏڻ لاءِ تيار نه
هوندي آھي۽ وٺندڙ دنيا وٺڻ لاءِ بضد هوندي آھي، هاڻي جڏھن مٺو هن دنيا ۾ نه رهيو
آھي ته ساڻس گڏ گذاريل ڪجهھ گهڙين جون يادون نهنڊون پائي رهيون آھن. مون کي اها
رات ياد ٿي اچي، جنهن رات جنوري جي مهيني ۾ ٿڌ ڪوهيڙي جيان وسي رهي هئي، آئون ۽ آڪاش
ٽکڙائي مصطفيٰ اياز مهيري جي اوطاق تي ويٺل هئاسين، پاسي ۾ مٺو مهيري به ويٺل هو، جيڪو
اسان کي کلائيندو ٿي رهيو، ان کان هڪ ڏينهن اڳ مصطفيٰ اياز مون کي فون ڪري ٻڌايو
ته تنهنجي ۽ آڪاش ٽکڙائي جي رات واري ماني مون وٽ آھي، مون آڪاش کي چيو ته سنگت جي
دعوت ملي آھي، ڇا پروگرام آھي، چيائين ته شام مون وٽ اچ ته گڏجي هلون. مون ڪوٽ
پاتو ۽ شال کنئي، سڌو آڪاش ٽکڙائي جي آفيس تي آيس پاڻ اڳ ئي تيار ٿيو بيٺا هئا، ان
وقت سج لهي چڪو هو، مسجدن، مئخانن ۽ مندرن ۾ ڏياٽيون ٿي ٻريون، چئوڏسائن تي اوندهه
ڦهلجي چڪي هئي، اسان موبائيل ۾ ويٺاسين، ڪجھه هٿياربند پوليس وارا به گاڏي ۾ پويان
ويٺا، اسان دعوت واري هنڌ ڏانهن روانا ٿياسين، اڌرستي ٻه جاڙيون مٺي پاڻي جون
ناليون اچن ٿيون، جيڪي دور ڏکڻ ۾ وهي وڃي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿيون، اهي ڪراس ڪري
اتر اوڀر ڪنڊ تي هڪ ڳوٺ ۾ پهتاسين ته مٺو ۽ مصطفيٰ اياز اڳي ئي اسان جي انتظار ۾
بيٺا هئا. هو اسان سان ملي اسان کي وٺي سندن اوطاق تي ويا پوءِ ته شعر شاعري، لطيفيات،
سياست، تاريخ ۽ ادب تي ڪچهري جا دور هلندا رهيا، تان جو ٽيڙو ۽ ڪتيون اوڀر ۾ ڊگهڻ
وڻن جي چوٽين کي ڇڏي مٿي چڙھي آيون هيون. اڌ رات ٿي ته ٿڌ جا خمار به نکٽن جيان مٿي
چڙھي چڪا هئا، ماني کائي ڪهڙي وقت موٽيا هئاسين اهو وقت هاڻي ياد ناهي رهيو، پر مٺي
سان اڪثر گذاريل اهي سڀ ٿڌيون راتيون ياد آھن جيڪي شهيد فاضل راهو جي ورسين ۾
گذرنديون هيون، جيڪڏھن انهن يادن کي سهيڙجي ته ڪتاب ٺھي پوندو. مون مٺي ۾ اهي سڀ
خوبيون ڏٺيون جيڪي هڪ سڄاڻ ۽ محنتي سياسي ورڪر ۾ ھونديون آھن، هوشھيد فاضل راهو
کان ويندي، صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ ان جي خاندان سان گڏ آخر تائين بيٺل رهيو، مٺو
يونين ڪائونسل دبي جي سيٽ تي اليڪشن به لڙيو ۽ چيئرمين چونڊيو، هو شاهه لطيف جي
شاعري کي نه فقط بهتر نموني پڙھي ڄاڻندو هو، ليڪن ان جي پس منظر ۽ پيش منظر کي سٺي
نموني سمجهائي به سگهندو هو, هو لوڪ گائڪ به هيو ته وري سگهڙ به هو، هو بن سازن جي
لوڪ شاعري ۽ قومي گيت ڳائي محفلن کي جهومائي ڇڏيندو هو.
ڪجهه سال اڳ مون کي سنڌ جي
مزاحمتي شاعر اسماعيل اداسي چيو ته مٺو مهيري دل جي بيماري سبب اسپتال مان ٿي گهر
پهتو آھي، هل ته کيس ملي اچون، اسان نڪتاسين دبي شاخ جون مٿيون پاسو ڏيئي ڌوڙ اڏائيندا
ريگيوليٽر جي وڏن وڻن کان نڪري سندس اوطاق تي پهتاسين ته پاڻ کٽ تي ليٽل هو، اسان
تي نظر پوڻ سان سندس اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ نظر آئي ڏاڍو خوش ٿيو، سندس پاسي کان ڪوئي
ڪتاب پيل هو، جنهن جو ٻاهريون جلد ڦاٽل هو، جنهن کي هو پڙھي رهيو هو، هو جيتوڻيڪ ڪو
گهڻو پڙھيل به نه هو پر هو سماج جو نبض شناس هو. تاريخ تي به وڏي ڄاڻ ھيس. مون کي
چيائين ميان مير تون ڏاڍو روح پرور لکين ٿو، آئون توکي ڪجهھ ڪتاب ڏيڻ چاهيا ٿو، جيڪي
مون کي هندستان مان مليا هئا، مون کيس چيو ته ٻئي ڪنهن وقت تي توکان ڪتاب کڻندس
اسان کائنس کلي موڪلايو، پوءِ ساڻس ڪا ڪچهري نه ٿي سگهي، پاڻ ڪجھه وقت اڳ روزاني
“پنهنجي اخبار ”۾ ڪجھه سياسي مضمون به لکيا هئائين جن مان سندس سياسي بيزاري بکي
رهي هئي، مون سوچيو ته هو شايد سياسي لڪ لتاڙي هاڻي ٿڪجي چڪو آھي، هو ڪڏھن ڪڏهن
فون ڪري مون کي چوندو هو ته تون مون وٽ حيدرآباد واري گهر اچ ته ڪا ڪچهري ڪريون، وقت
گذرندو رهيو، نه آئون مٺي جي حيدرآباد واري گهرويس، نه ڪا ڊگهي ڪچهري ٿي، مٺو دور
هليو ويو، اڄ جڏھن آئون سندس ساروڻيون سارڻ ويٺو آھيان ته سندس ڳاتل نغما ۽ ٽھڪ ڪنن
۾ گونجڻ لڳن ٿا، آئون شاهه لطيف جو هي بيت چئي خاموش ٿي وڃان ٿو
متارا مري ويا، موکي تون بي مر
تنهنجو ڏوس ڏمر، ڪير سهندو ان
ري
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مٺو مھيري
وڻجارو ويو هليو
نثار کوکر
هاڻي زمانو ته تمام گهڻو تيز ۽
اهڙو سنگدل ڊجيٽل ٿي پيو آهي جو ڪنهن جي وفات جي خبر اچڻ شرط ماڻهو آر آئي پي لکي
افسوس جو اظهار ڪري پنهنجو فرض پورو ٿا سمجهن پر ڪي. ماڻهو ڪونجن جي ولر جيان
هلندا رهندا آهن. جڏهن ان ولر مان ڪا هڪ به ڪونج وڇڙي ويندي آهي ته سڀني کي ارمان
ضرور ٿيندو آهي ۽ سفر اڌورو اڌورو محسوس ٿيندو آهي. ان ڏينهن مٺي مهيري جي موت جي
خبر به ايئن اچي ڪڙڪي جيئن ڪا ڪونج پنهنجي ولر کان وڇڙي وئي هجي. جيئن ڪو کلڻو ملڻو
ماڻهو اوچتو محفل مان اٿي محفل ئي اداس ڪري ويو هجي. مٺو مهيري جنهن محفل ۾ هوندو
ان محفل کي چار چنڊ لڳل هوندا نه صرف خوش مزاجي پر شاعري، ادب ۽ انقلاب جا اهڙا گس
پيا نڪرندا جو دل اٿڻ تي ئي نه چوندي. مٺو مهيري سنڌ جي ان اداس نسل جي آخري
مسافرن منجهان هيو جن جو زمانو هليو ويو ۽ هو پنهنجي سر پاڻ رهجي ويا. لاڙ پٽ منجهان
جنهن انقلاب جو خواب ڏسي هو پنهنجي ڳوٺ دٻي منجهان اجرڪ جو پٽڪو پائي نڪتو هو سو
انقلاب سو قافلو ته ڪٿي رستي ۾ ئي لٽجي ويو جنهن قافلي کي وقت جي اهڙي ته اچي آنڌاراي
لڳي جو ان جا سونهان ئي منجهي پيا. اسي واري ڏهاڪي جي نظرياتي سياست جي قافلي کي
نوي واري ڏهاڪي ۾ جنهن طوفان گهيري ورتو ان گهڻن ئي پهاڙن کي پير پوئتي ڪرڻ تي
مجبور ڪيو ۽ پوئتي رهجي پيا مٺي مهيري جهڙا پيادا پر سچا سپاهي جن جو پنهنجي وطن
سان وچن هيو ته ساهه ڏئي ويساهه ڏبو. اهڙي طوفان کان بچي نڪتلن سان مون سڄي سنڌ ۾
انٽرويوز ڪيا ڪچهريون ڪيون. انهن منجهان ڪجهه دوستن کي مون لاڙڪاڻي جي ڪامريڊ شبير
سولنگي وانگر پيرن ۾ ڇيريون پائي ۽ ڳچين ۾ توا ٽنگي گهمندي به ڏٺو ته ڪجهه دوستن
کي خودڪشين جي ويجهو ويندي به ڏٺو ۽ ڪجهه دانائن کي ان ئي نظرياتي ڀڃ ڊاهه مان ڪروڙ
پتي ٿيندي به ڏٺو پر مٺو مهيري مونکي مليو ته حيدرآباد جي ادبي محفلن ۾ جهومندي يا
وري پنهنجي ڳوٺ جي ڪشادي اوطاق جي وڻن هيٺان ويٺل مليو. لاڙ پٽ ۾ هي پوليس جو
منشيات جي آڙ ۾ ڪولهي وهسڪي خلاف آپريشن ته هاڻي شروع ٿيو آهي پر اها تمام پراڻي
روايت هلندڙ آهي. ڪولهي پنهنجي گهرن ۾ جيڪو ڪچو شراب ٺاهيندا آهن تنهن کي ڪولهي وهڪسي
سڏيو وڃي ٿو. ان ڪولهي وهسڪي جي تياري مرحلن تي مونکي هڪ ڀيري ڊاڪيومينٽري ٺاهڻي
هئي جنهن لاءِ ڪيترن ئي دوستن کان پڇاڳاڇا ڪئي پر ڪير به اها رسڪ کڻڻ لاءِ تيار نه
هو ته ان جي ريڪارڊنگ ڪري ڪو ٽي وي چينل تي آن ائر ڪجي. پر اها ڳالهه جڏهن مٺي
مهيري سان حيدرآباد جي هڪ ادبي پروگرام ۾ ڪيم ته پنهنجي روايتي انداز سان ٽهڪ ڏيندي
چيائين هاڻي اها به ڪا ڳالهه آهي هليو اچ منهنجي ڳوٺ منهنجا پنهنجا ئي هاري ٺاهيندا
آهن انهن سان ويهي ڪچهري به ڪجان ۽ ريڪارڊ به ڪجان. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن سندس ڳوٺ
ويس ته اجرڪ پارائي آڌرڀاءُ به ڪيائين ۽ نه رڳو هارين جي ريڪارڊنگ ڪرايائين پر
پنهنجو انٽرويو به ريڪارڊ ڪرايائين ته ڪيئن موکي متارا واري دور کان اهو سلسلو سنڌ
۾ هلندڙ آهي ۽ ڪا نئين ڳالهه ناهي. مٺي مهيري جا ڪچهرين جا انداز پنهنجا هوندا هئا
هن جي ڪچهري جي موضوعن ۾ مرشد ڀٽائي، فاضل ۽ انقلاب شامل هوندا هئا. سندس گهڻي
گهرائي راهو خاندان سان هوندي هئي جن کي سندس طبيعت جي خبر هئي ۽ هو سندس ڪڙين
تنقيدي ڳالهين کي به ڪشادي دل سان برداشت ڪري ويندا هئا. هڪ ڀيري شهيد فاضل راهو
جي ورسي تان واپسي تي جڏهن ڪچهري ٿي ته هن ڀري ڪچهري ۾ اسماعيل راهو مٿان اهڙو
جملو اڇليو جو وڃي ٿيا ست خير پر اسماعيل راهو مرڪي سندس طنز برداشت ڪئي. سندس جڳهه
تي ڪو اترادي وڏيرو هجي ها ته اها رات سندن تعلقاتن ۾ هميشه لاءِ آخري رات هجي ها.
مٺو مهيري پنهنجي بيمارين کان غافل نه رهندو هو ۽ آغا خان جهڙي مهانگي ۽ معياري سڏجندڙ
اسپتال مان پنهنجو علاج ڪرائيندو هو. جڏهن هو بائي پاس ڪرائي آيو هو ته سندس طبيعت
پڇڻ سندس ڳوٺ به ويو هئس جتي هو وڻن هيٺان کٽ تي وهاڻن کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو ۽ مطمئن
هو. پر هاڻي تازو سندس دل جي رفتار وڌي وڃڻ سبب کيس ساڳي آغا خان اسپتال وٺي ويا
جتي سندس معمولي آپريشن ٿيڻو هو. جنهن مان کيس بچي اچڻ جي ايتري پڪ هئي جو سنگت
سان ڀوڳ ٺڪاءُ ڪندو شاپنگ ڪرڻ بعد اسپتال ويو ان اميد سان ته سڀاڻ واپس ڳوٺ هلبو. پر
سندس سنگت کي سندس خاندان کي ڪهڙي خبر ته اها سندس آخري ڪچهري هئي. مٺو مهيري جو
علاج اهڙي غلط طريقي سان ٿي ويو جو هن پاڻ ئي ڀٽائي سرڪار جي اها سٽ ضرور چئي
هوندي ته ڪٺيس ڪويڄن....
مٺي مهيري جهڙا ڪردار ٻيا به ڪي
ٿورا هوندا پر هي ان دور جون آخري نشانيون هيون جن کي سانڍڻ گهرجي ها. جن جا
تفصيلي انٽرويو پيل هجن ها جن جون ڪچهريون جن جا فوٽو البم ٺهيل هجن ها بلڪل ايئن
جيئن عالمي جنگين تان موٽيل فوجين جون فلمون ٺهيل هونديون آهن ته جيئن ايندڙ نسل
کي اهو ٻڌائي سگهجي ها ته اسي يا نوي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر جيڪا سياسي سجاڳي جي
لهر اڀري تنهن لهر اڀارڻ ۾ مٺي مهيري جهڙن ماڻهن جو به ڪردار هو جيڪي پنهنجو پاڻ
کي نه ته وڏو مقرر سمجهندا هئا نه وڏو دانشور پر ان سفر جي ساٿين سان نار جي ڪني ڀڳل
لوٽي جيان هلندا رهندا هئا. جيڪا پاڻي نه کڻي ايندي آهي نه کڻي ويندي آهي پر سلهاڙي
وتندي آهي ساٿ سان.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مٺو مهيري
لطيف جو وڏو پارکُو
خليل ڪنڀار
مٺو مهيري سنڌ جي آسمان تان هڪ
گهڙي لاءِ به گُم نه ٿيو ضياءُ جي آدم بُو آدم بُو ڪندڙ مارشلا جي ڏينهن ۾ هن جيل
به ڪاٽيو ته قاضيه واهه جي ڪناري بدين جي چوڪ تي هن سر عام ڪوڙا به کاڌا ۽ جڏھن
نظرياتي ڀاڄ پئي تڏھن به هن نه گيڙو ويس پاتو نه ئي گهر جهلي ويهي رهيو. هن وستين،
واهڻن، جهنگن ۽ جهرن ۾ ڌرتي جا ئي گيت پئي ڳاتا ۽ هڪڙي تر جيتري گهڙي لاءِ به انقلاب
جو ويساهه هن جي دل ۾ ماٺو نه ٿيو.
سدائين جوان مست الست ڳائيندڙ وڄائيندڙ
مٺو مهيري زندگي جي آخري گهڙي آپريشن ٿيٽر ۾ به ڳائيندي وڄائيندي ويو هي اُھي ننگ ڌڙنگ
ماڻھُو هئا جيڪي خالي هٿين زندگي کي ڀرپور جيئا ۽ پاڻ وٽ موجود سموريون توانايون
پوين ڏانهن منتقل ڪندا هليا ويا هي جيڪا اڄ جي سنڌ جنهن ۾ ايرا غيرا نٿُو خيرا مها
انقلابي ٿيو پيا هلن ان اظھار جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مٺي مهيري جهڙن ماڻھُن ظلم
جون ڪاريون راتيون ۽ تتل ڏينهن ڪاٽيا، صعوبتون سٺيون، ڪوڙا کاڌا، ڪڏھن به مايوس نه
ٿيا، سدائين زندگي ۽ اميد جي ڳالھه ڪندا رهيا ۽ جهر جهنگ رلي سدائين ماڻھُن کي اھو
يقين ۽ احساس ڏياريندا رهيا ته
زنجير ٽُٽا ڪي ويندا ٽُٽي
انسان ازل کان آجو آ
مٺو مهيري لطيف ايئن پڙھندو هو
جو
پڙھي ٿو شاھه ڀٽائي کي
پئي ٿو ساھه ڀٽائي کي
ڪري ٿو راتڙيون روشن
ڪرها ٿو ڪاڪ ڏانهن ڪاهي
رڃن ۾ روح جون رڙيون
سُتو ٿو لوڪ جاڳائي
ڍڪڻ تي پير پوچا ۽،
مَڻيئي کي سؤ معنائون،
ڪري جي ڳالھه مارئي جي،
وطن ڄڻ انگ تي اوڍيل،
وطن ڄڻ وڙھيل پوتي،
وطن سو جونگ جکري جي،
ھجي ڄڻ پڳ جو موتي،
وطن سو واءَ اُتر ۾ پيو،
ھندورو ڄڻ کائي لوڏا،
هو لطيف جي شاعري پڙھندي وجد ۾
اچي ويندو هو ۽ شعر جي ڪيفيت مٿس طاري ٿي ويندي هئي. جڏھن به سامونڊي کي چس وٺي ڳائيندو
هو ته بندر تان پڳھه ڇوڙي پنڌ پوندڙ وڻجارا، انهن جُون رُئندڙ ونيون، سياري جي ڊگهين
راتين جا انتظار، اتر جي سڻائي واءُ جون دعائون ۽ ڊگهن وڇوڙن جا وڍ فلم جي ڪنهن
منظر جيئن اکين اڳيان گذرڻ لڳندا هئا. ايئن محسوس ٿيندو هو جيئن ڪنهن بندر تي بيٺا
آھيون ۽ سڄو وهنوار اکين اڳيان پيو ٿئي.
لائيندئي ڪن، ڳالهيون هلڻ
سنديون
آئون جهليندي ڪيترو، آيل سامونڊين
پڳھه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾
شعر پڙھندي هو ڳالهائي ٻڌائيندو
هو ته لطيف جيڪو شعر چيو آھي اهو جملي ۾ هيئن چيو ويو هوندو.
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه
پليئين
نهن سس کي چئي پئي “ پنهنجي پُٽ
کي سمجهائي نه ”
ايئن چئي پوءِ وري بيت کي سڄو ڪندو
هو
آيو ٻارهين ماھه، پڻ ٿو وڃڻ
وايون ڪري
هو مرشد لطيف جو سُر سامونڊي پڙھندو
ويندو هو ۽ ھٿن جي اشارن سان ونجھن جا ور کوليندو ويندو هو، ويڙھندو ويندو هو، سڙھه
سبندو ويندو هو، ساڄا ڪندو ويندو هو، کوها کڻندو ويندو هو. مطلب ته مٺو مهيري ڀٽائي
جو رڳو ياد حافظ ڪو نه پر هو ڀٽائي جي بيتن جي ڪيفيت به هو.
مرشد لطيف جي سُر سسئي جي هي
وائي سدائين ايتري سوز سان ڳائيندو هو جو پاڻ به رئندو ويندو هو ته ٻڌندڙ به پيا ڳوڙھا
اگهندا ۽ پيئندا هئا.
“ڪرهل پائي لڄُ، ڪوھه نه ويئين
اُن سين!”
پڇبو هئس ته مرشد لطيف اتي لڄُ ڇا
کي ٿو چئي ته وراڻيندو هو لڄ ان ڪپڙي کي چئبو آھي، جيڪو اُٺ کي پلاڻڻ کان پهريائين،
اُن جي پُٺيءَ تي وجهبو آھي!
سسُئي! کي ٿو چئي ته جڏهن ڏٺُئي
ته جت، پنهون کي کڻيو ٿا وڃن، ته تون ان مهل ئي اُٺ جي پُٺيءَ تي اهو ميرو ڪپڙو
رکي، سندن پويان ڇو نه ويئين!
ڇوري ندوري، نه ڪو مائٽ مُنڌ جو
لطيف جي سر سسئي جي بيتن جي
تشريح ڪندي جي سسئي تي ڳالهائيندو هو ته رڻ، رائو، رُڃ، ڪوھه، ڪيچي، ڪرها، جت، ڀنڀور،
ننڊ، ڌوٻي گهاٽ، پنهون ۽ ڇپون پير ڇنن جي ڪيفيت پنهنجي پوري شدت سان ٻُڌندڙ جي
وجود مان به گذرندي ويندي هئي.
سسئي مالڪ سان مخاطب آھي ته مون
ان واعدي تان هٿ کنيو. جنهن ۾ تو عاشقن کي قيامت جي ڏينهن ملائڻ جو واعدو ڪيو آھي.
مون سان اهو واعدو هينئر هتي پورو ڪر
فردا مُنڌ ڦٽي ڪئي، نقد کنيو
نار
ايڏو ڊگهو انتظار آئون نٿي ڪري
سگهان منهنجو سودو هتي روڪڙو ڪر
فردا مون ڦٽي ڪئي، واعدي ڏي نه
ويهان
صبحا سين نه سهان، کوها ميڙيئن
کوها ماريئين
بيت پڙھندي وچيان پڇبس “
ادورائي ” معنيٰ ته اها معنيٰ ايئن ٻڌائيندو هو جو ڪنهن تي ڪو ڏُک هوندو هو ته
اُھو ڏُک به سهائيندڙ ۽ مٺو مٺو سيڪ بڻجي ويندو هو. مرڪي چوندو هو “ خليل جون
ادورايون مٺو نه سهي ته ڪير سهي معنيٰ خليل جون کاريون مٺيون مٺو نه سهي ته ڪير
سهي ” ادورائي معنيٰ پنهنجن جون کاريون مٺيون سهڻ ۽ ان معنيٰ سان يارن دوستن ڏانهن
رهيل ڏُک سيڪجي ويندا هئا.
لطيف پڙھندي جڏھن مارئي تي
ايندو هو ته هن جي چهري تي آيل رنگ ۽ سرشاري ڏسڻ وٽان هوندي هُئي. چوندو هو ته
لطيف پنهنجن سمورن ڪردارن جون ڪچايون ڦڪايون بيان ڪيون پر مارئي کي ڳائيندي خود
لطيف جو انداز ۽ اظھار به عقيدتمندانه ٿي ٿو وڃي. مارئي اهو واحد ڪردار آھي جنهن
لاءِ لطيف چوي ٿو ته جي مارئي منهنجي دور ۾ ھجي ها ته آئون جيڪو ڪنهن به درٻار جو
سلامي ڪو نه ٿيس پر مارئي لاءِ آئون پنهنجون سڀ روايتون ۽ سڀ آدرش ڇڏي عمر وٽ هلي
وڃان ها ۽ مارئي کي ڪنهن به قيمت تي ۽ ڪنهن به شرط تي آزاد ڪرايان ها.
هتي جي هُئي مارئي، ته لڌم ڪر ڪڻياس
ارداسيون عمر کي، ويهي هوند وٽانس
ڪي جهليائين ڪي ڇڏيائين، ته
پنهنجو انگ آڇيانس
اها سٽ پڙھندي ان جي تشريح ڪندو
هو “ اتي لطيف چئي ٿو مون کي قيد ڪر هن کي ڇڏ، عيوضي ۾ ماڻھُو ڏبو آھي نه ايئن لطيف
چئي ٿو آئون مارئي جي عيوض قيد ۾ ويهڻ لاءِ تيار آھيان ”
ڪي جهليائين ڪي ڇڏيائين، پنهنجو
انگ آڇيانس
لاهي لوهه لطيف چئي، هتان هوند
هلانس
موکي ملير سامهين، وٺي هوند وڃانس
رهبر ٿي ريڙھيانس، سونهاري ساڻيهھ
ڏي
۽ پوءِ مرڪي مرڪي پيو منظر
نگاري ڪندو هو “ لطيف چئي ٿو لوھه يعني ڪڙا لاهي آزاد ڪرائي آئون پاڻ ھٿ سان وٺي وڃي،
ڏيھه پُڄائي شادمانا ڪري پوءِ خيرن سان موٽي اچان ها ”
ڪير لهندم ڪر، مارو پاڻ اپاريا
الا الا پڇبس اپاريا معنيٰ ته
پنهنجي بيان ۾ اپاريئي جي اڪيلائي محسوس ڪرائيندو هو اڪيلو ڌراڙ ھڪڙي وڳي وارو
جنهن جو ڪو ٻانهن ٻيلي نه هُجي مهيني ماس وڳو ڌئارڻ لاءِ پنهنجو مال ٻي ڌراڙ کي
پارتي چوي اڄ وارو ڏي ۽ پاڻ گهر ۾ گوڏ ٻڌي ويهي وڳي سُڪڻ جو انتظار ڪري ته ان کي
چئبو اپاريو هاڻ بيت پڙھو
ڪير لهندم ڪر، مارُو پاڻ اپاريا
مرشد لطيف جڏھن مارئي کي ڳائي ٿو
ته تمثيلون، ترڪيبون، تشبيهون، اصطلاح، زندگي جا ڏُک سک، اڪيلايون ۽ مثال سڀ ڌنارن
پنهوارن جي زندگين مان کڻي ٿو.
لوءِ وڃي ڪو چو , منهنجي ماروئڙن
کي
ڇانگئون ڇڄي ڇيلڙو، جي ڪنين جو
هوءِ
صحيح وڙولجي سوءِ، آئون ڪيئن
ويس وسري
اسين اُھي خوشنصيب ماڻھُو آھيون
جن مٺي مهيري کان لطيف ٻُڌو. ايئن لڳندو آھي ڄڻ اسان لطيف جي رسالي جون سڀ ڳليون ۽
ڳوٺ گهمي ڏٺا آھن.
هڪڙي ڀيري رفعت عباس، سائين علي
دوست، اسحاق سميجو، ڊاڪٽر علم الدين انصاري ۽ آئون ڏاڏي گنگا جتڻ جي قبر جي
پيراندي ڇُھڻ بڙ جي ڍوري وياسين. ڏاڏي گنگا جتڻ جنهن لاءِ مرشد لطيف لکيو
کوءِ ماڙيون کوءِ بنگلا، پکا
سندن پن
اُست جا اٺين جي، مان کي رهي من
جيءُ ۾ جت رهن، ٻي پروٿڻي پاسي ٿي
مٺو مهيري ۽ موسيٰ جوکيو به اتي
آيا مٺي مهيري کان سڄي رات لطيف ٻُڌوسين اکر اکر ۾ سٽ سٽ ۾ ٻڏاسين ترياسين.
لطيف ۽ فاضل راهو مٺي مهيري جو
عشق هئا ۽ فاضل جو اولاد ڏوھٽاڻ پوٽاڻ سميت سندس جنازي ۾ شريڪ هو. سندس جنازي ۾ هر
مڪتب فڪر جو ماڻھُو انڪري به شريڪ هو جو هو انهن ماڻھُن جي زندگين ۾ سدائين هڪڙي ٽھڪ
جيئن موجود رهيو.
ھُو هاري سان گڏ ٻني تي ويٺو
هوندو هو، هوٽل واري جي چُلھه تي بيٺو هوندو هو، رازو چُڻائي پيو ڪندو ته هي ڀت جي
ڀر ۾ بيٺو هوندو هو، وڏيرا، ڪامريڊ شاعر وٽس هڪ ئي صف ۾ ويٺا لطيف ٻُڌندا هئا.
ادا محمد ميمڻ ۽ آئون مٺي مهيري
جي جنازي ۾ ايئن آلين اکين سان پهريون دفعو ملياسين جيئن مٺو مهيري ۽ آئون صادق
فقير جي جنازي ۾ مليا هئاسين. هڪ هزار ڀيرا ادا محمد سان گڏ سمنڊ اندر ڇاڙ ٻيٽ وڃڻ
جا پروگرام ٺھيا ۽ ڊھيا پر قسمت نه ٿي سگهي. دودي چانڊيئي ۽ مون کيس رڪارڊ ڪرڻ جو
پروگرام ٺاهيو پر سڀ ڪجهھ اڌورو ڇڏي يار هليو ويو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مٺو مھيري
هُو چنڊ هو الهي ويو
قربان اداسي
گھڻو وقت اڳ جي ڳالھ آھي ته
منهنجو ڏاڏو ڏاڙهون ملاح منهنجو والد علي محمد ملاح ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ اسماعيل
اداسي غلام محمد بئراج جي اولھ ڪپ تي موجود ڳوٺ علي محمد داسڙو ۾ وڃي داسڙن جا
هاري ٿيا، ڪجھ وقت اتي هارپ ڪرڻ کان پوءِ هنن جي زميندار سان اڻبڻت ٿي ۽ هو هاري
ماڻھو وري وڃي غلام محمد بئراج جي اوڀر طرف موجود ڳوٺ حاجي چاڪر مهيري ۾ مهيرين جا
هاري ٿيا، ان ڳوٺ ۾ هڪ خوش مزاج ڇوڪرو مٺو مهيري به رهندو هو، جيڪو هر وقت هاري
ناري يا ڳوٺ جي ماڻھن کي پنهنجي ڍنگ سان کلائيندو رهندو هو، ايئن آھستي آھستي
اسماعيل اداسي جي به هن ڇوڪري (مٺو مهيريءَ) سان دوستي ٿي ۽ هو خان محمد مهيري کي
ويجھا ٿيڻ لڳا جيڪو شھيد فاضل راهو جو ويجھو ساٿي هيو، ان بهاني سان هنن جون شهيد
فاضل سان ملاقاتون ٿينديون رهيون نيٺ ھو شھيد فاضل راهوءَ کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ
۾ شامل ٿيا ۽ پوءِ مٺو مهيري جھر جھنگ قومي گيت ڳائيندو رهندو هو. جڏهن ۱۹۸۳ع ۾
ضيا جي مارشلا جو دور شروع ٿيو ته ايم آر ڊي تحريڪ به وجود ۾ آئي ۽ مٺو مهيري کي
راهوڪي ۾ قومي گيت ڳائڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري بدين ۾ قاضيا واه تي سر عام ڦٽڪا هنيا
ويا. مارشلا جي سختين ۽ ڦٽڪن، مٺو مهيريءَ کي ڪمزور ڪرڻ بجاءِ ويتر هن ۾ جان وجھي ڇڏي
۽ هو ڏينهون ڏينهن اڳيان وڌڻ لڳو. هر اسٽيج تي ۽ هر جلسي جلوس ۾ هن جو آواز گونجڻ
لڳو. ايئن هلندي هلندي هو شھيد فاضل راهو سان سلهاڙجي ويو ۽ شهيد فاضل راهو جو
ويجھو ساٿي سڏجڻ لڳو. شھيد فاضل راهو جي شھيد ٿيڻ کان پوءِ به، مٺو مهيري اڳوڻي
جيان اڳڀرو رهيو ۽ شھيد فاضل راهوءَ جي خاندان سان وفادار رهيو. هر سال شھيد فاضل
راهوءَ جي ورسي تي اسٽيج تي بيهي قومي گيت ڳائڻ ۽ اسٽيج سيڪٽري طور اسٽيج کي سنڀاليندو
هو. مٺو مهيري جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته هن جي آواز جي گونج ٻڌڻ وٽان هوندي هئي.
ان ڪري هن کي اسٽيج جو بادشاه سڏيو ويندو هو.
ان کان علاوه مٺو مهيري جڏهن به
ڪنهن سان ملندو هو ته هن جي ملڻ جو انداز ئي نرالو هوندو هو هن جو ملڻ غريبن ۽
اميرن سان ساڳيو هوندو هو چاهي ننڍو هجي يا وڏو پر جڏهن مٺو مهيري سان ملندو هو ته
هن جي چهري تي مرڪون ئي مرڪون هونديون هيون.
ياد ٿو اچي ته منهنجي وڏي ڀاءُ
اسماعيل اداسيءَ جي وفات تي آئون تڏي تي ويٺل هئس ته تڏي تي مٺو مهيري آيو هو،
آئون پنهنجي وڏي ڀاءُ جي وڇوڙي تي تمام ڏکارو هئس ۽ منهنجو چھرو مرجھايل ڏسي پاڻ
اچي اسماعيل اداسي جي شاعري ٻڌايائين ۽ ايئن ئي هن اهڙو روپ اختيار ڪيو جو مون سميت
جيڪي اسماعيل اداسي جا ڀائر ۽ ويجھا مائٽ تڏي تي ويٺل هئا انهن کان رهيو نه ٿيو ۽
وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳاسين.
هن جي گفتگوءَ ۾ ايتري ته ڪشش
هئي جو ڪيڏو به ماڻھو ڏکارو ڇو نه هجي پر مٺو مهيري جي ملڻ سان هن جا ڏک سڀ ڏور ٿي
ويندا هئا.
ان کان پوءِ مون اسماعيل اداسي
جي چاليهي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ دعوت ناما کڻي آئون دعوتون ڏيڻ
لاءِ نڪتس مون سان گڏ ممتاز ملاح. عبدالڪريم لوهار ۽ ٻيا دوست به گڏ هئا. جڏهن دبي
موري تي پهتاسين ۽ پڇا ڪئيسين ته مٺو مهيري ڪٿي ملندو ته ڪنهن ماڻھوءَ اسان کي چيو
ته سامهون جھوپڙي ۾ ويٺو آھي. اسين جڏهن ان جھوپڙيءَ وٽ پهتاسين ڏٺوسين ته اتي جي
مقامي غريب ماڻھن جيڪي صفا غريب هئا انهن سان گڏ تاش (پتا) ويٺو کيڏي. منهن تي مرڪون
هئس ۽ ڪيڏي مهل پاڻ راند کڻي ته سامهون وارن همراهن کي پيو اٿ ويھ ڪرائي. جيڪڏهن
راند هارايو وڃي ته سامهون وارا همراه پيا هن کي اٿ ويھ ڪرائين. ايئن ئي ان جھوپڙيءَ
۾ ٽھڪڙا متل هئا. مون دعوت نامون ڏنو ۽ مون کي چيائين ته؛ ”ويھ! چانھ ٿا پيون!“
مون جواب ڏنو ته؛ ”چانھ جو مون وٽ ٽائيم ناهي. ٻئي ڪنهن ٽائيم تي توهانجي چانھ
پيئنداسين. فلحال مون کي دعوت ناما ڏيڻا آھن، ان ڪري اسين توهان کان موڪلائينداسين.“
تنھن تي پاڻ چيائين؛ ”چانھ نه ٿا پيو ته ٻيو ڪو ڪم ڪار هجي يا ڪنهن شيءِ جي ضرورت
هجي ته ٻڌايو. اسماعيل اداسي اسان جو دوست هو ان جو اسان تي حق ٿئي ٿو.“ مون چيو؛ ”مهرباني!
في الحال ڪا به ضرورت نه آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته پري نه آھيون.“ ايئن چئي آئون
موڪلائي هليو ويس. منهنجي، مٺو مهيريءَ سان اها آخري ملاقات هئي. ان کان پوءِ وري ڪا
به ملاقات نه ٿي. نيٺ هڪ ڏينهن ۳۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع جي شام فيس بڪ تي پوسٽ پڙھيم ته مٺو
مهيري دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ سنڌ ڌرتيءَ کان هميشه لاءِ موڪلائي
ويو. فيس بڪ تي پوسٽ پڙھڻ کان پوءِ اسماعيل اداسي جا هيءُ لفظ منهنجي ذھن ۾ تري
آيا.
چنڊ ھو
الهي ويو، رات تارن کي ڏئي،
سنڌو
جيان گذري ويو، اڃ ڪنارن کي ڏئي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا